سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب: --

صفحو :17

قلعي جي اڏاوتي تاريخ

سنڌ جي گھڻين تاريخن ۾ آهي ته:”ميان غلام شاهه ڪلهوڙي قلعي جي تعمير جو حڪم ذي القد 1182هه (1769ع) ۾ ڏنو هو. پوءِ مهاجنن ۽ هندو عالمن کي آسپاس جي زمين تي آباد ڪرڻ ڪري ٿوري وقت ۾ هي نهايت ئي شاندار شهر بڻجي ويو. هڪ سال کان پوءِ ميان غلام شاهه، ديري غازي خان کان واپس ورڻ بعد اميرن ۽ وزيرن سان قلعي ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. ميان غلام شاهه جي وقت ۾ جن ماڻهن بابت يقيني طور چئي سگھجي ٿو ته اچي هن نئين شهر ۾ ويٺا تن ۾ هڪڙا ناهيا هئا، جيڪي سڀ فوج جا ماڻهو هئا، ۽ ٻيا توبن جا گولي انداز هئا، جن کي پوءِ ’گل انداز‘ ڪري سڏيو ويو. چون ٿا ته گولي اندازن جو وڏو شهباز خان هو. جيڪو قنڌار مان آيو هو. ڪمي ڪاسبي، ڪاريگر،دڪاندار ۽ واپاري به ضرورت وقت شهر ۾ وسايا ويا هوندا. پر انهن بابت هن وقت ڪو به احوال ملي نٿو سگھي.“

ميان غلام شاهه هڪ ڏينهن ڪچهري سڏرائي، جنهن ۾ قلعي جي تعريف ۾ قصيدا پيش ڪيا ويا. شاعرن کي انعام اڪرام سان نوازيو ويو. ۽ ميان انهي مجلس ۾ نيرون ڪوٽ جو نالو حيدرآباد تجويز ڪيو ۽ هڪ سنگ مرمر جي تختي ٺهرائي قلعي جي مکيه دروازي تي هڻائي ڇڏي، جيڪا اڄ به قلعي جي مکيه دروازي جي نرڙ تي مالڪ جو اتو پتو ٻڌائي ٿي. انهي تختي جي ٻنهي پاسن تي خط ڪوفي ۾ هيئن لکيل آهي.

ساڄ پاسي تي: الله اڪبر اللهم صلي وسلم اعليٰ محمد و عليٰ فاطمه

مٿان: والحسن و علي و محمد المحمدي و جعفر و موسيٰ و علي

کاٻي پاسي تي: و محمد و علي و الحسن و محمدالمهدي و الهادي

هيٺيان: بامرعالي مظهر ولايت ميان غلام شاهه خان عالي بن ميان نور محمد بن ميان نصير محمد عباسي بنا يافت

پٿر جي وچئين چوکٽ ۾ آهي:

يا رب اجعل هذا البلد آمنا (اي مالڪ هن شهر کي امن وارو ڪر)

  1182هه

هن تختي جي تحرير مان هن قلعي جي تڪميل جو سال 1182هه يعني 1769ع نڪري ٿو. ميان سرفراز خان به حيدرآباد جي پائي پوڻ تي هڪ نظم لکيو هو، جنهن مان قلعي ۽ شهر جي  بنياد پوڻ جو سال 1182هه نڪري ٿو:

پاڻي

قلعبندي جا ماهر ڪوٽ يا قلعو اڏڻ مهل سڀ کان اوليت ۽ اهميت پاڻي جي ترسيل کي ڏيندا آهن، جيئن ان بنيادي ضرورت کي هر وقت ڪنهن اٽڪ ۽ تڪليف بنا حاصل ڪري سگھجي. خاص طور تي غنيم جي گھيري جي صوت ۾ به انهن وسيلن ۽ زرخيرن ۾ ڪا ڪمي نه اچي.

پڪي قلعي لاءِ چيو وڃي ٿو ته:”منجھس مٺي پاڻي جا پنج کوهه هئا، جيڪي شايد پوءِ ٻاڙا ٿي ويا هئا. “ پڪو قلعو گنجي ٽڪر جي هڪ شاخ تي ٺهيل آهي. رجسٽرار ايم.ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب ’گرائونڊ واٽر‘  ۾ چوي ٿو ته: ”گنجو ٽڪر جيڪو حيدرآباد کي چوگرد گھيرو ڪيو بيٺو آهي، هي کيرٿر جبل جي چن جي پٿر جي ڦٽل ۽ ڇاڙ آهي. گنجو ٽڪر مينهن جو پاڻي ڦاٽن ۽ سوراخن وسيلي جذب ڪري ٿو، جيڪو ٻه سو فوٽ کن هيٺ لهي وڃي ٿو. پاڻي جبلن مان لوڻياٺ چهُڻ ڪري کارو ٿي پوي ٿو، جنهن ڪري گھرو استعمال ۽ فصل لاءِ ڪارآمد نه آهي.“

ماهرن جو چوڻ آهي ته: ” اهو پاڻي زمين اندر هڪ هنڌ نٿو بيهي، پر آهستي آهستي چوڦير ڦهلجي وڃي ٿو. البت جبلن جي اردگرد نو ميلن اندر درياهه جي لٽياسي حصي ۾ چاليهه فوٽن جي گهرائي ۾ مٺو پاڻي موجود آهي. اهو پيئڻ ۽ فصل لا ءِ ڀلو آهي.“ مسٽر هيڊل پاڻي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ” ٽڪري جي پيرن وٽ هڪ پاڻي جي کڏ آهي. جنهن ۾ سدائين پاڻي بيٺو آهي. اهو بدبودار پاڻي گهڻو ڪري غريب ماڻهو استعمال ڪندا آهن. امير گهڻو ڪري پنهنجو پاڻي ڦليلي مان گهرائيندا آهن. سياري ۾ جڏهن پاڻي سڪي ويندو آهي، ته ڦليلي جي پيٽ ۾ ننڍا ننڍا کوهه کوٽي پاڻي ڪڍيو ويندو آهي. اهو صاف پاڻي پکالي ڏاندن تي کڻي ڪوٽ ۾ پهچائيندا آهن. قلعي اندر ڪو پاڻي موجود ناهي. مون کي اهو اندازو آهي، ته اندر ڪوبه کوهه نه هوندو. شهر کي پاڻي پهچائڻ لاءِ 350 پکالي ڪم ڪندا آهن.“

اهو ئي ڪارڻ آهي جو خطري وقت ميرقلعو خالي ڪري ”ٿر“ جي علائقي ۾ ٺهيل قلعن ۾ پناهه وٺندا هئا. جنهن ڏينهن انگريزن حيدرآباد تي قبضو ڪيو هو، ان ڏينهن مير نصير خان جا ٻه پٽ مير حسن علي ۽ مير عباس قلعي ۾ قيد هئا، جن وٽ پيئڻ لاءِ به پاڻي موجود ڪونه هو. نيٺ پنجاهه ماڻهن هڪ سانداري مان ڍڪ ڍڪ ڪري پيتو. حبيب الله رحيم بخش مرزا جي مضمونن مطابق: ” حيدرآباد جي شهر جي ڀرسان ڦليلي ڦاٽ وهندو هو. اڃان اهو واهه نه ٺهيو هو، ان جو پاڻي شايد اڇي موري وٽان موڙي شهر جي اڀرندي هڪ کڏ ۾ ڪٺو ڪيو ويندو هو. ميرن واري زماني ۾ هي کڏ ئي شهر جي پاڻي جو اڪيلو وسيلو هئي. انگريزن جي دور ۾ ڄام شوري کان هڪ واهه، جنهن کي پوءِ نئين ڦليلي سڏيو ويو، کوٽي  ان ڦليلي ۾ رشي گهاٽ وٽ ملايو ويو هو، ان واهه مان هڪ شاخ شهر ڏي رکي وئي هئي، ان شاخ جو پاڻي پهرين ’ڊومڻ واهه‘  ۾ گڏ ٿيندو هو، اُتان اهو تازو پاڻي وڃي سنگت واهه جي ڪپ تي ڏسبيون هيون. ڪن ڪن هنڌن تي پٿرن جون پٿوڙيون به ٺهيل هيون، جتان ماڻهو لهي تلاءُ مان پاڻي ڀريندا هئا.“

ڪاريگر

مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي ’نئين زندگي‘ ۾ لکي ٿو ته: ”هن قلعي جو ڪم استاد شفيع محمد ملتاني ٻين ڪاريگرن سان گڏجي ڪيو هو ۽ ان ڪم جي نگراني مرزا احمد خراساني  ڪري رهيو هو. سارو قلعو گچ ۽ چوني سان جوڙيو ويو. انهيءَ دور ۾ ڪاريگرن جي روزاني اُجرت ڏهه پئسا ۽ مزدورن جي ڇهه پيسا هوندي هئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’مهراڻ 1962ع‘ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته: ” قلعي جي سرن لاءِ اوڀر  طرفان مٽي ڪڍي وئي ۽ اهي کڏون پاڻ ۾ ملي هڪ وڏي کاهي جي صورت بنجي پيون، جنهن کي ’ڪانگن کاڌي‘ ڪري سڏيندا هئا. انهيءَ تي اهو نالو چون ٿا ته ان ڪري پيو جو اتي ڪا ٻاجهري يا جوئر جي پوک هئي، جا هاري کان زوري ڪانءَ کائي ويا. ان ڪري اها ٻني کاهي جي ٻي ڪپ تي هئي، ڪانگن کاڌي سڏجڻ لڳي ۽ نيٺ کاهي تي اهو نالو پئجي ويو.“

کاهي

’سنڌ جي سفر‘ ۾ لطف الله مالوي ٻُڌائي ٿو ته: ” عام قلعن جيان حيدرآباد قلعي جي چوڌاري ڪابه کاهي نه آهي.“ چون ٿا ته بعد ۾ کاهي ٽالپرن جي آخري دور ۾ ٺهرائي وئي هئي. ناٿن ڪرو لکي ٿو ته: ”ڪوٽ کي هڪڙي پاسي کان سُڪل کاهي آهي ۽ ٻئي پاسي کان هيٺاهين زمين آهي.“ ڊلهوسٽي جي لکڻي آهي ته: ”قلعي جي چوڌاري ٽيهه فوٽ ويڪري ۽ ويهه فوٽ اونهي کاهي آهي، جنهن جي مٿان دروازي وٽ هڪ ردي قسم جي ڪاٺ جي پل آهي، جنهن رستي قلعي ۾ داخل ٿي سگهي ٿو.“ مسٽر هيڊل جي رپورٽ مطابق: ”حيدرآباد جو قلعو رڳو چاليهه وال کن جي کوٽيل خشڪ کاهي جي ڪري شهر کان جدا بيٺو آهي،  کيس رڳو اهوئي هڪ هٿرادو دفاع آهي. قلعي ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ کاهي مٿان هڪ پُل آهي، جيڪا مکيه در وٽ شاهي بازار جي سامهون آهي.“ مسٽر ايٽڪن ’سنڌ گزيٽيئر‘ ۾ لکي ٿو ته: ” شهر جي ڏاکڻين ڇيڙي تي حيدرآباد جو قلعو آهي، جيڪو شهر کان چاليهه والن جي کاهي ڪري جدا بيٺو آهي....“

دروازو

ڪوٽ جي دروازي کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ دروازي جي ٻاهران ۽ مٿان ڀت ۾ هڪ وڏي سهڻي محراب ڏني وئي آهي. ان محراب  هيٺيان وچ تي نالي واري سنگ مر مر جي تختي لڳل هئي. محراب ۾ تختي ۽ دروازي مٿان هڪ مستطيل کانچي ۾ وري هڪ ننڍي محراب آهي. جنهن اندر وري چوڪور ۾ ٽين ننڍڙي محراب آهي. سڀ چوڪور ۽ محرابون مختلف رنگ جي گل ٻوٽن سان چِٽيل هيون.  انهن محرابن ۽ چوڪورن هيٺان ڪاٺ جي چوڪٺ ۾ دروازو لڳل هو.

شاهي دروازو هڪ فوٽ ٿلهي ڪاٺي جو ٺهيل هو. مٿس نقش ۽ نگاريءَ جو سهڻو ڪم ٿيل هو، دروازي جي ٻاهرين طرف لوهه جا تمام ٿلها ۽ چهنبدار ڪل لڳل هئا، جيئن حملي آور سولائي سان در ٽوڙي نه سگھن. اهڙي طرح قلعي ۾ اندر داخل ٿيڻ لاءِ هڪ ٻئي پٺيان چئن دروازن مان لنگھڻو پوندو هو. دروازي جي ٻنهي پاسن کان سڌي ڀت آهي جنهن ۾ خوبصورتي لاءِ ڪيترن چؤڪنڊن ۾ محرابن اندر به گل ٻوٽا نقش ٿيل هئا.

ديوان خاص

قلعي اندر مير نصير خان هڪ ماڙي ٺهرائي هئي، جنهن ۾ مير صاحب درٻار ڪندا هئا. ماڙي جي اڱڻ جي ٿنڀن ۽ اندرين ڇت تي نفيس نقش نگاري جو ڪم ٿيل هو. ڀتين تي به رنگين تصويرون اُڪريل هيون، جن ۾ ڪجھ رستم سهراب جون هيون ۽ ڪن ۾ ميرن کي درٻار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. ڪن تصويرن ۾ حضرت اسمائيل جا ديوَ پريون ڏيکاريل آهن. هي ماڙي ’ديوان خاص‘جي نالي سان مشهور آهي. هي بلڪل ننڍڙي ڪوٺي آهي، جيڪا هڪ اوچي ٿلهي تي ٺهيل آهي. جنهن ۾ ڪجھ سال اڳ تائين سنگ مرمر جي هڪ  پراڻي ڀڳل ڪرسي پئي هوندي هئي.

ديوان عام

ديوان عام به ديوان خاص جي ويجهو شاهي دروازي جي سامهون هڪ تمام وڏي ٿلهي تي هو. جيمس برنس لکي ٿو ته: ” ديوان عام جي عمارت جون ڀتيون سڀني پاسن کان تمام سهڻين تصويرن سان سينگاريل هيون ۽ فرش تي رنگ برنگي غاليچا وڇايل هئا. هڪ طرف کان ٽي بلند محرابي دروازا هئا، جن تي سائي ريشمي رنگ جا پردا لڙڪي رهيا هئا، بلوچ سردار خوبصورت ريشمي گلڪاري ٿيل وهاڻن کي ٽيڪ ڏيون ويٺا هئا.“

منارو

هي منارو قلعي جي وچ ۾ شاهي دروازي جي بلڪل سامهون هو، جنهن ۾ چڪردار ڏاڪڻيون لڳل هيون. انگريزن هن تي جهاز لاءِ استعمال ٿيندڙ ڦيري واري وڏي بتي لڳائي هئي. جيڪا ڪافي وقت اڳ لاٿي وئي آهي. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن قلعي تي قبضو ڪيو، تڏهن انهيءَ مناري تي برطانيا جو جهنڊو ’يونين جيڪ‘ ڦڙڪايو ويو.

ٽڪسال

مير مراد علي خان شاهي دروازي جي اوڀر ۾ هڪ ٽڪسال جوڙايو هو، جنهن ۾ هن جي نالي جا سون، چاندي ۽ ٽامي جا سڪا ٺهندا هئا. 1842ع ۾ مير نصير خان جي عهد ۾ چارلس نيپئر جي عهدنامي پٽاندر اهو ٽڪسال بند ڪيو ويو، تنهن بعد سنڌ ۾ راڻي وڪٽوريا جا سڪا جاري ڪيا ويا.

درٻار

’سنڌ جي درٻار‘ ۾ برنس لکي ٿو ته: ” آءٌ نيٺ حيدرآباد جي قلعي جي دروازي تي پهتس، قلعو ميرن ۽ سندن عيال لاءِ مخصوص ٿيل آهي، قلعي ۾ خاموشي هئي.... آءٌ ڪيترين گهٽين مان لنگهي اوچتو هڪ وڏي کليل اڱڻ ۾ پهتس، جتي ڪيترائي خوش پوشاڪ سنڌي بيٺا هئا...... منهنجي جتي لاٿي وئي ۽ آءٌ ميرن جي حضور ۾ بيٺو هيس. ميرن کي خوشنما لباس پهريل هئا اُهي هڪ شاندار ڪمري جي پاسي ۾ اڌ گول جي شڪل ۾ ويٺا هئا. ڪمرو ايراني غاليچن سان سينگاريل هو، ٻه وڏا مير وچ ۾ مَسند تي ويٺل هئا. مسند اڇي رنگ جي ولايتي ريشمي ڪپڙي جي پوش سان هڪ ٿُلهي گدي هئي..... ان جي پٺيان ڀرت ڀريل بخمل جو طول وهاڻو رکيل هو.

هو اڳتي چوي ٿو ته: ” ٽالپرن جي درٻار ۾ هڪ چوياري وارو صندل هو، جيڪو سنگ مرمر يا اهڙي ڪنهن پٿر جو ٺهيل هو، جنهن جي مٿان هڪ ايراني قالين وڇايل هو. چارئي مير ان تي ويهندا هئا. اهوئي انهن جو تخت هو، جيڪڏهن ڪو خاص گورنر  يا بادشاهه ملاقات لاءِ ايندو هو ته کيس ڪرسي پيش ڪندا هئا، نه ته سڀيئي سردارن سان هيٺ گلم تي ويهندا هئا. مير صاحب گهڻو ڪري گاديلن تي ويهندا هئا.“ ڊلهوسٽي درٻار جو احوال ڪندي ٻُڌائي ٿو ته: ” مير مراد علي درٻار ۾ ويٺو هو، سڄي درٻار ماڻهن سان ٽمٽار ڀري پئي هئي، ماڻهو اڳتي جڳهه هٿ ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي کي ڌڪا پئي ڏنائون. انهن کي پنهنجي ملڪ جي حاڪم لاءِ ڪابه عزت ڪانه هئي، اُتي مون محسوس ڪيو ته انهن ميرن جو سنڌ جي سردارن توڙي فوجين تي تمام گهٽ ڪنٽرول آهي.“

مسجد

’جنت السنڌ‘ ۾ آهي ته: ” محمد بن قاسم جڏهن نيرون ڪوٽ پهتو، تڏهن شهر وارن سوکڙيون کڻي سندس استقبال ڪيو. مسلمانن انهن جي بتخاني سان ڪابه ڇيڙڇاڙ نه ڪئي بلڪ مندر جي سامهون جدا مسجد تعمير ڪرايائون.“

غلام رسول مهر لکي ٿو ته: ”قلعي اندر ڪيتريون ئي سهڻيون مسجدون آهن، پر ان جي آسپاس ميان غلام شاهه جي مقبري کان سواءِ ٻي ڪابه ذڪر لائق عمارت ڪونهي.“

مرزا عباس بيگ ذڪر ڪري ٿو ته: ” غلام شاهه قلعي ٺهڻ بعد سندس نگهباني لاءِ مُنهن وٽ ٻه مسجدون ٺهرايون، جن جي مير فتح علي خان جي عهد ۾ مير غلام علي خان مرمت ڪرائي ۽ ساڳي وقت سندس والده ماجده بيبي خيرالنساءِ حيدرآباد ۾ فقير محمد خان جوڻيجي جي پٽ ۾ ڌار مسجد ٺهرائي، ميان غلام شاهه وارين مسجدن جي ڇتين تي ٽي ٽي گنبذ آهن، جن ۾ وچون گبنذ وڏو آهي ۽ چئن ڪُنڊن تي چار گنبڙيون هيون. گنبذ ۽ گنبڙين مٿان ڪاشيءَ جون نيلون هيون. مسجد جي اندرين پاسي نمازين جي هواخوري لاءِ محرابي منگهه رکيل هئا ۽ تنهن کان سواءِ جارا به مٿن هئا. پهرين ڄاڻايل مسجد ۾ سيد طالب شاهه ۽ آخر ۾ ڄاڻايل مسجد ۾ آخوند رحمت الله ويهاريائون. اُهي مسجدون برطانيا دؤر ۾ طالب شاهه ۽ ملا رحمت الله جي نالي سان مشهور هيون. هڪ قطع مان مير غلام علي خان جي مسجد جي تاريخ 1208هه نڪري ٿي:

خرد تاريخ ش بغر مود، مبارڪ خانئه الله اڪبر 1208هه

مير مراد علي خان جي مسجد ٺهڻ وقت اهو قطعو لکيو ويو، جنهن مان تاريخ 1210هجري نڪري ٿي:

هاتف سال اين بنائي حانه ايزد عظيم، مير مراد يافت از مسجد نو بنا بگفت 1210هه

مسجد اقصيٰ جنهن کي شاهي مسجد جي نالي سان به سڏيندا آهن، اها مسجد ڪچهري جي بلڪل ويجهو هئي، جنهن جي تعمير جو سال 1226 هه ملي ٿو:

سال تعمير شريفش چون همي جستم زعيب، طرفه اعليٰ مسجد اقصيٰ است اين آمداند

1226هه

انگريزن جي دؤر ۾ قلعي کي ڇانوڻي طور استعمال ڪيو ويو، بادشاهي محلاتن ۾ فوج رکي وئي، مرزا احسن ڪربلائي جي لکڻ مطابق مسجد اقصيٰ ۾ گهوڙا ۽ ڪُتا ٻڌا ويا.

1857ع جي آزاديءَ واري جنگ ۾ قلعي ۾ جيڪي به عمارتون هيون، سي ڊاٿيون ويون ۽ اها زمين بارود خاني لاءِ استعمال ڪئي وئي.

قلعي جي حفاظت

جيمس برنس چواڻي: ”قلعي جي بچاءُ لاءِ سپاهين جو هڪ ننڍڙو دستو رکيل آهي، پر ڪيترن ئي قبيلن جا سردار مستقل طوردرٻار ۾ رهن ٿا. هو ڪنهن ڳجهي نموني ٿورن ڏينهن ۾ پنهنجي قبيلي جا ماڻهو گڏ ڪري سگهن ٿا. چون ٿا ته:  ’اهڙي نموني سرڪار اٽڪل چاليهه هزار ماڻهو گڏ ڪري سگهي ٿي.....‘ جڏهن جهيڙي جي باهه ڀڙڪندي اُٿندي آهي، تڏهن اُهي جنگ جا نعرا هڻندا اک ڇنڀ ۾ اچي گڏ ٿيندا آهن..... ميرن جي لشڪر ۾ ڀانت ڀانت جا ماڻهو مختلف پوشاڪن وارا آهن.“

مسٽر ڊلهوسٽي جي ڪتاب ’آبزرويشن آن سنڌ‘ ۾ آهي ته: ” آءٌ ڀانيان ٿو ته قلعي اندر 140 کن مختلف سائيز جون توبون موجود آهن، جن مان سٺ کن موزون هنڌن تي سٺي حالت ۾ آهن.“ مير مراد علي خان 250 هندستاني سپاهي ڪوٽ جي بچاءُ لاءِ رکيا هئا، پر سپاهين سان ڪيل واعدو پورو نه ڪيائين، تنهنڪري اُهي کيس ڇڏي هليا ويا.

هينري پاٽنجر سفر جي احوال ۾ ٻُڌائي ٿو ته: ” قلعي جي ديوارن ۾ گهڻيئي ٽُنگ آهن، تنهنڪري توپن رستي هڪ ٻن گولن کان پوءِ قلعي جو ڪهڙو به پاسو سولائي سان ڪيرائي سگهجي ٿو...... قلعي جي ڀت تي ستر توپون رکيل آهن، پر منجهائن رڳو اٺ يا ڏهه ڪم جهڙيون آهن، باقي ٻيون بيڪار آهن ۽ رڳو ڏيکاءُ لاءِ قلعي تي رکايون ويون آهن.

قلعي اندر جايون

مير فتح علي جڏهن حيدرآباد کي پنهنجو گادي جو هنڌ مقرر ڪيو، تڏهن هن پنهنجي ڀائرن لاءِ قلعي اندر جدا جدا جايون جوڙايون. قلعي کي ٽن حصن ۾  ورهايو ويو. قلعي جو اوڀر وارو پاسو مير فتح علي ۽ مير غلام علي جي حصي ۾ آيو، جتي انهن پنهنجا محل ٺهرايا. اچڻ وڃڻ لاءِ قلعي جي اتر واري ڀت ۾ هڪ ننڍو دروازو ٺهرايو. قلعي جو وچ وارو حصو جتي منارو هو، اتي ڪچهري ۽ باغات ٺهرايا، باغن جي اُتر ۾ شاهي دروازو هو، جنهن مان هر عام خاص اچي وڃي پئي سگهيو. مير فتح علي پنهنجي ڪتاب ’فتح نامه سنڌ‘ ۾ هڪ ڊگهو نظم لکيو آهي، جنهن مان قلعي جو شان ۽ شوڪت ظاهر ٿئي ٿو. ڪچهري (قصر) ۽ باغ جي تاريخ سيد عظيم الدين ’عظيم‘ 1204هه ڪڍي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org