سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :92

 قلعي ۾ لئنڊ ريڪارڊ آفيس آهي ۽ اُن جي چوڌاري نهار ته ڀڳل سرن جا ڍڳ لڳا پيا آهن. قلعي جي ڀتين ڏي ڏس ته ڪيترن هنڌان زبون ٿيون پيون آهن. قلعي جي اها حالت ڏسي فريئر نامو ياد پيو، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته جڏهن ميان عبدالنبي ڪلهوڙو سنڌ جو حاڪم هو، تڏهن هي قلعو سندس ماءُ جي حوالي هو، اها مائي ڪلهوڙن جي گهڻين آڪهين سان گڏ هتي رهندي هئي. سندس نوڪرن مان هڪ نمڪ حرام ٿي وڃي بلوچن جي سپهه سالار حاجي احمد خان سان ٻٽ ٿيو ۽ ٻنپهرن جي وقت قلعي جي بارود خاني کي اندران باهه ڏنائينس. جنهن ڪري قلعي جي اُڀرندي پاسي واري ٻانهين ڪري پيئي ۽ بلوچ انهيءَ هنڌان قلعي ۾ ڪاهي پيا ۽ سمورو خزانو ۽ قلعو هٿ ڪيائون. بلوچن جو اُهو سپهه سالار هڪ خدمتگار هو.

قلعي جي صورت انگريزن جي صاحبي ۾ ڦري آهي، اهو قلعو اصل ڇانوڻي هو. ڪيترو بارود ۽ سپاهه شروع ۾ هتي هئا ۽ هاڻوڪو ڪئنٽونمينٽ وارو پٽ پوءِ وسايائون. 1857ع ۾ بلوو لڳو، تنهن کان پوءِ قلعي ۾ جيڪي جهونيون جايون هيون، سي ڊهرائي پٽ ڪيائون ۽ اها زمين بارود خاني لاءِ ڪتب آندائون. تازو 15- اپريل 1906ع جي رات جو ساڍي اٺين بجي مهل قلعي ۾ گولو ڦاٽو ته قلعي جا ڪيترا ٽُڪر اڏامي وڃي ماڻهن جي جاين کي لڳا، جنهنڪري ست اٺ ماڻهو اُڦٽ مري ويا ۽ شهر ۾ ڪي جايو ڀڳيون ته ڪي ضربيون؛ پر سرڪار اٽڪل سوا لک رپيا عيوضو ڀري ڏنو هو ۽ سمورو بارود قلعي مان ڪڍائي درياهه ۾ لوڙهائي ڇڏيو هئائين. انهن ڏينهن ۾ آئون ايسٽر جي موڪل تي حيدرآباد ۾ هوس. اهو گولي جو ڏهڪاءُ ڪڏهن به وسرڻ جو نه آهي.

ميرن جا قُبا

تنهن ڏينهن ميرن جي قبن ڏي وياسون. پهريائين جيڪي قُبا ڏٺاسون، سي ويجهڙائي جا ٺهيل آهن. اول مير محمد خان جي قُبي ۾ وياسون، جيڪو 1857ع جو ٺهيل آهي. اندر مير محمد خان ۽ سندس پٽ مير شاهه نواز جون قبرون آهن؛ اُتي سنگ مرمر جو فرش ٻڌل آهي ۽ گنبذ جي اندران سهڻي چٽسالي ٿيل آهي. ٻئي قُبي ۾ مير غلام شاهه ۽ مير فضل علي خان جون تُربتون آهن، اُهو 1855ع ۾ ٺهيو. انهي قبي جي ڀرسان بيبين جون تجرون آهن، جيڪي ڪين ڏيکاريندا آهن. هنن سڀني کان عمدو قُبو آهي مير ڪرم علي جو. ٻاهران ٻن شيدي ڀائرن حاجي امان ۽ شيدي عنبر جون قبرون آهن. اهي ٻئي ڀائر ميرن جي درن ۾ ايندا ويندا هئا. قبي ۾ ڏيڍي آهي، ۽ اُتي ننڍو گنبذ ۽ نيلون آهن. اندر پاسن کان ٻه ٿلهيون آهن، جن تي ميرن جون زالون ويهي آسائش وٺنديون هيون. انهي ڏيڍيءَ کي شهه نشين سڏين ٿا. اڳيان هڪ ڪشادو ايوان آهي ۽ ٿلهي تي قُبو ۽ چوڌاري تجرون، صُفحا ۽ قبرون آهن. قبي کان ٻاهران پٿر جون آيتون بلڪل سهڻيون ٿيون لڳن. ٻي قبر سندس ڀائيٽي مير محمد جي آهي، ان جي مٿان سنگ مرمر جي ڇٽي آهي، اُن جو پٿر جيڪي سو سادو آهي، باقي  چٽسالي ۾ گهٽتائي ڪانهي. ڪاريگرن جي ڪاريگري وري ڪهڙي، جو گنبذ ڏي نهار ته جيڏو گنبذ آهي، تنهن کان وڌيڪ اونهو پيو ڀائنجي. مير نورمحمد، مير شهداد خان، مير مراد علي ۽ مير حسن عليءَ جون به قبرون آهن، جن کي چوڌاري سنگ مر مر جو ڪٽهڙو آهي ۽ مٿس سنگ سليماني ۽ سنگ عقيق جڙيل آهن ۽ مٿان دستخط قرآن شريف رکيل آهي. اُتي رات جو پيتلي ڏيئا ٻاريندا آهن. اُتي جيڪا زناني تجر آهي، سا بلڪل سهڻي آهي. هتي ميرن جون زالون مرحومن لاءِ ختمو ڏينديون هيون. سندن نماز پڙهڻ لاءِ اُتي مسجدون به ٺهيل آهن.

هتان هلي واٽ تي غلام نبيءَ جو قبو ڏسندا پوءِ ٽُڪر جي ڇيڙي تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو قُبو ڏٺوسين، جيڪو هيڪاري رونقدار آهي؛ پر ٿورن سالن کان گنبذ ڪري پيو اٿس. جنهن جي ڪري سوڀيا گهڻي گهٽ ٿي ويئي اٿس. هي هڪڙو ئي قبو آهي، جنهن جي مٿان آل بازار ٺهيل آهي، جتان شهر جو نظارو عمدو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هي محفوظ ٿيل يادگار آهي ۽ سرڪار جي حفاظت هيٺ آهي.

ڦليلي: ’گُونِي سدا اوُنهي‘

ڦليلي واهه درياهه شاهه جي سڪيلڌن پٽن مان هڪڙو آهي. اهو واهه ڪو اڄ ڪلهه جو ڪونهي. هن واهه ميرن ۽ ڪلهوڙن جي صاحبي ته ڏٺي، پر جن ڏينهن ۾ هندو راجا نيرن حيدرآباد  ۾ راڄ ڪندو هو، تن ڏينهن جي به سانڀر اٿس. هن وقت ڦليلي  واهه ٻه آهن: هڪ پراڻي ڦليلي، ٻي نيئن ڦليلي، پراڻي ڦليليءَ جي نالي مان ظاهر آهي هت اصلوڪو واهه اهو آهي. پراڻي ڦليليءَ جو منهن گهلين جي ڳوٺ وٽان آهي ۽ اتان درياهه اُڪري پار وڃبو ته پيٽاري اسٽيشن تي  وڃي پهچبو. پراڻي ڦليلي گهلين وٽان نڪري مياڻي ۽ ڪاٺڙي ديهن وچان واٽ ڪندي، جملي نوَ ڪوهه کن پنڌ ڪري حيدرآباد ۾ رشي گهاٽ جي سامهون نيئن ڦليليءَ سان اچي گڏجي ٿي. پراڻي ڦليلي حيدرآباد اچڻ کان اڳ پنهنجي پيٽ مان ڪمال واهه، امام واهه، نُور واهه ۽ ٻيا ننڍڙا ننڍڙا واهه ڄڻي ڇڏيا آهن، جن سڀني تي چڱي آبادي ٿئي ٿي. پراڻي ڦليليءَ ۾ مئي مهيني ڌاري پاڻي اچي ٿو ۽ آڪٽوبر ڌاري پاڻي جو ڇينهرو ٿئي ٿو.

نئين ڦليلي جو منهن ڄام شوري وٽان آهي. ڄام شورو حيدرآباد کان ٻه ڪوهه پري اتر طرف جيڪب تلاءِ جي پريان آهي. ڄامشوري جو رستو چـڱو ٺهيل آهي ۽ واٽ تي ميل لڳل آهن. اسين ٽئين ميل وٽان ساڄي هٿ ڏي لڙي سڌو سروير جي جاءِ تي وياسين ۽ اتي ٿوري ساهي پٽي پوءِ وياسين ڦليلي جو منهن ڏسڻ. بس، ڪهڙي ڳالهه ڪجي! درياءِ شاهه موج سان پئي وهيو ۽ سندس پيٽ ۾ ڦليلي واهه پنهنجو وڏو وات ڦاڙي بيٺو هو ۽ درياهه بادشاهه وڏي دل سان منجهس پاڻي پئي اوتيو. هتان درياهه جي پرين ڀر ڪوٽڙي تعلقي جو ڳوٺ رائيار آهي ۽ اتي جو گيهه ڪوٽڙي ۾ عام طرح وڪامندو آهي.

ڄام شوري وٽان درياءِ مان واڌو واهه به نڪري ٿو، جيڪو گدو بندر ۽ ميرن جي ٽنڊي وارن رستن تان لنگھي نهال شاهه جي ڪن ۾ پوي ٿو. ٽيون به هڪ واهه هتان نڪري ٿو، جنهن جو نالو ڳڌائون ”فسادي!“ اسان پڇين ته انهي واهه نڪرڻ ڪري ڪهڙو فساد متو هو، جنهن جو اهو نالو پيس؟ چي سائين، اها ڄاڻ ڪانهي؛ پر سڏيندا اجھو ائين اٿس.

ڄام شوري وٽان ڦليلي جو اهو نئون منهن ويٺا جوڙين، سو به ڏٺوسون، بنياد ۾ سرون ڏاڍي ڪاريگري سان ٿا رکن. ائين پيو ڀانئجي ڄڻ ته ڪنهن باغيچي لاءِ ڦيرن ۽ وراڪن سان ٻارا ٿا ٺاهين. اسان اڳي ڪنهن به واهه جو مُنهن جڙندو ڪونه ڏٺو هو، سو اسان کي هتي گهڻو مزو آيو.

ڦليلي جي نئين منهن ڪڍڻ لاءِ سرڪار کي ڄامشوري جي ڳوٺ واري زمين کپندي هئي،  تنهنڪري ڳوٺاڻن کي اتان اٿاريو هئائون ته هن وڏو گوڙ مچايو هو ۽ بمبئي ڪائونسل تائين ڳالهه ويئي هئي. اسان سندن ڊٺل ماڳ ڏٺا. اُهي اهڙا اجهاڻا پيا هئا، جو ڄڻ ته ڪن ايامن جا پڊ هئا.

ڄام شوري ۾ سروير جي جاءِ جي ڀرسان درياهه پل ٻڌل آهي. درياهه وارو پاسو مٿي آهي ۽ اتان پاڻي لهي اچي هيٺ ڦليلي ۾ پوي ٿو. سروير جي هڪ ماڻهو کان پڇيوسين ته ڪا ٻيڙي اوڀاري وڃڻي هجي ته انهي ڇاڙهه تي چڙهي ڪيئن؟ هُن اُمالڪ هڪ وڏو لوهه جو ڍڪ، جيڪو وڏي توپ جي نموني هو، سو مٿي کنيو ته اُويس (Capstan) ظاهر ٿي بيٺو. اويس سان وڏو ٿلهو زنجير ڳنڍيل هو، سو ڏيکاري چيائين ته هن زنجير سان ٻيڙيءَ کي قابو ڪري پوءِ اويس جي مٿين کانچن مان هڪ ۾ ٻاري (Spoke) وجهي، وٺي ڦيرو ڏيندا آهيون ته زنجير اويس جي چوڌاري ويڙهبو ويندو آهي ۽ ٻيڙي مٿي چڙهندي ايندي آهي! چڱو سولو اُپاءِ رکيو اٿن.

ڄام شوري وٽان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي حيدرآباد اچبو ته مُنو ڪلاڪ مس لڳندو، ڦليليءَ جي ٻنهي ڪنارن تي واهه جا باغ باغيچا آهن. مٿان گلن ڦلن جي گهڻائي سبب ڦليليءَ نالو پيو اٿس؟ ڪيترن ميربحرن ۽ ٻين کان پڇيم؛ پر ڪوبه چئي ڪين سگهيو ته هن هاڪاري واهه تي اهو نالو ڪيئن پيو.

حيدرآبادين لاءِ جيڪي گهُمڻ جا پاسا آهن، تن مان هڪڙو ڦليليءَ جو پاسو آهي، انبن جي موسم ۾ ڏسو ته ڪيئن نه عامل ۽ ڀائيبند انبن جا ٽوڪرا ڀري تُنبا ٻڌي يا بنا تُنبن پاڻي ۾ ترن پيا ۽ انبن مان چوپا به پيا ڀرين. ڪي سنان نه ڪن، ته به ڦليليءَ جي دڪانن تي ڍوڍو، چٽڻي  ۽ پڪوڙا اؤس کائين، ڦليليءَ گهڻيئي زمانا ڏٺا آهن. عامل ۽ ڀائيبند خدا آباد مان لڏي حيدرآباد آيا ته پهريائين ڦليليءَ تي ڪچين لانڍين ۾ رهندا هئا. 1809ع ۾ ڪئپٽن ايلس، مسٽر سمٿ ۽ ٻيا ڪي جنگي عملدار ميرن سان عهد ڪرڻ آيا هئا، ته رڳو اسان کي اچڻ ڏجو ۽ فرينچن کي اچڻ نه ڏجو، سي به ڦليليءَ تي اچي رهيا هئا. حيدرآباد ۾ نل پيا، تنهن کان اڳ ماڻهو ڦليليءَ تان پاڻي گهُرائيندا هئا. ڪوٽڙي بٺي 1887ع ۾ کُلي. تنهن کان اڳ شراب جون بٺيون ڦليليءَ تي هيون. ڪلالن وٽ متل ڳڙ هميشه موجود هوندو هو، باقي مصالحن جي ڇلي هرڪو ماڻهو پنهنجي کڻي ايندو هو ۽ جنهن کي جهڙي قسم جو شراب کپندو هو، تنهن کي تهڙي قسم جو ڪڍي ڏيندا هئا. اهو شراب هاڻوڪي شراب کان پنجويهه کن ڊگريون تيزيءَ ۾ وڌيڪ هوندو هو. مطلب ته اُچن دوآتشن ۽ سِه – آتش جون خوشبويون هن ڦليليءَ گهڻيون سُنگهيون آهن، ۽ اڄ به ڪنارن تي جيڪي باغ آهن، تن ۾ گهڻيئي رنگ ٿيندا پيئي پسي. ڦليليءَ تي تازو بجليءَ جو ڪارخانو نڪتو آهي، جتان شهر کي روشنائي ملي ٿي. ڦليليءَ نه رڳو شاديءَ يا خوشيءَ جي ڳالهين ۾ شريڪ ٿئي، پر مرڻي ۾ به پاڻ ملهائي ٿي. حيدرآباد جا هندو پني پائڻ لاءِ ڦليلي تي ويندا آهن ۽ يارهي جو ڪرم اتي ڪندا آهن. ڪنهن وقت ڦليلي قهاري به ٿئي ٿي. ڪيترا ڪُونڌر ۽ ٻار ڦليلي ۾ ٻڏا آهن ۽ ناري  جي ڪن ۾ هيل تائين گهڻا بک ورتا آهن.

ڦليلي واهه بلڪل آڳاٽو آهي، جيئن مٿي چيو ويو آهي. سندس ڪي شاخون آڳاٽي زماني جون آهن. ڦليليءَ جي پهرين ۽ مکيه شاخ آهي گاجيا واهه، حيدرآباد کان گاجيا واهه اٽڪل سترهن ميل پري آهي. ڄامشوري کان وٺي گاجيا واهه تائين هن واهه جو نالو ”ڦليلي“ آهي. پر پوءِ هن کي ٽنڊي محمد خان طرف ”گوني“ سڏيندا آهن. انهيءَ گاجيا واهه وٽان ”لاڙ“ شروع ٿئي ٿو.

حيدرآباد کان ميل سترهن آهه گاجيا واهه گُلزارُ،

گوني ٿئي ٿي اُتان شروع ڏس لاڙ جو پارُ.

گوني معنيٰ آباد ۽ اُن جو ضد آهي ”لُوني“ يعني لوڻياٺي (ڪلراٺي) يا غير آباد. اهو گوني نالو گهڻو آڳاٽو آهي. ڳالهه ٿا ڪن ته پير غلام شاهه بدين وارو هڪ لڱا نورائين جي ڳوٺ ۾ هو. اُهو ڳوٺ کٿڙ جي پريان ٽنڊي محمد خان کان ٻه ڪوهه کن اوري اتر ڏي آهي. انهي ڳوٺ وٽ هڪ لڱا ڦليلي جو پاڻي بلڪل تانگهو ٿي ويو، جنهن ڪري آبادي کي شڪست اچڻ لڳي ۽ ماڻهن جي آمدرفت جو رستو به بند ٿي ويو. پير غلام شاهه اتي دعا جا لفظ وات مان ڪڍي چيو ته، ”گوني سدا اُونهي“. مير بحر چون ٿا سائين، اها درويش جي دُعا اچي لڳي آهي ۽ هاڻ ته توهين پاڻ ٿا ڏسو ته گوني ٻارهوئي پيئي وهي.

گونيءَ واهه تي آبادي ٿئي ٿي! ٽنڊي محمد خان جا انبن جا وڻ گونيءَ جو ڇُڙيو پاڻي پي اهڙو ميٺ ٿا ڪن، جو ڀانئجي  ته رڳو کائجن ئي ٽنڊي جا انب، ٽنڊي جي مال کي گونيءَ جو اگوندرو آب ملي ٿو ته گيهه اتي جهجهو ٿئي ٿو ۽ واپاري به وڏيءَ خوشي سان مڻ جا چوئيتاليهه سير گيهه ڏين ٿا. سڄيءَ سنڌ ۾ مون رڳو ٽنڊي ۾ چوئيتال تور ٻُڌي آهي، باقي ايڪيتاليهه ته عام آهي.

گوني نه رڳو ٽنڊي محمد خان سان پاڻ ڀلايو آهي، پر تلهار، ماتلي، بدين ۽ ٽنڊي باگي سان به وڙ ڪيو اٿس. هن پاسي ڪمند جا پُڙا جام آهن. تلهار طرف چيچڙا آهن، جن ۾ ڪمند پيڙي رس ڪڍي ڳڙ جوڙيندا آهن. ڳڙ جي ديگين ۾ مختيارڪار چڙهي زمين ڏسڻ ويندا آهن!! بدين لائين کلڻ کان اڳ ڦليليءَ ۾ چار لانچون هلنديون هيون. وچ ۾ جرمني جي جنگ سبب بدين لائين ڪڍي ڇڏيائون ته لانچون وري به هلنديون هيون، پر هاڻ ٿورن مهنين کان ريل وري جاري ٿي آهي، جنهن ڪري مسافرن لاءِ وڏو سهنج ٿيو آهي.

ٽنڊي باگي کي ڪجهه گوني ڪجهه ڍوري پراڻ جو پاڻي ملي ٿو، پر بدين تعلقو سڄو گونيءَ تي آڌار رکي ٿو. اٽڪل ٽيويهه سال ٿيا (يعني 1900ع) ڌاري ته گوني جي پُڇڙي وٽان ڇنڊڻ (اسڪيپ) ڪڍيائون. هتي ڦليليءَ جا ٽي مُنهن آهن، تنهنڪري هي هنڌ عام طرح ”ٽمُنهون“ سڏجي ٿو. گونيءَ جي هڪ مُنهن جو نالو آهي ”سنهي گوني“، ٻيو منهن ”شيرواهه وڏو“ ۽ ٽيون مُنهن ”علي واهه“ وڏو سڏجي ٿو.

تلهار وٽان ڦليليءَ مان مير واهه نڪري ٿو ۽ ان کي بدين جي پريان ”گهاري مانڌر“  سڏين ٿا، جنهن جو پاڻي علي بندر ڏي وهي وڃي ٿو. حاصل مطلب ته پراڻي ڦليلي گهلين جي ڳوٺ وٽان ۽ نيئن ڦليلي ڄامشوري وٽان درياهه مان نڪرن ٿيون ۽ ٻئي حيدرآباد طرف رشي گهاٽ وٽ اچي گڏجن ٿيون ۽ گاجيا واهه وٽ پاڻ تي گوني نالو ڌرائي ڦليلي باغيچن ۽ ڪمند جي پُڙن ۽ ساريال پوکن کي پاڻي پهچائيندي ڇنڊڻ، جو ڦليليءَ جو ڇوڙ آهي، اتي ٽي مُنهن ڪڍي ٿي ۽ پوءِ پنهنجي پاڻيءَ سان علي بندر جا پٽ پسائي ڪڇ جي رڻ ۾ وڃي ريلا ڪري وهي ٿي.

مياڻي

سياري جي شروعات هئي. مٺا مٺا سيءَ پئي پيا. اسين پاڻ ۾ ست ڄڻا هئاسين. هڪ ڏينهن سويل صبح جو سنبت ڪري هيرآباد کان هلياسين ۽ ڪاري ڦُڙدي ڏي رُخ رکيوسين. هيءَ موري جڏهن ٺهي هئي، تڏهن ان کي پاسن کان ڏامر هنيو هئائون، تنهنڪري ڪاري موري ۽ ڪارو ڦُڙدو نالا پيس.

ڪاري ڦڙدي تان لهي هيٺ ٿياسين ته ٻه شاهي رستا نظر آيا. جنهن رستي تان اسين پئي وياسون، سو سڌو ڪاٺڙي ويو ٿي. ڪاٺڙي جو ڪو ڳوٺ ڪونهي. اهو رڳو ديهه جو نالو آهي. انهي رستي تان سڌو مسو ڀرڳڙي جي ڳوٺ وڃبو آهي. ٻيو رستو ڏائي هٿ ڏي پڪين جاين ۽ باغن بستانن وٽان مياڻي ۽ مٽياريءَ مان لنگهي هالن ڏي وڃي ٿو. اهي ٻئي رستا مٽياريءَ کان ٻه ڪوهه کن پري باهو ديري وٽ نصير جي موري تي هڪٻئي سان وڃي ملن ٿا ۽ اُتان سڌي سڙڪ سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ قاضي احمد ڏي وڃي ٿي، جتان دولت پور ۽ مورو ۽ ڳو‎ٺ سڌوجا تعلقي مورو مان لنگهي نوشهروفيروز، ڀريا، لاکا تعلقو ڪنڊيارو، هالاڻي ۽ ڪوٽڙي ڪبير تعلقي ڪنڊياري مان وڃي خيرپور رياست مان واٽ ڪري روهڙي هلي ٿي وڃي ۽ اُتان پني عاقل، گهُوٽڪي ۽ بهاولپور رياست مان سڌي ملتان وڃي ٿي. اڳي ملتان کان حيدرآباد اچڻ  لاءِ اهو رستو ماڻهو وٺندا هئا ۽ اڄ به اهو رستو چڱي حالت ۾ آهي ۽ اُن کي عام طرح روهڙيءَ وارو رستو سڏبو آهي.

اسين اهو روهڙي وارو رستو وٺي باغن ۽ بنگلن جو پريان ديدار ڪندا چنڊن واري موري وڃي چڙهياسون، هتي هڪ سنڌي ڪتاب جو سبق، جيڪو ننڍي هوندي پڙهيو هوم، سو ياد  پيم، جنهن ۾ لکيم هو ته، ”حيدرآباد جي ڀرپاسي ۾ چنڊن جو ڳوٺ آهي، تنهن ۾ ڪنڊو پُٽ ڪرڙ جو ذات جو ٻٻر رهندو هو.“ هن رستي جي ٻنهي پاسن تي وڻڪار آهي، جنهن ڪري اُس گهڻي ڪانه ٿي لڳي. واٽ تي ڪن ٽُڪرن ۾ ڪڻڪ جي پوک چڱي رونق ڪري بيٺي هئي. پٽ کي ڄڻ ته سائو پهراڻ پيو هو ۽ اهو ڏسي روح کي راحت پئي آئي سڄي واٽ چوڦير نظر ڦيرائيندا ۽ ڳالهيون ٻولهيون ڪندا اچي مياڻيءَ پهتاسين، حيدرآباد کان وٺي مياڻي تائين ست ميل پنڌ آهي، پر اسان لکايو به ڪين.

مياڻيءَ جو ڪو ڳوٺ ڪونهي، تنهنڪري اتي نڪي هٽ آهي، نڪي گهر آهن. هتي اڳي پلن ۽ مڇين جي مياڻ هوندي هئي، تنهنڪري اهو نالو پيس، مياڻي رڳو ديهه جو نالو آهي. اها ٻيلن جي ديهه آهي، تنهنڪري ٻيلن جي کاتي وارن جو اُتي بنگلو ٺهيل آهي. مُهڙ ۾ باغ آهن، جن ۾ انبن جا وڻ اڪيچار آهن ۽ پريان ٻيلو آهي. مياڻي جو ٻيلو گجگاهه آهي؛ منجهس بگهڙ گهڻا آهن، جيڪي مال جو زيان ڪن ٿا. خبر اٿو ته بگهڙ مال جو زيان ڪيئن ڪندا آهن؟ هڪڙو بگهڙ هوندو ته ٻڪرين جي ڌڻ کي پيو ڀاپيندو ۽ جنهن وقت ڏسندو ته ٻڪرار جو مُنهن ٻئي پاسي آهي يا ڪا پٺ (ٻڪري) وڌي ويجهي آئي آهي، تنهن وقت جهٽ مٿس ڪاهي پوندو ۽ سڄي کڻي هليو ويندو. جيڪڏهن ٻه بگهڙ ڪنهن ٻڪري تي ڪاهيندا ته هن کي اڌواڌ ڪري اُن جا آنڊا گجيون ڪيرائي باقي گوشت کل سوڌو کڻي ويندا. بگهڙ کي بندوق سان مارڻ سولو آهي، پر مالدارن کي بندوق جو پروانو ڪونهي، تنهنڪري اهي ڪتن جي لوڌ ۽ ڏاڦين ۽ ڪهاڙين سان بگهڙ کي ماري پورو ڪندا آهن.

اسين مُهڙ واري باغ ۾ انبن جي وڻن هيٺان وڃي ويٺاسين ته اُهي ڏينهن ياد پيا، جن ڏينهن ۾ چيٽي چنڊ تي هتي اچي ويهبو هو، ۽ لعل جا جاٽي هتان اچي لنگهندا هئا، ته انهن سان گڏ ڪرها ڪُڏائي شهر ۾ اچبو هو. بازار ۾ ماڻهن جا ميڙ بيٺا هوندا هئا؛ زالون ۽ ٻار کُڏن تي هڪٻئي مٿان ڳاهٽ پيا ٿيندا هئا، جو سڀني کي جاٽ ڏسڻ جو شوق هوندو هو. بازار ۾ چپي چپي تي گهوڙريا ميون ۽ مٺاين جا ٿالهه ڀري اچي بيهندا هئا ۽ چڱي وڪري ٿيندي هين. جنهن وقت جاٽين جي اُٺن جون قطارون شاهي بازار مان لنگهنديون هيون، تنهن وقت ننڍو وڏو خوشيءَ ۾ ڀرجي اوچي آواز سان چوندو هو ته ”لال جا جاٽي چئو جهولي.“ شاهي بازار جو نظارو ان وقت عجيب هوندو هو. اڄ ماڻهن ۾ اها خوشي ڪانهي ۽ هرڪو پنهنجي حال ۾ حيران آهي.

اهي آڳاٽيون ڳالهيون ڳڻيندا هٽڙيءَ ڏي وياسين. مياڻي ۽ هٽڙي گڏيا پيا آهن. هٽڙي ۾ پنج ڇهه دڪان آهن ۽ ڀاڄي ڀُتو، ٿورو ميوو ۽ مٺايون اتي ملي سگهن ٿيون. اُتي اسڪول ۽ پوليس جو ٿاڻو به آهي. اسان ٻن چئن کان پڇيو ته هٽڙي تي اهو نالو ڪيئن پيو؟ سڀني ساڳي ڳالهه ڪئي ته مياڻي جي جنگ کانپوءِ هي ڳوٺ ٺهيو. هتي ڪيترا ڏينهن جنگي کاتي وارا رهندا هئا، تن جي سهوليت ۽ پنهنجي ڪمائي لاءِ ڪنهن واڻئي هتي اچي هڪ ننڍڙو هٽ ڪڍيو، جنهن کي عام طرح ”هٽڙي“ (ننڍڙو هٽ) چوندا هئا ۽ پوءِ ڳوٺ ٻڌو ته انهي تي به اهو نالو پيو.

هٽڙي کان اڳڀرو هلي پراڻي ڦليليءَ جي پيٽ مان لنگهي هڪ پيچرو وٺي پنڌ پياسون. سڄا پٽ ولايتي ٻٻرن سان ڇانيل هئا، جن جا سنها ۽ سُهڻا پن سياري سبب ٻرنگا ٿي پيا هئا، اڌ ساوا ته اڌ سون ورنا. اُنهن ٻٻرن ۾ ڪنڊا ڇڊا پاڍا ٿا ٿين، تنهنڪري ٻڪريون ۽ اُٺ وڏي چاهه سان چڪ هڻي منجهانئن ڍؤ ڪندا آهن. انهن ٻٻرن ڇانئيءَ واٽ کان نڪري ٻاهر ٿياسون ته نار جو رينگٽ ٻُڌوسون ۽ کوهه جي ڀرسان ڏيوري ڏٺيسون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org