سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :109

 سيد غلام مرتضيٰ شاهه

 حيدرآباد جون سياسي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرميون

 حيدرآباد شهر سياسي، سماجي ۽ تعليمي سرگرمين جو مرڪز بڻيل هو. مولانا عبيدالله سنڌي، امروٽ کان لڏي، پير صاحب جهنڊي (هاڻوڪي سعيد آباد لڳ) جي ڳوٺ ۾ اچي ’مدرسه دارالارشاد‘ کوليو هو، سو به وقت به وقت پيو حيدرآباد ايندو ويندو هو. ان کان سواءِ، پنجاب جي ’گروڪل آشرم‘ جي سنياسي ساڌن، حيدرآباد کي علم ۽ تهذيب جو مرڪز ڄاڻي، هڪ برهم آچاريه آشرم، ٽئي نمبر تلاءَ جي ڀر ۾، اڇيءَ پل وٽ اچي کوليو هو، جتي نوجوان هندو ڪارڪن پيدا ڪرڻ لاءِ، ڪاڪا ڪليڪٽر ۽ آچاريا جيوترام ڪرپالاڻيءَ جهڙا لائق معلم، ماستر ٿي پڙهائڻ لڳا.

رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي خوش خلق، يار ويس، مهمانواز ۽ هٿ  جو ڪشادو هئڻ ڪري حيدرآباد ۾ دوستن ۽ همدردن  جو هڪ وسيع  گروهه پيدا ڪري سگھيو، جنهن ۾ مسٽر سنتداس منگھارام ، مسٽر ڄيٺمل  پرسرام، مسٽر جيرامداس دولترام، ۽ ٻيا  سندس ساٿي  ۽ مسٽر  عبدالرحمان  بئريسٽر ۽ مسٽر عبدالجبار  به سندس  فرم ۾ داخل  ٿي،  وڪالت سان گڏ،  ملڪي ۽ سياسي  سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳا. سگھو ئي شيخ عبدالمجيد  سنڌي مسلمان ٿي اچي رئيس صاحب وٽ رهڻ لڳو، جنهن کي ” الامين“ اخبار جي ايڊيٽريءَ جي چارج ڏني  ويئي. رئيس صاحب جي آفيس نالي ۾ وڪالت جي جاءِ هئي. پر حقيقت ۾ سياسي ۽ سماجي  ڪم جو  ادارو  ٿي چڪي هئي....... پاڻ ” سنڌ زميندار ائسوسيئيشن “ جو باني هو. سنڌ ۾ مسلم ليگ جماعت جي شاخ، 1918ع ۾، پهرئين هن ئي قائم ڪرائي . حيدرآباد نئشنل ڪاليج کي ڪامياب  بنائڻ ۾ هن گھڻِي سرجوشي ڏيکاري. ورهين  جا ورهيه   ان جي بورڊ جو  چئرمين رهيو.

جيٺمل پرسرام گلراجاڻِي کي ننڍي هوندي کان ست سنگت  جو شوق هوندو  هو. انهي  زماني ۾ هڪ ڪاليجي شاگرد، مسٽر واڌو مل  چئناڻِيءَ، هڪ  ” هندو ڪما ر منڊلي “  قائم ڪئي هئي،  جنهن ۾ نوجوان  شاگردن کي گيان  ۽ ڪرم جي سکيا ڏني ويندي  هئي، ۽ منجھن سماجي  خدمت  جو جذبو پيدا ڪيو ويندو  هو. هي ان ۾ شامل ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. انهن شاگردن جو صوفي  مني ۽ ٿياسافيءَ  جي تعليم  طرف لاڙو  هوندو هو. سندن متا .”حق، حسن. خير “ هوندا هئا.

انهيءَ وقت ۾ ڀائي ڪلاچند نالي هڪ درويش  حيدرآباد ۾ رهندو هو،  جيڪو ڀائي ڪيشورام جو شش هو ، جنهن ڀائي دلپت صوفيءَ کان گيان ورتو هو.انهي  جي ٽڪاڻِي مهر ڇنڇر  رات  ست سنگ ٿيندو هو، جتي صوفي درويشن جو راڳ ٿيندو هو. ڀائي ڪلاچند پاڻ ۾  ڳائيندو هو،ڳائيندي وجد ۾ اچي ويندو هو. جنهن جو اثر ساري مجلس تي ڇائنجي  ويندو هو. ڪاڪو منگھارام ۽ واڌو  چئناڻي سڀ اُتي ويندا  هئا..... جيٺمل پرسرام تي ڊاڪٽر  ايني  بيسنت  جو خاص اثر  ويٺل هو،  جنهن  حيدرآباد ۾ نيشنل ڪاليج، ڦليليءَ تي 1917ع ۾ برپا ڪرايو هو-کيس ان ۾ 1933ع ۾ ، سنڌي جو پروفيسر  ڪري رکيو ويو.

جڏهن 1918ع م ڊاڪٽر ايني بيسنت هوم رول ليگ جاري ڪئي هئي،  ته رئيس غلام محمد خان، مسٽر  سنتداس منگھارام سان گڏ ان ۾ داخل ٿيو هو. ۽ ”ڀارتواسي“ اخبار ذريعي ان جو ڳوٺ ڳوٺ تائين آواز  پهچايو هو. جڏهن  روٽ ايڪٽ خلاف احتجاج ڪرڻ  لاءِ سڄي هندستان سميت حيدرآباد ۾ هڙتال۽  ميڙ ڪٺِي ڪرڻ لاءِ  ڏينهن مقرر ڪيو ويو، ان جي فائدي ۾ هن  هڪ  زبردست  ليک لکيو  هو؛ جنهن جي هيڊنگ شاهه لطيف صاحب جي  هن بيت مان ڏني هئائين:

اڳيان اڏن وٽ، پوين  سر سنباها،

ڪاٽ ته پوين قبول ۾، مڇڻ ڀائين گھٽ،

ڪلالڪي هٽ، ڪسڻ جو ڪوپ وهي.

انهيءَ  تي سرڪار مٿس بغاوت جو ڪيس هلايو، چون:  هي ماڻهن  کي  قتل لاءِ آماده ٿو ڪري. سندس  بچاءَ ۾ بمبئي جو بئريسٽر مسٽر بئپستا آيو،پر مئجسٽريٽ کيس ٻه سال  سزا ڏيئي  ڇڏي.1920ع ۾ آزاد ٿيو،  ۽ جيل جي سموري  احوال کي  ” ترنگ جي تيرٿ“  نالي ڪتاب ۾ ڏنائين. هي سنڌ مان  ٽيون  نمبر هو،  جيڪو آزاديءَ خاطر جيل ۾ ويو هو. سندس  آزاد ٿيڻ  تي  حيدرآباد شهر ۾ کيس هار پارائي، سِڄي  شهر  جو  گشت ڪرايو ويو، شام جو کيس  شهر واسين طرفان  مانپتر  ڏنو ويو.

پوءِ جڏهن پاڪستان قائم ٿيو، ته هر طرف هندو – مسلم فساد ٿيڻ لڳا ۽ رت جا ريلا وهڻ لڳا. هن صوفي مرد لاءِ اها دردناڪ حالت سهڻ کان مٿي هئي. هندو لڏڻ لڳا، پر اهي اٽل ٿي هتي ويهي رهيو. چي: وطن کي ڪيئن ڇڏبو! هڪدم ٻاهران آيل پناهگيرن جي مدد ۽ هتي جي هندن لاءِ، اقليتن جي جماعت ٺهرايائين. شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ صاحبزادي ستار جان ۽ ٻين سان گڏجي. هو سنڌ جي سير تي نڪري، هندن کي سمجهائڻ هليو، ته وطن ڇڏي نه وڃو. پر هن  جي ڪنهن به نه ٻُڌي. انهيءِ ڳالهه هڻي هن کي بيمار ڪري وڌو.

ڊاڪٽر چوئٿرام (ڄم: 25 ڊسمبر 1889ع) ننڍي هوندي کان سنتن جي سنگت جو شايق هو. ڀائي ڪلاچند وٽ، ۽ سپاهيملاڻي جي درٻارن ۾ ويندڙ هو......... هو 1909ع ڌاري اسڪالرشپ وٺي، حيدرآباد ميڊيڪل اسڪول ۾، ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ ويٺو........ پوءِ هن ٽئين نمبر تلاءَ جي ڀر ۾، ڦليليءَ جي رستي تي، مهراج شنڪردت جي جاءِ ۾ ”سنياتن سڀا“ کولي، ۽ پوءِ هڪ عمارت ٺهي، جتي برهمچاريه آشرم کوليو ويو. اهو آشرم گروڪل ڪانگري ۽ هردوار جي رشي ڪل آشرم جي نيمن تي کوليو  ويو هو، جتي ٻار ننڍيءَ عمر جا ورتا ويندا هئا ۽ کين سنسڪرت سان گڏ ٻي سکيا به ڏني ويندي هئي، ۽ حساب، جاگرافي، ۽ ٻيا اسڪول جا ڪم به سيکاريا ويندا هئا. ٻارن کي سناتن ڌرم جي اصولن تي روزانو گائتري – پاٺ ڪرڻو پوندو هو. ٻالڪ جاپ به ڪندا هئا. هون به روزانو ٿيندو هو؛ ۽ ويد – پاٺ به ڪندا هئا. حيدرآباد اولهه تهذيب ۽ فيشن جو گهر هو. ان ۾ هي قديم تهذيب جي سکيا ۽ سادي حياتيءَ جي تربيت نئين ڳالهه پئي ڏسڻ ۾ آئي. ٻارن کي سادو کاڌو کائڻو پوندو هو، ۽ سادي پوشاڪ پائڻي پوندي هئي. ڪپڙن ۾ هڪ لنگوٽ، هڪ چادر، هڪ چولو هوندو هو. پير اگهاڙا ڪري هلڻو پوندو هو. ڇوڪر آشرم جو ڪم ڪار ڪندا هئا. ڪپڙا ڌوئيندا هئا، گئوشالا جو ڪم ڪندا هئا، ۽ ورزش، آسڻ ۽ يوگ اڀياس به ڪندا هئا. انهن مان ڪي هوشيار ٿي ويا. سنڌيءَ توڙي هنديءَ ۾ ڌرمي ۽ ٻين علمي ڳالهين تي تقريرون ڪري سگهندا هئا. سندن نالا به سندن گُڻن کي ڏسي، بدلايا ويندا هئا. شروع ۾ ٿورا ٻار آيا، پر پوءِ ويا وڌندا، گهٽ ۾ گهٽ پندرهن سالن تائين ٻارن کي سکيا ڏيڻ جو انجام وٺي، پوءِ آشرم ۾ ورتو ويندو هو.

انهي آشرم هلائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺهي، جنهن جو مهاراج ڪاليداس سان گڏ، پاڻ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. آشرم جي انتظام لاءِ پيسن گڏ ڪرڻ، کاڌي خوراڪ ۽ ٻين گهربل شين کي مهيا ڪرڻ جو ذمو ڊاڪٽر صاحب تي رکيل هو، جيڪا معمولي ڳالهه ڪانه هئي، پر هن اُن ڪم جي خوش اسلوبيءَ سان پورائي ڪئي.

پوءِ، اتي هڪ ودياليه به کوليو ويو، جتان ٻار سکيا پرائي تلڪ هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ ويندا هئا، جتان نيشنل ڪاليج ۾ وڃي سگهيا ٿي. انهيءَ آشرم ۾، تعليم ۽ تربيت سان گڏ، قومي آزادي لاءِ ڪم ڪرڻ جو انگ به پيدا ڪيو ويندو هو. آشرم ۾ ميڙاڪا به ٿيندا هئا، جتي ٻاهريان ودوان گهُرايا ويندا هئا. سوامي ستديو ۽ پنڊت دين ديال انهن مان مکي هئا...... هندو سڀيتا کي زور وٺائڻ لاءِ، ناگري پرچارڪ سڀائون کولارائڻ لاءِ ڪوشش ڪيائين. انهيءَ واسطي ”سنڌ باسڪر“ اخبار ۽ ”هندو“ اخبار، ديوناگريءَ ۾، برهمچاري آشرم مان ڪڍڻ لڳا. ”هندو“ اخبار پوءِ سنڌي لپيءَ ۾ ڇپجڻ لڳي.

ڪجهه وقت کان پوءِ هو حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڊاڪٽر جي حيثيت سان مقرر ٿيو. جتي هو انقلابي ۽ قومي خيال رکندڙ سياسي قيدين سان لهه وچڙ ۾ آيو.... چار آگسٽ 1914ع تي پهرين مهاڀاري لڙائي شروع ٿي........ کيس عربستان ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ چيو ويو. هن اوڏانهن وڃڻ نٿي چاهيو......... پوءِ اسڪالرشپ وارا پئسا سرڪار کي ڏيئي، جان آزاد ڪيائين.

انهن ڏينهن ۾ هي ”بندي ماترم“ ۽ ”ڪرم يوگي“ اخبارون پڙهندو هو. جن ۾ انگريزي حڪومت خلاف بغاوت جو پرچار ٿيندو هو. واڌواڻي گهٽي ۾، هڪ ماڙي تي قومي ڪارڪن گڏبا هئا ۽ اخبارون وغيره پڙهندا هئا. شري تولارام ٻالاڻي، لعل چند امرڏنو مل، ۽ ڊاڪٽر صاحب، گڏجي هڪ سوديشي ناٽڪ لکيو هو، جيڪو اسٽيج ڪيائون. تمام گهڻا ماڻهو ان کي ڏسڻ آيا.

13 جولاءِ 1908ع ۾، ٻال گنگاڌر تلڪ کي گرفتار ڪري، پنجن ڏينهن ۾ ڪيس هلائي، ڇهن سالن جي سزا ڏني ويئي. ان تي احتجاج ڪرڻ لاءِ ڦليليءَ تي هڪ عام جلوس رکيو ويو. ان ۾ ڊاڪٽر صاحب نهايت جوشيلي تقرير ڪئي. جنهن کان متاثر ٿي هڪ ماڻهوءَ کيس نالي ڄاڻائڻ بنا پنج سئو رپيا ڏياري موڪليا....... پوءِ هن لوڪمانيه تلڪ جي اُپديش جي چوپڙي سنڌيءَ ۾ ڇپائي ورهائي.........

حيدرآباد جي ديوان ڀڳوانداس ڪرپالاڻيءَ کي پنج پٽ هئا، جن مان وڏو پٽ ڏيئومل هو، جيڪو مسلمان ٿي شيخ عبدالرحيم جي نالي سان سڏجڻ لڳو هو. هو انقلابي خيالن جو هو. اُهو صاحب 1913ع ڌاري هندستان ڇڏي، ملڪ جي آزادي لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ ويو. ديوان صاحب جو ٻيو پُٽ به مسلمان ٿيو، جنهن 1911ع ۾ ترڪن طرفان ٽرپوليءَ وڃي، اٽليءَ خلاف جنگ ۾ شرڪت ڪئي هئي، ۽ شهيد ٿي ويو. جنهن جو نالو شيخ عبدالڪريم هو. ٽيون پٽ آچاريا جيوترام ڪرپالاڻي هو. جڏهن ته ٻن نياڻين مان هڪ عبدالرحيم سان گڏ مسلمان ٿي، جنهن جي شادي ڊاڪٽر شيخ شمس الدين سان ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org