سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار

باب؛ -

صفحو ؛ 22

 

 حاشيه

 

باب پهريون

(1) هينري ڪزنس انٽيڪئيٽيز آف سنڌ - ڪلڪتو 1929ع - ص-110 - تحفة الڪرام اردو  ترجمو اختر رضوي ڪراچي 1959ع ص-569. هن ڪتاب ۾ ٺٽي لفظ جون ٻه معنائون ڏنيون ويون آهن، جيڪي صحيح معلوم ڪونه ٿيون ٿين.

(2) سيد مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي تصنيف مڪلي نامه، تصحيح ۽ حواشي سيد حسام الدين راشدي (هيءُ ڪتاب ننڍي نالي مڪلي نامه سان مشهور معروف آهي). ڏسو پڻ تحفة الڪرام، ص-567.

(3) ڊاڪٽر ايڇ. ٽي سارلي جو گزيٽيئر آف ويسٽ پاڪستان، سنڌ (جنهن کي سنڌ گزيٽيئر جي مـختصر نالي سان سڏيو ويندو آهي) لاهور - 1968ع - ص 344.

(4) ايم-بي پٿاوالا: اي فزيڪل اينڊ اڪنامڪ جاگرافي آف سنڌ، ڪراچي 1959ع ص 70.

(5) ايضاََ ص ص 46-45

(6) ايضاَ ص 42

(7) راورٽي جو: مهراڻ آف سنڌ اينڊ اٽس ٽرائبيوٽريز - جرنل ايشيائٽڪ سوسائٽي بنگال 1892ع

(8) ڏسو ڊاڪٽر اين-اي بلوچ جو لکيل ضميمو.

(9) پٿا والا ص 44

(10) ايضاََ ص 48-47

(11) مڪلي نامي جي ص 32 تي حاشيو.

(12) ڊاڪٽر اين-اي بلوچ جي خيال مطابق، هيءُ اصطلاح سنڌو درياءَ سان لاڳاپيل آهي، جيڪو پنجاب کان وهندي سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو.

(13) سراج عفيف جي حوالي جي آڌار ڊاڪٽر ايم-ايڇ صديقي (سنڌ جي ارغونن ۽ ترخانن جي تاريخ ۾ حيدرآباد 1972ع ضميمو - D) ٻڌائي ٿو ته ٺٽو تن ڏينهين سنڌوءَ جي مکيه وهڪري جي ٻنهي ڪنڌين سان آباد هو، تنهن ڪري ان کي ٻيٽ نه ٿو چئي سگهجي. سندس بيان کي ڪنهن ٻئي تاريخي حوالي جي پٺڀرائي ڪانه آهي. شايد هيءُ مونجهارو ان ڪري ٿيو آهي جو ان دور ۾ ساموئي ۽ ٺٽو ٻه اهم ماڳ هئا، جيڪي سنڌوءَ جي هڪ ڦاٽ جي کاٻي ۽ ساڄي ڪناري آباد هوندا هئا.

(14) تاريخ طاهري - تصحيح ڊاڪٽر اين-اي بلوچ - حيدرآباد 1964ع - ص-58

(15) مڪلي نامه ص 82 تي حاشيو.

(16) تاريخ طاهري ص ص 52-53 - تحفة الڪرام ص 569، 2- مڪلي نامه ص 11 تي حاشيو. پير حسام الدين جو مصنفن جي هن غلطي ڏانهن صحيح اشارو آهي، پر اهو به امڪان آهي، ته پراڻي ٺٽي جي جاءِ تي ڄام نظام الدين نئين ٺٽي جو بنياد رکيو هجي.

(17) ٺٽي شهر جي قديم جاگرافيءَ لاءِ ڏسو سنڌي ادبي بورڊ جو ٽه - ماهي رسالو ”مهراڻ“ 1973ع-1972ع نمبر 4 ۽ 1974ع-1973ع نمبر 1 ص ص 236-97

(18) مڪلي نامه ص 9 تي لکيل حاشيو.

(19) تحفة الڪرام ص 150 ۽ 61-560. تفصيل لاءِ ڏسو مڪلي نامه ص 80-78 جا حاشيه.

(20) تحفة الڪرام  ص 61-159

(21) هن بزرگ جي سنڌ لاءِ دُعا پوءِ به گهڻي وقت تائين مشهوري رهي، جيڪا اڄ سوڌو مشهور آهي. هيءَ دعا ان وقت چئي ويئي هئي، جڏهن فيروز شاهه تغلق سنڌ تي ڪاهي آيو هو ۽ شڪست کائي گجرات ڏانهن هليو ويو هو. هن کان ٿورو اڳ محمد تغلق سنڌ تي ڪاهي آيو هو ۽ حملي دوران مري ويو هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اهو بيت هن ريت ٻڌايو آهي:

با برڪت پير پٺو،

هڪ مئو، هڪ ٽٺو،

هن بيت جو حوالو سراج عفيف تاريخ فيروز شاهيءَ ۾ ڏنو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ (حيدرآباد 1962ع) ۾ ڊاڪٽر بلوچ ان جو صحيح حوالو ڏنو آهي.

(22) وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو حديقہ الاولياء

(23) تفصيل لاءِ ڏسو باب ٻيو.

(24) مڪلي نامه ص 666-656 تي لکيل حاشيه.

(25) تفصيل لاءِ ڏسو مڪلي نامه ص 21-40 تي لکيل حاشيو.

(26) سنڌ جي ارغونن ۽ ترخانن جي تاريخ - حيدرآباد 1972ع ص 228

(27) ايم-اي- غفور ٺٽي جا ڪاتب ڪراچي 1978ع - ص 2

(28) مڪلي نامه ص 20 تي حاشيه.

(29) ايم-اي-غفور ص 2 - مڪلي نامه ص 20 تي حاشيه

(30) تفصيل لاءِ ڏسو ڊاڪٽر مهدي حسن جي تصنيف رائيزائنڊ فال آف محمد تغلق - (لنڊن 1938) - باب اٺون

(31) ”ڪرانالاجي آف سما رولرس آف سنڌ“  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي پهرين صحيح ڪوشش هئي. هن صاحب اهو مقالو، پاڪستان هسٽاريڪل رڪارڊس ۽ آرڪائيوز ڪميشن جي ٻي گڏجاڻي ڪراچي 1957ع اجلاس دوران پڙهيو هو. ڏسو ان جو ص 29-23. وڌيڪ ڪم، پير حسام الدين راشدي مڪلي نامي ۾ ڪيو آهي.

(32) ڏسو ڊاڪٽر اين-اي- بلوچ جو مٿي بيان ڪيل مقالو.

(33) ڏسو پروفيسر محمد حبيب جو سلطان شهاب الدين غوريءَ تي مسلم يونيورسٽي جرنل 1930ع ۾ لکيل مقالو.

(34) هن جي معنيٰ اها آهي، ته ٻانڀڻيو جڏهن ٻار هو ته کيس هڪ برهمڻ دعا ڪئي هئي.

(35) مڪلي نامه ص 724 تي لکيل حاشيو.

(36) مڪلي نامه ص 81 تي لکيل حاشيو.

(37) ايضاََ ص 101-103 ايم-ايڇ صديقي ص 22 تي لکيل حاشيه نمبر 2. ڏسو ڊاڪٽر اين-اي بلوچ جو لکيل سپهه سالار دريا خان جو حسب نسب، ٽـِـه - ماهي مهراڻ 81-1980ع. سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

باب ٻيو

(1) انٽيڪئيٽيز  آف سنڌ ص 110-130

(2) ڏسو ڪزنس ص 30-129 تي سنڌ ري وزيٽيڊ ص 142-154 جو ڏنل حوالو.

(3) هن جو پهريون ڇاپو بمبئي مان 1942ع ۾ ڇپيو هو.

(4) هو سنڌ جي قديم آثارن تي ڪو باب ڪونه لکي سگهيو آهي، پر ٻئي ڇاپي ص 125-124 تي ڏيڍ صفحو لکيو اٿس.

(5) سنڌ جي معاملي ۾ اهو غلط آهي. هتي ڀوري رنگ جو پٿر جام (عام) ملي ٿو ۽ اڏاوتن ۾ به گهڻو ڪتب آندو ويندو آهي.

(6) سنڌ ۾ اهي ڳالهيون نظر ڪونه ٿيون اچن. هتي نه ٽيوڊر (Tudor) نموني واري ونگ آهي نه وري لوڊي (Lodi) طرز وارا قبا اڏيل نظر ايندا ۽ نه ئي ترڪي يا ايراني طرز جي ڇٽي (Kiosks) ڏسبي.

(7) هن تبصري ۾ سر رچرڊ جي اڳين تصنيفن ۾ فرق نظر ڪونه ايندو، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ۾ فن جي پرک جي کوٽ نظر اچي ٿي.

(8) هينري ڪزنس - خاڪو 18 ۽ 19

(9) ايضاََ ص 126

(10) ڏسو مثال خاطر بي. رولنڊ B. Rowland جي تصنيف ۾ ديوڳڙهه جو مندر، آرٽ ائنڊ آرڪيٽڪچر بالٽيمور Baltimore 1967ع پليٽ 77 (A)

(11) چؤڪنڊي گرئيبر Chukhandi graber - ويزبيڊن Weisbaden 1978ع

(12) مير  علي شير قانع به هن راجا واري نالي جي ڪري قلعي کي اهڙو نالو ڏئي ٿو. ڏسو تحفة الڪرام اردو ص 550-560

(13) فارسي ۾ هن جي معنيٰ ”وڏو قلعو“ ٿيندي.

(14) مرزا قليچ بيگ هن نالي جو صحيح ترجمو ڪيو آهي ۽ هن کي ”امن آرام“ ڪري لکيو  آهي.

(15) تفصيل لاءِ ڏسو مڪلي نامه ص 675 - 687 تي لکيل حاشيو.

(16) تحفة الڪرام ص 150 تي لکيل حاشيو.

(17) مڪلي نامه ص 76-77، 720-721 ۽ 778-779 تي لکيل حاشيو.

(18) تحفة الڪرام اردو ص 525

(19) ايضاً ص 559-564، مڪلي نامه حاشيو ص 81-84

(20) تحفة الڪرام اردو ص 655 - مڪلي نامه حاشيو ص 86-87

(21) تحفة الڪرام (اردو ترجمو) ص 564

(22) مڪلي نامه حاشيو ص 85، تحفة الڪرام (اردو ترجمو) ص 655

(23) ايضاََ ص 163، مڪلي نامه حاشيه ص 109

(24) متن لاءِ ڏسو مڪلي نامه حاشيو ص 111

(25) ايم-اي- غفور ص 9

(26) متن لاءِ ڏسو مڪلي نامه حاشيو ص 729 - 30

(27) ايضاََ ص 82 ۽ 85

(28) متن لاءِ ڏسو مڪلي نامه حاشيو ص 128-129 ۽ 728. متن جي پڙهڻي ۾ ڪجهه مونجهارو نظر اچي ٿو.

باب ٽيون

(1) اهي سڀ پڙهڻيون مڪلي نامه حاشيو ص 112 ۽ 722 - 26 تان ورتل آهن، پر انهن کي نئين ترتيب ۽ نئين نموني سان ڇپائڻ جي ضرورت آهي.

(2) ڏسو مڪلي نامه حاشيو ص 98 - 100

(3) ڏسو پرسي برائون (Percy Brown) ص 15، جنهن ۾ هن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته التمش جو مقبرو ڇلن نما گول (Concentric Rings) بار ڏئي اڏيو ويو آهي. حقيقت اها آهي، ته اهڙي قسم جا بار ڏئي قبو اڏي ڪونه سگهبو آهي.

(4) انٽيڪئيٽيز آف سنڌ، ص 114

(5) ايضاََ ص 115

باب چوٿون

(1) مڪلي نامه حاشيو ص 541-548

(2) مڪلي نامه حاشيو ص 493

(3) انٽيڪئيٽيز آف سنڌ ص 116-117

(4) مڪلي نامه حاشيو ص 527 ۽ 844 واري تصوير

(5) ايضاََ ص 531

(6) ايضاََ ص 500

(7) مڪلي نامه حاشيه ص 508-9

(8) ايضاََ ص 507-508

(9) هن تصوير جي مرڪزي خيال جهڙي ڏنگي ڦڏي طرز جهرڪ ڀرسان قبرستان جي هڪ قبر تي اڪيريل نظر اچي ٿي. ڏسو ايس-زيڊ هئـزنرٿ S.Z. Hastenrath جو چؤڪنڊي گريبر Chaukhandigraber خاڪو 73.

(10) مڪلي نامه حاشيو ص 548 - 549

(11) مثال طور ڏسو سرکج Sarkhaj جي مقبري سامهون ٺهيل هڪ ڇٽيءَ نما اڏاوت برجس Burgess - مسلم آرڪيٽيڪچر آف احمد آباد - لنڊن 1900ع پليٽ LVIII

(12) مثال طور ڏسو جامع مسجد بيجاپور (پليٽ XLIX - خاڪو 2) ۽ سلطان محمد عادل شاهه جو مقبرو  (پليٽ L11) - پرسي برائون.

(13) هينري ڪزنس ص 120. هو ٻڌائي ٿو، ته هن انگڙ ونگڙ چـِـٽ جو نمونو مرزا جاني بيگ جي مقبري تان ورتل ٿو ڀانئجي. مرزا جاني بيگ جو مقبرو هاڻي ڊهي ناس ٿي ويو آهي. پر اهو ساڳيو نمونو ديوان شرفا خان جي مقبري تي ڏسي سگهجي ٿو (ڏسو پليٽ 56)

(14) ايم-اي- غفور ٺٽي جا ڪاتب ص 27

(15) ڏسو-ايس-زيڊ. هئزنرٿ جو چؤڪنڊي گريئبر خاڪو 85-90

(16) تفصيل لاءِ ڏسو ايم.ايڇ صديقي ص 138-142

(17) مڪلي نامه حاشيه ص 512-513

(18) پير حسام الدين راشدي - مڪلي نامه ص 297 ۽ 454 سندس ويساهه آهي، ته هيءُ مقبرو 1037هه - 1038هه مطابق 1628ع - 1629ع ڌاري جڙي راس ٿيو. هي اهو زمانو آهي، جڏهن مرزا عيسيٰ خان ترخان II ٺٽي جو نواب مقرر ٿي آيو هو.

(19) ايضاََ ص 513

(20) هينري ڪزنس - انٽيڪئٽيز آف سنڌ ص 118-119. سندس اهو بيان غلط آهي، ته ڄاڻايل اڏاوت مرزا عيسيٰ خان ترخان II جي خاندان جو زنانو مقبرو آهي.

(21) اهڙي مثال لاءِ ڏسو برجيس جي تصنيف Pt II مثال خاطر سارنگ پور مسجد جي محراب جي تصوير پليٽ xxxiv .

(22) ڏسو سيد عالم شاهه مسجد جي وچئين محراب جي تصوير پليٽ xxvi  هيبت خان مسجد جي وچئين محراب جي تصوير پليٽ XXII - برجيس جي تصنيف Pt.1 ۾ احمد شاهه مسجد جي تصوير پليٽ XII، قطب الدين شاهه جي مسجد جي وچين محراب جي تصوير پليٽ LIV

(23) ايضاََ پليٽ XXIV

(24) تحفة الڪرام (اردو ترجمو) ص 272 ۽ 294

(25) مڪلي نامه حاشيه ص 454 - 455

(26) ڏسو برجيس جون ڏنل تصويرن جون پليٽون LV، XXXIX  ۽ LXXXIII

(27) ڏسو اي. ڊبليو سمٿ (E.W. Smith) جي تصنيف مغل آرڪيٽيڪچر آف فتح پور سيڪري - الهه آباد 1896ع.

باب پنجون

(1) تحفة الڪرام (اردو ترجمو) ص 751-752 مڪلي نامه، حاشيه ص 190-192 ۽ 697 - هينري ڪزنس انٽيڪئيٽيز ص 116 تي اهو غلط بيان ڪيو آهي. هيءُ بزرگ بهاؤ الدين زڪريا ملتانيءَ جو استاد هو.

(2) ڏسو پرسي براؤن جي تصنيف پليٽ XVI-I - ”شيش گنبذ“

(3) مڪلي نامه حاشيو ص 216 - 217

(4) تحفة الڪرام (اردو ترجمو) ص 269 - 272

(5) هينري ڪزنس انٽيڪئيٽيز ص 116

(6) مڪلي نامه حاشيو ص 87

(7) پرسي براؤن جي تصنيف ص 27

(8) مڪلي نامه حاشيو ص 519

(9) ڏسو ان جي پليٽ نمبر L -11

(10) هينري ڪزنس انٽيڪئيٽيز 119-20، مڪلي نامه، حاشيه  ص 214 - 15

باب ڇهون

(1) تحفة الڪرام (اردو ترجمو) ص 289 - 316

(2) مير علي شير قانع ان کي گـُـدري بازار (Gudri Bazar) سڏي ٿو. ڏسو تحفة الڪرام ص 298

(3) ايضاََ ص 298

(4) هينري ڪزنس انٽيڪئيٽيز پليٽ LXXVIII ۽ متن  ص 150-51

(5) تحفة الڪرام (اردو ترجمو) ص 296-297

(6) لکت (Inscription) واري متن لاءِ ڏسو پير حسام الدين راشديءَ جو مقالو ”ٺٽي شهر جي پراڻي جاگرافي“ مهراڻ نمبر 3 ۽ 4، 1972، ص 141

(7) ايضاََ ص 141 - 146

Glossary

چارنوڪي ونگ/چار مرڪزي ونگ

Four Pointed arch

ٻه قوسي نوڪدار ونگ

Tudor arch

سينڌ ونگ

Lancet  Shaped arch

جهالر واري ونگ/جهالردار ونگ

Lobed arch

وڌاوڙي ونگ / ڇڄي دار ونگ/ نڪتل ونگ

Corbelled arch

آکڙي ونگ/بيضوي ونگ

Oval arches

ٻه نوڪي ونگ/ٻه مرڪزي ونگ

Pointed and two cantered arch

ڏندائين ونگ/گهڻ قوسي ونگ

Multicusped arch

گڏيل وچڙيل ونگ

Inter Laced arch

ورن واري ونگ

Scalloped arch

حقيقي ونگ

True arch

پيٺل ونگ

Sunken arch

محرابي ونگ

Corner Squinches

حقيقي محرابي ونگون

True Squinches

اُڪيرڻ

Carving

ور وڪـَـڙ ۽ ويڙهي دار اُڪير

Scroll Carving

ٽـُـڪ ڪرڻ

Engrave

اڀريل اُڪير

High releif

کوکي اُڪير

In releif

هلڪي اُڪير

Low releif

سنجٽ / سجاوٽ/آرائش / سينگار

Decoration

جهالر

Lobed

دل جهڙو نمونو

Heart motif

ول جهڙو نمونو

Floral motif

هارن جي لڙهي وارو نمونو

Bead - and - reel motif

ور وڪڙ وارو نمونو

Serpentive motif

انگڙ ونگڙ نمونو

Zig zag motif

اڌ گل طرز

Half rosettes pattern

صفوي چٽساليءَ وارو مڪتبِ فڪر

Safavi School of Art

عشق پيچان ول

Ivy

ڪونج چٽ

Sigmas

گول چنڊ طرز

Moon - Stone

دونو

Sill

مـُـنجهيلا گول

Concentric Circle

اڌ گول چنڊ طرز

Half moon - stone

آکڙي طرز (بيضوي نموني جي چٽسالي)

Oval design

پن ول طرز (چٽسالي جو هڪ ول جهڙو نمونو)

Floral design

هيري ڪڻ طرز (اُڪير جو هڪ نمونو چوڪڙين وارو)

Diamond design

اليڪي طرز (جاميٽري نموني جي اُڪير)

امليڪي طرز (گلن جي طرز واري اُڪير)

Geometrical design

Floral pattern

گڏيل وچڙيل اوڀڙ طرز (ٻنهي نمونن اليڪي ۽ امليڪي طرز واري اُڪير)

Arabesques

گل طرز

Floral Pattern

مقبرو

Tomb

قبو

Dome

لاٺيرو قبو

Low dome

ويٺوڙو قبو

Bulbus dome

محرابي قبو

Vaulted dome

مخروطي قبو/نوڪي قبو

Conical dome

ڏيڍي

Poarch

ڪتبو

Date stone

چؤنٺو

Head Stone

چؤڪاٺو

Jamb

ڌاريدار ڪلس (نيل جي هيٺان ڏنل دِڪي)

fluted Collar

يڪو جانڊل (هڪ يڪو ڊگهو پٿر)/ يڪ سنگي

Monolithic

يڪو ڊگهو پٿر

Shaft

ونگڙ، (ونگ مٿان ڏنل ونگ جهڙو نشان)

Tympanum

پٿرانهين لوڙهٽ (قبر جو پٿر يا دڪي)

Cenotaph

ڪلنگي (قبي جي ڪلنگي)

Fluted Crest

جهلون / واڏڪ / گهوڙيون (جهروڪي يا ڇڄي جو جهلون)

Brackets

سردر (دري/در مٿان آيل سـِـرَ يا پٿر)

Lintel

اُريبي سردر/ ڇڪ وارا سردر

Cross lintel

هـُـري/ بهرو

Alcove

ڏياٺي/ڏياٽي/ڏياکي

Lampost

لٽڪڻو

Pendent

جهروڪو

Balcony

محرابي جهروڪو

Arched Balcony

گولي جوکسڪو

Moulding

گيلتي / لڪدار

Concave

گولو

Convex

ٻاريون/خانا

Panels

ونگن جي مٿين خانن واريون نـُـڪرون

Spandrels

اڀ ڳاٽيون گهوڙيون/ونگوڙيدار گهوڙيون

Voltuted brackets

 

ورن  وڪڙن واريون گهوڙيون

Surpentive bracket

ڏيڍيون ڇڪون/ لڪدار - ٽه قوسو

Pendentives

وڌاوڙو/ ڇڄو

Projection

يادگار

Monuments

پٿر جي چپرن واري اوساري/پٿر جي ٽڪرن واري اُڀي اوساري

Voussoir Technique

ڇڄي واري اوساري/نڪتل اوساري

Corbelled Technique

جارو

Niche

پلويڙو

Parapet

بيهڪ / چوڪٺو

Frame

مقبري جو وانگاڙو/ڪوٽ/چوديواري

Tomb enclosure

پڪسراوان چورس مقبرو

Square brick-built tomb

پٿراوان چورس مقبرو

Square stone tomb

ٽراکڙا پٿراوان لوڙهٽ

Flat topped cenotaph

ڪرنگهي/پٿراوان لوڙهٽ / چنهبائتي بـُـٺي

Keel-topped cenotaph

مڪعبي اڏاوت

Cubical Building

پـُـشتي / پـُـشتو / ٽيڪ

Buttress

پٽيون / حاشيا / پٽا

Bands

محرابي خانا/ ونگدار ٻاريون

Arched panels

نڪتل محرابي خانا/ڇڄي دار محرابي خانا

Corbel arched panel

پيٺل ونگدار خانا

Sunken arched panel

ٻيگهڙ واري وٽيءَ تي

Alternate

منڊپ/هال

Chamber

ڳلانڍي / داخلي در

Main entrence

مٽڪو (قبي جي وچ وارو اندريون چٽسالي ٿيل پٿر)

Boss

ڍيڍي / قبي جي ڳـچي / قبي جي ڪـُـرسي (جنهن جي مٿان قبي جي اڏاوت ٿئي)

Drum

حاشيو

Dado

جهروڪي دار جارا

Orial niches

اُريب

Diagonal

ڪعب / مڪعب (ڇهه پاسائون - ڇهه منهون)

Cube

نفيس  چٽسالي ڪيل سخارا

Sculptured sikhara

ور وڪڙ

Serpentine

نبات شڪل جا منارا

Sikhara

کسڪيدار پٽيون

Moulded bands

پيش طاق/قبي جي نراڙ/مهاڙي وارو جوڙيل چؤڪنڊو

Peshtaque

نسخ (عربي لکت جو هڪ نمونو)

Naskh

ثـُـلثُ عمارتي لکت جو هڪ نمونو

Thuluth

نستعليق

Nastaliq

ڪوفي

Kufi

گل يا ڪنهن گولائي يا ڪنهن ٻي شڪل اندر ڪيل عربي لکت

Tughra

گجراتي تعميري طرز/اڏاوتي طرز

Gujrati mustim architecture

جين اڏاوتي طرز

Jain Architecture

 

هندي اڏاوتي طرز

Hindi Architecture

 

ٻڌ اڏاوتي طرز

Budh Architecture

 

اسلامي اڏاوتي طرز

Islamic Architecture

 

سنڌي اڏاوتي طرز

Sindhi Architecture

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org