سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار

باب؛ 4

صفحو ؛ 15

تصوير 91 - طغرل بيگ جي مقبري جي اولاهين ڀت ۾ ٺاهيل خوبصورت مسجد جنهن جي اُڪيريل ٿنڀن تي ٿيل ڪم ٽـُـڪ جيان گهرو آهي.

تصوير 92 - مرزا طغرل بيگ جي مقبري جي هم چورس ٿنڀن جي تاجن Capitals وٽ ماکيءَ جي مانارن جهڙي اُڪير ڏسجي ٿي. ان کان سواءِ آکڙي طرز تي هيٺان ۽ مٿن پوپٽ جهڙا چٽ ڏسجن ٿا. هيءَ اڏاوتي طرز ترخان دور سان تعلق رکي ٿي.

تصوير 93 - هڪ پٿرانهين لوڙهٽ (Cenotaph) جنهن جي وچ تي بيد مشڪ جو وڻ اُڪيريل آهي ۽ هيٺ هڪ چؤپائي جانور quadrupeds  جي تصوير ڏسجي ٿي. صفا مٿئين پاسي بدڪون آهن، سيراندي کان لڳل پٿر تي هم چورس اُڪير جي وچ تي هڪ گل موجود آهي. تعمير جو تعلق 948 هه/1542ع سان آهي.

چؤڪنڊي طرز جون قبرون

مڪلي ٽڪريءَ تي اهڙي قسم جون قبرون تمام ٿوريون ۽ تمام وٿيرڪيون ڏسجن ٿيون. هڪ مثال (نمبر 94) مبارڪ خان جي مقبري کان 300 فوٽ کن اولهه پاسي آهي، اتي هڪ ٿلهي تي ٻه قبرون آهن. ٽه ڏاڪي ٿلهي تي تابوت جهڙي هڪ کٽ آهي، جنهن کي هر ڪنڊ تي پاوا آهن. ان طبقي مٿان وري ٻيو اُڪيريل طبقو آهي، جنهن مٿان ٻنهي قبرن جون بـُـٺيون جوڙيل آهن. کاٻي پاسي واري قبر جي بٺي ڪرنگهي سان آهي. سيرانديءَ کان بلوچي طرز جي پڳ رکيل آهي. ٻي قبر تراکڙي آهي. معلوم ٿئي ٿو، ته پهرين قبر مرداڻي ۽ ٻي زناني آهي. قبر جي پاسي ۾ گهوڙيسوار جي تصوير آهي. عورت جي قبر جي پاسي ۾ زنانا زيور اُڪيريل آهن. گهوڙو (نمبر 97) وڏي شان سان هلي رهيو آهي. سنجيل به وڏي ٺاٺ سان آهي. شهسوار جي مٿي تي پڳ ٻڌل ۽ جنگجو لباس پهريل  آهي. مياڻ ۾ تلوار، مٺئي سان ڍال اٿس. گهوڙي

تصوير 94 - هڪ ٿلهي تي چؤڪنڊي نموني جهڙيون قبرون، جن جي پٿرن کي هر ڪنڊ تي پاوا لڳل آهن. عورتن جي قبرن جي پٿرن تي ٻن چوڙين جي اُڪير ڏسجي ٿي. تعمير جو واسطو 17 هين صدي عيسويءَ سان آهي.

تصوير 95 - چؤڪنڊي طرز جي قبرن جي پليٽ فارم تي اُڪير جا نمونا هيٺئين لوڙهٽ تي ور وڪڙ ليڪون، پٺين سان چٽسالي ۽ ڪونج چٽ Sigmas جهڙي اُڪير ڏسجي ٿي. مٿئين ٻن تختين تي ڏاڪڻ جي ترتيب تي هم چورس ٽڪ کي قطار ۾ رکيو ويو آهي. اها طرز پڻ پراڻي آهي، جنهن کي نئينءَ ترتيب سان اُڪيريو ويو آهي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 17 هين صدي عيسويءَ سان آهي.

تصوير 96 - ٻن مان هڪ قبر جي تصوير، جيڪا ڪنهن عورت سان لاڳاپو رکي ٿي، جنهن تي سنڌ جي نون None طرز جي ڳـَـهڻ (زيور) اُڪير ٿيل آهي. وچ تي چندن هار torque ۽ پاسن تي ڪنگڻ armlet ان کان هيٺ منڊيون Finger Rings مٿان پنڙا ear rings ۽ قبر جي پاسي تي پٽيون يا ڪڙيون anklets اُڪيريل آهن.

تصوير 97 - ٻن مان هڪ مرداڻي قبر جنهن تي هٿيار بند گهوڙيسوار جي تصوير اُڪيريل آهي. گهوڙو مڪمل طور سنجيل ڏسجي ٿو ۽ مٿي اڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سوار جي مٿي تي پٽڪو ٻڌل آهي. هن جي ساڄي هٿ ۾ گهوڙي جي واڳ جهليل آهي. جڏهن ته سندس کاٻو هٿ تلوار جي مـُـٺيئي تي رکيل ڏسجي ٿو.

جي واڳ سندس ساڄي هٿ ۾ آهي. زنانن زيورن مان نـَـو اُڪيريل آهن. (نمبر 96) ٻه هار، هڪ بولو، ٻه منڊيون، ٻه ڪنن جون واليون، ٻه ٻانهونٺا ۽ ٻه ڪڙيون (نمبر 95) آهن. پٿرانهين لوڙهٽ تي اليڪي سنجٽ سان سينگاريل آهي، جيڪا ترخانن جي پوئين دور سان واسطو رکي ٿي. اڌ هيري ڪڻين واري طرز خاص ان دور سان واسطو رکي ٿي. ساڳئي نموني سان گول دائرن جي وچ ۾ لڪدار چؤرسا ٺهيل آهن. اها خاص اُڪير اهڙي آهي، جهڙا هڪ مرڪزي چؤرس زيورن جا نشان چؤڪنڊيءَ جي قبرن تي به مليا آهن15، جيڪي سترهين صديءَ جي پوين ڏهاڪن سان تعلق رکن ٿا، جن جي دور کي سندن آرائش واريءَ طرز سان يقيني طور تي ثابت ڪيو ويو آهي، جهڙي ريت اسان موجوده اُڪيرڪاريءَ واري طرز ۾ ڏسي سگهون ٿا.

جان بابا جو مقبرو

جان بابا، مرزا عيسيٰ خان ترخان I جو پٽ، مرزا عيسيٰ خان ترخان II جو پيءُ هو. مرزا صالح جي وفات کان پوءِ پنهنجي پيءُ مرزا عيسيٰ خان ترخان جو پيارو بڻيو ۽ سندس وفات کان پوءِ جانشين طور چونڊيو ويو. سندس ڀاءُ مرزا باقي بيگ جي دشمنيءَ سبب کيس بي رحميءَ سان قتل ڪرايو ويو.16 هڪ لکت17 موجب، سندس قتل 978 هه/1570ع ۾ واقع ٿيو. سندس مقبري لاءِ چيو ويندو آهي، ته هن جي پٽ مرزا عيسيٰ خان ترخان II 1070هه /1608ع 18 ۾ ٺهرايو هو. عام طرح اهو سمجهيو19 ويندو آهي، ته ان يادگار عمارت20 تي گجراتي اڏاوتي فن جو وڏو اثر آهي. اهو سڀ ان ڪري آهي جو ان يادگار تي پٿر جي اُڪير جو ڪم جهجهي انداز ۾ ڪيل آهي. پر هيٺ ڏيکاريو ويندو، ته پٿر جي اُڪير جي طرز هتان جي سنڌي روايتن تان کنيل ۽ ورتل آهي. جيتريقدر مقبري ۾ استعمال ٿيل ڀوري پٿر جو تعلق آهي، سو به سنڌ جي ٽڪرين مان هٿ ڪيو ويو آهي.

مقبري (نمبر 100) جو ڪوٽ چؤڪنڊو آهي. سندس اندرين ماپ 48 فوٽ 34 انچ آهي. ڏيڍيءَ جي اڏاوت ٺلهن تي ٿيل آهي. ان جي ماپ 25 فوٽ 6 انچ x 20 فوٽ 2 انچ آهي. ڏکڻ ڏس کان اها هڪ جدا تعمير هئي، جيڪا پوءِ گڏائي ويئي آهي. اها گهڻو پوءِ جي جوڙيل آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو اصل اڏاوت سان ڪوبه واسطو ڪونه آهي. ٻيو ته انڪري ڏکڻ واري مهاڙيءَ جو سڄو منظر ڍڪجي وڃي ٿو. خاص طور تي ڏکڻ پاسي وارو در، جيڪو ان جڳهه لاءِ خاص رستو آهي، بند ٿي ويو آهي. هاڻي اولاهينءَ ڀت جي ڏاکڻي دري کولي اندر وڃڻ لاءِ لنگهه بڻايو ويو آهي. اتر - اوڀر واريءَ ڪنڊ کان عورتن جي قبرن جو ڪوٽ آهي، جنهن جي ماپ 11 فوٽ 3 انچ x 10 فوٽ 8 انچ آهي. لنگهه ڏکڻ پاسي کان ڇڏيو ويو آهي. اولهه پاسي واريءَ ڀت ۾ هڪ خوبصورت چٽن سان اُڪيريل  محراب آهي. وڏي ڪوٽ جي وچ تي هڪ ٿلهو جوڙيل آهي ۽ مٿس ٽي ڇٽيون ٺهيل آهن، جن مان وچئين جو قبو بچيل آهي، باقي ٻين ٻن جون ڇتيون ڊهي پٽ پيون آهن.

ڏيڍي: سڄي تعمير (نمبر 98) مٿي ٿلهي تي بيٺل آهي ۽ ڏيڍي به ساڳي وڌايل ٿلهي تي ٺاهي ويئي آهي. ٿلهي جو اهو حصو اوچائيءَ ۾ ٻئي

تصوير 98 - جان بابا جي مقبري جو ٻاهريون ڏاکڻو - اولاهيون پاسو جنهن ۾ اولهه واري ڀت جي خوبصورت اُڪير نظر اچي رهي آهي. ڏاکڻين ڀت ٿنڀن جي مدد سان ٺهيل ڏيڍيءَ تي مشتمل آهي. ان کان سواءِ لنگهه واري در سان اوچي اڏاوت نظر اچي ٿي. هن تعمير جو 17 هين صديءَ جي ابتدا سان لاڳاپو آهي.

تصوير 99 - جان بابا جي مقبري جو ڏاکڻيون سامهون وارو پاسو، جنهن ۾ ٿنڀن جي مدد سان ڏيڍيءَ جي اڏاوت ڏسجي ٿي. چوديواري جي ٻاهرئين پاسي ونگن سان خانا آهن. خوبصورت اُڪير وارو اهو پاسو ايترو اوچو آهي جو پٺيان وارا ٽي ڇٽيءَ جهڙا مزار نظر نٿا اچن.

تصوير 100 - جان بابا جي مقبري جو نقشو ۽ تعمير جي رٿا بندي جنهن ۾ مقبري جي پٿرن سان جوڙايل وانگاڙو ڪاري رنگ ۾ ليڪيل آهي. جنهن تي هڪ ننڍڙي زناني چوديواري جو به نشان آهي. ڏکڻ پاسي ٿنڀن جي مدد سان ڏيڍي پڻ ظاهر ڪئي وئي آهي ۽ اولهه پاسي کان محراب جي اوچي اڏاوت پڻ ڏيکاري وئي آهي.

تصوير 101 - جان بابا جي مقبري اندر تعمير ٿيل محراب وارو حصو به ان جي اوچائي، مکيه محراب جي مهاڙي ۾ ونگائين اڏاوت ڏسجي ٿي. ان ونگ جي شڪل ذري گهٽ گول آهي. پاسي سان ٻه چؤڪنڊا خانا آهن، جن ۾ گول قسم جي اُڪير موجود آهي. محراب واري خاني جي نـُـڪرن ۾ هڪ هڪ اُڪيريل گل چٽ ڏسجي ٿو. اندرئين پاسي اُڪير جون ليٽيل سنوت ۾ پٽيون ڏسجن ٿيون. هن جي ٻنهي پاسن کان خوبصورت سنڌي اڏاوتي طرز جا پاوا آهن.

تصوير 104 - جان بابا جي مقبري جي چوديواري اندر ڀتين وسيلي ٺهيل ٽي مقبرا، جن جا ٿنڀا هم چورس ۽ لسا آهن پر سندن مٿئين پاسي تاجن وٽ ماکيءَ جي ماناري جهڙي اُڪير ٿيل ڏسجي ٿي. هنن ٽنهي مان فقط وچيون مقبرو صحيح سلامت آهي.

ٿلهي جيترو آهي. اڄ سڄي وڌايل ٿلهي تي اُڪير نظر ڪانه ٿي اچي. ٿنڀن جون ٻه آخري قطارون هٽايون ويون آهن. سڀني ٿنڀن مـان باقي ٻارنهن بچيل آهن. ٽي منـڍي واري پاسـي ۽ چـار لام واري پاسـي ۾ آهن. اهـي سڀ ٻـُـسا ۽ هم چورس آهن. پرمٿي تاج وٽ ماکيءَ جي مانارن جهڙي اُڪير ڏسجي ٿي. اهڙي ساڳي چٽسالي اسان ٻين ترخاني اڏاوتن تي پڻ ڏسون ٿا. ساڳيءَ ريت آرائشي قسم جون اُڪيريل  چؤمکيون گهوڙيون آهن. اهڙيون ساڳيون گهوڙيون طغرل بيگ جي مقبري ۾ به ڏسڻ اچن ٿيون. مٿن ڇـِـڪن وارا سردر رکيل آهن. (نمبر 99) سندن مهاڙين وارن پاسن تي چؤڪنڊا خانا اُڪيريل   آهن، جيڪي اڳتي هلي مقبري 14 ۽ 15 جيان ستارن واري اُڪير وٽ پهچي ختم ٿي وڃن ٿا. انهن مٿان تراکڙن پٿرن جا بار ڏنا ويا آهن، جيڪي ٻين عمارتن مان اکوڙي آندا ويا ٿا ڀانئجن.

ڀتين جو ٻاهريون پاسو

بنيادن کان مٿان، ڀتين جو ٻاهريون پاسو پيٺل نموني ونگن سان خانا هڻي سينگاريو ويو آهي. هرهڪ خاني جي شڪل چؤڪـُـنڊي آهي. فرش جي سنوت کان وٺي ونگدار خانن جي ترن تائين، ٻاهرئين پاسي واريءَ ڀت تي اُڪير ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جنهن ۾ هيٺئين پاسي ڏندي، وچ ۾ آکڙي طرز ۽ مٿان لڏڪڻا رکيل آهن. (پليٽ 35). هن قسم جي اُڪير جي طرز ڏيڍيءَ جي اوڀارئين حصي کي ڇڏي، باقي ڀت جي ٻاهرئين پاسي کان چوڌاري ڦري اچي ٿي. پر ٻئي پاسي کان ونگون ۽ خانا ڪونه آهن. (پليٽ نمبر 30) چؤڪنڊن خانن جي ٻانهين تي هڪ ٻئي مٿان آکڙي شڪل جي اُڪير ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هرهڪ کي نکيڙي بيهارڻ لاءِ ليٽيل سنـَـوت ۾ آکڙي طرز جي اُڪير آهي. ونگن وارن خانن اندر آکڙي قسم جي اُڪير جيڪا مانڌاڻي جيان آهي. هيٺان ۽ مٿان لڏڪڻا لڳل اٿس. چئن پاسن کان چار گل اُڪيريل  ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ پنجون وڏو گل مٿان ٽـُـڪ ٿيل نظر اچي ٿو. پاسن وارين ٻانهين کان سواءِ اهي سڀ اڀريل طرز ((High relief ۾ اُڪيريل آهن. ونگ جي اُڀي پاسي تي اوڀڙ جي طرز چٽيل آهي، جن ۾ ولين کي پن آهن ۽ موڙ گول طرز جا آهن. ساڳي طرز اسان ان جڳهه ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ به ڏسون ٿا. پرنـُـڪرن وٽ عشق پيچان وَل (Ivy) جي پنج ڦاڪي پن جي تصوير نظر اچي ٿي. ڀت جي مٿئين پاسي تي ڇهن قسمن جي آرائش آهي، جيڪا سڄي هلڪي اُڀريل طرز ۾ اُڪـِـيريل آهن. هيٺينءَ ۾ مانڌاڻي نشانن سان چؤرسن جو سلسلو آهي. ٻئي ۾ مرڪب ڏوريءَ جي طرز آهي، جنهن ۾ ڪيترائي دائرا بڻجي پون ٿا. ٽئين زنجيريءَ واري چٽسالي جي طرز آهي. چوٿين پيچدار چٽساليءَ جي طرز آهي، جنهن ۾ آکڙي طرز جي وَنگ اندر گل جي اُڪير آهي، جنهن جي ٻيگهڙ تي انساني ڌڙ آهي. اندريون پاسو جافري يا آکڙي طرز واري چٽساليءَ سان ڀريل آهي. انسان جي مٿي وٽ اڌ گل جي اُڪير نظر  اچي ٿي. ان کان پوءِ به اڳئين چئن جيان زنجيري طرز جي چٽسالي آهي. آخر ۾ گڏوچڙ ڏوري واري طرز جو ورجاءَ ڪيو ويو آهي. اهڙي قسم جي چٽسالي ڀت جي چوڌاري ڦري اچي ٿي. فقط اوڀر پاسي کان اها ڀڳل آهي.

محراب جو پٺيون پاسو

اولاهين ڀت ۾ محراب (نمبر 99) جي مٿان چؤڪنڊي اڏاوت ڪئي ويئي آهي. مٿس چٽسالي تمام جهجهي آهي. محراب جو هيءُ وڌاوڙو ڪاريگرن جي هنر ۽ ڪاريگريءَ جو مرڪز بڻيل آهي. اولي واريءَ ڀت مٿان وڌاوڙي وارو مٿاڇرو اوڀڙ طرز جي چٽساليءَ سان ڀريو پيو آهي (پليٽ 33) هتي ونگن وارن خانن ۾ آکڙي قسم جي طرز واري اُڪيريل چٽساليءَ جو ورجاءَ ڪيو ويو آهي. اُڪير اهڙي ريت ڪيل آهي جو هڪ انچ به چـِـٽَ کان واندو ڪونه آهي. ان آکڙي اُڪير جو اندريون ۽ ٻاهريون پاسو اوڀڙ جي نئين طرز جي چٽن سان ڀريل آهي. تنهن کان بعد هڪ لڙهه جي صورت ۾ جهالردار ونگن جو سلسلو آهي، جيڪو ور وڪڙ کائيندو اڳتي نڪري وڃي ٿو ۽ انهن ورن ۽ وڪڙن اندر ڪيترن ئي قسمن جون اُڪيرون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. دروازي جي چؤڪاٺي جون ٻانهيون اليڪي سنجٽ سان سينگاريل آهن. ائين جيئن اهي آکڙي اُڪيرون اولهه واري ڀت تي اُڀي نموني چٽيل آهن. جيڪڏهن کين پاسي کان ڏسجي ٿو، ته ليٽيل سنوت ۾ نظر اچن ٿيون (پليٽ 32). اهڙيءَ ريت ان جي وَٽِ واريءَ اُڪير سان ڏاڍوسٻنڌ آهي. هيءُ وڌاوڙو محراب مٿان چؤڪنڊي اڏاوت کان اوچائيءَ ۾ ڪجهه ننڍڙو آهي. سندس الهندي مهاڙي آکڙي ونگن وارين طرزن سان سينگاريل آهي ۽ منجهس وچ تي گل جي تصوير چٽيل آهي. ان قسم جو سلسلو، ليٽيل اُڪير واري طرز ۾، مٿي ۽ هيٺ وارين قطارن اندر ڏسي سگهجي ٿو. محراب جي پٺ جي

تصوير 102 - جان بابا جي مقبري جي ديوار ۾ نظر ايندڙ خانا جن ۾ آکڙي طرز وارن چٽن سان پوپٽ نظر اچن ٿا ۽ مٿان گل جهڙي اُڪير آهي. خانن کي الڳ ڪرڻ وارن پٽين تي به ساڳئي قسم جي اُڪيريل چٽسالي آهي. مٿي ڪارنس تي اُڪير جون ٽي پٽيون آهن.

تصوير 103 - محراب جي پٺئين طرف وارو اولاهيون ۽ ڏکڻ - اولهه وارو پاسو، جن تي خوبصورت خانن واري طرز موجود آهي. جنهن ۾ آکڙي اُڪير واري طرز سان گڏ رکيل پوپٽ آهن، جيڪي گڏوچڙ گلڪاريءَ سان گڏ نظر اچي رهيا آهن.

مٿاڇري تي ٿيل اُڪير واري چٽساليءَ جي گهڻائي نظر اچي ٿي. جيڪڏهن کيس ڇڊي پاڊي اُڪير جي ڀيٽ ۾ ڏٺو وڃي ته سنگتراش جو مقصد چٽيءَ ريت سمجهه ۾ اچي ويندو. محراب من موهڻو آهي. ڏسڻ سان ئي هن ڏانهن هڪدم ڌيان ڇڪجي ويندو. ان قسم جي ضرورت  کي اسلامي طرز واري اڏاوت جي ڄاڻو ڪاريگرن پورو ڪيو هوندو. هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ جوڳي  آهي، ته گجرات جي اڏاوتي فني نموني جيان، اسان کي هتي ڪٿي به وڻ جي اُڪير نظر ڪانه ٿي اچي. هتي اسان کي اهي طرزون نظر اچن ٿيون، جيڪي ترخان دور جي اڏيل عمارتن ۾ موجود آهن.

در وارو لنگهه

ڏاکڻي در واري لنگهه مٿان چؤڪـُـنڊو سردر آهي. جنهن جي چٽساليءَ جو نمونو بلڪل سنڌي آهي. اهو ڀت کان مٿي اوچو ۽ چؤڪنڊي شڪل صورت ۾ وچ تي ڏاڪا، سامهون گهوڙين سان ٺهيل ڇڄو اٿس. ڇڄي جي ٻاهرئين پاسي هيري ڪڻ طرز جي چٽساليءَ جي قطارآهي. اوچي سردر مٿان تاج وانگر ڪنگرن جي قطار هنئي ويئي آهي (نمبر 100). هرهڪ ڪنگري مٿان ستارو اُڪيريل   آهي. اهڙا ڪنگرا کاٻي پاسي کان ڪجهه بچي ويا آهن. محراب جي ان اڏاوت جي ڏاکڻي مهاڙي، اڪيچار قسمن جي اُڪير واري چٽساليءَ سان سينگاريل  آهي. انهن ۾ مکيه ۽ اهم چٽساليءَ جون طرزون ونگ وارن خانن ۾ آکڙي نموني چٽيل آهن. منجهس گلاب جي تصوير اُڪيريل  آهي. اهڙي قسم جي اُڪير پاسي وارين ڀتين تي به ڏسي سگهجي ٿي. ٻين پاسن وارين ڀتين جي اُڪيرن جا نمونا به ساڳي قسم جا آهن. در جي چانئٺ ۾ گول چنڊ جي پٿر (Moon Stone) تي ۽ مٿي سردر تي چؤرس داٻڙيءَ تي اليڪي چٽساليءَ جي وچ تي لهريدارگلن جون تصويرون آهن. هن چؤڪنڊيءَ اڏاوت جي اندرئين پاسي (پليٽ 31) جي اُڪير، مٿئين اولي جي ڀت کان وٺي، در جي سڌائيءَ وارن ونگن وارن خانن تائين ڏاڍي سونهندار سنجٽ ڪئي ويئي آهي. چؤڪنڊن خانن ۽ ڏندائين ونگن وارن چؤڪـُـنڊي خانن ۾ اُڪير جي طرز ساڳي آهي. ٻنهي جي پاسن تي اڀريل طرز جي اُڪير ۾ گل جي تصوير ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ونگڙ جي حصي ۾ نـُـڪرن ۾ عشق پيچان (Ivy) جي ول جي طرز وار چٽ ڏسڻ ۾ اچي  ٿو. ڏسڻ ۾ ايئن اچي ٿو، جيئن ڪو تصويرن جو مها ڄار وڇايل هجي! ڄڻ اهو ڪاشيءَ جي چٽساليءَ جو ڪو نمونو هجي، جنهن کي پٿر جي اُڪير سان بدلايو ويو آهي. خط نسخ ۾ بسم الله ۽ ڪلمي جي لکت کان سواءِ ان چؤڪور خاني اندر تير جي اڻيءَ جيان اڀيچي اُڪير جي طرز پڻ ڏسڻ اچي ٿي. ان اڏاوت جي ٻنهين پاسن کان ونگن جي خانن سان چؤڪنڊا وڏا خانا آهن. محراب جي اڏاوت جي ڀيٽ ۾ ٻانهيون ۽ سردر بلڪل لسا ۽ سادا آهن. ائين ڀائنجي  ٿو، ته اڏاوت جو ڪم اڌ ۾ ڇڏيو ويو آهي.

اندروني چٽسالي

ڀت جي اندرئين پاسي تي به ساڳي نموني جا خانا (نمبر 102) آهن. جڏهن ته مٿئين اولي کان هيٺان وارا اُڪير جا ور وڪڙ ۽ ڪجهه ٻيءَ ڀانت جا آهن. ساڳيءَ ورن جي اُڪير واري چٽسالي عورتن جي حصي ڏانهن اندران ۽ ٻاهران هلي وڃي ٿي. اوڀر ڏس کان ڪجهه ٻاريون اڻ پوريون ڇڏيون ويون آهن.

محراب

محراب (نمبر 101) الهندي واري ڀت تي آهي. ٻنهي پاسن کان وَنگايون دريون اٿس. سٽاءَ ۾ اڌ اٺاس آهي، جيڪو چئن ونگن جي قطار ۽ ٽن ناليسرن جي هيٺان آهي. مقبري جو هيءُ حصو وڌ ۾ وڌ خوبصورت آهي. ساڳيءَ ريت ٻاهران به محراب کي گهڻي کان گهڻو سينگاريو ويو آهي. محراب تي چٽسالي واري اُڪير واضح ۽ فطري  آهي.(پليٽ 36) محراب جي ٻاهرئين پاسي سامهون سنڌي طرز جا ٻه پاوا آهن. ٻه گهوڙيون به جـُـڙيل نظر اچن ٿيون. گهڻو ڪري اهي ڏيئن رکڻ لاءِ ڏياٺيءَ طور بنايون ويون هونديون. پاون جا بنياد چؤرس آهن. مٿن مانڌاڻي نشانن جي اُڪير آهي. پاون جا مٿيان پٿر اٺاس شڪل جا آهن. اُڪير جي لحاظ کان ان کي اڃا به ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، يعني پائي جو پٿر وچ تي هم چورس ۽ پاسن کان اٺاس آهي. هرهڪ اٺاس پاسو زنجيريءَ جي اُڪير وارن چٽن سان سينگاريل آهي. مٿان تاج رکيل اٿس. محراب جي اندرئين ونگ کي اندرئين پاسي کان ڏندڙي لڳل آهي ۽ هيٺان گول دائرن تي اوڀڙ جي چترڪاري آهي. ونگ جي نـُـڪرن ۾ گل اُڪيريل  آهن. منجهس ترخاني قسم جي پن چٽ جي جهجهائي آهي. اهو خانو چؤڪـُـنڊي ورن تي ڏياٽيءَ جي چوڌاري ڦري اچي ٿو. مٿانئس چؤرسن جي هڪ قطار آهي، جن ۾ گلن جون تصويرون اُڪيريل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ٻيءَ ڏندائين ونگ جي وَنگڙَ ۾، جيڪا گڏوچڙ طرز جي لڙهه بڻجي پئي آهي. هڪ چؤڪور ٻاريءَ ۾، گلن جي اُڪيرن سان گڏ چؤرسا به آهن. هتي هڪ وٿي آهي، شايد ڪنهن لکت واسطي ڇڏي ويئي هجي. ونگڙ جي ٻي وٿي اوڀڙ جي طرز وارن چٽن سان ڀريل آهي. مٿان گل جي تصوير آهي. ان کان پوءِ ونگن جون قطارون آهن. پهرين قطار ۾ چؤرس  گل اُڪيريل  آهن. ٻي قطار ڏياٺن وٽان اڀري ٿي، جيڪا اڌ گولن تي مشتمل آهي. هندي اڏاوتي طرز وارن مندرن ۾ اهڙي قطار ۾ هنج پکيءَ جون تصويرون اُڪيريل  هونديون آهن. پر هتي اهڙي قسم جي ڪابه تصوير موجود ڪانه  آهي. ساڳيءَ طرح ڄام نظام الدين جي مقبري (نمبر 71) ۾ موجود ونگ جو قبو آهي. ڪجهه ماڻهو ان ورن واري ونگ کي گجرات جي ڏندائين ونگ(21) سان ڀيٽ ڪن ٿا. پر اهي بنيادي طور ٻه جدا شيون آهن. پوئين مثال ۾ گول قسم جون ونگون پاون تي بيٺل هونديون  آهن. پر هتي اهي پاوا موجود ڪونه آهن. موجوده قسم جي ونگ سنڌي ورن جي آهي. ٽئين ونگ اوڀڙ واري طرز سان آهي ۽ گول دائري واري پن ول تي مشتمل آهي. انهن ورن جون ونگون وري به چؤڪـُـنڊي ٻاري ۾ موجود آهن. ونگ جي نـُـڪرن تي گول گلن جي تصوير اُڪيريل  ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اوڀڙ جي هڪ ڳتيل طرز واري چٽسالي پڻ نظر اچي ٿي، جنهن جو نمونو آکڙي آهي. تيموري دور ۾ ونگن جي نـُـڪرن تي ڪاشيءَ جي سنجٽ خاص عام ۽ مشهور هئي. ان کان پوءِ موڪري چؤڪـُـنڊي ٻاري آهي، جنهن ۾ اندر گول دائرا آهن، هر هڪ جي وچ تي هڪ نقطو آهي، جيڪي هڪ ٻئي کي ڪپين ٿا. آخري پٽي چؤڪـُـنڊي بيهڪ جي آهي، جيڪا ور وڪڙ شڪل واري گهوڙيءَ وٽان شروع ٿئي ٿي ۽ اولي جي صورت ۾ اڳتي وڌندي وڃي ٿي. فرش جي سنوت ۽ پيڙهه وارن بارن کان وٺي مٿي آکڙي ورن جون ونگون آهن، جن ۾ گلن جون تصويرون چٽيل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. مٿي ڇت جي ڀرسان ڪنگرن جي قطار  آهي. قبي جهڙي محراب جي ڇت تي اوڀڙ طرز واري چٽساليءَ جي جهجهائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. محراب جو هيٺيون حصو اڌ اٺاس آهي، جنهن ۾ ليٽيل سنوت وارين ٻارين ۾ به چٽساليءَ جي اُڪير ٿيل آهي. مٿيون چار ٻاريون ويڪر ۾ هڪ جيتريون آهن. هيٺئين قطار مٿي اوچي آهي، جيڪا محراب جي اڌ ماپ جيتري آهي. انهيءَ قطار ۾ جهالردار ونگ آهي، جنهن ۾ اندر گول گل جي تصوير آهي. هيٺان آکڙي صورت سان لڙڪندڙ ڦلو آهي، ڪنڊن تي گول گلن جون ننڍيون تصويرون اُڪيريل آهن. تنهن کان پوءِ هڪٻئي کي ڪپيندڙ گول دائرن جي قطار آهي. ان کان پوءِ گلن جي اُڪير جي قطار اچي ٿي. مٿيون ٻه قطارون سـِـينڌ ونگ اندر آکڙي ورن جون اُڪيرون ڏيکارين ٿيون. وچ واريءَ وٿيءَ ۾ اوڀڙ طرز جي چٽن جي گهڻائي آهي. محراب کي اندرئون سينگارڻ جو طريقو ڄام نظام الدين جي محراب ۾ ليٽيل سنوت جي اُڪير جيان آهي ۽ گجرات جي مسجد واري نموني کان مختلف آهي، جن تي عام طور تي هڪ لڙڪيل طرز يا وچ تي گل جي تصوير اُڪيريل هوندي آهي.22 اهڙيءَ ريت مرزا جان بابا جي مقبري جي ڀت واري مسجد جي اڏاوتي طرز نج سنڌي آهي ۽ آرائش ۾ وري اها ترخاني طرز سان به واسطو رکي ٿي.

قبائين ڇٽي

ان ڪوٽ جي وچ تي ٺاهيل ٽن قباين اڏاوتن جي طرز مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته اهي گجراتي اڏاوتي نموني تي تيار ڪيون ويون آهن. ڪاريگريءَ جي نقطه نگاهه کان اهڙو خيال صحيح نه آهي. مرزا جان بابا جي مقبري (نمبر 100) جا ٽي قبا ارڙهن ٿنڀن تي بنايا ويا آهن. حقيقت ۾ اهي 24 هجڻ کپن ها. اصول موجب اٺ ٿنڀا هرهڪ قبي لاءِ هئڻ گهرجن. پر ان صورتحال ۾ وچين ٿنڀن کي عام استعمال هيٺ آندو ويو آهي. اهڙو ٻيو مثال گجرات جي شهر احمد آباد واريءَ سيد عالم جي مسجد23 جو آهي، جنهن جي قبن لاءِ جدا ٿنڀا استعمال ڪيا ويا آهن. جان بابا جي مقبري (نمبر 104) جا سڀئي ٿنڀا همچورس ۽ لسا آهن. مٿي تاج وٽ ماکيءَ جي مانارن جهڙي اُڪير ڪيل آهي. مٿن چؤمـُـکيون گهوڙيون رکيل آهن. ساڳيو اڏاوتي طريقو ڏيڍيءَ ۾ به ڏسڻ ۾ ايندو. انهن ٿنڀن مٿان سردر رکيل آهن. جن تي ٻاهرئين پاسي تي چؤڪـُـنڊيون ٻاريون ۽ ستارن جي اُڪير ٿيل آهي. اندرئين پاسي (نمبر 105) تي پنن جي اُڪير جون آکڙي ونگون آهن. هرهڪ جي وچ تي هڪ گل چـِـٽيل آهي. سردرن جي ترتيب سان هم چورس نقشي کي اٺاس ۾ بدلايو ويو آهي. ان کان مٿان ونگن وارين جارين، اٺاس کي گول دائري جي شڪل ۾ بدلائي ڇڏيو آهي، جيڪو قبي جو بنياد بڻجي پوي ٿو. چؤڪنڊين ٻارين ۾ واري وٽيءَ سان گل ۽ آکڙي اُڪير جي طرز جي چٽسالي نظر اچي ٿي. اٺ پاسائين سردر تي ڏاڪيدار هم چورس تي گل جي تصوير ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سورنهن پاسائين سردر تي جهالردار ونگون آهن، جيڪي گول لهريدار دائرن ۾ اُڪيريل آهن. ڇت ۾ به لهريدار طرز جي چٽن جي اُڪير ٿيل آهي (نمبر 106) ۽ صفا وچ تي اڀريل گول گل اُڪيريل آهي، جان بابا جو مقبرو وچيون آهي ۽ وچ ۾ ئي سندس قبر آهي. سندس مقبري جي اوچي ڍيڍيءَ وارو قبو پري کان ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

جان بابا جو مقبرو، قبن جي اڏاوت ۾ هڪ نئون واڌارو آهي. جنهن ۾ اڏاوتي فن جون روايتون، ته ساڳيون آهن، پر پٿرن مان حقيقي قبي جي (True dome) تعمير جو هنر نئون آهي. سونهن ۽ سنجٽ واريون طرزون ترخان دور سان تعلق رکن ٿيون. آرائش جو گهڻو نمونو ڪاشيءَ جي سرن تان ورتو ويو آهي. هتي سنگتراشن ڪاشيءَ جي سر جي گلڪاريءَ کي پٿر جي نقش و نگار واري چٽساليءَ ۾ تبديل ڪيو آهي. اهي ڪاريگر ڀت جي مٿاڇري واري چٽ ۽ ڇـُـرَ جا ڏاڍا ڪاڍا هئا ۽ پنهنجي چٽساليءَ واري طرز ۽ نمونن ۾ انفراديت ۽ سدا باغ بهار طبعيت جا مالڪ هئا ۽ اهي اهڙيءَ ڪلا کي برقرار رکي ويا. جيتوڻيڪ انهن عمارتن ۾ ٿنڀن ۽ سردرن واري اڏاوت کي اڳتي وڌايو ويو، تنهن هوندي به سنجٽ ۽ سونهن ۾ اهي هندي اڏاوتي روايتي طرز کان گهڻيون پاسيريون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org