سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :120

 ان کان اڳتي مارڪيٽ ڏانهن بازار جي اڀرندي طرف ”سيد امير شاهه“ جي گهٽي اچي ٿي، ۽ الهندي ڏانهن مشهور پاڙو آڏواڻي گهٽي آهي. سيد امير شاهه جي گهٽي ۾ اندر تي شهر جي قاضين جا ويڙها آهن. ٻيا هتي گهڻو ڪري هندو رهندا هئا. امير شاهه جي ڀر ۾ سيد ۽ مسلمان دايا رهندا آهن. ساڳئي هنڌ بازار جي ئي طرف آڏواڻي پاڙي ۾ تڏهن هندو عامل رهندا هئا. اڳتي سري گهاٽ تائين، شاهي بازار جي ٻنهي پاسن کان هندو عاملن ۽ ڀائيبندن جا ئي گهر هوندا هئا. هن هنڌ بازار ختم ٿيندي هئي؛ تنهن هوندي به مارڪيٽ تائين به دڪان ٺهيل هئا، جيڪي تازو تعمير ڪيا ويا هئا.

مٿيان سمورا پاڙا ۽ ويڙها، اڄ کان چاليهه يا پنجيتاليهه سال اڳ آباد هوندا هئا. ڪو شڪ ناهي ته مسلمان اڃان تائين آباد آهن، پر هندن جا پاڙا پناهگيرن سان ڀريا پيا آهن. دهليءَ وارا، آگري وارا، اجميري، جوڌپوري، ڪاٺياواڙي، سڀئي پناهگير هن قديم شهر ۾ رهن ٿا. هتي مون رڳو شاهي بازار جي ڀرسان رهندڙ شهر واسين جو ذڪر ڪيو آهي، ٻين پاڙن ۽ ويڙهن جو بيان نه ڏنو اٿم. بهرحال ورهاڱي کان اڳ به هن شهر ڪافي گهڻي ترقي ڪئي هئي. ان جي ثابتي ان مان ملي ٿي، جو 1840ع جي آدمشماريءَ موجب حيدرآباد جو شهر وڌي وڃي ڏيڍ لک کي پهتو هو.

اڳي سنڌي ٻولي ۾ هڪ پهاڪو عمومن پيو ٻڌبو هو. جو گهڻو ڪري حيدرآباد جا هندو استعمال ڪندا هئا. چوندا هئا: ”ڀائي، هن شهر ۾ اوهان کي ماس سواءِ ٻيو سڀڪجهه ملي ويندو.“ هن پهاڪي جي معنيٰ اها آهي ته اهڙي ڪابه شيءِ يا وکر وغيره ناهي جيڪو حيدرآباد جي شاهي بازار ۾ نٿو ملي سگهي. هن شهر جي اهميت  ان ڳالهه ڪري آهي، جو شهر جي بلڪل وچ مان تاريخي بازار گذري ٿي، جنهن کي شاهي بازار چيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ هن ئي شهر جي عاليشان بازار کي ڏسي، ٻين شهرن ۾ به مکيه بازار ان نالي سان سڏيو ويندو هو. مثال طور ”ڪوٽڙيءَ جي شاهي بازار“، يا ”هالن جي شاهي بازار“ وغيره وغيره.

حيدرآباد جي شاهي بازار ۾ هر قسم جو واپار هلي ٿو، جيڪڏهن انگريزن واري دور کي ڏسجي ته تڏهن هتي عمومن هن قسم جا دڪان هوندا هئا:

بجاجن جا دڪان، بوٽن جا دڪان، پساري، پاٽولي، صرافه، باڪري، حلوائي، قيمائي، ڏوڌي، ڀوڳڙي، بسڪيٽن وارا، پانن وارا، چانهن وارا، ڪراڪري ۽ ڪٽلريءَ وارا، پڪوڙائي، لوهي، ٽينائي، باسڻائي، فرنيچر وارا، بجليءَ جي سامان وارا، فونن وارا، ڪيمسٽ ڊرگسٽ وغيره وغيره.

ڪي دڪاندار سچائي ۽ سپت جي ڪري ڏاڍا مشهور هئا. ڪي پنهنجي اُچي وکر يا شيءِ جي ڪري ڪي وري سٺي سڀاءَ ۽ گراهڪن سان اخلاق سان پيش اچڻ کان، يا ته اهڙي ڪنهن ٻئي سبب کان مشهور هئا. حيدرآباد جا ماڻهو انهن کي ياد رکندا اچن. بهرحال، هن شهر جي شاهي بازار جا ڪيترائي دڪاندار ۽ واپاري ڏاڍا نام ڪٺيا ۽ نالي چڙهيا هوندا هئا. مثال طور:

نامو کير وارو، پرتاپ ڏوڌي، لعلو حلوائي، طوطو نصرپوري مائي ۽ کير پُڙن وارو، امرناٿ آچار وارو، گوبند پساري، تلسيو پڪوڙائي، ڪلياڻ گانٺين وارو، ٽيڪم چوهڙ چانهن وارو، سيٺ ٽيڪو مل ۽ سيٺ راڄومل هول سيل واپاري، مولچند درسي ڪتابن وارو، تاراچند، کيئومل بڪ سيلرس، گلومل هوٽل وارو، ويرومل ڪُلفن ۽ ڪنجين وارو، چانڊومل گاديلن ۽ سوڙين وارو، ڪندو مل جورابن ۽ گنجين وارو، ويڙهو مل پساري، فتح چند ٽوپين وارو، اُڌارام ڏيارام ايئرٽيڊ واٽر وارو، ليڻو مل تماڪ وارو، گنومل ائنڊ ڪمپني ڪيڪ ۽ بسڪيٽن وارو ۽ ڪلب ائنڊ ڪمپني سوڍا واٽر وارو.

شاهي بازار جا ڪيترائي دڪان ۽ اسٽور ڪن خاص شين يا ڳالهين کان مشهور هوندا هئا. مثال طور: آلومل قيمائيءَ جي ٺاهيل رسوئي، خاص ڪري شوي مل جو ڪُڪڙ جو ٻوڙ، ڊاڪٽر سوريءَ جو ملڪ روز، اُڌي جي آئيس ڪريم، پرسي مل جي دڪان جون ٻيڙيون، ماستر جيوترام ٽيلر ماسٽر جي تيار ٿيل پينٽ، ماسٽر گنگاڌر جو تيارڪيل ڪوٽ، چيلارام، جيڪو هڪ صراف هو ۽ پاڻ کي ”مسڪين“ سڏائيندو هو، جي دڪان جا زيور، خاص ڪري هيرن جي جڙاءَ جو ڪم، سرسوتي پستڪ وارن جا ناول ۽ خصوصن جاسوسي ناول، هي سڀ اهڙيون بي بها شيون هيون، جن کي وساري نٿو سگهجي. حيدرآباد جا ماڻهو به ته شوقين هئا، سي سُٺي شيءِ جو قدر ڪندا هئا. جهڙي سُٺي شيءِ، اهڙو سُٺو وڪڻڻ وارو.(41)

 

سيد معراج الحسن نقوي

 

هاڻوڪي حيدرآباد جو جائزو

 

حيدرآباد جو شهر گنجو ٽڪر جي اُترين ڀاڱي تي موجود آهي. جيڪو ڏکڻ کان چوڏهن ميلن تائين ڦهليل آهي. ٻئي پاسي اُتر – اوڀر ۽ اوڀر – اولهه کان ميداني علائقن سان گهيريل آهي. هاڻوڪي وقت ۾ انهن علائقن ۾ پڻ آباديون ٺهي چڪيون آهن. جتي صديون اڳ سنڌو درياءَ پوري شان ۽ مان سان وهندو هو. اصل شهر گنجي ٽڪر تي اڏيل آهي. پڪو قلعو اوچي جاءِ تي ٺهيل آهي، جيڪو زميني سطح کان اٺ ميٽر (پنجويهه فوٽ) اوچو آهي. شهر جي الهندي پاسي هڪڙو ميداني علائقو آهي، جيڪو مرڪزي شهر کان اٽڪل اٺ ميٽر (پنجويهه فوٽ) هيٺاهون آهي. انهيءَ علائقي جي اڌ حصي تي ڇانوڻي ٺهيل آهي. ۽ کانئس پنجويهه فوٽ هيٺ هڪڙو ٻيو ميداني علائقو آهي، جتي زرخيز ٻنيون هيون ۽ سهڻا باغ، سي اڄ پڻ موجود آهن، جنهن کي سرڪاري سطح تي ميونسپل گارڊن عرف راڻي باغ سڏجي ٿو.

انهن زرخيز ٻنين تي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۽ پوءِ دفتري ۽ رهائش عمارتون، مثلا، شهباز بلڊنگ (اڳوڻي ون يونٽ بلڊنگ)، نياز اسٽيڊيم، عيدگاهه، عجائب گهر، پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ، اسٽيٽ بينڪ بلڊنگ، سرڪٽ هائوس، روينيو کاتي جون آفيسون، جي. ٽي. ايس گرائونڊ، آفيسون، وحدت ڪالوني، جي. او. آر ڪالوني وغيره ٺهيل آهن. اهو هيٺيون ميداني علائقو اٽڪل ساڍا پنج ڪلوميٽر ويڪرو ۽ ساڍا ٽي ميل ڊگهو آهي. جيڪو گدوبندر يعني سنڌو درياهه جي اولهندي ڪناري تي ختم ٿئي ٿو.

گدوبندر، جيڪو حيدرآباد جو هڪڙو پتڻ هو، سو هاڻي هڪڙو وسيل علائقو آهي. اهو پتڻ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو پنهنجي حڪومتي عهد ۾ پنهنجي خاص درٻارين مُنشي ديوان گدومل جي نگراني هيٺ ٺهرايو هو، جنهن کي تنهن زماني ۾ ٽنڊو گدو جي نالي سان سڏيو ويندو هو. پر اڄ ڪلهه اهو گدوبندر يا حُسين آباد جي نالي سان سڏجي ٿو. هي پتڻ ان زماني ۾ واپاري سامان جي آڻڻ نيڻ جو مرڪز هو. هتي عربستان، پنجاب ۽ ٻين علائقن کان واپاري واپار لاءِ ايندا هئا.

حيدرآباد شهر جي اوڀر ۾ ڦليلي وهي ٿي. ٽالپر دور ۾ ڦليلي مان ننڍڙو واهه ڪڍيو ويو، جيڪو قلعي جي هيٺان تائين ايندو هو. انهي ننڍڙي واهه کي ڊومڻ واهه سڏبو هو ۽ هاڻي به ڀرپاسي جو علائقو انهي نالي سان سڏجي ٿو. جنهن زماني ۾ سنڌو درياهه ۾ چاڙهه ٿيندو هو، ته پاڻيءَ اچڻ ڪري منجهس ٻيڙيون هلنديون هيون ۽ آمدرفت جي سهولت سهنجي ٿي پوندي هئي. ويهين صديءَ جي ابتدا ۾ حيدرآباد شهر جي پکيڙ سورهن ميل چورس هئي. جڏهن ته هاڻوڪي وقت ۾ شهر جي پکيڙ اٽڪل ڇٽيهه ميل آهي. هن شهر جون ٽي خاصيتون آهن، جيڪي اڄ به سانده موجود آهن.، گهرن تي منگهه هوا جي رخ کي سامهون رکي ٺاهيا ويندا هئا. ان ڍنگ جا گهر هاڻي حيدرآباد ۾ جهجهي انگ ۾ موجود آهن، تنهن هوندي به هاڻوڪي دور ۾، برقي سهولتن ڪارڻ، هوريان هوريان، منگهه ختم ٿيندا پيا وڃن.

حيدرآباد جي شهرين کي صاف پاڻي پهچائڻ لاءِ پهريون تلاءُ 1878ع ۾ ٽنڊو گدو ۾ ٺهيو، جنهن ۾ ويهه لک گيلن پاڻي جي گنجائش هئي. هتي پاڻي کي ٻن وڏن تلائن ۾ گڏ ڪري پڪين نالين وسيلي قلعي تائين آندو ويندو هو. پوءِ لفٽ وسيلي پاڻي قلعي جي مٿين برج تي چڙهائبو هو. جتان ڪشش ثقل وسيلي پاڻي شهرين کي ورڇبو هو. اهو پاڻيءَ جو نظام هينئر به موجود آهي. پوءِ ڪجهه جايون ڊاهي اتي ٽي لک گيلن گنجائش جي ٽانڪي ٺاهي وئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ حيدرآباد شهر جي آبادي ۾ تيزي سان واڌارو اچڻ لڳو ۽ نيٺ ان گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ قلعي ۾ پهرين ٽانڪي جي لڳ هڪ ٻي ٽانڪي 1961ع ۾ ٺاهي وئي.

پاڻي جي وڌندڙ گهرجن کي آڏو رکندي، 1961ع ۾ ڄام شوري روڊ تي پاڻي صاف ڪرڻ جو پلانٽ قائم ڪيو ويو، جتي سنڌو درياهه مان سڌو پاڻي وٺي، صاف ڪري شهرين کي سپلائي ڪيو ويندو هو. هاڻوڪي وقت ۾ ڪجهه خاص علائقن کان سواءِ سڄي شهر ۾ لطيف آباد کي ان فلٽر پلانٽ مان پاڻي مهيا ڪيو وڃي ٿو.

حيدرآباد کان اٽڪل چار ميل جي مفاصلي تي سنڌو درياهه تي ٽي هزار فوٽ ڊگهو ڪوٽڙي بيراج آهي، جنهن کي سرڪاري طور غلام محمد بيراج جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اهو بيراج اٽڪل چوويهه ڪروڙ رپين جي لاڳت سان 1955ع ۾ ٺهي تيار ٿيو ۽ 15 مارچ 1955ع تي ان جو افتتاح ٿيو. انهيءَ بيراج جي ساڄي ڪناري تي ڪلري – بگهاڙ ڪينال (ڪراچي واهه) نڪري ٿو ۽ کاٻي ڪناري تي ڦليلي، لائينڊ چينل (اڪرم واهه) ۽ پنڃاري ڪينال نڪرن ٿا، جن سان حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين جي ڏورانهين علائقن کي زراعت لاءِ پاڻي مهيا ڪيو وڃي ٿو. هڪڙي اندازي موجب اٽڪل پنج لک ايڪڙ زمين ان بيراج وسيلي سيراب  ٿئي ٿي.

حيدرآباد ريلوي جنڪشن آهي، هتان کان ڪراچي، بدين، ميرپورخاص ۽ پشاور تائين ريلوي لائين وڃي ٿي. 1892ع ۾ حيدرآباد کان شادي پلي تائين ريلوي لائين وڇائي وئي ۽ 1896ع ۾ ان کي روهڙي تائين وڌايو ويو. ڪوٽڙي ۽ ڪراچي جي وچ ۾ ريلوي لائين پهرين ئي موجود هئي، پر وچ ۾ سنڌو درياهه جي رڪاوٽ ڪارڻ حيدرآباد کان الڳ هئي. ڪوٽڙي کي حيدرآباد سان ملائڻ لاءِ ٽيويهه لک رپين جي لاڳت سان سنڌو درياهه تي ڪوٽڙي پل ٺاهي وئي، جنهن کي 25 مئي 1900ع تي گاڏين جي اچڻ وڃڻ لاءِ کوليو ويو. ريلوي ٽريفڪ جي وڌندڙ گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ، ريلوي کاتي ڪوٽڙي پل لڳ هڪ ٻي پُل ٺهرائي، جنهن تان هينئر ريلوي ٽريفڪ جو سلسلو بند آهي، پر پراڻي پل تان ريلوي جو گذر جاري آهي. جڏهن ته حيدرآباد – بدين وچ ۾ ريلوي لائين 1904ع ۾ مڪمل ٿي ۽ ان کي 5 آڪٽوبر 1904ع تي اچ وڃ لاءِ کوليو ويو.

1930ع ڌاري ٿڌي سڙڪ کان وٺي شاهه مڪي ۽ ريلوي لائين جي وچ وارو ميدان، هوائي جهازن لاءِ استعمال ٿيندو هو، پر اهو سلسلو 1935ع ۾ بند ڪيو ويو. جڏهن ته حيدرآباد هاڻوڪو هوائي اڏو 1967ع ۾ گنجي ٽڪر جبل جي ڏاکڻي حصي ۾ ٺاهيو ويو ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز پنهنجي رٿيل شيڊيول مطابق جهاز هلائي ٿي (اهو هوائي اڏو هينئر بند آهي)

سنڌ ۾ برطانوي قبضي کان پوءِ 1852ع ۾ سنڌ ۾ برطانوي طرز تي ٽپال جو نظام شروع ٿيو ۽ تڏهوڪي سنڌ صوبي جي ڪمشنر سر فريئر مارڪس پهريون ڀيرو ٽڪلي جاري ڪئي، جنهن تي نير جو نشان ٺهيل هو ۽ مٿس سنڌ جي ضلعن جا نالا لکيل هئا. نيٺ 1854ع ۾ باقاعدي طور تي ٽپال گهر سنڌ جي ٻين شهرن جيان حيدرآباد ۾ پڻ قائم ڪيو آهي. هينئر هتي جنرل پوسٽ آفيس پڻ آهي ۽ وڏي مقدار ۾ ان جون شاخون ننڍن شهر، واهڻن، وسندين ۽ ڳوٺن ۾ کليل آهن، جتان عوامي گهرجن جو پورائو ٿئي ٿو. جڏهن ته کاتي طرفان رستن، چوڪن ۽ اهم جڳهن تي، پوسٽ آفيس کان ڏورانهين علائقن ۾، ليٽر بڪس لڳل آهن.

حيدرآباد رستن وسيلي سڄي ملڪ سان ڳنڍيل آهي. نيشنل هاءِ وي ۽ سُپر هاءِ وي حيدرآباد منجهان ئي گُذرن ٿا، جن تان روزانو هزارين ٽرڪون، بسون ۽ ٻيون گاڏيون ڪراچي، بدين، سکر، لاڙڪاڻو، ٺٽو، شهرن ۽ پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد صوبي ڏانهن اچ وڃ ڪن ٿيون، جنهن وسيلي اربين رپين جو مال درآمد توڙي برآمد ٿئي ٿو. جڏهن ته حيدرآباد انڊس هاءِ وي وسيلي پڻ سيوهڻ، دادو، جيڪب آباد کان سواءِ ڪوئيٽا سان ڳنڍيل آهي. حيدرآباد ۽ ڪراچي وچ ۾ سپر هاءِ وي ٺهيل آهي، جنهن کي 1970ع ۾ کوليو ويو. گڏوگڏ هتي ڪيترائي بسن جا اڏا آهن، جن مان مشهور اڏا؛ بدين بس اسٽاپ، پٺاڻ ڪالوني اسٽاپ، جيل چاڙهي اسٽاپ، قاسم چوڪ اسٽاپ، لطيف آباد اسٽاپ شامل آهن. ٻئي پاسي سکر، نوابشاهه، سانگهڙ، ميرپورخاص، بدين، ٺٽو، مٺي، دادو، هالا، شهدادپور، سعيد آباد، ٽنڊو فضل، ٽنڊو محمد خان، ڪوٽڙي، ٽنڊو ڄام ۽ ٻين سنڌ جي اڻ ڳڻين شهرن ڏانهن روزانو سوين بسون، ٽيڪسيون، ۽ ڪوسٽر هلن ٿا.

حيدرآباد جي ماڻهن جو قديم ڌنڌو زراعت ۽ مڇي مارڻ رهيو آهي. پر 1869ع ۾ حيدرآباد ۾: ڦولدار سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙي جي صنعت، ريشم ۽ سون جي صنعت، روغني تيل، سينگارواري سامان جي صنعت، مڇي مارڻ، قالين سازي ۽ چمڙي رنڱڻ جون صنعتون موجود هيون.

1875ع ۾ حيدرآباد ۾ زري ۽ جڙاوت جو ڪم ڪندڙ جا اٽڪل سئو ڪاريگر هئا، برطانوي حڪومت ۾ انهيءَ هنر جو قدر نه ڪيو ويو. ۽ ڪپڙو ٺاهڻ ۽ رنڱائي جو ڪم ڪندڙ ڪاريگر، جنهن جو واسطو پاٽولين سان هو، تنهن جو 1905ع ۾ انگ وڃي ٿورڙو رهيو. 1882ع تائين ڪافي هنرمند حيدرآباد مان ٻين علائقن ڏانهن لڏي چڪا هئا، پوءِ جيڪي صنعتون حيدرآباد وجود ۾ آيون، تن ۾ رنڱائي، چمڙي جي صنعت، آتشي هٿيار ۽ ڪمبل، سوٽي ڪپڙي جون صنعتون شامل هيون.

1920ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڦليلي جي ڪناري ڪپهه  ٽاڻڻ ۽ ڪپڙي ٺاهڻ سميت چانور صاف ڪرڻ جا ڪيترائي ڪارخانا هئا. 1901ع کان 1947ع تائين جيڪي ڪارخانا قائم هئا، تن ۾: ڪپهه ٽاڻڻ جا ٽيويهه ڪارخانا، چانور ڇڙڻ جا ڏهه ڪارخانا، ڪوٽڙي ڊيئري، بون (هڏا) مل فيڪٽري، سنڌ آئل ملز، انڊس گلاس ورڪس، سنڌ بيٽريز، بندوق والا، ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ ڪمپني شامل هيون.

14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ حيدرآباد ۾ صنعتي علائقو قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ انڊسٽريل ٽريننگ اسٽيٽ قائم ڪئي وئي. هاڻوڪي وقت ۾ حيدرآباد ۾ ننڍيون وڏيون هيٺ ڄاڻايل صنعتون موجود آهن، جنهن ۾ هزارين ملازم ڪم ڪن ٿا:

ٽيڪسٽائيل انڊسٽريز، برف ۽ مشروبات، چمڙو، سيمينٽ، بليڊ، گيهه ۽ تيل، هوم پائپ، قالين سازي، چوڙي سازي، جوتا سازي، لوهه جو سامان، زرعي سامان، بيٽري سازي، دوائون، هوزري، چوبي صنعتون، چونا سازي، سرون، کير فارم، مرغي پالڻ، صابڻ ٺاهڻ، اٽي جون ملون، پريس، مٺائي، بيڪري، ريڊيو، ٽيليويزن جوڙڻ، صوفا، شيشو، ٿانوَ ۽ رنگ ٺاهڻ.

حيدرآباد شهر ۾ تجارتي بنيادن تي سڀ کان پهرين بينڪ آف بمبئي قائم ٿي، جنهن جو افتتاح 16 نومبر 1907ع تي ٿيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اها بئنڪ 1955ع ۾ اسٽيٽ بينڪ آف انڊيا ۾ تبديل ٿي وئي، پر ٿوري عرصي کان پوءِ بند ٿي وئي. اها بينڪ هاڻوڪي حبيب بينڪ لميٽيڊ جي زونل آفيس واري عمارت ۾، ليڊي ڊفرن اسپتال ويجهو هوندي هئي. (هتي غريبڙي بينڪ لميٽڊ نالو کڻڻ به اجايو نه ٿيندو، جيڪا ڏيارام گدومل وارن جوڙي هئي.) پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ حيدرآباد ۾ ڪيتريون بينڪون ۽ ڪوآپريٽو سوسائيٽيون قائم ٿيون، پر 1974ع ۾ کين قومي تحويل ۾ ورتو ويو ۽ ننڍين بينڪن کي وڏين بينڪن ۾ ضم ڪيو ويو. هينئر حيدرآباد ۾ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان، نيشنل بينڪ آف پاڪستان، يونائيٽڊ بينڪ لميٽڊ، مسلم ڪمرشل بينڪ، الائيڊ بينڪ آف پاڪستان، عسڪري بينڪ، سٽي بينڪ، بولان بينڪ، سونهري بينڪ، بنڪرز ايڪوٽي ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس وغيره جون ڪيتريون ئي شاخون قائم آهن.

حيدرآباد جو تاريخي ڳانڍاپو هونئن ته قبل مسيح سان وڃي ملي ٿو. پر جيستائين قديم تاريخي عمارتن جي موجودگي جو تعلق آهي، ته انهن جو انگ انتهائي گهٽ آهي. تنهن هوندي به هينئر شهر ۾ جيڪي پراڻيون جايون آهن، تن ۾ پڪو قلعو، ڪچو قلعو، ڪلهوڙن ۽ ميرن جا مقبرا، بخاريءَ جي مزار، شاهه مڪي جي مزار خاص طور ذڪر جوڳيون آهن، جيڪي اڏاوتي نموني جا بهترين نمونا آهن. گڏوگڏ برطانوي دور ۾ پڻ ڪيتريون جايون ٺهيون، جن ۾ هوم اسٽيڊ هال، بسنت هال، ميٺارام هاسٽل، ڏيئل داس ڪلب، ڊپٽي ڪمشنر هائوس، ڪورٽ، ڪچهري ريلوي اسٽيشن جون عمارتون ذڪر جوڳيون آهن. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به اڏاوتن ۾ واڌارو ٿيو. جنهن ۾ شهباز بلڊنگ، جنرل پوسٽ آفيس، ريلوي اسٽيشن ۾ توسيع، گول بلڊنگ، سول اسپتال ۽ ان ۾ واڌارو، نياز اسٽيڊيم، عجائب گهر، نظام تعليمات، نيشنل بينڪ اسٽيٽ بينڪ ۽ اسٽيٽ لائيف بلڊنگ وغيره شامل آهن.(42)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org