سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار

باب؛ 3

صفحو ؛ 10

 

تصوير 53 - الف - صفا مٿئين پاسي رکيل دريون.

سخارا، گهوڙيون ((Brackets ۽ سنجٽ وارا ڪارنس هندي اڏاوت کان متاثر ته ضرور آهن، پر اهي ان عمارت ۾ عجيب هڪ جهڙائي رکن ٿا. اهڙي ڪابه شاهدي ڪانه ٿي ملي، جنهن مان اهو ثابت ڪري سگهجي ته اهو سامان ڪنهن هندو مندر مان اُکوڙي آندو ويو آهي. سندن ڪاريگري، وقت جي فن سان هم آهنگ آهي. مقبري جي اڏاوت ۾ جيڪڏهن ڪنهن سامان جي ٿورائي آهي، ته سا فقط سياسي غير يقيني واري ماحول سبب آهي، پر هندن وٽان اڏاوتي سامان جي نايابي ان جو ڪارڻ ڪونهي. شاهي قبر تي ڪنهن سنجٽ ۽ سونهن واري پٿرائين لوڙهٽ جي عدم موجودگيءَ لاءِ به ساڳيون ملڪي عدم استحڪام واريون سياسي حالتون ذميوار آهن. ان ناموزون صورت حال جي باوجود به ڄام نظام الدين جي مقبري جي طرز سنڌين جي صدين جي تعميراتي تجربي مان ڦٽي ۽ اُسري نڪتي آهي. ان تعمير جو تصور ۽ بعد ۾ ان تصور کي، پٿر تي اڪيري حقيقت جي روپ ڏيڻ لاءِ ڪاريگرن ۽ ڪلاڪارن پاڻ ارپڻ واري جذبي سان ڪم ڪيو ۽ اهڙي جڳهه تعمير ڪئي، جيڪا سنڌ جي ڏاهپ، ڏانوَ ۽ ڏات جو لاثاني ۽ لافاني تاريخي يادگار  آهي.

اولاهينءَ ڀت جي ٻاهرين مـُـهاڙي

مٿان قبي جي نه هجڻ ڪري هيءَ جڳهه پري کان ائين نظر ايندي  آهي، ڄڻ ته اڌ مان ڪپيل هجي. بهرحال کڻي ڪيئن به هجي، جيڪڏهن اولهه واري پاسي کان ويجهو اچبو (نمبر 48) ته اُهو ڪنهن ٻي اڏاوت کان خالي آهي، پر ان تي ڀانت ڀانت جي اُڪير ٿيل آهي ۽ ٻين به ڪيترين ئي وصفن جي ڪري ڏاڍو من موهيندڙ آهي. وچ تي پٺئين پاسي کان محراب جو وڌاوڙو وڏي اهميت جي لائق آهي ۽ ان وڌاوڙي ديوار کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. ڏکڻ وارو اڌ، در ۽ درين جي سبب ڪري هڪ منفرد ۽ جدا ڏيک ڏئي ٿو ۽ پٿر جي اوساريءَ جي نهرائپ کي هلڪو ڪري ڇڏي ٿو. اتريون پاسو چٽي اُڀريل اُڪيرجي چٽن جي قطارن جو نظارو پيش ڪري ٿو ۽ وڏي هڪجهڙي ڀت کي ڪجهه رنگ ۽ رونق بخشي ٿو. اولهه واريءَ ڀت تي جي سڄيءَ جوڙجڪ ان کي ڏاڍو دل لـَـڀائيندڙ بنائي وڌو آهي.

اتريون اڌ: ڀت جي هن اڌ (پليٽ 17) تي اُڪير جون چوڏنهن قطارون ۽ صفا هيٺ تري ۾ ڏَندا آهن، جن جو رخ هيٺ تي آهي. ڏندن جي مٿان اُڀيون هيري ڪڻ نموني جي اُڪير ڪيل آهي. ان کان پوءِ ٻي قطار ٻـِـٽين هيري ڪڻين جي اُڪير جي  آهي، جن ۾ گل جي ٽـُـڪ ٿيل  آهي. ان کان پوءِ وڏن ڦيٿن جي هڪ قطار آهي، جنهن مان ڪرڻا ڦٽندي ڏيکاريا ويا آهن ۽ هر هڪ ڦيٿي جي چوڌاري گول دائرو نڪتل آهي. تنهن کان پوءِ چوٿين گـُـلن جي آڌين جي قطار انهن جي قطر سان مٿين ليٽيل سنوت جي سڌائي بنجي ٿي. پنجين قطار ۾ خالي چورسن جي اُڪير آهي، جنهن جي وچ ۾ ننڍڙا گل ٽـُـڪ ٿيل آهن. اهو هڪ سر جو نقشو آهي، جيڪو پٿر جي اُڪير ۾ بدلايو ويو آهي. ڇهين قطار ۾ لهريدار هيري ڪڻيون آهن، جن ۾ گل اُڪيريل آهي. ستين قطار ۾ قرآن شريف جون آيتون نسخ خط ۾ اُڪيريل آهن، جنهن کي هيٺئين پاسن کان ئي گولائيءَ تي آڻي شڪل ڏني وئي آهي. اٺين قطار، طرز ۾ ٽينءَ قطار جيان آهي، پر هتي لهريدار گول چڪري جي بدران گل اُ ڪيريل چٽسالي آهي. نائين قطار ۾ گلدان ۽ ٻيگهڙ واري صورت حال ۾ مانڌاڻي نشان ۽ انهن ٻنهي جي وچ تي ننڍڙن پاون جي اُڪير ٿيل آهي. گلدان واري طرز واري چٽسالي گجرات جي مقبول  عام اُڪير  آهي، جنهن جو لاڳاپو اسلام کان اڳ واري دور سان آهي. پر ٺٽي ۾ ان کي پهريون ڀيرو ڏٺو وڃي ٿو. موجوده مثال ۾ گلدان، هڪ سوڙهي منهن سان ڪو ٿانءُ آهي، جنهن ۾ پن ابتيءَ شڪل ۾ هيٺ تي نـِـميل آهن. مانڌاڻي جي صفا وچ تي هم چؤرس شڪل آهي ۽ ان هم چؤرس جي وچ تي گـُـل اُڪيريل آهي ۽ اهي مانڌاڻيون وچ تي ڪجهه چپٿريون آهن. ان قطار ۾ اُڪيريل پاوا ساڳئي طرز جا آهن، جيئن ان جڳهه ۾ ٻئي هنڌ تي به موجود آهن. ڏهين قطار هنج پکين جي آهي، جنهن جي هيٺان ليٽيل نموني تي هيري ڪڻ ۽ مٿان خالي مانڌاڻيءَ جي نشانن واري قطار آهي. هنج پکين جا پـَـرَ ٿورا کليل ۽ سندن چنهبن ۾ ڪنول جا گل جهليل آهن. اهو هندستاني روايتن جو هڪ مشهور موضوع آهي. عام طور تي هنج کاٻي طرف ڏانهن ڏسندا نظر اچن ٿا ۽ بعض هڪ ٻئي جي آمهون سامهون به ڏيکاريا ويا آهن. شروعات ۾ پهرئين هنج پکيءَ جي ڳچي پوئتي وريل  آهي. يارهينءَ قطار جي شروعات هيٺئين پاسي جي ليٽيل چوڪڙي سان يا چؤرس نمونن سان ٿئي ٿي. قطارن ۾ مکيه نمونو سينڌ ونگن وارو آهي. انهن سينڌ ونگن جي وچ تي وٿيءَ ۾ اُڀا چؤڪـُـنڊا خانا  آهن، جن ۾ هيري ڪڻيون اُڪيريل آهن. ونگن جي پاسي جي هيري ڪڻين سان سجاوٽ ٿيل آهي. هرهڪ ونگ جي دائري اندر گل جي تصوير اُڪيريل آهي ۽ هڪ هڪ گل ونگ جي نـُـڪرن تي آهي. ونگ جي نوڪ مٿان به گل جو تاج رکيو ويو آهي. ٻن لسين سادين قطارن کان پوءِ ٻارهينءَ قطار ۾ اُڀي وڻ جي هڪ رواجي طرز واري اُڪير نظر اچي ٿي ۽ ٻيگهڙ تي هڪ آرائشي گول دائرو اُڪيريو ويو آهي. اهو وڻ ڏسڻ ۾ وڪڙ هنيو ويٺل نانگ جيان نظر اچي ٿو، جنهن جو مٿو وچ تي ڏسڻ ۾ ٿو اچي. اهڙي قسم جي اُڪير اسلام کان اڳ واري دور ۾ ٺهيل جڳهن ۾ عام جام ڏسبي آهي. مسلمانن جي جڳهن ۾ اوڀڙ طرز تي پن ول جي چترڪاري جو عام رواج آهي. تيرهين قطار گول دائري جي سلسلي تي ٻڌل آهي. ڪن گول دائرن ۾ ٽه - سڱيون، ڪن ۾ چؤ- سڱيون مانڌاڻيون اُڪيريل آهن. آخري قطار ۾ گلن جي آڌين کي ورجايو ويو آهي. اهڙو ساڳيو نمونو اسان  چوٿينءَ قطار ۾ ڏسون ٿا. اهي سڀ قطارون اڀريل نمونو ۾ ٽـُـڪ ٿيل آهن. انهن ۾ ڪا خاص گهرائي، ته ڪانه آهي، پر اهڙيءَ اُڪير جي سبب ڀت جي لسي ۽ هڪ جهڙي پاسي تي ڄڻ ڪجهه رونق پيدا ٿي پئي آهي. اهي سينگار ۽ سونهن واريون قطارون هروڀرو ڌُڪي تي ڪونه ڪڍيون ويون آهن. انهن جي وچ تي مقرر ماپ تي وٿيون ڇڏيون ويون آهن. اهي قطارون محراب جي پشتي جي چوڌاري موڙن ۽ گولاين جي ڪـَـڍَ ڦري ٿيون اچن. خاص توجهه لائق ڳالهه اها آهي، ته اُڪير جي هر طرز ڀوري مستطيل پٿر جي اڪيلي داٻڙي تي ڪيل آهي ۽ سڄي ساري اُڪير سنڌ ۾ ئي ڪئي وئي آهي. جڏهن پٿر کي اُڪير ڪري پورو ڪيو ٿي ويو، تڏهن ان کي کڻي ضرورت واري جاءِ تي اوساريو ٿي ويو. هن جڳهه جي اترين ۽ اولاهينءَ ڀت جي ڏاکڻين حصي تي ساڳي قسم جون قطارون اُڪيريل آهن. خاص طور تي طرزن جي نمونن جو گهڻو تڻو مدار، وٿين، وڇوٽين ۽ اڏاوتي خوبين ۽ ڳـُـڻن تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

ڏاکڻو اڌ حصو: (پليٽ 16) ڏهينءَ قطار کان سواءِ سڀني اُڪيرن جون قطارون ٻئي اڌ کان هن اڌ ۾ اچن ٿيون. هتي اسان کي هنج پکين جي جاين تي اليڪي هم چورسن جا گڏوچڙ چٽ نظر اچن ٿا. پر ان کان وڌيڪ اها ڳالهه به آهي، ته هتي هڪ مستطيل دروازو به لڳل آهي، جيڪو مقبري جي اندرئين پاسي جي لاءِ لنگهه جو به ڪم ڏئي ٿو، ته ساڄي پاسي ڏاڪڻ ڏانهن به کليل آهي. روشنيءَ لاءِ ڏاڪڻ ۾ ٽي دريون ڇڏيون ويون آهن. اهـا سڄي اڏاوت هڪ قسم جو منفرد منظر پيش ڪــري ٿي. پهريون دروازي جو لنگهه آهي (نمبر 54)، جنهن کي ٻاهرئين پاسي کان ٽي ڏاڪا لڳل  آهن. جيتوڻيڪ ان دروازي ۾ استعمال ٿيل چؤڪاٺو يا چانئٺ اسلامي اڏاوتي فني سفر کان گهڻو اڳ واري سنڌي-  هندو دور سان تعلق رکي ٿي، پر ان تي ٿيل ٽـُـڪ جو نمونو الڳ آهي. دروازي جي پراڻي قسم جي چؤڪاٺي تي، نئين دور سان لاڳاپيل اسلامي اڏاوتي نموني واري چٽسالي ڪئي وئي آهي. دروازي جي مٿئين ڪناري تي عربي لکت موجود آهي، جيڪا اُڀي ۽ ليٽيل سنوت ۾ اُڪيري وئي آهي. اڌ گل جي اُڪير وارو پٿر جو وڌيڪ داٻڙو ڏئي، کاٻي پاسي واريءَ اُڀيءَ لکت کي ڪجهه اڳتي وڌايو ويو آهي. پاسيري قسم جي لکت جي مٿان ڪنگرن سان ڇڄو تعمير ڪيو ويو آهي، جيڪو گهوڙين تي بيٺل نظر اچي ٿو. لکت ۽ ڇڄي جي وچ تي، گل جي آڌين جي طرز چٽيل آهي. هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ ضروري ٿيندي ته گلن جي آڌين جي هيءَ قطار ساڄي ۽ کاٻي پاسي هروڀرو وڌائي وئي آهي، پر هن پاسي کان ڀت جي ڇيڙي تائين ڪانه ٿي پهچي. اُڪير جو اهو فرق آرائشي سامان جي کوٽ کي نه، پر پٿر جي اُڪير وارن ڪاريگرن جي لاپرواهيءَ کي پڌرو ڪري ڏيکاري ٿو. ان هوندي به در جو چؤڪاٺو پنهنجي اصلي ڪاريگري واري تصور جي جهلڪ ڏيکاري ٿو. اهڙي قسم جو ٻيو نمونو ڪنهن به سمي سلطان جي يادگار ۾ نظر ڪونه ٿو اچي. سڀني ۾ جيڪا عام شئي موجود ملي ٿي، سا در جي چانئٺ جي وچ تي چيرولي پٿر جو داٻڙو  آهي (نمبر 55). جنهن جي

تصوير 54 - ڄام نظام الدين جي مقبري جي اولاهين ڀت جي وچ تي لنگهه وارو در، جنهن تي نئين قسم جي  اُڪير واري چٽسالي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪا اسلامي روح جي نمائندگي ڪري ٿي. هيءُ در اسلام کان اڳ واري سنڌي زماني جي اڏاوتي طرز سان پڻ لاڳاپو رکي ٿو، پر ان ۾ ڪي واڌارا آڻي هڪ وڻندڙ تبديلي ڪئي وئي آهي ۽ هڪ مسلمان حڪمران جي جڳهه ۾ ڪتب آندو ويو آهي.

مٿئين پاسي تي گل جي ۽ پاسن کان چوڌاري پن ول جي طـرز واري اُڪير گول دائرن ۾ ڪئي وئي آهي. هن چيروليءَ جي پٿر جي سينگاريل داٻڙيءَ جي ٻنهي پاسن کان ٻه ٻه سورج مکيءَ جا گل گول دائرن ۾ اُڪيريل آهن. در جي چؤڪاٺن جو ساڄو ۽ کاٻو پاسو، هر هڪ پائي جي هيٺئين سنوت وٽان گهڻو اڳتي وڌيل آهي. پائي کي هم چورس بنياد آهي. سڄو پائو مختلف قسمن جي چٽساليءَ سان ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. ڪڏهن ان جا ڀاڱا اَٺاس بڻجي پيا آهن، ته ڪڏهن اهو اٺاس، اُڀن پاسن واري حصي ۾ بدلجي وڃي ٿو. ان جي ڳچي ٻن

تصوير 55 - ڄام نظام الدين جي مقبري جي اولاهين ڀت جي هيٺئين اڌ ۾ رکيل دروازو، جنهن جي چانئٺ وٽ "دونو" (Sill) ڏسجي ٿو. پاسن کان سورج مـُـکي جا اُڪير ٿيل چـِـٽ آهن. چانئٺ وٽ هنيل دونو نرم سفيد پٿر (moon Stone) جو آهي جنهن جي مٿئين پاسي گل ۽ پاسن کان انگڙ ونگڙ تي اُڪير ۽ گول دائرا آهن. چانئٺ وٽ "دونو" هڻڻ جي روايت اسلام کان اڳ واري سنڌي اڏاوتي دور سان تعلق رکي ٿي.

تصوير 56 - اترين ڀت جو ٻاهريون پاسو، جتي هڪ در ٺهيل ڏسجي ٿو پر اهو بعد ۾ بند ڪيو ويو آهي، اولهه واريءَ ڀت کان اُڪير جون پٽيون آهن، جيڪي هلنديون اچن ٿيون. سردر تي هڪ تاريخي لکت پڻ موجود آهي.

سوڙهن منهن وارن  ٿانون سان بنجي ٿي، جن جا منهن هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آهن. پائي جو تاج گلدان سان سينگاريل  آهي. اهڙي قسم جا پاوا سنڌي اڏاوتن ۾ عام جام ڏٺا ويا آهن. پائي کان مٿان ٻه ڪناريون آهن. ٻاهرين ڪناري، ڊگهي زنجير واري طرز تي چٽيل آهي ۽ اندرين ڪناري موتي ۽ ڌاڳي تي ٻڌل آهي. چؤڪاٺي جي اندر پن ول جي اُڪير ڪيل آهي، جهڙيءَ ريت اسان در جي چانئٺ جي وچ تي لڳل چيرولي پٿر جي داٻڙيءَ تي اُڪير ڏسون ٿا. در جي چؤڪاٺي جون ٻانهيون به چڱيءَ ريت سينگاريل آهن، پر بدقسمتيءَ سان ان جي کاٻي پاسي جو مٿيون حصو ڀڄي ڪري پيو آهي. اُڪير جي خوبصورتي ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، جن کي ڪلس لڳل ونگن واري طرز الڳ ڪري بيهاري ٿي. هيٺئين ڀاڱي واري طرز هندي اڏاوتي يادگارن سان واڳيل آهي ۽ عام طور تي جاري اندر مورتي اُڪيريل هوندي آهي، سا چئن مختلف قسمن جي گول دائرن واري طرز تي ٻڌل آهي. هڪ ۾ سورج مکي جي تصوير چٽيل

تصوير 56 - الف - اترين ڀت جو ٻاهريون پاسو، جتي هڪ در ٺهيل ڏسجي ٿو پر اهو بعد ۾ بند ڪيو ويو آهي، جنهن جي سامهون قبر نظر اچي رهي آهي. اولهه واريءَ ڀت کان اُڪير جون پٽيون آهن، جيڪي هلنديون اچن ٿيون. سردر تي هڪ تاريخي لکت پڻ موجود آهي.

تصوير 57 - اوڀر واري ڀت جو ٻاهريون پاسو، جنهن ۾ مٿي ونگ سان هڪ دري آهي ۽ هيٺ، جافريءَ سان دري ڏسجي ٿي. اتر واريءَ ڀت کان اُڪير واري چٽساليءَ سان خوبصورت پٽيون آهن جيڪي سنوت ۾ هلنديون آيون آهن.

 

آهي. ٻئي ۾ مانڌاڻيءَ جي چٽسالي واري اُڪير نظر اچي ٿي. ٽئين ۾ گل ۽ چوٿين ۾ دلچسپ اليڪي شڪليون اُڪيريل آهن. اهي سڀ اُڪيرون اڀي ونگدار خاني ۾ موجود آهن. جيڪو وري اوڀڙ اُڪير واري پن ول واري ٻٽيءَ نوڪدار ونگ سان وڃي ملي  ٿو. هن ونگ جي شڪل صورت ڪجهه آکڙي طرز جي  آهي ۽ پاسن ۾ مانڌاڻي چٽ جي قطار اٿس. مٿئين ڀاڱي ۾ به چؤ - سڱيون مانڌاڻيون ڏسجن ٿيون. انهن مانڌاڻين جي سڱين جي چؤسول جي وچ تي گل اُڪيريل آهي، جيڪو هلندو وڃي گلدان وٽ ختم ٿئي ٿو. ائين جيئن هن جڳهه جي ٻين حصن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سردر مٿان عربي لکت آهي. ٻئي پٿر تي وچ ۾ طغرا خطاطي واري طرز جي خوبصورت ۽ سهڻيءَ لکت ۾ عربيءَ جون ٻه سٽون لکيل آهن. ڄاڻايل قسم جي جوڙجڪ در واري لنگهه جو سينگار ۽ سونهن روايتي هندي اڏاوتي آرائش کان بلڪل جدا ۽ نياري آهي. هتي پراڻي هندي - سنڌي اڏاوتي روايتن کي نئين اسلامي تعميراتي گهرجن پٽاندر بدلايو ويو آهي. اهڙيءَ ريت اهي سڀ نون سڀيتائي سجاوٽي نيمن سان لاڳاپو رکن ٿيون.

ٽنهي درين (نمبر 49) مان هيٺئين دري، دروازي واري لنگهه جي بلڪل مٿان آهي. ان دريءَ جو هيٺيون پاسو، اولهه واريءَ مهاڙيءَ کان عربي لکت جي سنوت سمان آهي. درحقيقت عربي لکت ٻنهي پاسن ڏانهن وڌيل  آهي. دريءَ وارو ٻـُـنڀو هڪ سادي ونگ سان ٻڌل آهي. چوڌاري پٿر جو چؤڪاٺو پيل اٿس. ونگ لسيءَ

تصوير 58 - اترينءَ ڀت تي نظر ايندڙ سنجٽ ۽ سونهن هتي هنجن جي اُڪيريل قطار بدران پٿر جي ٽڪ جو ٻيون طرزون پڻ آهن، جيڪي هتان جي قديم سنڌي روايتن تان ورتيون ويون آهن.

 

ڀانت جي سينڌ ونگ آهي. ونگ جي ٻنهي پاسن کان گل اُڪيريل آهن. ٻيون به ٻه دريون تمام خوبصورتيءَ سان سينگاريل آهن. ٻئي دريون اُڪيريل ڇڄي جي مٿئين پاسي تي بنايون ويون آهن. انهن ٻنهي مان، جيڪا مٿين آهي، تنهن کي جهل ۽ مضبوطيءَ لاءِ خوبصورت گهوڙيون ((Brackets هنيون ويون آهن، پر هيٺيون ڇڄو رڳو ڄڻ ته ڀت مان ٻاهر نڪتل آهي. ٻئي دريون ڀت جي مٿاڇري کان اڳتي ٻاهر وڌايون ويون آهن ۽ ڇڄي جي وچ تي ڪلس به لڳايا ويا آهن. مٿئينءَ دريءَ تي هڪ ڊگهو ڪلس آهي، جيڪو چبوتري جي هم چورس بنياد تي بيهاريو ويو آهي. ان کان هيٺينءَ دريءَ واري ونگ مٿان ٺهيل ڪلس شڪل ۾ پن ول جي طرز سان ٽڪنڊو ۽ ان جي چوڌاري نڪتل گول آهي. هن هيٺئين دريءَ جي ٻاهر نڪتل سطح جيڪا مٿي جهروڪي جي سطح ۽ ڪارنس جي هيٺين پاسن تائين وڃي ٿي ۽ آخر ۾ هڪ ونگ جو نمونو ڏيکاري ٿي، جنهن ۾ اندر وچ تي هڪ ۽ ٻنهي پاسن کان هڪ هڪ گل جي چٽ واري اُڪير ٿيل آهي. درين جا رکيل پاوا مختلف قسمن جا ۽ ڏاڍي خوبصورتيءَ سان اُڪيريل آهن، جن کي ونگن جي ٽيڪ لاءِ ٺاهيو ويو آهي.

ٻئي ويڪري قسم جون ونگون آهن. اُهي پري بيٺل بنيادن مان نڪرن ٿيون، جيڪي واضح ڪونهن ۽ هندي اڏاوتن ۾ اِهي واڳونءَ جي مٿي جهڙا ٿيندا آهن. ٺلهه مختلف اُڪير واري چٽساليءَ جي خوبصورت طرزن سان سينگاريل آهن. مٿينءَ دريءَ جا ٻه پاوا ٻن هم چورس پٿرن جي داٻڙن تي ٻڌل آهن، جيڪي هڪ ٻئي جي مٿان ۽ پن ول واري طرز تي اُڪيريل آهن. اهي ٺلهه اُڪيريل بنياد تي بيٺل آهن، جن جون مهاڙيون هيري ڪڻين سان سينگاريل ۽ چوڌاري موتين جي وٽ ۽ پاسي سان جهالر اُڪيريل آهي. هيٺينءَ دريءَ جو بنياد سادي گولي تي آهي، پر ان جا پاوا هم چورس بنياد تي بيهاريا ويا آهن. اولهه پاسي واري پائي کي گلدان، زنجيريءَ واري طرز ۽ وٽ تي پن اُڪيريل آهن. ساڄي پاسي واري ونگ جي گولائيءَ مٿان ٽي اڀا پن اُڪيريل آهن. ٺلهه جو جانڊل (Shaft) چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. اٺڪنڊي ڀاڱي تي گلدان، گول دائري واري ڀاڱي تي مٿان وري ايندڙ پن، پن ول واري طرز، آخر ۾ گهڻ پاسائون تراکڙو تاج نموني وارو حصو ۽ صفا مٿان نيل آهي، جيڪا هم چورس بنياد تي ٻٽي امليڪي طرز جي چٽساليءَ سان تعمير ڪئي وئي آهي. هي چار پاوا وڏن عام ٺلهن جي تمام ننڍڙي شڪل آهن. اُڪير جو ٻيو قسم اليڪي شڪليون ۽ پن ول واريون طرزون  آهن، جيڪي ڀت جي مٿانهين حصي تي اُڪيريل آهن ۽ ان ساڳي ئي قطار ۾ اولاهينءَ ڀت جي اترئين حصي ۾ پٿر جي هم چورس داٻڙن تي هنج پکين جون مورتيون اُڪيريون ويون آهن. اهي بي شمار طرزون ٻڌائين ٿيون، ته ڪاريگرن وٽ چٽ جي نت نون نمونن جو ڪو ڀانڊو ڀريل هو.

آرائشي پـُـشتي/ پـُـشتو

هيءُ ٽن پاسن واري مستطيل اولهه واري ڀت جي پٺئين پاسي محراب جي وڌاوڙي جي مٿان تعمير آهي، مٿي ڊگهائيءَ ۾ به ٽن پاسن ۾ ورهايل آهي. هيٺيون پاسو، پيڙهه کان وٺي در واري لنگهه جي مٿئين پاسي تي مشتمل آهي، جنهن جي مٿان اُڪيريل ڄاري وارو ڇڄو آهي. وچيون حصو51 نسبتاَ دريءَ جي سنوت جي برابر آهي. پاون جي وچ تي بي انتها خوبصورت چٽساليءَ سان اُڪيريل خانا آهن ۽ پاسن تي ٻنهي ڪنڊن وٽ پٿر جا ٺهيل سخارا (Sikhara) آهن جن جي مٿان ور وڪڙ گهوڙين جي آڌار تي بيٺل ڇڄي جي ٻي قطار آهي. اها سڀ کان آخري منزل آهي،52 جيڪا ڇڄي تي بيٺل ونگن سان جهروڪي تي ٻڌل آهي، جنهن تي مٿي وڃڻ لاءِ ساڄي پاسي کان ڏاڪڻ رکي وئي آهي. هن مقبري ۾ ڏاڪڻ بنائڻ جو مقصد چٽو ڪونه آهي، پر اسان سما دور جي ٻين جهڳن ۾ به ڏاڪڻ موجود ڏسون ٿا. تنهنڪري ائين سمجهڻ هڪ معقول ڳالهه ٿيندي، ته جهروڪو ضرور ڪو ڪارائتو مقصد سرانجام ڏيندو هوندو.

هن جڳهه جي وچئين حصي کي اسلام کان اڳ واري سنڌي - هندي اڏاوتي طرز جي تعمير جيان جوڙايو ويو آهي. هن جڳهه جي وچ تان ٺلهن جي بنيادن وٽان هيٺان گولي جو کسڪو ڏنو ويو آهي جيڪو ڪجهه فاصلي تائين، اڳتي پاسن وارين ڀتين تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ساڳي نموني سان مٿيون گلتيءَ وارو کسڪو، گولي جي کسڪي جيان ساڳين ڀتين جي فاصلن تائين نظر اچي ٿو. ساڳي طريقي سان چوڪن ۾ ونگدار خانا آهن، سي  به هلندا ساڳيءَ حد تائين پهچن ٿا. انهن خانن ۾ وچ تي اندر وڏن ۽ نـُـڪرن تي ننڍن گلن جي چٽن واري اُڪير آهي. انهن  پٿراون چوڪن تي ڀانت ڀانت جي چترڪاري آهي. انهن خانن جي مٿان به مختلف کسڪن جو سلسلو آهي، جيڪو هيري ڪڻين جي قطارن سان ٻيگهڙ تي رکيو ويو آهي. اهڙو چٽساليءَ جو نمونو ٻن پاسن تائين هليو اچي ٿو. پر مٿيون ڇڄو اڳتي هلي وڌاوڙي وٽ پهچي ختم ٿي وڃي ٿو. هيٺئين کسڪي جي هيٺان، چؤڪڙين، سورج مکي ۽ گلن جي آڌين جي خانن جون قطارون آهن، جيڪي پاسي وارين ڀتين ڏانهن ساڳي نموني هليون ٿيون وڃن. هيٺ فرش کان ٿورو مٿان وري به خانن ۽ هيٺ پيڙهه واري بار سان هيري ڪڻين جي آڌين جون قطارون آهن، جن جا منهن هيٺ تي آهن. هيٺئين طرف واري سجاوٽ تمام سادي آهي ۽ ان ڀت واري پاسي تي چٽسالي جي طرز ان اولهه واريءَ مهاڙيءَ جي ڏاکڻين دروازي جي نموني جهڙي آهي.

وچ واري حصي ۾ به ٽي خانا آهن، جن جي مهاڙي اولهه طرف آهي، جن کي لڳل پاوا ۽ پاسن وارا خانا الڳ ڪري بيهارين ٿا. اهي اسان کي ٻن مهڙجي ڪنڊن جي بلڪل پورِن جاين وٽ ٻه چتونءَ جي چهنب جهڙا وريل سخارا  (Sikhara) ڏسڻ ۾ اچن ٿا. يعني انهن جي چوڌاري گولائيءَ تي وريل ليڪون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ ان جي هيٺئين پاسي تي اُڪير جي نادر نموني جي چٽساليءَ جو ڪم ٿيل آهي. اهي سخارا هندن جي اڏاوت ڪيل ڪنهن جڳهه مان نه آندا ويا آهن. ان جي ثابتي اها آهي، ته انهن جي اُڪير هڪ سار يڪي نموني جي آهي. انهن سخارن کي وچ تي ڏاڪڻ تي وڌاوڙو آهي. مٿئين پاسي گلدان اٿس. وٽ تي اڀي طرز تي پن ول  آهي. اُڀي ڳچيءَ سان سندس پڄاڻي ٿئي ٿي، جنهن جي مٿان رکيل تاج جي هر پاسي تي گلدان جي تصوير اُڪيريل آهي. هن تاج وٽ ئي لڏڪڻن کي هيٺان جهلون ڏنيون  ويون آهن،  جيڪي پن ول جي اُڪير ۾ ڄڻ لڪي ويا آهن. اهي هڪ ٻئي پٺيان ٻن ڇڄن جي سلسلن جو مدار بڻجي پيا آهن، جيڪي ڪـُـنڊن کان ٻاهر نڪري موڙو کائي پاسن ڏانهن هليا وڃن ٿا. هيٺئين پاسي واري ڇڄي کي مٿئينءَ وَٽِ تي هيري ڪڻين ۽ مٿئين پاسي واري ڇڄي تي سورج مکيءَ جي گلن جي چٽساليءَ سان اُڪير ٿيل آهي. ٻنهي ڇڄن جي وچ تي چؤرسن جي طرز جي ٽـُـڪ ٿيل آهي. اولهه پاسي وارن ٽن ونگن وارن خانن ۾ مختلف قسمن واري چٽن جي اُڪير ڪئي وئي  آهي. هر چٽساليءَ جي طرز ڪاريگري فن جي لحاظ کان تمام اعليٰ  آهي. وچون خانو سڀني کان وڏو آهي، جنهن ۾ پاون جي وچ تي اُڪيريل چؤرسن جي ونگ آهي. انهن اُڪيريل چؤرس داٻڙين ۾ مانڌاڻي نشانن جي چؤسول تي گلن جي چترڪاري ٿيل آهي. اهي داٻڙا سـِـينڌ - ونگ جي لاءِ ٽيڪ به بنجي ٿا پون، جنهن جي ٻاهرئين پاسي کان چوڌاري سورج مکي گلن جي اُڪير ڪئي وئي آهي. ونگڙ ((Tympanum جي وچ تي وڏو گل اُڪيريل آهي. ان کان هيٺيان اڀيءَ پٽيءَ ۾ چئن پنکڙين وارا پنج گل آهن، جن جي وٽ تي زنجير واري طرز جي چٽسالي اُڪيريل آهي. کاٻي ۽ ساڄي طرف وارن پاون ۾ خوبصورت طرز سان اُڪيريل پٿر اهڙيءَ ريت جوڙيو ويو آهي، ڄڻ اُڪيريل ٿانوَ پيا ڏسڻ ۾ اچن، جن کي واري سان هڪ ٻئي جي مٿان هڪ سٽاءَ ۾ رکيو ويو آهي. سڀ کان مٿان تاج تي گلدان رکيل آهي، جيڪو ساڳئي قسم جي بنياد تي ڌريو ويو آهي. هن خاني جي هيٺئين پاسي وچ تي، گلدان کي ساڳئي قسم جو بنياد آهي. جيڪو پيڙهه واريءَ دڪيءَ کان مٿان، چٽي نموني سان وڌيل آهي، جنهن ۾ سامهون واري طرف کان هيري ڪڻيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ ڪناريءَ تي گلدانن جي جهالر نمايان آهي. ساڄي ۽ کاٻي طرف وارا پاوا ڄڻڪ اندر تي بيٺل ڏيکاريا ويا آهن ۽ ونگڙ ((Tympanum ۾ گول گل اُڪيريل آهي. انهن گلن کي هيٺينءَ آرائش کان الڳ ڪرڻ واسطي، ليٽيل سنوت ۾ ننڍڙن گول گلن جون ٽي قطارون هنيون ويون آهن. ساڄي پاسي واري خاني جي اُڀيءَ وٽ ۾ ست گلدان ڏسي سگهجن ٿا. کاٻي پاسي واري خاني ۾ ڏاڪن واري شڪل ۾ اُڪيريل چورسن ۾ سورج مکيءَ جي گلن جي اُڪير ٿيل ڏسجي ٿي. ڇيڙن وٽ ٺهيل پاوا، هر قسم جي اُڪير کي گڏائي بنايا ويا آهن، جيڪي مٿي اچي ويندڙ ليڪن کي نئين سونهن ڏَين ٿا. پاوا ان چوڪاٺي کي به ٽيڪ ڏين ٿا. جن جي وچ ۾ ونگ ٻڌل آهي. وچ وارا پاوا ٻن نانگ وڪڙ قسم جي جهلن يا گهوڙين کي ٽيڪ ڏئي مضبوط ڪن ٿا، جن جي وٿين تي پن ول واري چٽن جي ڪناري لڳل آهي. اهي جهلون يا گهوڙيون هم چؤرس تاجن کي ٽيڪو ڏيو بيٺيون آهن. جن جي ڪنڊن کي اوڀڙ جي اُڪير سان سينگاريو ويو آهي. خانن جي پاسن ۾ ونگ وارن خانن اندر مختلف قسم جي چٽسالي واري اُڪير ڪيل آهي ۽ خانا چوڌاري خوبصورت پاون سان گهيريل آهن. هن وچئين خاني جو مٿيون پاسو ڏاڍو سهڻو ۽ موڪرو  آهي، جنهن ۾ اُڀي ۽ ليٽيل سنوت واري چٽن واري اُڪير اهڙي، ته بهتر توازن واري انداز ۾ ڪئي وئي آهي، جو ان جي جهلڪ مان روشنيءَ ۽ پاڇي جو تاثر اڀري ٿو. هن سڄيءَ اُڪير جو مقصد، ڀت جي مٿاڇري تي اُڪير ذريعي مختلف خانا ۽ نمونا پيدا ڪري، ان جي نهرائپ کي گهٽائي هلڪو ڪرڻ آهي.

سڀ کان مٿان هوادار جهروڪو آهي. منجهس ونگن سان کليل دريون هنيل آهن، جن جو بنياد ڇهن جهلن جي ٽيڪي تي بيٺل آهي جن مان هرهڪ پاسي تي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ ۽ ٻه سامهون آهن. هر هڪ گهوڙي ((Bracket هڪ ڊگهي پٿر جي سانگڙي آهي، جنهن جي ٻاهرئين پاسي تي ڇيڙي وٽ ونگوڙا چٽيل آهن. پاسن تي هلڪي اڀريل طرز تي مختلف قسم جون اُڪيرون چٽيل آهن. ڪشادي دڪيءَ (Platform) کي سامهون واري پاسي کان  ڇيڙي کان هيٺئين طرف اوڀڙ جي اُڪير جي جهالر لڳل آهي، ساڄي يا کاٻي طرف تي اُڪيرن جا مختلف نمونا  آهن. پر وچ وارو پاسو اڻ پورو آهي. تنهنڪري ڪجهه لسو ۽ ٻسو پيو لڳي. مٿئين پاسي جي کاٻي ۽ ساڄي طرف ڏوريءَ جهڙي وٽ واري آرائشي اُڪير جي وچ ۾ ۽ هيٺئين پاسي اوڀڙ يا پن ول واري اُڪيرجي ڀرسان، چار اُڪيريل دائرا مانڌاڻي واري طرز آهي جن کي الڳ ڪرڻ لاءِ وچ تي ٽي کڙا ۽ اُڀا اُڪيريل نشان ڏنا ويا آهن. هن دِڪي جي مٿان اٺ اُڪيريل ٺلهه ٺهيل آهن، جيڪي ونگن سان تعمير ٿيل ٽن درين ۽ ونگن سان جوڙيل ٻن خانن کي ٽيڪ ڏيو بيٺا آهن. سامهون واري پاسي تي چٽن جي بناوت واري وٽيءَ سان ٿيل آهي ۽ هرهڪ ڪنڊ تي هڪ دري آهي. ونگن واري خانن کي اندرئين پاسي به چٽسالي واري اُڪير سان سينگاري سهڻو ڪيو ويو آهي. پاوا ڀانت ڀانت جا آهن، جيڪي ڇٽيءَ وارن مقبرن ۾ ڪم آيل پاون کان بنهه ٻيا ۽ نيارا آهن. کاٻي پاسي ڪنڊ ۾ لڳل لسو ۽ سادو پائو ڏسي تعجب ٿئي ٿو. شڪ ٿئي ٿو، ته شايد بعد ۾ اصليءَ کي تبديل ڪري ان جي جاءِ تي ٻيو هنيو ويو آهي. باقي رهيل پاون کي مٿئين پاسي تي ڊگهي ڏوريءَ واري طرز تي اُڪيريو ويو آهي. سندن بنياد هم چورس آهن، جن تي به گلدان ۽ وري مانڌاڻي وار نشانن جي چٽسالي آهي. مٿان کان ٿورو هيٺ ڀرو ونگ جي وچ تي ونگڙ ۾ گول گل جي اُڪير ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پاون جي تاجن هيٺان سندن لڪدار ڳچي ڪيترن کسڪن ((Mouldings سان سينگاريل  آهي. پاون جي تاجن کي هيٺان اُڀ ڳاٽي گهوڙي هنئي وئي آهي. ونگن لڳل خانن ۾ ونگڙ ((Tympanum واري ڀاڱي ۾ گل جي چٽن واري اُڪير آهي. اهڙيءَ ريت ڪـَـنڊي جي ٻنهي پاسن تي نـُـڪرن (Spandreis) تي به گلن جو ڇٽُ ڏسجي ٿو. وچ واري دري پاسن وارين درين کان موڪري آهي. سڀئي ونگون مستطيل بيهڪ ۾  آهن. هر هڪ کي جدا ڪري بيهارڻ لاءِ  پاون جي مٿان تاج وٽان ٿوري واريءَ جو نشان ڏنل آهي ۽ ونگن وارن خانن جي مٿان ٻيا هم چورس خانا به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. سڀئي سينڌ ونگون (Lancet Arches) آهن.

مجموعي طور تي اولاهينءَ ڀت جي پٺئين پاسي تي اُڪير جو گهڻ رخو ۽ نفيس ڪم ٿيل  آهي. ڀت جي پٺئين پاسي محراب جي مٿان، اُڪير جو ڪم ڪيترين ئي قطارن جي صورت ۾ هوريان هوريان ٿي مٿي اڀرندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن ليٽيل سنوت واريءَ هڪ جهڙائيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. مٿي اُڀين قطارن جي اُڪير جو، ڀت جي پاسي تي ٿيل ليٽيل سنوت وارين سفيرن جي چٽساليءَ سان گڏيل  سٽاءُ، اڏاوت جي سنجٽ ۽ سونهن جي طرزن ۾ وڻندڙ پوتا ميل رکي ٿو. ان کان سواءِ اسلام کان اڳ واري لاڳاپيل سنڌي تعمير جي طرز جهڙوڪ: سخارا، گهوڙيون ۽ پاوا، جن کي ونگن وارين درين ۽ خانن ۾ گهڻو تڻو استعمال ڪيو ويو آهي، تن جي پاڻ ۾ هم آهنگيءَ جي سلسلي کي ڪٿي ڇـِـڳو ڪونه ويو آهي، پر ان جي برخلاف انهن عنصرن ڪـُـنڊن کي وڌيڪ سهڻو ۽ من موهڻو بنائي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ڀت جي لسي مٿاڇري تي اُڀي نموني وڌاوڙي جي صورت به ڏني  آهي. اهي سنڌي - هندي اڏاوتي فني سجاوٽ ۽ سونهن وارا عنصر خانن واري آرائش کي وڌائڻ ۾ وڏي هٿي ڏين ٿا ۽ ٽن قطارن ۾ هوريان هوريان ٿي اڀرندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جهڙوڪ: هيٺ ننڍن خانن جي صورت ۾، وچ تي وڏن خانن واري شڪل اندر، اهائي سونهن مٿي وري درين جي صورت ۾ موجود آهن. عمارت جي وچ تي، جهروڪي جي تعمير جاءِ جي نهرائپ کي ڄڻ هلڪو ڪري وڌو آهي. تعمير ۾ مٿئين درجي جي پاسي ۾

تصوير 59 - اتر واريءَ ڀت جي هيٺئين پاسي جي اُڪير ۽ سنجٽ، جنهن ۾ هم چورس اُڪير وري ڏاڪن وانگر رکيل آهي جيڪا هڪ گل جي قطار جي چوڌاري ڦري اچي ٿي. ان کان پوءِ وري به گل جهڙي اُڪير جي قطار آهي  جنهن جي چوڌاري هم چورس اُڪير واري چٽن جي طرز ڦري اچي ٿي. در جي چؤڪاٺي جي چوڌاري به گول دائري جي پٽي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org