سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :52

 گنجيفه: گنجيفه يعني پتا ٻن نمونن جا هوندا آهن: (1) انگريزي، ٻاونجاهه پتن جي پوري تاس ۽ (2) مغلي. انگريزي تاس کيڏڻ جو گهڻو رواج آهي. تاس ڪيترن قسمن جي راندين ۾ ڪم آندي ويندي آهي ۽ ان لاءِ اهڙا اهڙا اصطلاح ۽ محاورا ايجاد ڪيا ويا آهن، جو يورپ جي ڏکين ڏکين ٻولين ۾ به مشڪل ملندا . جوڙي تاس ۾ ڪُل ڇهانوي پتا هوندا هن. اُهي اٺن رنگن ۾ ورهايل هوندا آهن. هرهڪ رنگ ۾ تيرهن پتا هوندا آهن. جهڙو؛ بادشاهه، راڻي، وزير ڏهه ٻيا، ڏهلي کان وٺي يڪا تائين.

چنر- پسي (چلر ڦِسي): پچيس راند جهڙي آهي، پر ان کان سولي آهي ۽ سکي به وڌيڪ آسانيءَ سان سگهبي آهي. راند جو تختو پنجويهن خانن ۾ ورهايل هوندو آهي ۽ هرهڪ کيڏاري کي چار ساريون ڳوٽيون (ڳوٽون)  ۽ چار ڪوڏيون هونديون آهن. ڪوڏيون ڍاري جو ڪم ڏينديون آهن. جيترا خال پوندا آهن، اوترا خانا ملندا آهن. راند جو نالو چنر ۽ پسي لفظن مان نڪتل آهي، جي چارئي ڪوڏيون اُبتيون پٺي ڀر پونديون آهن ته ان کي چنر (چلر) چوندا آهن ۽ جي هڪ پوندي آهي ته ان کي پسي چوندا آهن. چنر ٻه ڄڻا به کيڏي سگهندا آهن ۽ چار به، جيڪو وچئين خاني ۾ پهريائين پهچي ويندو آهي، تنهن راند کٽي. جڏهن ڪا ساري منڌيئڙي واري گهر ۾ هوندي آهي، تڏهن اُن کي ماري نه سگهبو آهي.

ٽِٽڻ: ٽِٽڻ افغانن ۽ ايرانن جي ”ڪتر“ راند جهڙي آهي. افغان،ڳوٺن جا غريب ماڻهو ان راند  جي گهڻا شوقين هئا. اڇين ڏاڙهن وارا ماڻهو به زمين تي ڪاٺيءَ سان ليڪا ڪڍي ، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽٽڻ ويٺا کيڏيندا هئا.سنڌ ۾ انهي لاءِ تختو يا ڪپڙو ڪونه استعمال ڪندا هئا. راند تمام آسان هوندي هئي.هر هڪ رانديگر کي ٽي پٿر يا ڪوڏون هونديون هيون، جي واري واري تي هلائيندا هئا. جنهن ٽيئي ڪوڏيون پهريائين قطار ۾ رکيون،تنهن بازي کٽي .جڏهن ته ”نوٽڻ“ ۽ ”سورهن ٽڻ“ هوبهو ”ٽٽڻ“ جهڙيون رانديون آهن، فقط انهن ۾ وڌيڪ ليڪون ۽ ساريون هونديون هيون.

ٻاراڻيون رانديون: ٻاراڻا کيل هندستان ۽ يورپ جي مشهور کيلن جهڙا آهن. مثلاً ڏنڊ ، ٿوڻي کي ڇهڻ ، لڪ چپ، قيد وغيره. وڏي عمر جاماڻهو به هي رانديون کيڏڻ کان عار ڪونه  ڪندا آهن. ڪي اهڙيون سخت رانديون آهن، جو انهن ۾  هڏ گُڏ به ڀـڄي پوندا آهن. ۽ ماڻهو مري به ويندا آهن. ٻين ملڪن وانگر هتي به ”کينهونءَ“ کان گهڻو ڪم ورتو ويندو آهي.  کينهون ڌاڳي جو ٺهيل هوندو آهي، وچ ۾ سوپاري يا مٿان چمڙو ويڙهيل هوندو آهي. زالون به پنهنجي نزاڪت ۽ چترائي ڏيکارڻ لاءِ کينهونءَ راند ڪنديون آهن، تنهن ڪري هن ملڪ  جي عشقيه شعرن ۾ کينهونءَ ڏانهن گهڻا اشارا ڪيل آهن.

راڳي

ٻن قسمن جا راڳيندڙ آهن: (1) ڪلونت يا گويا، (2) لنگها يا ميراسي، جيڪي ملڪ جا ڀٽ يا چارڻ آهن. لنگهو جيڪو هڪ شائسته لفظ آهي، پر مڱڻهار هڪ فضيلت وارو لفظ آهي، انهن کي لاڙ ۾ ڀانُ ۽ ”منگتو“ به چوندا هئا ۽ اُتر ۾ ”ميراثي“. ميراثين بابت عام ماڻهن جو چوڻ آهي ته : ميراثي، ”مير“ ۽ ”عاصي“ مان نڪتل آهي. ميراسي = مير + رس= رس معنيٰ ڳائڻ ۽ مير اُهي ڳائڻ جو سرواڻ، يعني ميراثي. هنن جو وڏو ڪو امير ماڻهو هو، پر هڪ شڪاريءَ سان گڏ ماني کاڌي هئائين. جنهنڪري مٿس عاسيءَ جو ناقابل رشڪ لقب پيو. اهڙي ريت، هو ميراثين جو ابو بڻجي ويو. مڱڻهارن جي دعويٰ آهي ته اهي اعليٰ نسل جا آهن. ڪي پاڻ کي سمن سان پڻ ڳنڍيندا آهن، جيڪي ڪنهن وقت سنڌ ۾ حڪومت ڪندا هئا، ڪي ته وڃي شاعر ڪعب الاهبر تائين پهچندا آهن. لنگها جيڪي يا سنڌي نسل جا آهن. اُهي گهٽ ذات سمجهيا ويندا آهن ۽ تحقيق اُهي هتي جو ڏاڍو مظلوم ۽ هيٺانهون طبقو آهي. اڪثر قبيلي کي پنهنجا چارڻ آهن، جيڪي شادين، طهرن ۽ اهڙن ٻين موقعن تي حاضري ۾ رهندا آهن ۽ هنن کي وٽانئن چڱا چوکا انعام اڪرام به ملندا آهن. اُهي اڳين زماني ۾ ترار ۽ ڍال ڪشي، سرندو هٿ ۾ کڻي، قبيلي جي سردار سان جنگ جي ميدان ۾ ويندا هئا. ۽ پنهنجا رزميه شعر، گيت ٻُڌائي کين ويڙهه لاءِ اُڀاريندا هئا. هنن جو ڪم هوندو هو سورهين جي پُٺڀرائي ڪرڻ ۽ ڪانئرن تي لعنت ۽ ڦٽڪارون وجهڻ. ماڻهو انهن جي زبان هِجوَ کان ڪؤ کائيندا هئا ۽ اڃان به کائين ٿا.

ٽالپر خاندان جي هڪڙي فرد، جنهن مياڻيءَ جي ويڙهه ۾ بهادري ڪانه ڏيکاري هئي، تنهن جو هنن هجو سان اهڙو ته نڪ ۾ دم ڪيو هو، جو هو کين چڱي رشوت ڏيندو هو، ته جيئن سندن مُنهن تي نه چڙهن. اڳي وڏا چارڻ ميرن جي مختلف نوڪرين ۾ هوندا هئا، پر هاڻي هو پنڻ يا بازارين ۾ ۽ شاديءَ مراديءَ تي ڳائي گذران ڪندا آهن. هو جيترا غريب آهن، اوترا سست ۽ ڪاهل پڻ آهن، ۽ عيش پرستيءَ جي ڪري ماڻهن کي خيرات لاءِ ڏاڍو تنگ ڪندا آهن. ڳائڻ جي علم ۾ اُهي هندستاني گوين کان گهٽ آهن، پر هنن جا غم سُر ايراني سُرن سان ٺهڪندڙ آهن ۽ هندستاني راڳ جيان ٿڪائيندڙ نه آهن. وٽن راڳ کي قلمبند ڪرڻ جو طريقو ڪونه آهي. جنهنڪري اُهي سڀ ڪجهه برزبان ياد ڪندا آهن. هنن جو آواز هلڪن سُرن لاءِ چڱو هوندو آهي. پر وٽن ڪوڙو سُر ڪونه ٿيندو آهي ۽ جيئن آواز بلند هوندو آهي، تيئن وڌيڪ پسند ڪيو ويندو آهي. هنن جا مٿانها سُر شوخ ۽ اڻ ٺهڪندڙ هوندا آهن. انهن مان ته ڪي جهنگلي جانورن جي اوناڙن جهڙا لڳندا آهن. ساز جي سنڀال اصل ڪانه ڪئي ويندي آهي. تنهنڪري جيڪڏهن اهو اتفاق سان چڱي حالت ۾ هوندو آهي ته به پورو ڪم نه ڏيندو آهي. ساز تي گهڻو ڪري جتڪي ۽ سنڌي ٻولين ۾ بيت، وايون، ڏوهيڙا ۽ اهڙي قسم جا ٻيا شعر چوندا آهن. لنگهن کي گهڻو ڪري صوفياڻي متي جي ابتدائي اصولن جي ڄاڻ هوندي آهي، تنهنڪري هو عشقيه ۽ شراب نوشيءَ وارن شعرن جي اندروني معنيٰ ڪندا آهن. انهن لنگهن ۽ ڪلونتن کي اڪبري درٻار جي مشهور گويي، تانسين لاءِ نهايت تنظيم هوندي آهي.

ٻاليشاهي ۽ شڪاري

مسلمانن ۾ هندوئن جيان ذات پات جو ايڏو ڀيد ڪونه آهي. پر ٻين ملڪن جيان هتي به ڪوري ۽ چمار ذليل ۽ گهٽ ذات وارا سمجهيا ويندا آهن......... هتي ٻه اڇوت قبيلا- ٻاليشاهي ۽ شڪاري- آهن، جيڪي پنهنجي ڪرت ڪسب ڪري پوئتي رهجي ويا آهن. ٻاليشاهين کي سندن ڪسب موجب ڀنگي يا چُهڙو سڏيندا آهن. اُهي خوش اخلاقيءَ سبب ”حلال خور“ جي نالي سان ڪوٺبا آهن. اُهي انهيءِ شاهي لقب تي فخر ڪندا آهن. ٻاليشاهي عام سنڌي ماڻهن جهڙي پوشاڪ پائيندا ۽ پنهنجي قبيلي منجهه شادي ڪندا آهن. هو شهرن ۽ ڳوٺن جي ٻاهران رهندا آهن. هنن جو گذران شڪار ۽ سندن خاص پيشي تي هوندو آهي، جنهن لاءِ گهر- گهر تان مهيني ۾ اٽو ملندو آهي......... ڪجهه شهرن ۾ ملسمان چُهڙا آهن، پر اُهي ٻاليشاهي نه آهن. اُهي طهر ڪرائيندا آهن، ڪلمو پڙهندا آهن، نماز پڙهندا آهن، پيرن جي تعظيم ڪندا ۽ مُلن کي شادين توڙي غمين تي سڏيندا آهن. هنن وٽ ڪو مقدس ڪتاب ڪونهي. ساڳئي وقت هنن کي مسجد ۾ اچڻ جي منع آهي، چوندا آهن ته اُهي حرام کائيندا آهن، جنهن ڪري ڪوبه مسلمان ساڻن گڏ کائيندو پيئندو نه آهي. هندو هنن کي اهڙو پوتر سمجهندا آهن، جو سندن هٿ لڳندو اٿن ته وڃي سنان ڪندا آهن.

هندو طبقو

حيدرآباد ۾ هندو طبقو اها ساڳي پنگتي حيثيت رکي ٿو، جيڪا هندستان جي شهرن ۾ مسلمان رکي ٿو. هندو واپار ۾ يا پنهنجن ذات ڀائن جي ڌرمي ضرورتن پوري ڪرڻ ۾ مشغول رهن ٿا، تنهن ڪري هنن ۾ هندستان جيترا اڇوت فرقا جهڙوڪ: پرواري، مانگ، چاندل وغيره ڪونه آهن. عربن واري حملي وقت هندن جون جيڪي وڏيون آڪهيون هيون، تن مان ڪي ٿوريون وڃي سلامت بچي سگهيون. هنن جو گهڻو لاڙو گُرو نانڪ جي متن ڏانهن آهي ۽ ڪيترين ذاتين، سکن جو ڌرم، هندن جي اصلي اصولن سان اهڙيءَ ريت ملائي ڇڏيو آهي، جو هاڻي انهن ۾ ڪابه گهڻي وڇوٽي نظر نه ايندي آهي. هندو ننڍين ننڍين ذاتين ۾ ورهايل آهن: هندن جا ست ورن يا ست ذاتيون هن ريت آهن: برهمڻ، لوهاڻا، ڀاٽيا، سهتا، وئيش، جنهن ۾ ڪيترا ڪٽنب اچي وڃن ٿا، جهڙوڪ وهڻ، کٽي وغيره، پنجابي ۽ سونارا.

هڪ ڳالهه چٽي آهي ته جيتوڻيڪ پوڪارڻو اصلي برهمڻ آهي، پوءِ به هن جي ذات اوچي نه آهي. هو واپار کان ورلي عار ڪندو آهي ۽ بعضي ته رسوئي جو ڪم به ڪندو آهي. برهمڻ پنهنجي نالن جي اڳيان يا پُٺيان داس، رام، چند، راءُ، مل، جي يا مسٽر ڳنڍيندا آهن، جيئن ته مسٽر سک ديوجي، انهن مان گهڻا ٿوري- گهڻي سنسڪرت سمجهي ۽ پڙهي سگهندا آهن. انهن کي جوتش جي علم ۾ شهرت حاصل آهي. هنن جو ڌنڌو آهي جنم پُتريون ٺاهڻ، گهڙيون مقرر ڪري، ٽپڻو( جنتري) تيار ڪرڻ، ڪريا ڪرم ڪرڻ ۽ پنهنجن ششن جي ڌرمي سکيا جي نظرداري ڪرڻ. هنن جي جوتش جو علم ايڏو وسيع نه آهي، پر پوءِ به ايترو ضرور ڄاڻندا آهن جو عام ماڻهو، بلڪ ڌارين ذاتين وارا جهڙوڪ: سک ڌرم جا پوڄاري سندن مڃتا ڪندا آهن. تنهن کان سواءِ هو ڪافي پوتر زندگي گذاريندا آهن- جيتريقدر برهمڻن لاءِ پوتر رهڻ ممڪن آهي. اُهي ورلي فارسي سکندا آهن يا عام ڌنڌو ڪندا آهن. اُهي ماس نه کائيندا آهن ۽ شراب اصل نه پيئندا آهن ۽ شادي پنهنجي ذات ۾ ڪندا آهن. پوڪارڻو سنڌي ٽوپي نه پائين. اُهي اڪثر گيڙوءَ رتي رنگ جي پڳڙي ٻڌن ٿا. اُهي ڏاڙهي ڪوڙائيندا آهن ۽ پوشاڪ شاهوڪارن يا واپارين جهڙي پائيندا آهن. اُهي ڪو خاص تلڪ يا جاتيءَ جو نشان ڪونه ڏيندا آهن، پر پيشاني تي سنئون يا اُڀو ليڪو ڪنهن امتياز بنا ڪڍندا آهن (هندستان ۾ اُڀو ليڪو وشنو جا پوڄاري پاڻ کي شوِ جي پوڄارين مان ظاهر ڪرڻ لاءِ ڏيندا آهن. شو جا پوڄاري، ڀرون جي مٿان سنئون ليڪو ڪڍندا آهن.

هندستان جيان حيدرآباد ۾ ٻه ٽي سن هئا: (1) هجري يا قمري، (2) هندستاني يا قمري، (3) فصلي يا سرڪاري سال، جنهن جو مدار موسمن تي هوندو آهي. هتي عام طرح هندو وڪرما جيت جو سن (سنبت) ڪم آڻيندا آهن...... سنڌين ۾ ڇنڇر ۽ آچر نجس ڏينهن ڪري سمجهيا ويندا آهن. هندو منگل جي واکاڻ ڪندا آهن ۽ مسلمان ان کي نجس ڪري سمجهندا آهن. برهمڻن کي ڪيترن يگين جي ڄاڻ هئي، پر هو پوئين يگيا جي شروعات کان سال ڪونه شروع ڪندا آهن. وقت جا ننڍا ڀاڱا هندستان جي حصن جهڙا هوندا هئا. ڪيترن برهمڻن کي ”اڌڪ“ ڪرڻ يعني سال ۾ اڌ مهيني جو اضافو ڪرڻ ايندو هو، پر هنن کي جتي وڻندو هو، اتي اٽڪائي ڇڏيندا هئا.

سروست يا سرسڌ، جنهن جو صحيح مفهوم آهي، سروستي نديءَ طرفان آيل، اپوتر ماس ڪونه کائيندا آهن. جهڙوڪ؛ ڳئون جو گوشت ۽ مرغيون. پر اُهي مڇي، جهنگلي پکي، بصر ۽ هرڻ، ڇيلي ۽ دُنبي جو گوشت کائيندا آهن. ڇاڪاڻ ته جيل جي ديويءَ ڏڪار ۾ انهن شين کائڻ  جي اجازت ڏني هئي. گوشت هميشه بازار مان خريد ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته اونچي ذات جا هندو ٻين هندوئن جيان هتي به پنهنجي هٿ سان جانور ڪونه پائيندا آهن. سرسوت ذات جا ماڻهو اڪثر شراب پيئندا آهن ۽ پنهنجي ذات جي وڌوائن سان شادي ڪندا آهن. اُهي ڏاڙهي ڪوڙائيندا آهن ۽ عام شاهوڪارن جهڙي پوشاڪ يعني اڇي پڳڙي، انگوڇو، ڌوتي، بوڇڻ ۽ ڪپڙي جي جُتي پائيندا آهن. اُهي هٿ ۾ اڪثر ڪري ستاويهن داڻن واري صندل جي ڪاٺيءَ جي مالها کڻندا آهن، سرسوت بعضي بعضي عاملن جهڙي پوشاڪ پهريندا آهن، پر پوڪارڻا ورلي ايئن ڪندا آهن.

حيدرآباد ۾ سرسوت ذات جا ڪيترائي ماڻهو رهن ٿا. اُهي ورلي فارسي سکندا يا نوڪري ڪندا آهن. هنن جو مکيه شغل آهي سنسڪرت سکڻ ۽ گُرمکي ڪتاب پڙهڻ. سرسوتن کي جوتش جي علم جي ٿوري ڄاڻ هوندي آهي، پر پنهنجي علم جي ڪمي اڳڪٿي سان پوري ڄاڻ هوندي آهي، پر پنهنجي علم جي ڪمي اڳڪٿي سان پوري ڪندا آهن. هنن جي پيشگوئيءَ واري طريقي کي ”نشڪڻ ڪرڻ“ چئبو آهي. اهو ايئن ڪيو ويندو آهي جو ڪوبه سوال دل ۾ رکي، ساهه جهلي، ناسون آڱرين سان بند ڪري ڇڏبيون آهن. ڪجهه ويچار کان پوءِ نهايت خاطريءَ سان جواب ملندو آهي ته فلاڻي ڪم جو نتيجو هن طرح ٿيندو ۽ ان لاءِ اُجوري جي به طلب ڪئي ويندي آهي.

هندن مان سڀني کان وڌيڪ اثر رکندڙ لوهاڻا ۽ ڀاٽيا آهن. لوهاڻا حيدرآباد ۾ وڌيڪ رهن ٿا. جن مان سرڪاري عملدار يا واپاري آهن. هنن مان هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر جو چڱو مڙس آهي. اهي سڀ جڻيو پائيندا آهن. حقيقت ۾ اها ”پوڄارا“ يعني درياهه ديوتا جا پوڄاري آهن. انهن مان ڪجهه وشنوءَ ۽ شوَ جا شيوڪ آهن. هتي شيوڪ اهو آهي جيڪو هندن جي مورتي جي پوڄا ڪري ۽ ”ٽهليو“ گروءَ جي چيلي کي چوندا آهن. ڪن نانڪ شاهه جو ڌرم اختيار ڪيو آهي. اهي گوشت کائيندا آهن ۽ شراب جا عادي آهن. اُهي پاڻ کان گهٽ خواهه وڌ ذات واري جي هٿ جو پاڻي پيئندا آهن. اُهي نه گهڻي پوڄا ڪندا آهن ۽ نه وري ڪن مقرر وقتن تي ڪندا آهن. اُهي ميلن، جاٽن ۽ درشنن تي  ويندا آهن،  جتي ڀڳتيءَ کان وڌيڪ آوارگي هوندي آهي. هنن وٽ خداآبادي اکرن مان ڪي سنڌي پرارتنائن جون چوپڙيون آهن، جيڪي سندن پروهت ماڻهن کي پڙهي ٻُڌائيندا ۽ سمجهائيندا آهن، اُهي ڌارين جي نظرن کان نهايت احتياط سان لڪايون وينديون آهن. اُهي پڳڙيون، انگرکا ۽ لُنگ يا پوتيون ۽ بعضي ڪمربند ۽ ڪُلهن تي بوڇڻ يا شال پائيندا آهن. اُهي ڏاڙهي ۽ مٿي جو اڳ ۽ پُٺ ڪوڙائيندا آهن ۽ تارونءَ تي چوٽي ۽ پاسن کان ”چڻ“ يا وارن جون چڳون ڇڏيندا آهن. هو مُڇون ڪونه وڍائيندا يا ڪوڙائيندا آهن، جيستائين شوڪ ۾ نه هوندا آهن. اهڙن وقتن تي هو چُڻَ يا پاسي جا وار پڻ وڍائيندا آهن.

وديا لاءِ واپاريءَ کي واجهي يا هندو ماستر وٽ وڃڻو پوندو آهي، جو کيس ٿورو حساب ڪتاب ۽ سنڌي آئيويٽا سيکاريندو آهي، جنهن ۾ اُهي پنهنجون وهيون رکندا آهن....... ڪي ماڻهو اُهي وهيون ڪنهن فيصلي واپار توڙي ڪنهن ٻئي جي ڏس ۾ هينئر ڪورٽ ۾ پيش ڪن ٿا يا اڳي ٽالپر دور ۾ درٻار ۾ پيش ڪندا هئا...... سال کان پوءِ اُهي پڙهڻ ڇڏي ڪو ڌنڌو اختيار ڪندا آهن. لوهاڻا ڌنڌي ۾ ڏاڍا هوشيار آهن. هنن مان ڪي ڌارين ملڪن ۾ وڃي جهجهو ناڻو ڪمائيندا آهن. هنن جو مکيه وهنوار ڪپڙي ۽ هُنڊين جو آهي. هُنڊين جي ڪم لاءِ هنن کي خاص رغبت هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته اُهي انهن تي پنهنجي مرضي موافق وياج ۽ نفعو وٺي سگهندا آهن.

هتي جيڪي شودر آهن، تن سڀني جڻيو پائڻ شروع ڪيو آهي. اُهي مٿي تي تلڪ لائيندا آهن ۽ سڀني ڳالهين ۾ واڻين جي پيروي ڪندا آهن. ساڳئي وقت شودر  پنهنجي ذات ۾ شادي ڪندا آهن.......... تازو شادي ڪيل ماڻهو کي پهرئين ٻار جي ڄمڻ تائين گهر ۾ رهڻو پوندو آهي، ان کان پوءِ اُهو ڪڏهن به مسافري تي نڪري سگهندو آهي......... وهڻ ۽ ڀڳڙن ڀڃڻ جو ڌنڌو ڪندا آهن، هنن جو گذران ڀڳڙن وغيره جي وڪري تي آهي، کٽي يا رنگريز به گهڻا ئي آهن، ڇو ته هندو خواهه مسلمان رڱيل ڪپڙا پائيندا آهن، اُهي گهڻو ڪري شهرن کان پري رهندا آهن. ڏيهي ماڻهو چوندا آهن ته اُهي ان ڪري پري رهن ٿا ته جيئن پنهنجي پورهئي لاءِ وڌيڪ مزوري گهُري سگهن. سندن خلاف ماڻهن کي ڪنهن به قسم جو مذهبي اعتراض ڪونه آهي. هنن لاءِ شايد ضروري آهي ته سندن ڪُنيون مٺي پاڻيءَ جي کوهن ڀرسان نه هجن. سوچي، چمڙو پاڻ ڪونه رڱيندو آهي. هو چمڙو مسلمان موچيءَ کان وٺي سبندو آهي ۽ گهُرج موجب پٽ سان ڀريندو آهي. حجام به آهن، جيڪي پٽڪو به پائيندا آهن.

شودر گهڻو ڪري مهاديو ۽ ديويءَ جي پوڄا ڪندا آهن. هنن جا پروهت، برهمڻ  آهن. سندن نالا سولائيءَ سان سُڃاڻي سگهجن ٿا. ڇاڪاڻ ته انهن جي پُٺيان سندن پيشو ڏيکاريل هوندو آهي. جيئن ته تيجو وهڻ، هرو کٽي ۽ کٽو سوچي. هندن جون ٻيون به ڪيتريون ذاتيون حيدرآباد ۾ رهندڙ آهن. جيڪي رنگ جا گورا آهن ۽ سندن مهانڊا ۽ شڪليون ٻين ماڻهن کان نراليون آهن. جن ۾ اڪالي خالصا، يا اصل سک، لوهاڻا سک، اڪالي سک سڀ ڳالهه ۾ پنجاب جي اُپاشين جو نقل ڪندا آهن. اُهي پنهنجي بدن جي وارن کي پاڪيءَ سان بنهه نه ڇُهندا آهن ۽ هر قسم جو گوشت مثلا؛ ڪڪڙ وغيره، جو ٻيا اپوتر سمجهندا آهن، ۽ هي کائيندا آهن. هنن کي تماڪ لاءِ ڌرمي ڌڪار هوندي آهي ۽ اُهي وارن ۾ تيل بدران گيهه وجهندا آهن ۽ فقط انهن جانور جو گوشت کائيندا آهن، جيڪي جهاٽڪو ڪيل هوندا آهن. اڪالي سک جڻيو نه پائيندو آهي. پر کيس چڪر، ڪنگڻي ۽ ڪڇي مان سڃاڻي سگهجي پيو. لوهاڻي سک کي ناٽڪ شاهي ۽ مني سنگهه يعني وارن ڪوڙائڻ وارو سنگهه به چوندا آهن. ڇاڪاڻ ته هو شوڪ ۾ ڏاڙهي مٿو ڪوڙائيندا آهن. هن کي تماڪ ڇڪڻ، جڻيي پائڻ ۽ مسلمانن جي کاڌل گوشت کائڻ جي اجازت آهي. هو ڪنگڻي بعضي بعضي پائيندو آهي. پر چڪر اصل نه کڻندو آهي. هنن جي شادي غمي جون رسمون سندن ٻين ذات وارن لوهاڻن واڻين جهڙيون آهن. ٻيئي فرقا، امرتسر جي لوهه جون ڪنگڻيون ۽ سمرڻو يا مالها کڻندا آهن............... جنهن کي جپ مالها به سڏبو آهي، ان ۾ ستاويهه داڻا هوندا آهن، جي چار ڀيرا پڙهبا آهن. ”رام“، ”واهه گرو جي ڪي جئي“ ۽ ”شري گنيشہ نمهہ“ وغيره شبد هڪ سئو اٺ ڀيرا پڙهڻ شُڀ سمجهيو ويندو آهي............. چوندا هئا ته ڪنگڻين ۾ اهو گُڻ آهي جو انهن جي پائڻ سان ننڊ چڱي ايندي آهي ۽ مالها مان هو اسم ۽ منتر پڙهندا آهن، جن جي سندن ڌرم ۾ کوٽ ڪانه آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org