سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار

باب؛ -

صفحو ؛ 21

 

[ضميمو]

 

ٺٽي جي اصليت

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ٺٽو  شهر، ضلعي ٺٽي جو صدر مقام، حيدرآباد ڊويزن جو حصو آهي، سو ڪڏهن ۽ ڪيئن وجود ۾ آيو؟ تنهن جي حقيقت ڳـُـجهه جي پردن ۾ لڪل آهي. سنڌ جون روايتي ڪهاڻيون ان کي ملتان جيترو پراڻو ٻڌائين ٿيون: چئن مان هڪڙي عورت ٻين کي ٻڌائي ٿي، جن مان هرهڪ پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ ڪراڙي سمجهي ٿي، ته:

جڏ ٺٽي ٿي ٺاهه ڪيو، اڏيو ٿي ملتاڻ،
تڏ سؤ سهيلين ساڻ، مون مٽي کنئي مٿي تي.1


ٺٽي جي بـُـڻ بڻياد بابت، لکت ۾ آيل هڪ اڻ سڌو اشارو، امير خسروءَ (1255ع - 1325ع) جي هڪ شعر ۾
ملي ٿو، جيڪو سمجهه ۾ اچي ٿو، ته ملتان ۾ رهائش واري عرصي دوران 678هه مطابق 1284ع کان 683 هه /1284ع ۾ هـُـو هتي آيو هوندو. سندس شعر جي تخليق جي صحيح تاريخ جو ته پتو ڪونه ٿو پوي، پر ايترو چئي سگهجي ٿو، ته 1279ع کان 1325ع تائين ان شعر جي تخليق جو دور آهي. جڏهن ته اهو به يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته ٺٽي جي آبادڪاري سنڌو درياءَ جي وچئين وهڪري جي ڦيرگهير سان ڪنهن حد تائين لاڳاپيل رهي آهي. گهڻو ڪري ته اهو دريائي ڦيرو ان ئي عرصي دوران آيو هو.

هيءُ اهو دور آهي، جڏهن سومرا خاندان جي اقتدار جو سج  زوال پذير هو. ان جو سبب اهو هو، ته پراڻ ڍوري وارو سنڌو درياءَ جو وهڪرو پنهنجا اڳيان ماڳ مٽائي گهڻو اولهه پاسي تي وهڻ لڳو هو، جنهن کي اسان پنهنجي آسانيءَ لاءِ ”ٺٽي وارو وهڪرو“ سڏي سگهون ٿا. سومرن جي حقيقي اقتدار جو سڄو مدار پراڻ واري وهڪري تي هو، جنهن ۾ پاڻي هوريان هوريان گهٽجي رهيو هو ۽ انهيءَ پاسي وارن علائقن ۾ زرعي آبادي گهٽ ٿيڻ جي ڪري سندن اقتصادي حالتون ڊانواڊول ٿي رهيون هيون. ٻئي پاسي الهنديءَ شاخ ۾ پاڻيءَ جي جهجهي هـُـجڻ ڪري زرعي آبادي (عام جام) ٿي ويئي هئي ۽ سما زميندار خوشحال ٿي ويا هئا. سومرا خاندان جا، جيڪي خيرخواهه هئا، تن کي ٻين وانگر اهو خيال دل تي ويٺل هو، ته درياءَ جو وهڪرو اروڙ وٽان (روهڙي ڀرسان) ٻند ٻڌڻ ڪري جڳهه مٽائي ويو آهي، جنهن ڪري هاڪڙي (اڀرندي ناري) ۾ پاڻيءَ جي آوت گهٽجي وئي آهي. تنهنڪري اهي آس ۽ اميدون لايو ويٺا هئا، ته اها ٻنڌ ڀڄي ڀور ٿيندو ۽ سومرن جي زمينداريءَ ۾ خوشحالي وري موٽي ايندي:

هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي.2

انهيءَ سان گڏ انهن ماڻهن کي ڇينڀيو ويو آهي، جيڪي پراڻ ڍوري جي اوڀر پاسي سومرن وارن علائقن مان لڏي، پراڻ جي الهندي پاسي سمن جي علائقن ۾ خاص ڪري ننگر (ٺٽي) ۾ آباد ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

متان ويهجا ماڙ هئا، ننگر جي آڌار،
پراڻا پرار، نوان مَ اڏِجا نـِـجهرا.3

انهن حوالن پٽاندر، ٺٽو ننڍيءَ يا وڏيءَ صورت ۾، انهن ڏينهن ۾ نگر جي صورت ڌاري چڪو هو يعني پنهنجي ملڪ جي راڄڌانيءَ جي حيثيت وٺي چڪو هو. سنڌي ٻوليءَ ۾ نگر جي معنيٰ ۽ مطلب صدر مقام، جتي حڪمران رهي ۽ نگريءَ جي معنيٰ ۽ مفهوم علائقو يا رياست هوندي آهي. اڄ به سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي ماڻهن وٽ ٺٽي جو مشهور ۽ هاڪارو نالو ”ننگر ٺٽو“ يا رڳو ”نگر“ آهي.

تاريخي حوالا جيڪي بيتن ۾ اشارو ڪري رهيا آهن، سي هي آهن ته سومرا خاندان (1050ع - 1350ع) جي حڪمراني انهن ڏينهن ۾ زوال پذير ٿي. جيتوڻيڪ خاندان جا پويان حڪمران اڃا پراڻ کان اوڀر ڇوڙ واري دوآبي علائقي جا حڪمران هئا. اهو زمانو تيرهين صدي عيسويءَ جي شروعات کان وٺي چوڏهين صدي عيسويءَ جي وچ تائين هليو.

اها ڳالهه بنا ڪنهن شڪ ۽ گمان جي چئي سگهجي ٿي، ته ٺٽو - سنڌو درياءَ جو لاڏلو ٻچو هو ۽ اهو تڏهن ڄائو، جڏهن وچئون پراڻ وارو مکيه وهڪرو، گهڻو الهندي پاسي سـِـرڪي ٺٽي وٽان وهڻ لڳو. اهو پتو سنڌ جي ماڳ مڪانن جي سماجي نالن ۽ زبان جي تحقيق جي علم مان بلڪه خود ’ٺٽي‘ لفظ جي معنيٰ مان پيو آهي. ”ٺٽي“ ”ٺـَـٽ“ِ ۽ ”ٺٽو“، انهن ٽنهي جو عام مطلب، درياءَ يا ان جي دائمي وهندڙ ڦاٽن جي ڪپر واري وسندي يا ڳوٺ آهي. جيڪڏهن اها وسندي ٿوري وقت لاءِ هجي ۽ فقط مهاڻن جي هجي ۽ ان وسنديءَ کي مڇي آڻڻ ۽ نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻين، ته سندس نالو مياڻي يا مياڻ هوندو آهي، پر جي اها آبادي جهجهي ۽ وڌيل آهي ۽ ان ۾ مهاڻن کان علاوه هاري ڪڙمي پڻ پنهنجي چؤپائي ڳائي مال جي ڌڻن سان ٿانيڪا آهن، ته پوءِ اهڙي وسنديءَ کي ٺٽي ۽ ان کان وڌيڪ ڌڻ ڌنارن ۽ ڪڙمين ڪاسبين واري وسندي کي ”ٺٽ“ ۽ اڃا به وڌيڪ گهڻي آباديءَ واري زندگيءَ جي سموري ڪاروهنوار کي هلائيندڙ شهر، (جيڪو تمام وڏو ۽ خوبصورت هوندو آهي) تنهن کي ٺٽو چيو ويندو،  جيڪو مک درياءَ يا ان جي دائمي وهندڙ ڦاٽن تي اڏيل هجي. سنڌو درياءَ جي ڪناري سان ڪيتريون ئي ٺٽيون ۽ ٺٽ4 آهن، پر تاريخ ۾ وڏو ۽ هاڪارو ٺٽو فقط هڪ آهي.

ٺٽي شهر جا موجوده ماڳ ۽ سنڌو درياءَ جي وهڪرن جا پراڻا پيٽ، اهو ڏيکارين ٿا، ته ٺٽو پراڻي سنڌو درياءَ جي ٻيگهوءَ ۾ واقع آهي ۽ اهڙيءَ ريت آبڪلاڻي واريءَ موسم (مئي، جون، جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر) ۾ ٻوڏ کان محفوظ رهندو هو. ان حقيقت جي پٺڀرائي ٺٽي تي فيروز شاهه تغلق (1350ع - 1365ع)  جي حملن ۽ ان کان پوءِ شاهه بيگ ارغون جي حملي (1520ع) مان پڻ ملي ٿي. انهيءَ کان وڌيڪ صحيح بيان سراج عفيف جي ”تاريخ فيروز شاهي“ ۽ ادراڪي جي ”بيگلارنامه“ جا آهن. ادب ۾ اسان کي ٺٽي بابت وڌيڪ چٽا حوالا ملن ٿا، ته هيءُ شهر ٺٽو، آبِ پنجاب (سنڌو درياءَ) ۽ درياءَ جي (ڦاٽ) جي وچؤن وچ تي هو. اهو حوالو فيروز شاهه جي دور (1351ع - 1388ع) جي شاعر ’مطاهر‘ 5 جي شاعريءَ مان ملي ٿو، چون ٿا، ته اهو شعر چوڏهين صدي عيسويءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ چيل آهي.

هاڻي سوال هي آهي، ته اهو ٺٽو شهر درياءَ جي مکيه وهڪري تي هو يا ڪنهن ڦاٽ تي قائم ٿيو هو، پر پڪ سان اصلي وسندي ’ٺـِـٽي‘ يا ’ٺٽ‘ قائم ٿي چڪي هئي. ان وقت سنڌو درياءَ جو مکيه وهڪرو ڪهڙو هو؟ يا ڦاٽ ڪيئن وهندو هو؟ اهڙن سوالن جي جواب ڏيڻ واسطي اسان کي سنڌو درياءَ جي مٿئين پاسي جي وهڪرن جي تبديلين متعلق عام منظر واري ڄاڻ تي عبور حاصل ڪرڻو پوندو ۽ ٺٽي جي ڀرپاسي جي دريائي وهڪرن جي ڦير گهير واري تاريخ تي نظر ڪرڻي پوندي. ان معاملي ۾ هيٺيان قياس (جيڪي ڪافي قدر ممڪن آهن ۽ انهن کي صحيح نموني سان ثابت به ڪري سگهجي ٿو) آهن، جن تي ڌيان ڌرڻ لازمي ٿيندو:

(1) سنڌو درياءَ جو مکيه وهڪرو، جيڪو نواب  شاهه ۽ سڪرنڊ تعلقي وٽ اوڀر/ڏکڻ  پاسي (پراڻ طرف) هو، سو موڙ کائي اولهه-ڏکڻ (ٺٽي واري) پاسي ٿي ويو.

(2) اولهه - ڏکڻ ڏانهن لڙندڙ نئون وهڪرو، شهدادپور، نصرپور، ٽنڊي محمد خان کان ٿيندو اولهه - ڏکڻ طرف موڙو کائي ٺٽي واري علائقي ڏانهن وهڻ لڳو.

(3) ان دريائي وهڪري اتر کان چيلايا ڳوٺ وٽ ۽ ڏکڻ کان خان سومري جي ڳوٺ ڀرسان ڪٿان هڪ وڏو ڦيرو کائي، وڌيڪ ڏکڻ پاسي کان وهي، ٺٽي شهر جي اوڀر ويجهڙائيءَ وٽان وهڻ لڳو. ان ڏکڻ واري ڦيري وٽان هڪ ڦاٽ پيدا ٿيو، جيڪو پراڻي ڪلريءَ جو پيٽ ڏئي وهڻ لڳو (جيڪو اسلام کان گهڻو اڳ سنڌو درياءَ جو مکيه وهڪرو پڻ هو)، جنهن مان پوءِ ۾ ٻه واهڙ ڦٽندا هئا. انهن مان هڪ مڪلي ٽڪريءَ جي اتر کان اچي کيس گهيري وٺندو هو ۽ ڏکڻ - اولهه وڃي گهاري ڏانهن منهن ڪندو هو ۽  ٻيو واهڙ وڪڙ  کائي مڪليءَ جي ٽڪرين کان سندس اڀرندي ڪڇ (گود) کان سڌو ڏکڻ ڏانهن وهندو هو.

سنڌو درياءَ جي ان ڦيري جي ڪري، سما ذات جا ماڻهو مڪليءَ واري علائقي ۾ اچي آباد ٿيا ۽ پاڻيءَ جي دائمي موجودگيءَ مان پوکون ڪندي لاڀ حاصل ڪرڻ لڳا. پهرين وسندي، جيڪا انهن پنهنجي ذات جي نالي پٺيان آباد ڪئي، سا ساموئي هئي، جيڪا شروعاتي دور واري جاگيرداراڻي طاقت ۽ سگهه جو پهريون مرڪز هئي. اهو ڳوٺ الهندي دريائي شاخ جي ساڄي ڪناري (ڏاکڻي پاسي) ۽ مڪليءَ جي صفا اترئين پاسي جي به اترڏسا ۾ هو. انهن جون ڀليون زمينون مڪلي ٽڪريءَ جي الهندي پاسي پکڙيل هيون ۽ ان کان پوءِ ان علائقي کي ’سماڪي‘ ڪري سڏيو ويندو هو. روينيو سرشتي جي حد، جيڪا ان ايراضي تي ٻڌل آهي، اڄ به ان جو نالو ’سماڪي‘ آهي. سمن جي ٻي  وسندي، درياءَ جي اوڀر واري کاٻي ڪناري تي هئي، جيڪا مڪلي ٽڪريءَ کي اوڀر پاسي کان ڳارو ڏئي وهندي هئي. ان وسنديءَ جي اوڀر ۽ ڏکڻ - اوڀر طرف وسيع ۽ ڪشادا سڌا ۽ سنوان ڊيلٽائي ميدان هئا. واهڙ جي اولهه پاسي نه کاڄندڙ ٽاڪرو علائقو (مڪلي وارو) پار ڪرڻ ۾ به سولو هو ۽ اها وسندي، جيڪا شروعاتي ڏينهن ۾ مياڻي هئي ۽ پوءِ وڌي ٺٽو ٿي هجي، ان کان پوءِ ترقي ڪري ٺٽ بڻجي ويئي هجي. ڪنهن سمي حڪمران سردار پنهنجي اچ وڃ کي ڪارائتو ۽ سولو سمجهي، پنهنجي رهائش کي ٺٽ6 ڏانهن منتقل ڪيو هجي، جيڪو ان وقت نگر به بڻجي چڪو هو ۽ پنهنجي ايراضيءَ ۾ به وڌي وڏو ٿي پاڻمرادو ٺٽي جي هاڪاري نالي سان سڏجڻ لڳو. اهو شهر پنهنجي شان ۽ شوڪت جي انتها تي ڄام نندي جي مستحڪم حڪمرانيءَ واري دور ۾ پهتو (ڄام نظام الدين (866هه - 914هه/1460ع - 1508ع)  جنهن کي بلاشڪ سنڌ جو هارون الرشيد چئي سگهجي ٿو.

انهيءَ سلسلي ۾ ڏکيا سوال، جيڪي جواب گهرن ٿا، سي هي آهن ته: ٺٽي جي بلڪل پهرين آبادي ڪهڙي هنڌ ۽ ماڳ تي قائم ٿي هئي؟ سما خاندان جي آباد ٿيڻ کان پوءِ شهر جي ڪهڙي حـصي سڀ کان اڳ ۾ ترقي ڪئي ۽ شهر جا ٻيا ڪهڙا ڀاڱا آهن، جن کي پوءِ اهميت ملي؟

موجودهه کنڊرن جي صورت ۾، ٺٽي اندر ڪي امتيازي نشان ڪونه رهيا آهن، جن مان اهو پتو پئجي سگهي، ته ڪهڙي خاص دور ۾ ڪهڙي ترقي ٿي هئي؟ جڏهن ته ڪجهه مسجدون بچيل آهن، جيڪي ڪن هنڌن ماڳن جي نشانبري ڪري سگهن ٿيون، ڇو ته ڪنهن زماني ۾ اهي شهر جي محلن ۾ ڏاڍيون آباد رهنديون هيون. ماضيءَ ۾ مسجدون شهر جي مرڪزي حصن ۾ تعمير ڪيون وينديون هيون. اهڙيءَ ريت جامع مسجد، شهنشاهه شاهجهان جي ڏينهن ۾ (1054هه - 1068هه / 1644ع - 1658ع) جڙي، تنهن جي اتر - اوڀر طرف، ننڍي پر شاندار اميرخاني مسجد جي اڏاوت اهو ڏيکاري ٿي، ته شهر جي اتر-اوڀر وارو حصو مغل دور (1000هه - 1150هه / 1592ع - 1737ع) ۾ اوج تي هو. انهن مسجدن کان اڳ ۾ مسجد فرخ ارغون ۽ مسجد دبگير يا دبگران هيون. انهن مان مسجد دبگران اڃا بچيل آهي، جيڪا شهر جي ڏکڻ - اوڀر ڏانهن آهي. ان ايراضيءَ تي ارغون، ترخان ۽ انهن جا امير، نواب، نوڪر چاڪر آباد هئا. مسجدن سان گڏ مٿيان حصا موجوده شهر جي آباديءَ جي وڏي حصي تي ٻڌل هئا ۽ موجودهه شاهي بازار کان اوڀر پاسي، اتر کان ڏکڻ پاسي تي پکڙيل هئا. ان جو لازمي نتيجو اهو نڪرندو، ته ارغونن ۽ ترخانن کان اڳ يعني سما دور ۾ شهر جي آباد ايراضي، موجودهه شاهي بازار کان اولهه ڏانهن سمجهڻ گهرجي.

شهر جي پراڻي هجڻ بابت عام خيال شهر جي پراڻن رهواسين جي تصور پٽاندر اهو به آهي ته هن جو نالو فارسيءَ جي لکتن جي حوالي سان ورتو ويو آهي، جنهن جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ تـَـهن مٿان تـَـههَ ٿيندي يعني ”تاريخ جي مختلف دورن ۾ هڪ ٻئي جي مٿان آباد ڪارين جا تهن مٿان تـَـههَ.“ شهر جا پوڙها اهو بحث ڪندا آهن، ته مٿانهيون ايراضيون اصل ۾ شهر جون  پراڻيون دڙيون آهن. ان ڳالهه ۾ ڪنهن حد تائين سچائي ضرور آهي، پر  شهر جي پراڻين آڳاٽين آبادين جي سڃاڻپ واسطي ڪو آخري ثبوت موجود ڪونهي. مٿينءَ ڳالهه جي روشنيءَ ۾ شهر جا هيٺ ذڪر ٿيندڙ ڀاڱا سڄي شهر جي ڀيٽ ۾ مٿانهان علائقا  آهن.

(1) قرني پاڙو: هيءُ سڄو پاڙو ڀڳڙا بازار کان اولهه طرف آهي، جيڪو شاهي بازار جو حصو آهي ۽ ان جي اوڀر پاسي پکڙجندو ٿو وڃي، جيڪو اِِدرا پاڙي جو به پڻ گهيرو ڪري ٿو.

(2) شاهي بازار جي حصي ڦول بازار جي اولهه پاسي ڏانهن پکڙيل ايراضي.

(3) گلڻ شاهه شيرازي جي مسجد وارا هنڌ، ماڳ ۽ ان جي اوڀر واري ايراضي.

اهي سڀ ماڳ شهر جي اولهه پاسي واري ڀاڱي ۽ شاهي بازار جي الهندي پاسي  آهن. فقط هڪ ايراضي پلنگ پاڙي وارو محلو (اميرخاني مسجد جي اولهه پاسي) شاهي بازار جي اوڀر ڏانهن آهي. جيڪڏهن مٿانهين واريون ايراضيون، ٺٽي جي پهرين آبادي جي سڃاڻپ آهن، ته نتيجو اهو نڪرندو ته شهر جو اولاهون حصو (شاهي بازار جو اولهه وارو پاسو) پهرين شهري آبادي آهي، جيڪا سڪي ويل ڍوري جي ڪنڌيءَ تي آباد آهي. لڳي ٿو، ته اهو علائقو ڪڏهن وهندڙ واهڙ يا درياءَ هو، ان ڀاڱي جي اترئين اڌ ۾ ”مسجد ولي نعمت“ آباد هوندي هئي، جيڪا مڪاني روايتن مطابق شاهجهان مسجد کان اڳ ۾ جامع مسجد جو ڪم ڏيندي  هئي. اها به روايت ڪئي ويندي آهي، ته ”مسجد ولي نعمت“ ۾ ڪڏهن مدرسو به هوندو هو، جتي مشهور بزرگ شاهه مراد (831هه - 893هه) تعليم ورتي هئي. ان حقيقت مان اهو ثابت ٿئي ٿو، ته شهر جي اولاهين حصي جي اترئين ڀاڱي کي پوئين سما دور ۾ وڏي اهميت حاصل هئي.

هاڻي باقي اسان جي لاءِ شهر جي اولاهين پاسي وارو ڏاکڻون حصو (موجوده شهر جو ڏکڻ - اولهه وارو ڀاڱو) وڃي رهيو آهي، جتي اسان پهرئين سما دور واري پراڻي ٺٽي کي ڳولهي سگهون ٿا. منطقي بحث مباحثي کان سواءِ، ان خيال کي هٿي ڏيندڙ ٻيا به گهڻا مضبوط دليل آهن. سڀني کان وڌيڪ اهم علائقو اهو آهي، جيڪو ”اسلام پور“ پاڙي جي اهم نالي سان سڏيو وڃي  ٿو. مير علي شير قانع به، ان جو ذڪر ڪيو آهي. ٻيو اهو پاڙو آهي، جنهن ڏانهن اڃا تائين ڌيان ڏنو ئي ڪونه ويو آهي، پر تاريخي لحاظ کان تمام گهڻو اهم آهي، جيڪو آهي ”ٺٺ پاڙو“ يا ”ٺٽ پاڙو“، ۽ اهو اسلام پور کان ڏکڻ ڏانهن موجود آهي. موجودهه ٺٽ پاڙي ۾ تمام ٿورا گهر آهن، پر زندهه يادگيرين7 مطابق اهو تمام گهڻو پکڙيل هو. ان پاڙي جي باري ۾ اهم ڳالهه اها  آهي ته ان جي نالي ٺٽ يا ٺٽه جو پراڻو نالو اڄ تائين باقي ۽ قائم رهجي ويو آهي. ٻي ڌيان ۾ رکڻ جهڙي ڳالهه اها به آهي، ته هي ايراضي تمام گهڻو مٿاهينءَ واري پاسي به آهي، معلوم ائين ٿئي ٿو، ته ان تي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا آبادڪاري ڪئي ويئي آهي. ڏاکڻي پاسي تي ٺٽي جي اڃا به هڪ وڌيڪ آبادڪاري آهي، جيڪا (866هه - 893هه/1462ع - 1488ع) ڄام نظام الدين جي هندو وزير لکڌير جي پٽ ’مولو‘ جي نالي پٺيان ’ٺٽ مولو‘ سڏبي هئي، جنهن شيخ شاهه مراد8 جي دعا سان اتي رهائش اختيار ڪئي هئي. ٻه سؤ سال اڳ مير علي شير قانع جي تصنيف وقت هيءَ ٺـَـٽـِـي سلامت هئي. ٺٽيءَ جي نالي کي تاريخي اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته ٺـَـٽـِـي ۽ ٺـَـٽ جا ٻئي درجيوار نالا شهر جي ان حصي ۾ ملن ٿا ۽ ان کي پهرينءَ شهري آباديءَ جي حيثيت  ۾ سڃاتو ويو آهي، جيڪا بعد ۾ ترقي ڪري ’ٺٽو‘ بنجي ويئي.

انهن ماڳن جو درياءَ جي پراڻي پيٽ سان آباد هجڻ به ان قسم جي ثابتي لاءِ ڄڻ هڪ وڏي هٿي ڏيندڙ دليل آهي. ٺٽ يا ٺٽه پاڙا ڏکڻ ڏانهن ۽ ان جي ڀر ۾ اتر پاسي اسلام پور (جنهن به پراڻي زماني ۾9  ترقي ڪئي هئي) ٻئي هڪ ڍنڍ، تندسر مٿان آباد آهن ۽ اها ڍنڍ وري درياءَ سان مليل آهي. تندسر جي ادبي معنيٰ ”ڪنارن تائين پاڻيءَ سان ڀريل وڏي ڍنڍ“ آهي. موجودهه حساب موجب سندس پکيڙ ٺٽ اسلام پور کان وٺي مڪلي ٽڪريءَ تائين آهي. ان وقت جي وهندڙ درياءَ سان گڏ ان ڍنڍ جو هجڻ اهو ٻڌائي ٿو، ته اوڀر ڪناري سان ٻيڙا اچي لنگر هڻندا هئا. آبڪلاڻي هجي يا سيارو، پاڻيءَ جو چڱو موچارو مقدار ٻارهوئي موجود رهندو هو. درياءَ جي اوڀر واري ڪناري سان  لال ڇـُـٽي ۽ ابراهيم شاهه جي مقبرن جي، موجودگي به اهو ثابت ڪري ٿي، ته پراڻي دور ۾ اها آبادي گهڻو وقت شهر جو مرڪز رهي  آهي ۽ اهو علائقو شهر جو تمام قديم ۽ آباد حصو رهيو  آهي. ان جي سامهون درياءَ  پار مڪلي ٽڪريءَ تي، دريا خان جو10 ’ڪوٽ‘ آهي، جيڪو ڄام نظام الدين جو وزيراعظم ۽ بهادر سپهه سالار هو. اها هڪ فطري ڳالهه هئي ته وزيراعظم دريا خان شهر جي ڏکڻ - اوڀر پاسي آبپاشيءَ جي نظام جو بندوبست ڪري ۽ ان نقطئه نگاهه کان هن علي جان (عرف خان واهه) کوٽايو، جنهن کي هاڻي علي جان واهه ڪوٺيو ويندو آهي. اهو ڪلريءَ مان پاڻي کڻندو هو ۽ وڏي ”الهه واهه“ مان ٿيندو، ننڍي ”الهه واهه“ ۾ وهندو هو. علي جان واهه جو وڌيڪ پاڻي پڇڙيءَ جي ٻن ڇنڊڻن: مسڻ گهاڙ ۽ ماڇي گهاڙ جي ذريعي تندسر ڍنڍ ۾ اچي پوندو هو. هن آبپاشيءَ جي نظام پوئين دور11  جي واهن کوٽائڻ لاءِ رستو صاف ڪيو، جنهن ٺٽي جي اوڀر واري علائقي کي خوبصورت باغن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

 

ضميمي جا حاشيه

(1)

جڏ ٺٽي ٿي ٺاهه ڪيو، اَڏيو ٿي ملتاڻ،
تڏ سؤ سهيلين ساڻ، مون مٽي کنئي مٿي تي.

 

(2)

هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بـِـهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي.

 

(بـِـهه ۽ لوڙهه پاڻيءَ جي هڪ ٻوٽي جي پاڙ آهن ۽ انهن کي ڀاڄيءَ طور ڪتب آندو ويندو  آهي.)

(3)

متان ويهجا ماڙهئا، نگر جي آڌار،
پراڻا پرار، نوان مَ اڏجا نـِـجهرا.

(4) اهڙي قسم جون ٻيون وسنديون (جهڙوڪ ٺٽ ڳوراهو ۽ ٺٽ هوتچند) به آهن، جيڪي سنڌو درياءَ ڇڏي وڃڻ کان پوءِ اڃا به آباد آهن.

(5) ڏسو باب پهريون.

(6) ٺٽي جو بنياد تيرهين صديءَ جي شروعات دوران يا ان کان ٿورو اڳڀرو پيو هوندو. امير خسروءَ جو ٺٽه ڏانهن اشارو ان وقت سان لاڳاپيل معلوم ٿئي ٿو، جڏهن هيءُ شهر ٺٽ (Thatt) جي وڏي ڳوٺ مان وڌي ويجهي هڪ ننگر جي صورت اختيار ڪري رهيو هو.

(7) هڪ اکين ڏٺي شاهد جو بيان آهي، ته 1915ع -  1920ع ڌاري ميمڻن جا ڪيترائي گهر آباد هئا، جن کي ٺٽه محلي ۾ آباد هجڻ جي ڪري ٺٺيار ڪري سڏيو ويندو هو. انهن مان حاجي عبدالله ٺٺيار ۽ ورائي ٺٺيار جا نالا ڪافي مشهور آهن، جن 1918ع ڌاري وفات ڪئي. هيءُ ڳالهه مون کي اسلام پور محلي جي محمد قاسم ميمڻ ٻڌائي.

(8) بزرگ سيد شاهه مراد جي سوانح عمري، ٺٽي جي هڪ عالم محمد صالح بن ملا زڪريا، معارف الانوار في البيان الفضيله سيد الابرار و آئمة  الاطهار و احوال قطب المختار نالي سان سنه 1140هه يا 1727ع ڌاري لکي هئي. (بحواله قلمي نسخه مولوي محمد حسين، جامع مسجد ٺٽو - باب نائون). سيد شاهه مراد، لکڌير ۽ پنهنجي پٽ مـُـولي کي شيرازي محلو ڇڏي ۽ شهر جي ڏاکڻي حصي ۾ وڃي  آباد ٿيڻ جي هدايت ڪئي هئي.

(9) اهو اسلام پور وارو نالو سنڌ جي مشهور حڪمران ڄام نظام الدين جي راڄ دوران رکيو ويو. تحفة الطاهرين جو بيان آهي، ته اتان جي مسجد جو قبو، فقير حاجي سليمان تعمير ڪرايو هو. هن محلي ۾ بي بي راڻيءَ جو هڪ قديم مقبرو به آهي. امڪان آهي، ته هيءَ قبر، سما گهراڻي جي شروعاتي دور سان لاڳاپيل ڪنهن متقي ۽ پرهيزگار عورت جي هجي.

(10) عيد گاهه کان اوڀر پاسي واري ايراضيءَ کي دريا خان جي ٽڪري سڏيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ڪوٽ ۽ حويليءَ ايڏاهين هوندي هئي. عيد گاهه ڏانهن وٺي ويندڙ هاڻوڪي ڏاڪڻ مذڪوره ڪوٽ جي اتر پاسي کان آهي. اهي سڀ ڊهي ناس ٿي ويا آهن ۽ کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهن.

(11) اهڙيون روايتون به موجود آهن، ته هتي مغل دور سان لاڳاپيل هڪ آبپاشي نظام به هو. شاهي بازار واري ترائيءَ لاءِ به چيو ويندو آهي، ته اها به ڪنهن واهه جي پيٽ واري ماڳ تي آهي. اهو احوال عبيداڻي گهراڻي جي هڪ ماڻهوءَ نواب خير محمد ٻڌايو. ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ هن گهراڻي جو ستارو نهايت اوج تي هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org