سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: هندستان جي تواريخ

باب؛ -

صفحو ؛ 9

ميجر لارينس ۽ محمد علي

 

15- پوءِ ميجر لارينس ۽ ڪلائيو ٽرچناپليءَ تي چڙهي ويا ۽ سخت جنگ کان پوءِ فرينچن کي مات ڪري اُنهن کي قيد ڪياءٌ. ٽرچناپلي سندن هٿ آئي ۽ اُنهن پنهنجي رفيق محمد عليءَ کي ڪرناٽڪ جو نواب ڪيو. چندا صاحب تانجور ڏي ڀڄي ويو ۽ اُنهي ملڪ جي مرهٽي راجا مارائي ڇڏيس.

16- پوءِ ڪلائيو اِنگلنڊ ڏي ويو؛ ڇاڪاڻ جو هن اهڙو ڪشالو ڪيو هو، جو هو تمام ناچڱو ٿي پيو هو. اِنگلنڊ جي بادشاهه هن کي لشڪر ۾ ڪرنيل جو درجو ڏنو ۽ ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ هيري جي مُٺِ سان 500 پائونڊن جي ترار اِنعام ڏنيس. هو ڌن وارو ۽ هاڪارو ٿي پيو ۽ انگريزن هن تي ”ارڪاٽ جو پهلوان“ نالو رکيو.

17- تهانپوءِ انگريزن ۽ فرينچ ڪمپنين سخت حڪم جاري ڪيا ته سندن نوڪر اڳتي نه وڙهن. ڊيوپلي کي موٽي فرانس ڏي ڪوٺائي ورتائون، ۽ صلحَ ڪيو ويو.

18- مدراس کي هاڻي ڪوبه خطرو ڪونه رهيو. انگريزن کي اڃان به ڪو ملڪ جو ڀاڱو پنهنجي حوالي ڪونه هو ۽ نڪي ڪو وري طلبيائون ٿي. مگر کين پوريءَ طرح جنگي قواعد سکيل لشڪر هو جنهن ڪلائيو جي هٿ هيٺ پاڻ موکيو هو. اِنهيءَ لشڪر جي وسيلي پنهنجي دوست ڪرناٽڪ جي نواب، محمد عليءَ جا جيڪي دشمن ها تن کي ماري مات ڪيائون ۽ هو هاڻي ميجر لارينس جي بچاءَ هيٺ تخت تي بي اونو ٿي ويٺو. فرينچ بُسيءَ جي هٿ هيٺ اڃا تائين حيدرآباد ۾ تمام زور ها ۽ کين نظام وٽان ناردرن سرڪارس (اُتر سرڪار وارا ضلعا) ملي چڪا ها. اُتي سندن مکيه شهر هو مسليپٽم، جتي کين هڪ مضبوط قلعو هو.

 

 

40- ڪلڪتي جو بلئڪ هول (اوُنداهي ڪوٺي)

      1756 عيسوي

Text Box: سراج الدوله
1- مغل شهنشاهن جي ايامڪاريءَ ۾ بينگال کي صوبو ۽ اُن جي حاڪم کي صوبيدار ڪري ڪوٺيندا ها. دهليءَ ۾ نادر شاهه جي ڦرمار کان پوءِ هڪڙو جنگي جوڌو پاڻ کي ملڪ جو مالڪ بنائي ويهي رهيو. ڪلڪتي ۾ جيڪي انگريزي واپاري ها تنجو هو دوست هو ۽ کين پاٽنا ۽ ڊاڪا ۾ ڪوٺين کولِڻ جي اجازت ڏنائين. ڪلڪتي کان اٽڪل هڪ سو ميل پري مرشدآباد ۾ گادي مقرر ڪري ساري ملڪ جو انتظام چڱو رکيائين.

سراج الدوله

 

- سنه 1756ع ۾ علي وردي خان بنگالي جو نواب مري ويو ۽ سندس پوٽو سراج الدوله (رياست جو ڏيو) هنجي گاديءَ تي ويٺو. هو جوان مڙس هو؛ هن جي عمر ويہ ورهيه هئي ۽ محلات ۾ نپنو هو، جتي جيڪي ٿي گهريائين، سو ٿي مليس. ٻاهر جهان ۾ ڇا ٿو هلي، تنهنجي هن کي ڪا خبر ڪانه هئي؛ هو جهڙو هو هيڻو ۽ مورک، تهڙو وري هو بي رحم ۽ پنهنجي مرضيءَ تي هلڻ وارو. هو انگريزن کي ڌڪاريندو هو ۽ ڪلڪتي کي لُٽي پاڻ کي ڌن وارو ڪرڻ لاءِ ٿي سڪيو. ڇو ته هن ٻڌو هو ته هن شهر ۾ دولت تمام گهڻي آهي.

3- اڃان هو گاديءَ تي ويٺو ته انگريزن سان جهيڙو لاتائين. فورٽ وليم جون ڀتيون مرمت ٿيون هيون؛ ڇاڪاڻ جو انگريزن جي گورنر ٻڌو هو، ته فرينچن سان وري سگهوئي جنگ لڳندي ۽ هن کي ڊپ هو ته چندرنگر وارا فرينچ اُن قلعه تي ڪاهه ڪندا. نواب هن کي چيو ته ڀتيون ڊاهي ڇڏيو. هن ورندي ڏني ته آءٌ اِئين ڪري نٿو سگهان. اِئين ڪندس ته ڪلڪتو پوءِ وس ٿيندو فرينچن جي.

4- اڃا هيءَ ورندي هن جوان نواب کي پهتي ته هو تپي باهه ٿي ويو ۽ پنجاهن هزارن ماڻهن جي لشڪر سان ڪلڪتي تي ڪاهي ويو. قلعه ۾ فقط 170 سولجر ها ۽ اُنهن مان ورلي ڪنهن ويڙهه ڪئي هئي. اُنهن کي

ڪلائيو جهڙو همت وارو اڳواڻ به ڪونه هو. جئَن ٿي سگهين، تئَن چن ڏينهن تائين هنن پنهنجو بچاءُ ڪيو ۽ پوءِ اڪثر سِوِلين (مُلڪي سَنَدي عملدار) زالون ۽ ٻار نديءَ تي جيڪي جهاز بيٺل ها، تن ۾ چڙهي ڀڄي ويا؛ ۽ جيڪي ماڻهو باقي رهيا، اُنهن قلعو کڻي سونپيو، هن انجام تي ته کين جيدان ملندو.

5- پوءِ نواب وڃي سمهي رهيو ۽ پهري وارن 146 قيد ٿيل ماڻهو سڀ هڪڙيءَ ننڍيءَ ڪوٺيءَ ۾ کڻي پوريا، جنهن ۾ اڳي رڳو هڪڙو ماڻهو قيد رکندا ها. هوءَ ڪوٺي جهڙي هئي گرم، تهڙي هئي اونداهي؛ تنهنڪري اُها ”بلئڪ هول“ جي نالي سان پڌري آهي. ايترن ماڻهن کي اهڙيءَ ننڍڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ پورڻ، ڄڻڪ اُنهن کي موت جي منهن ۾ ڏيڻو هو. هو ويچارا باندي هَوا نه هجڻ جي ڪري جئَن ٻوساٽجي هڪ ٻئي پٺيان مرندا ٿي ويا، تئَن نواب جي ڪٺور سپاهين اُنهن کي مرندو ڏسي پئي کليو.

6- ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهين بنديخاني جو در کليو، تڏهن رڳا 22 مرد ۽ هڪ زال جيرا نڪتا. 123 ماڻهو جي رات جو مري ويا ها تنجا مڙهه اُڇلائي کڻي کڏ ۾ وڌائون.

 

41- پلاسيءَ جي جنگ

      1757 عيسوي

سنه 1856ع ۾ يورپ ۾ انگريزن ۽ فرينچن ۾ وري اچي جنگ لڳي. اُن جي شروع ٿيڻ کان ٿورو وقت اڳي ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ ڪرنيل ڪلائيو کي جو هاڻي بلڪل چڱو ڀلو هو، ڏياري موڪليو ته هندستان ۾ جيڪو سندن لشڪر هو، تنهنجو هو مهندار اچي ٿئي. هيءُ اڃا مدراس ۾ اچي پهتو ته ڪلڪتي جي وٺجڻ جي به خبر اچي رسي.

2- مدراس ۾ جيڪي انگريز ها؛ تن جڏهين اِها افسوس جهڙي خبر ٻڌي، تڏهين دک ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا ۽ ڪلڪتي جي وري وٺڻ ۽ پنهنجي ديسي ماڻهن جي وير وٺڻ جو ٺهراءُ ڪيائون. ڪرنيل ڪلائيو ٿيو خشڪيءَ جي لشڪر جو مهندار ۽ ائڊمرل واٽسن ٿيو جنگي جهازن جو اڳواڻ. ڪلڪتي جي دريائي مسافريءَ ۾ ٽي مهنا لڳي ويا ۽ جڏهين انگريزي لشڪر لٿو، تڏهين هڪڙي به ماڻهوءَ جي نقصان ڌاران فورٽ وليم ورتائون. پوءِ اُتان هو ويا هوگليءَ، ۽ اُهو شهر به ورتائون.

3- پوءِ سراج الدوله اَچي ڊنو، هن انگريزي قيدي ڇڏي ڦٽا ڪيا؛ ۽ صلح لاءِ چيائين. هن انجام ڪيو ته انگريزن جا جيڪي نقصان ٿيا آهن سي آءٌ ڀري ڏيندس پر اُنهيءَ ساڳئي وقت وري هن چندرنگر وارن فرينچن ڏي لکيو ته مون کي اچي واهر ڪريو. ڪرنيل ڪلائيو کي ستت خبر پئجي ويئي ته نواب مون کي ٺڳي ٿو. هو چندرنگر تي چڙهي ويو ۽ وڃي ورتائينس.

4- سراج الدوله کي گاديءَ تي ويٺي اڃا هڪ ورهيه مس ٿيو هو، پر هن حڪومت اهڙيءَ خراب طرح هلائي ۽ پنهنجي رعيت سان اهڙي بي رحمي ڪيائين جو هوءَ منجهانس بلڪل ڪڪ ٿي پيئي ۽ مرضي هيس ته هن مان جند ڇڏايان. سندس مکيه عملدارن مان ڪن هن کي گاديءَ تان لاهڻ ۽ سندس سپه سالار مير جعفر کي اُن جي جاءِ تي وهارڻ جو منصوبو ڪيو. مير جعفر ڪرنيل ڪلائيو ڏي لکيو ۽ هن جي مدد گهريائين. هن هيءَ انجام ڪيو ته جي انگريز نواب تي ڪاهي ويندا ته آءٌ گهڻي لشڪر سان توهان سان اچي گڏبس.

5- پوءِ ڪرنيل ڪلائيو پنهنجن ماڻهن سان اُتر پاسي اُٿي هليو. سراج الدوله پنجاهه هزار پيادي لشڪر، 18000 گهوڙي سوارن، پنجاهه توبن ۽ ٿورن فرينچ سولجرن سان پلاسيءَ وٽ لٿو پيو هو، جو مرشد آباد ۽ ڪلڪتي جي وچ ۾ هڪ ڳوٺ آهي. ڪلائيو کي يارهن سو انگريزي سولجر، ٻه هزار سپاهي ۽ 10 هلڪيون توبون هيون. جنگ 23 جون 1757ع جي ٿي. مير جعفر جئفن اَنجام ڪيو هو، تئَن انگريزن سان ڪين اَچي گڏيو هن ڀرسان بيٺي ڏٺو ته ڪهڙو طرف ٿو کٽي. سڄو ڏينهن انگريزن دشمن تي توبن جو وسڪارو ڪيو ۽ منجهند کان پوءِ، 3 وڳي مهل، اُنهن مان گهڻا ڊڙيا رکيا ها؛ ڪلائيو پنهنجن ماڻهن کي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

 

مير جعفر

 

6- ڪلائيو پوءِ مير جعفر سان گڏجي ويو مرشدآباد ۽ اُتي وڃي کيس نواب مقرر ڪيائين. شهر جي ماڻهن کي، آرڪاٽ جي ماڻهن وانگي ڊپ لڳو ته متان انگريز به افغانن ۽ تاتاري لوڪن وانگي شهر ۾ ڦرمار مچائي ڏين، مندر ڊاهي ناس ڪن ۽ قتل عام ڪن. ڏاڍو عجب لڳن جڏهن ڏٺائون ته انگريزي لشڪر شهر جي ٻاهران ويهي رهيو ۽ ڪنهن کي به ايذاءِ ڪونه رسايائون.

ميران

 

7- سراج الدوله ڀڳو، پر هڪڙي ماڻهو، جنهن جو هن هڪ ڀيري نڪ ڪپيو هو، جهلي وڌس. هن کي مير جعفر جي پٽ ميران وٽ وٺي ويا ۽ هن مارائي ڇڏيس. انگريزن جي مدد جي عيوض نئين نواب هنن کي سڀ نقصان ڀري ڏنا ۽ ڪلائيو ۽ ٻين انگريزي عملدارن کي وڏيون بخششون ڏنائين،ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي ڪلڪتي جي چوگرد ملڪ جو ٽڪر ڏنائين.  جنهن کي 24 پرگنا ڪري ڪوٺيندا آهن ۽ ٻن ورهين پڄاڻا اُنهي ملڪ جي ڍل جا کيس ڪمپنيءَ کان ملڻي هئي، سا هن ڪلائيو کي ڏني ۽ اُنهن بخشش ملڻ ڪري ڪلائيو ڏاڍو شاهوڪار ٿي پيو. اُن کي  ڪلائيو جي جاگير ڪري سڏيندا ها. ڪلائيو جيسين جيرو هو، تيسين ڪمپني هن کي اِها ڍل ڏيندي ايندي هئي. پهرائين نه پهرائين جو انگريزن کي هندستان ۾ ملڪ پڙپيو، سو اِهو ۽ بنگالي کاتي جو بنياد به اِهو هو.

 

42- فرينچن کي آخرين ڌِڪو

     ( 1756 عيسوي کان 1763 عيسوي تائين)

1- يورپ ۾ 1756ع کان 1763ع تائين ڪيترين قومن جي وچ ۾ هڪ وڏي ويڙهه لڳي، جنهن کي ستن ورهين واري ويڙهه ڪري چوندا آهن. اُنهيءَ ويڙهه ۾ انگريز فرينچن سان وڙهيا.

2- جڏهين هيءَ ويڙهه لڳي، تڏهين ڪرنيل ڪلائيو اڪثر ساري انگريز لشڪر سميت بنگالي ۾ هو. هن هڪدم چندرنگر ورتو، اِنهيءَ ڪري فرينچن کي اُتر هندستان ۾ ڪا بيٺڪ ڪانه هئي. ڏکڻ هندستان ۾ نڪي انگريزي لشڪر اهڙو زور وارو هو، جو پانڊيچري وٺي سگهي ۽ نڪي فرينچن جو لشڪر اهڙو سگهارو هو، جو مدراس وٺي سگهي، تنهن ڪري ٻن ورهين تائين هنن هڪ ٻئي جي ڇيڙ ڪانه ڪئي.

3- پر 1758ع ۾ فرينچ لشڪر جو هڪ وڏو دفعه ڪائونٽ لاليءَ جي حڪم هيٺ اچي پهتو. هن کي حڪم هو ته انگريزن کي ملڪ مان لوڌي ڪڍي؛ سو جنهن رات هو اچي لٿو، اُنهيءَ ساڳيءَ رات هن فورٽ سينٽ ڊيوڊ تي ڪاهيو ۽ سهنجائيءَ سان اُهو ورتائين. هن قلعو ڊاهي چٽ ڪري ڇڏيو، جو وري ڪڏهين به ڪين ٺهيو.

4- پوءِ لاليءَ بُسيءَ کي حڪم ڏنو ته دکن مان پنهنجو سمورو لشڪر وٺي اچي ساڻس گڏجي ۽ پاڻ مدراس تي ڪاهيائين. پر ميجر لارينس سڄا ڇهه مهنا سورهيائيءَ سان مدراس کي بچايو، جيسين انگريزن جا جهاز اِنگلنڊ مان لشڪر وٺي اچي پهتا. لالي ۽ سندس فرينچ لشڪر تڙجي ويا ۽ ڪرنيل ڪوٽ جو انگريزن جو مهندار هو، سو پٺيان پين، ۽ سنه  1760ع ۾ مدراس ۽ پانڊيچريءَ جي وچ ۾ وانڊيواش وٽ اُنهن کي بلڪل مات ڪيائين. هيءَ هندستان ۾ انگريزن ۽ فرينچن جي وچ ۾ سڀني کان وڏي جنگ ٿي. پوءِ ڪرنيل ڪوٽ هليو ويو پانڊيچريءَ ڏي، ۽ سنه 1761ع ۾ اُهو شهر فرينچن کان ورتائين.

5- جڏهين هي ڳالهيون ڪرناٽڪ ۾ پئي ٿيون، تڏهن ڪلائيو ڪلڪتي مان جيڪو به ماڻهو موڪلي سگهيو، تنهن کي ڪناري واري رستي سان ڪرنيل فورڊ جي حڪم هيٺ اُتر سرڪار ڏي ڏياري موڪليائين. اُتي جو فرينچن جو لشڪر هو، سو انگريزن جي لشڪر کان گهڻو وڌيڪ هو ۽ اُنهن سان حيدرآباد جو نظام به لشڪر سوڌو شامل هو. پر ڪرنيل فورڊ جو ڪلائيو جو سيکاريل هو، سو جهڙو هو سورهه، تهڙو هو هنري. هن جتي ڪٿي فرينچن تي جيت ڪئي ۽ اُنهن جو مکيه شهر مسليپٽم چڙهيءَ سواري وڃي ورتائين. جيترا سندس ماڻهو ها، تن کان به گهڻا وڌيڪ ها فرينچ جهليل ماڻهو. اِنهيءَ ريت سان 1759ع ۾ اُتر سرڪار جا ضلعا انگريزن جي هٿ ۾ آيا ۽ تڏهانڪر اُنهن جي هٿ ۾ هليا اچن. هيءُ ٿيو مدراس کاتي جو بنياد.

6- سنه 1763ع ۾ ستن ورهين جي ويڙهه پوري ٿي ۽ انگريزن ۽ فرينچن پاڻ ۾ صلح ڪيو. پانڊيچري ۽ چندرنگر واپار جون جايون ڪري فرينچن کي موٽائي ڏنائون. اِنهيءَ طرح سنه 1744ع ۾ شروع ٿيل ويهن ورهين جي چٽاڀيٽيءَ جي اچي پڄاڻي ٿي: فرينچن مدراس جي انگريزي واپارين تي ڪاهه ڪئي؛ اُتان وٺي هلي ۽ انگريز ملڪ جي وڏي ڀاڱي جا حاڪم ۽ ڏکڻ هندستان ۾ سڀني کان وڏيءَ طاقت جا صاحب ٿيا، اچي پوري ٿي.

 

43- مير جعفر جي حڪومت

     ( 1758 عيسوي کان 1761 عيسوي تائين)

1- ڪلائيو مير جعفر کي دهليءَ جي شهنشاهه جي موڪل ڌاران بنگالي جي گاديءَ تي وهاريو هو ۽ شهنشاهه اُتر هندستان جي سڀني ملڪن جي حاڪمن جي رئيس هجڻ جي اڃان سوڌو دعويٰ رکندو ايندو هو. مير جعفر اڳين نوابن وانگر هن کي ڪو نذرانو ڪونه موڪليوهو؛ تنهنڪري شهنشاهه جي پٽ، جنهن کي شاهزادو ڪري سڏيندا ها، لشڪر وٺي بنگالي تي ڪاهيو ۽ شجاع الدوله اَودهه جو نواب به ساڻس گڏجي ويو.

2- مير جعفر کي ڏاڍو ڀَو ٿيو ۽ هنجي مرضي هئي ته ناڻو ڏيئي هن کي راضي ڪريان؛ پر ڪلائيو چيس ته دل نه لوڙهيو ۽ آءٌ تهانجي مدد لاءِ اچان ٿو. جڏهين اودهه جي نواب ٻڌو ته ڀَو جهڙو انگريزي ڪرنيل- ”ثابت جنگ“ مٿس ڪاهه ڪرڻ لاءِ ٿو اچي، تڏهين پنهنجي ماڻهن سوڌو جيترو پڄي سگهيس، اوترو جلد اودهه ڏي اُٿي ڀڳو ۽ ويچاري شاهزادي کي هيڪلو ڇڏيو ويو. هو شاهزادو اَچي ڪلائيو جي پيش پيو، جنهن مهرباني ڪري هن کي 500 سونيو مهرون بخشش ڏنيون ۽ صلاح ڏنائينس ته پنهنجي ملڪ ڏي موٽي وڃو ۽ هن اِئين ڪيو.

3- جيڪڏهن مير جعفر سياڻو ۽ چڱو حاڪم هجي ها، ته سلامتيءَ ۽ سانت سان پيو حڪومت ڪري ها. پر ستتئي ڏسڻ ۾ آيو ته هو حڪومت ڪرڻ جو بلڪل لائق ڪينهي. هن کي آفيم جي ڏاڍي چاٽي هئي ۽ رونشن ۾ پنهنجو وقت وڃائيندو هو ۽ اُنهن تي گهڻا پيسا خرچيندو هو.

4- لشڪر کي تنخواه ڏيڻ لاءِ هن کي پيسن جي گهرج هئي؛ تنهنڪري هن بنگالي شاهوڪارن هندو صرافن کي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جڏهين ڪلائيو اِئين ڪرڻ کان جهليس، تڏهين ڏمريو ۽ چنسورا ۾ جي ڊچ ها، تن کي لکيائين ته توهين اچي مون کي مدد ڏيو ۽ انگريزن کي اَچي بنگالي مان لوڌي ڪڍو. يورپ ۾ ڊچن انگريزن جي وچ ۾ صلح هو، تنهنڪري چنسورا جي ڊچ واپارين کي انگريزن سان جنگ ڪرڻ جو حق ڪو نه هو. پر هنن کي انگريزي واپارين ۽ اُنهن جي واپار جو ساڙ هو؛ تنهن لاءِ ناداني ڪري هنن انگريزن تي ڪاهه ڪرڻ قبول ڪئي. هنن پنهنجي جاوا واري بيٺڪ مان لشڪر گهرايو ۽ اَڃا گهڻا ڏينهن ڪين گذريا، ته ست وڏا جهاز لشڪر سان ڀريل هوگلي نديءَ جي ڇوڙ وٽ اَچي سهڙيا ۽ اُتان نديءَ جي رستي چنسورا ڏي وڃڻ جي ڪوشش ڪيائون. هنن ڪي انگريزن جون ٻيڙيون جهليون ۽ انگريزن جون ڪوٺيون جيڪي نديءَ جي ڪنڌيءَ تي هيون، سي ساڙي ڇڏيائون.

5- ڪرنيل فورڊ جو اُتر سرڪار مان موٽي آيو هو، تنهن کي ڪرنيل ڪلائيو چنسورا تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ ڏياري موڪليو ۽ ٻيو عملدار ڊچن جي جهازن تي حمله ڪرڻ ڪاڻ موڪليائين. چنسورا ۾ جيڪو ڊچن جو لشڪر هو، تنهن کي ڀڄائي ڪڍيائون ۽ اُنهن جا جهاز ورتائون. پوءِ ڊچن صلح گهريو. هنن کي چنسورا واپار جو شهر مليو؛ پر هنن انجام ڪيو ته اَسين اُتي سپاهي ڪين رکنداسون. مير جعفر کي معافي ملي.

6- هينئَر آسمان بلڪل صفا ٿي ويو، دشمنن جو سڀ ڊپ لهي ويو ۽ 1760ع ۾ ڪلائيو جهاز جي رستي اِنگلنڊ ڏانهن موٽي ويو. ڪلائيو هينئَر چوٽيهن ورهين جي ڄمار کي رسيو هو ۽ جيڪو چئن سالن جو نئون عرصو هندستان ۾ ڪاٽيو هوائين تنهن ۾ گهڻوئي ڪي ڪري چڪو هو. فرينچن جي طاقت صفا ڊاهي ناس ڪري ڇڏيائين ۽ ڊچن کي به پائمال ڪري ڇڏيائين. مدراس ۾ ڪمپنيءَ لاءِ اُتر سرڪار وارا ضلعا هٿ ڪيا هوائين، ۽ بينگال ۾ ڪلڪتي جي چوڌاري ملڪ جو وڏو ٽڪر هٿ ڪيو هوائين جنهن جي سالياني اُپت هڪ ڪروڙ رپيا هئي. انگريزن کي هينئر هندستان جي ڪنهن به ڏيهي حاڪم جي لشڪر جو ڊپ نه رهيو. اُڻويهن ورهين جي ڇوڪر، جنهن کي نه دوست نه درو، تنهن پنڌرهين سالن ۾ پنهنجي قابليت ۽ بهادريءَ سان پاڻ کي اُنهيءَ وقت جو سڀني کان مشهور سپه سالار ثابت ڪري ڏيکاريو.

 

44- مير قاسم

    ( 1761 عيسوي کان 1765 عيسوي تائين)

1- اڃا ڪلائيو هندستان ڇڏيوئي ڪين ته مير جعفر جون تڪليفون شروع ٿيون. شهزادو جو هينئَر شاه عالم ٻئي جو لقب وٺي شهنشاهه ٿيو هو، تنهن هيڪر وري اودهه جي نواب سان گڏجي بنگالي تي ڪاهيو. هن ڀانيو ته مير جعفر کان هينئَر حڪومت کسي وٺڻ تمام آسان ڳالهه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ڀانيائين ته سندس لشڪر جا ماڻهو، جن کي ڳچ وقت کان وٺي مير جعفر کان پگهار مليو ئي ڪين هو، سي سندس پاران وڙهندا ئي ڪين.

2- انگريزن جي گورنر ويريءَ کي تڙي ڪڍڻ لاءِ ڪپتان ناڪس جي حڪم هيٺ ٿورو لشڪر ڏياري مڪو. هن پاٽنا ۾ وڃي لڌن. شهر جي ڀر ۾ جنگ ٿي. ناڪس ۽ هن جي ماڻهن شاهه عالم ۽ شجاع الدوله کي جيتيو ۽ وري آيوڌيا ڏي لوڌي ڪڍيائون.

3- اِها ڳالهه بلڪل پڌري هئي ته مير جعفر بنگالي جي حڪومت نه ڪري سگهيو؛ تنهنڪري ڪلڪتي جي گورنر هن کي گاديءَ تان لاٿي ۽ هن جي ناٺيءَ مير قاسم کي سندس جاءِ تي نواب ٿاڦيائين. هن کي اُميد هئي ته هو چڱو حاڪم ٿيندو ۽ پنهنجي ملڪ جو بچاءُ ڪري سگهندو. هن کي جو نوابي ملي، تنهنجي بدران هن ڪمپنيءَ کي بردوان، چٽگانگ ۽ مڊناپور اِهي ٽي ضلعا يا بنگالي جو ٽيون ڀاڱو ڏنو.

Text Box: مير قاسم
4- مير قاسم پهرائين پنهنجو راڄ چڱو هلايو. هن مير جعفر جو سڀ قرض لاٿو ۽ حڪومت جو جوڙجڪ ڪيو. هن جي مرضي هئي ته آءٌ مير جعفر وانگر رڳو نالي جو نه ، پر سچو پچو نواب ٿيان ۽ اڳين نوابن وانگين جيئَن وڻيم، تيئَن ڪريان. ٻٽي ورهيه هن گهڻو ڪشالو ڪري ڪن فرينچن جي مدد سان، جن کي هو تنخواه ڏيندو هو، پنهنجي لشڪر کي قواعد سيکاريو. پوءِ هن ڀانيو ته انگريزن، جن کيس گاديءَ تي وهاريو هو، تن جو وس کان پاڻ کي ڇڏايان ۽ اُنهن کي ملڪ مان پٽيءَ لوڌي ڪڍان. هن پنهنجي گادي مرشد آباد کان جو ڪلڪتي کان هڪ سَو مئل پنڌ تي هو ڦيرائي منگير ۾ وڃي ڪئي، جو ٽي سَو کن مئل پري هو؛ ڇاڪاڻ جو هن کي انگريزن جي ويجهو رهڻ نٿي وڻيو. جڏهين هن سمجهو ته مون جنگ ڪرڻ جيترو زور ورتو آهي تڏهين هنن تي ڪاهي وڃڻ لاءِ ڪو بهانو ڳولڻ لڳو.

مير قاسم

 

5- جهيڙي جو ڪارڻ به سگهوئي پيدا ٿي پيو. پلاسيءَ جي جنگ کان پوءِ مير جعفر ڪمپنيءَ جي نوڪرن کي اجازت ڏني هئي، ته پنهنجو خانگي سامان محصول ڀرڻ کان سواءِ نديءَ تان ڀلي آڻين نين. ڪجهه وقت گذريو ته ڪمپنيءَ جي نوڪرن ۽ محررن پيسا  وٺي ڏيهي واپارين کي موڪل ڏني ته سندن نالي تي هو پنهنجو سامان محصول ڏيڻ ڌاران سڀ ڪنهن هنڌ کڻي وڃن. مير قاسم هن دستور جي بند ڪرڻ ڪاڻ گهڻو مٿو هنَيو؛ پر ڳالهه مان وريو ڪين؛ تنهن ڪري هن ڇا ڪيو جو سڀ مال تان محصول وٺڻ بند ڪري ڇڏيائين، ته ڀلي سڀڪو وڃي بنا محصول واپار ڪري. پر اِها ڳالهه ڪمپنيءَ جي نوڪرن کي ڪين وڻي؛ ڇو جو هنن جو مطلب هو ته ٻين کي محصول ڀرڻو پوي ۽ کين نه پوي.

6- اسان کي هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ايسٽ اِنڊيا ڪمپني واپاري ماڻهو ها، جنجو خاص مطلب هو ته اسين پنهنجي واپار مان کٽيو ڪريون. پنجن ورهين کان اڳي هنن کي هندستان ۾ پنهنجي ڪا زمين ڪانه هئي. هنن کي زمين وٺڻ جي مرضي ڪانه هئي؛ ۽ هنن جو هندستان ڏي لشڪر موڪليو سو رڳو پنهنجي بچاءَ لاءِ. هو پنهنجن نوڪرن کي مواجب تمام ٿورو ڏيندا ها. انگريزي محرر يا ليکاريءَ کي ڏيندا ها ڏهه رپيا کن مهنو ۽ ايجنٽ (گماشته) کي ڏيندا ها ويهارو کن رپيا ۽ واپاريءَ کي ڏيندا ها چاليهارو رپيا ۽ گورنر کي ڏيندا ها رڳا چار سَو رپيا مهنو. اهڙي ٿوري مواجب تي انگريز ڌارين ملڪ ۾ آسودا رهي نٿي سگهيا. پورائي ڪرڻ ڪاڻ ڪمپنيءَ اُنهن کي موڪل ڏني ته پنهنجي ليکي هندستان ۾ ڀلي واپار ڪن، پر اِنگلنڊ ڏي مال نه موڪلين.

7- اِنهيءَ ڪري سڀاويڪ ڪمپنيءَ جي نوڪرن کي ڪمپنيءَ جي فائدي کان پنهنجي فائدي جو اونو وڌيڪ هو. هو هندستاني واپارين کان سوکڙيون وٺندا ها ۽ ڪمپنيءَ کي جيڪو نئون ملڪ مليو هو تنهن جي حڪومت جو کين ڪوبه خيال ڪونه هو. ڪلائيو پاران جيڪي ٿورا قابل ماڻهو هوا تن پوريءَ طرح ڄاتو ٿي ته واپار هڪڙي ڳالهه آهي ۽ حڪومت ٻي ڳالهه آهي، ۽ ساڳيا ماڻهو واپار جو حڪم توڙي ملڪ جي انتظام جو ڪم هلائي ڪين سگهندا. اِئين پڻ ڄاتائون ٿي ته جنهن صورت ۾ انگريزن وڏا ملڪ هٿ ڪيا ها تنهن صورت ۾ ملڪ جي انتظام لاءِ کين اهڙا عملدار مقرر ڪرڻ گهرجن جن جو واپار سان ڪوبه لاڳاپو نه هئڻ گهرجي ۽ جن جا لوازما به چڱا چوکا هجن. پر اُنهن اوائلي وقت ۾ اِنگلنڊ جا واپاري، جي نه ڪڏهن هندستان ۾ آيا هوا ۽ نڪا ڪا خبر ئي هين ته ملڪ جي حڪومت ڪئن هلائجي، سي اِها ڳالهه محسوس ڪري ڪين سگهيا.

شجاع الدولہ

 

8- پوءِ مير قاسم جنگ جو سانباهو ڪيو. هن شاهه عالم ۽ شجاع الدولہ کان مدد گهري ۽ چيائين ته ٽنهي جا لشڪر گڏجي پون ۽ انگريزن کي هندستان مان لوڌي ڪڍي ڇڏجي. پاٽنا ۾ جيڪي انگريز واپاري ها تن کي هن جهلي سوگهو ڪيو؛ ۽ پنهنجي عملدارن کي چيائين ته انگريزن کي جتي ڏسو اُتي نه ڇڏيون، ماري ناس ڪريون.

9- پوءِ ڪلڪتي واريءَ انگريزن جي ڪائونسل وري ٻيهر مير جعفر کي نواب ڪيو. ميجر اَئڊمس جيڪو لشڪر واندو ٿي سگهيو، سو سڀ پاڻ سان وٺي (ڇهه سَو کن انگريزي سولجر ۽ هڪ هزار سپاهي) ڪلڪتي مان روانو ٿيو. هن ٽن سخت جنگين ۾ مير قاسم جي تعليم ورتل لشڪر کي ٽوٽا چٻايا ۽ پوءِ هن جي گاديءَ جي هنڌ منگير تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو.

10- مير قاسم هن جي پهچڻ تائين به ڪين ترسيو. هو منگير ڇڏي اَٿي پاٽنا ڏي ڀڳو. هتي هن انگريزي مهندار کي چوائي موڪليو ته جي ڪجهه اڳڀرو ايندين ته آءٌ سڀ باندي مارائي ڇڏيندس. پر اُنهن باندين ۾ مسٽر ايلس نالي جو مکيه ماڻهو هو، سو همت وارو ماڻهو هو ۽ هو مرڻ ڀَي ڪين ٿي ڊنو. هن ميجر ائڊمس کي لکي مڪو ته توهين ڀلائي ڪري هليا اچو، پوءِ جيڪي ٿيڻو هجي سو ٿئي.

11- ميجر ائڊمس اِئين ڪين ڀانيو هو ته مير قاسم اهڙو بي رحم ٿيندو ۽ بي هٿيار باندين کي مارائيندو. هو منگير تي چڙهي ڪري ويو ۽ اُهو وڃي ورتائين.

بنگالو بهار ۽ اوڌه

جڏهين مير قاسم کي هن ڳالهه جي سڌ پيئي، تڏهن هو جوش ۾ ڀرجي ويو ۽ سندس حڪم سان سمرو نالي هڪڙيو نيچ جرمن، جو سندس نوڪريءَ ۾ هو، سپاهين جي لشڪر سان وڃي سڀ انگريزي باندي مارائي ڇڏيا. هيءُ ڀو جهڙو ڪم جو ”بلئڪ هول“ واري خون کان به بڇڙو هو، سو ”پاٽنا جو ڪوس“ ڪري سڏبو آهي.

12- انگريزن پوءِ ستت ئي پاٽنا ورتو ۽ مير قاسم اودهه ڏي ڀڄي ويو ۽ وڃي شاهه عالم ۽ شجاع الدولہ سان گڏيو. ٻن ٽن مهنن جي هيڏي هوڏي ڪوچ کان پوءِ ميجر منرو انگريزي لشڪر جو اڳواڻ سنه 1764ع ۾ بڪسار وٽ ٽنهي بادشاهن کي گڏيو ۽ اُنهن کي پٽيءَ ماري مات ڪيائين. پلاسيءَ جي جنگ کان پوءِ اُتر هندستان ۾ انگريزن جي اوائل جي تواريخ ۾، بڪسار جي جنگ تمام هاڪاري آهي. اِنهي جنگ ۾ انگريز دهليءَ جي مغل شهنشاهه جي سامهون ٿيا ۽ هن کي ڀڄائي ڪڍيائون؛ اِها ڳالهه جا ٿي تنهنجو پهريون گهمرو به اِهو ۽ پويون به اِهو. اِنهي جنگ ڪري انگريز اُتر هندستان ۾ سڀني کان وڏي پهچ وارا ٿي پيا. اڳي ڪلائيو هن تي ڪيترو مهربان هو، سا ڳالهه شاهه عالم کي ياد بيٺي هئي؛ تنهن ڪري هو وري به وڃي انگريزن جي پيش پيو. شجاع الدولہ ۽ وري ٻيو لشڪر گڏ ڪري موٽي آيو ۽ وري ڪوراهه وٽ شڪست کاڌائين ۽ پوءِ هن به پاڻ سونپيو. مير قاسم کي جو ڊپ هو ته منهنجي گناهن جي وير وٺڻ ڌاران مون کي ڇڏيندا ڪين، سو ڀڄي ويو ۽ وري ڪڏهين ٻڌڻ ۾ به ڪونه آيو.

 

45- لارڊ ڪلائيو

    ( 1765 عيسوي کان 1767 عيسوي تائين)

1- جڏهين مير قاسم سان جنگ ٿيڻ ۽ پاٽنا جي ڪوس جي خبر اِنگلنڊ ۾ پهتي، تڏهين ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ ڪلائيو کي وري هندستان ڏي وڃڻ لاءِ چيو. اِنگلنڊ جي بادشاهه هن کي امير جو درجو ڏنو هو ۽ هو بنگالي جو گورنر ۽ فوج جو سپهه سالار ٿي آيو ۽ پوري اختياري مليس ته جئَن وڻيس تئَن ڪري. اُنهن ڏينهن ۾ اِنگلنڊ کان هنڊستان ڏي جا سمنڊ جي مسافري ٿيندي هئي، تنهن ۾ ورهيه کن لڳي ويندو هو؛ سو جيسين لارڊ ڪلائيو اچي پهتو، تيسين ويڙهه سڀ پوري ٿي چڪي هئي.

2- هو الہ آباد ويو، جتي شاهه عالم ۽ شجاع الدوله ٻئي انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ ها ۽ ڪنهن به ڳالهه جي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ويٺا ها. عهدنامو ٿيو جو ”الہ آباد جو عهدنامو“ اِنهيءَ نالي سان پڌرو آهي، شجاع الدوله

شاهه عالم ٿو ديواني ڪلائيو کي ڏئي

 

کي لارڊ ڪلائيو سندس ملڪ اودهه موٽائي ڏنو؛ پر هن کي اِها ڳالهه مڃايائين ته جيڪا ويڙهه اُن وقت پوري ٿي چڪي هئي، تنهنجو سڀ خرچ هو ڀري ڏئي. شاهه عالم کي دواب يا جمنا ۽ گنا ندين جي وچوارو ڀاڳيو ملڪ ڏنائين. بنگالو ۽ بهار جو مير قاسم جو هو سو لارڊ ڪلائيو ڪمپنيءَ جو ڀاڱو ڪري پنهنجي هٿ ۾ رکيو؛ پر شاهه عالم کي مغل شهنشاهه ڪري پنجويہ لک رپيا ساليانو ڏيڻ باسيائين. شاهه عالم وري اُن جي عوض بنگالي، بهار ۽ اوڙيسا جي ديواني يعني سڀني پر جي ڍلن اُڳاڙڻ جو حق ڪمپنيءَ کي ڏنو. پر پويون علائقو اوڙيسا هو مرهٽن جي هٿ ۾ ۽ انگريزن اُهو گهڻي وقت کان پوءِ ورتو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org