سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :108

 هڪ ڀيري ڪاليج ۾ ڊرامو منعقد ٿيو، جيڪو شيڪسپيئر جو روميو ۽ جوليٽ جو اختصار هو. ڀون گدواڻي جوليٽ جو پارٽ ادا ڪيو ۽ وڻ وڄائي ڇڏيائين. ڪاليج جا ستر سيڪڙو شاگرد ته مٿس عاشق ٿي پيا........... ڪاليج ۾ ڪوايڊيوڪيشن هئي، تنهنڪري ڪيتريون ئي عامل ڇوڪريون به پڙهنديون هيون. ڇوڪرن لاءِ ڊيسڪون هونديون ۽ گئلري جيان رکيل هونديون هيون ۽ ڇوڪرين لاءِ پهرين صف ۾ ميزون ۽ ڪرسيون رکيل هيون. ميزون پراڻي قسم جون هيون، منجهن اڳيان ٻه ٻه خانا هوندا هئا. هونءَ تي ڇوڪرين جي نهايت عزت ڪئي ويندي هئي ۽ هرڪو شاگرد انهن کي ڀينرن جيان ڏسندو هو. جڏهن اُهي ڏاڪڻ تي چڙهنديون هيون يا لهنديون هيون، ته ڪوبه ڇوڪرو لهندو چڙهندو نه هو، جيستائين اهي سيڙهي پار ڪري وڃن. پر ان هوندي به ڪي عامل ڇوڪرا شرير هوندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ساڻن چرچا ڪندا هئا.

ڪاليج طرفان ’ڦليلي‘ ميگزين نڪرندي هئي. جنهن ۾ اڪثر ڪري شاگردن جا مضمون ڇپجندا هئا........ حيدرآباد ۾ بزم مشاعره سنڌي ادبي سوسائٽي جُڙيل هئي. جنهن جي طرفان شهر ۾ مختلف موقعن تي مشاعره ٿيندا رهندا هئا، ۽ انهن مشاعرن ۾ نون شاعرن کي پڻ شاعري پڙهڻ جو موقعو ڏنو ويندو هو.

1932ع ۾ ٽنڊو محمد خان جو اي. وي اسڪول، ميونسپالٽيءَ جو هو. مير حاجي حسين بخش خان ميونسپل جو پريزيڊنٽ هو. مون کان اڳ جنهن هندو هيڊماستر اسڪول تي ڪانگريس جو جهنڊو چاڙهيو، جنهن جي پاداش ۾ هن کي نوڪري ڇڏڻي پيئي. ڇاڪاڻ ته مير صاحب تي انگريز حڪومت جو دٻاءُ پيو ۽ کيس هدايتون ڏنيون ويون، ته هيڊماستر ڪو مسلمان رکو. اهو سبب هو جو مون کان هندو ماستر جي. ڪرشن جيڪو سينيئر هو، تنهن کي ريٽي مون کي هيڊماستر بنايو ويو. ميونسپالٽيءَ ۾ هندو ميمبرن جي اڪثريت هئي، تن منهنجي تقرير تي سخت اعتراض ورتو. سول ڪورٽ تائين معاملو ويو.

هوڏانهن سنڌ ۾ جدائي جي تحريڪ هلندڙ هئي ۽ مسلمانن اهو ٺهراءُ پاس ڪيو ۽ هڪ جمع مقرر ڪيو، ته نماز بعد جامع مسجدن ۾ دعائون گهربيون ۽ تقريرون ڪري سنڌ جي جدائيءَ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪبا...... آئون، ميمڻ محلي ۾ جامع مسجد جي بلڪل سامهون هڪ تپيدارن جي اوطاق هئي، ان ۾ رهندو هوس. جمع جي ڏينهن جماعت جي اصرار تي مون تقرير ڪئي ۽ ٺهراءُ لکي پاس ڪرايم. سي. آءِ. ڊي وارا به ڪي آيل هئا. مون تي رپورٽ ٿي، هندن وجهه وٺي ٽنڊي ڊويزن  جي ڊپٽي ڪليڪٽر لالا (شڪارپوري) کي ڀڙڪايو. نتيجي ۾ مون کي حڪومت کان وارننگ آئي ته سياسي ڪمن ۾ بهرو نه وٺ. نه ته توتي سخت قدم کنيو ويندو....... پوءِ مون اڏيرو لعل جي انگلش ڪلاس کي اچي وسايو.

ٽنڊي محمد خان ۾ منهنجو وقت چڱو گذريو. مير پير بخش خان، مير علي بخش خان ۽ سيد محمد عارف شاهه ۽ علي ڏنو شاهه منهنجي سُٺن تلاميذ رشيد مان هئا. هتي اي. وي. اسڪول ۾ ڪوبه مسلمان ماستر نه هو. ويتر جو آئون هيڊماستر ٿيس ته ڏاڍا خوش ٿيا ۽ آئون به سندن هر سرپرستي ڪندو هوس. مير حاجي حسين بخش خان ميونسپالٽي جو پريزيڊنٽ هو، ۽ بين مسلمان ميمبرن مان سيٺ لقمان مرحوم سان منهنجو گهاٽو تعلق هو. سيٺ موليڏنو سندن چاچو جنهن کي عرف عام ۾ ”سيٺ مُولو“ چوندا هئا. هڪ پيرسن بزرگ هو. ٽنڊي محمد خان ۾ به سندن ڪيتريون ئي جايون هيون، سو مون کي پٽن جيان پيار ڪندو هو ۽ هڪ جاءِ بنا مسواڙ جي مون کي ڏنائين ته تپيدار کي ڇڏي اتي اچي رهان.

پوءِ، آئون اڏيري لعل انگلش ڪلاس ۾ ٽيچر ٿي آيس، جتي سنڌي اسڪول جو هيڊماستر حاجي عبدالرئوف کيبرائي هو، جيڪو نهايت ديندار ۽ هوشيار استاد هو. مانيون سومر ڀٽي پٽيوالو تيار ڪندو هو ۽ ٻوڙ حاجي عبدالرئوف شاگردن جي مدد سان تيار ڪندو هو. اڏيرو لعل هڪ ننڍو واهڻ هو. شروعات ۾ هن ڳوٺ جي چڱي رونق هئي، پر جڏهن هندن اڏيرو لعل جي مقبري مٿان اڏيري لعل جو هڪ بت نصب ڪيو، تڏهن وڏا تڪرار هليا ۽ گهڻا هندو لڏي ويا. گجرات جا وڏا وڏا هندو سيٺ جيڪي اڏيري لعل جا شش ۽ جاٽي هئا، تن به اچڻ ڇڏي ڏنو. اسڪول جي پڪي عمارت پاڻ هڪ هندو سيٺ جي هئي، جيڪا لوڪلبورڊ ان کان مُٺ جيترن پئسن ۾ خريد ڪري ورتي ۽ اسڪول بورڊ کي سرڪاري ملڪيت بنائي ڏني ويئي. اها سڀ ڪوشش محمد صالح شاهه صاحب جي هئي. جنهن کي عام طرح سائين ٻڍل شاهه سڏيندا هئا. هن ڪوششون ڪري سنڀي شاگردن جون فيون معاف ڪرايون ۽ ڪيترن کي ٽي – ٽي رپيا ماهوار وظيفو به ڏيارئين. منهنجي وڃڻ وقت رڳو ٻه ڇوڪرا انگلش ڪلاس ۾ هئا، جيڪي اسان جي گڏيل ڪوششن سان وڌي پنجٽيهن کي وڃي پهتا ۽ هڪ ڀرپور ڪلاس منهنجي نگرانيءَ ۾ قائم ٿيو. هي سال 34-1933ع هو.

مون اڏيرو لعل اسڪول ۾ هڪ ريڊنگ روم ۾ لئبريري قائم ڪئي ۽ هڪ ننڍو ميوزم به ان سان گڏ هو. ڪتابن جو ڪافي ذخيرو ڪٺو ڪيو ويو. اخبارون ۽ رسالا گهرايا ويا ۽ ميوزم لاءِ ڪيئي نادرات جمع ڪيا ويا. صبح جو مناجات لاءِ هارمونيم ورتو ويو. راندين لاءِ فٽ بال ۽ ڪرڪيٽ جو سامان خريد ڪيو ويو ۽ ڊبيٽنگ سوسائٽي کي جنم ڏنو ويو ۽ ڊرئميٽڪ منڊلي جو بنياد وڌو ويو...... هڪ پندرنهن وار رسالو ڪڍيو ويو، جنهن جو نالو ”لعل“ رکيو ويو، جيڪو آئون پنهنجن هٿن سان لکندو هوس ۽ شاگرد نهايت سُريلا ڳائيندڙ هئا ۽ ماستر ويرومل پاڻ هڪ هارمونيم ماستر به هو، ڀڳت به هو ۽ سندس آواز نهايت سندر ۽ مٺو هو. اهو شاگردن کي راڳ جي تربيت ڏيندو هو. ڊراما اسٽيج ڪرڻ جي فن ۾ اسڪول بورڊ جو هيڊڪلارڪ مسٽر ليلارام وڏو ماهر هو. هن حيدرآباد ۾، عامل معاشري ۾ جيڪي ڏيتي ليتي بابت اوڻايون هيون. تن تي ڪيترائي سوشل ڊراما اسٽيج ڪرايا هئا، جنهن ڪري کيس خاص تجربو هو. اهڙي ماڻهوءَ جي مدد سان مون ”ڊزن ڊائلاگ“ لکيا، جيڪي پوءِ ڪتابي صورت ۾ به شايع ٿيا.

مسٽر ليلارام کي منٿ ڪيم ته اسان کي اڏيري لعل ۾ هڪ ڊرامو ڪرڻ ۾ مدد ڏئي هن قبول ڪيو...... اسٽيج جو سامان ونگس، پردا وغيره حيدرآباد مان گهراياسين. ڇوڪرن کي تياريءَ ۾ مصروف رکيوسين، ٽڪيٽون ڇپايونسين، جيڪي گيت ڊايالاگن ۾ هئا، تن جي هڪ جدا چوپڙي ڇپائي وئي. تياريون مڪمل ٿيون، ڊرامو منعقد ٿيو. ماڻهن جا وات ڦاٽي ويا، جو اڏيري لعل واسين پنهنجي تاريخ ۾ اهڙو فنڪشن نه ڏنو هو، واهه واهه ٿي........ مسٽر يوسفاڻي محمد الياس هالا جو مختيارڪار هو، تنهن صاحب صدارت ڪئي.

مسٽر جوشي، جيڪو تڏهن حيدرآباد ضلع جو ڪيلڪٽر هو، تنهن لئبريري رجسٽر ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ اسان کي سنڌ آفيشل گزيٽ، گورنمينٽ گزيٽ، ڪوآپريٽو سوسائيٽين جون ۽ ايڊيوڪيشنل ڊپارٽمنيٽ جون ساليانون رپورٽون ۽ بمبئي پروانشل اسيمبليءَ جي ڪارروائي وغيره جو سڀ لٽريچر مفت ملندو هو ۽ ٻيا رسالا به اڌ قيمت تي ملڻ لڳا....... هڪ ڪوآپريٽو اسٽور کوليو ويو، جيڪو ترقي ڪري هڪ وڏو شاپ ٿي ويو. شهر جا ماڻهو اسان کان سامان وٺڻ لاءِ ايندا هئا. اسان وٽ سستا اگهه هئا. تمام معمولي فائدي سان رڳو شاگردن لاءِ شيون مهيا ڪيون وينديون هيون. پر هاڻي سڀني کي به ساڳين اگهن سان ڏيڻ لڳاسين. برانچ پوسٽ آفيس کولائيسين. جنهن جو براچ پوسٽ ماسٽر به مسٽر حاجي عبدالرئوف هيڊماستر هو. هڪ ننڍڙو بورڊنگ قائم ڪيونسين. حيدرآباد، شهدادپور، ملدسي، ٺوڙا، کدريون، هڪڙا، گهانگهلا، اڏيرو لعل اسٽيشن، کيبر، سيکاٽ، هالا نوان ۽ نصرپور کان شاگردن داخلا ورتي.

اڏيرو لعل اهو قديم شهر آهي، جنهن سان ديني علم جون ڪيتريون ڳالهيون منسوب آهن. هي شهر ٽن چئن پاڙن ۾ ورهايل آهي.هڪ پاڙي ۾ اڏيري لعل جا شيخ ٻئي ۾ ڀٽي ۽ ٻيون ذاتيون، ٽئين ۾ هندو، چوٿين ۾ اڏيري لعل جي درٻار جا ٻاوا ۽ پنجين پاڙي ۾ اڏيري لعل جاسيد، هن پاڙي کي دائرو شريف ڪوٺيو وڃي ٿو.  دائره شريف ۾ ٻين ديني علوم سان گڏ خاص اهميت جنهن ڳالهه کي هئي، سا هئي قرآن پاڪ جي قرآت، جنهن لاءِ هتي چڱا چڱا قاري هوندا هئا، جيڪي خاص قرآن سيکاريندا هئا ۽ قرآت  جي فن ۾ دائرو شريف سنڌ ۾ واحد ادارو هو........ سنڌ ۾ هڪ پهاڪو مشهور آهي، ته ”ڇوڪرن اُٺ مسجد(مسيت) تي چاڙهيو هو.“ اها مسجد شريف دائري واري هئي، جتي عربيءَ ۽ قرآت جي طالبن جو اهو ڪارنامو هو، جيڪو ضرب المثل بنجي ويو.

اڏيرو لعل شهر چونڪ هندن جي اڏيري لعل جي سببان هڪ تيرٿن جي جاءِ هئي. ان ڪري اُتي جي ٻائي جو تمام گهڻو اثر رسوخ ۽ عزت هوندي هئي. وڏو ٻائو فوت ٿي ويو ۽ سندس پٽ پريتم داس گاديءَ تي ويٺو....... اڏيري لعل جي درگاهه هڪ قلعي جيان آهي ۽ ڪن ڪتبن مان ظاهر ٿئي ٿو، ته اها اورنگزيب عالمگير جي وقت جي ٺهيل آهي.

پوءِ، مخدوم غلام حيدر جي چوڻ تي مون هالا هاءِ اسڪول ۾ اچي چارج سنڀالي. اسڪول جا ٻه ماستر: هڪ مسٽر عبدالرحيم عرف محمد جمن ۽ ٻيو غلام رضا ڀٽو ته خاص مخدوم صاحب جا ماڻهو هئا. عبدالرحيم سندن ڪمدار جي حيثيت ۾ زمينن جو ڪم ڪندو هو ۽ سندس ڪلاس ٻيءَ هڪ ڊويزن سان ملائي ماستر سيرومل جي حوالي ڪيو ويو. غلام رضا ڀٽو ته سائين غلام حيدر جو منظور نظر هو، جو هر وقت سندس حاضريءَ ۾ هوندو هو. وڻيس ته اچي، وڻيس ته مخدوم صاحب جو ڪارائتو نوڪر هو........ مقامي ڪامورن جي ڪلب تي هندوئن جو قبضو هو ۽ انهن مان ماستر سُندر سڀني تي حاوي هو. هو سدائين مخدوم صاحب بابت اجايون سجايون ڪوڙيون ۽ من گهڙت گلائون ڪندو رهندو هو......... مخدوم صاحب، غلام رضا کي هڪ بندوق ۽ هڪ رائيفل جو ليسن وٺي ڏنو هو. هڪ ڪار سندس حوالي هئي ۽ سندس لاءِ مخدوم صاحب جن جي طرفان سوئرن ۽ ڦاڙهن جي شڪارن جو اهتمام ڪيو ويندو هو، جن جي شوق ۾ هو اڪثر اسڪول کان غير حاضر رهندو هو. مخدوم صاحب جن شهر جا وڏي ۾ وڏا ماڻهو هئا ۽ ميونسپل جا پريزيڊنٽ به هئا. تڏهن حيدرآباد ضلعي جو ڪليڪٽر مسٽر ميرچنداڻي هو، جيڪو نهايت ڪرڙو ۽ اڙٻنگ هوندو هو......... جنهن ماستر سُندر جي مبينه ڪوڙين درخواستن تي، هڪدم انڪوائري ڪري غلام رضا جا لائسنس رد ڪري ڇڏيا......... آئون مخدوم صاحب جي هتڪ عزت برداشت ڪري نه سگهيس ۽  موقعي جي تاڙ ۾ رهيس..........

هڪڙي ڏينهن مون سندرداس کي غلام رضا، جيڪو موڪل وٺي ويو هو، تنهن جو پيرڊ وٺڻ جو چيو. پرهن انڪار ڪيو. مون کيس دٻايو، پر هو نه هيسيو ۽ جواب سوال ڪرڻ لڳو......... بس مون کي کپندو ئي ايترو هو، ڪرسيءَ تان اٿندي ئي ٻئي هٿ مضبوطيءَ سان وارن ۾وجهي کڻي زمين تي سٽيومانس ۽ لتن ۽ مُڪن جو وارو لائي ڏنومانس. هن آسمان ڏاريندڙ رڙيون ڪيون ته ”خون ڙي خون.“............. ۽ اُتان ڀڄي ويو.

سُندر داس مٿين مامري بابت ڳوٺ ۾ هندو پنئچائت گڏ ڪرائي بلڪ ڀاڀڙا جن جي پئنچائت الڳ هئي، تن کي به شامل ڪيو ويو. فيصلو ٿيو ته هندو ڇوڪرا تيستائين اسڪول ۾ نه ويندا جيستائين ان مامري جي ڇنڊڇاڻ ٿئي......... ٻئي پاسي مون هڪ رپورٽ لکي هن مامري کي پريزيڊنٽ صاحب جي سامهون پيش ڪيو........ جنهن منهنجي تجويز تي عمل ڪندي سندرداس کي سسپينڊ ڪرڻ جو حڪم ڪيو. ۽ اهو حڪم تعميل ٿيو.......... پوءِ هندو پنئچائت جي معزز شخصن – ماستر هاسومل ۽ ٻيو مهاراج واسديو وچ ۾ پيا، جن پڪ ڏياري ته سڀاڻي سڀ هندو ڇوڪرا باقاعدي اسڪول ۾ حاضر رهندا. پوءِ پنئچائت سائين غلام حيدر وٽ ويئي، جنهن اهو حڪم رد ڪيو، پر انهيءَ شرط سان ته هيڊماستر کان سُندر داس معافي وٺندو. جيڪا ڳالهه هنن قبول ڪئي......... نيٺ ايئن مامرو حل ٿيو.

1945ع ۾ ٻي جنگ عظيم رتوڇاڻ ۽ غارتگريءَ بعد ختم ٿي، حڪومت طرفان حڪم جاري ٿيا ته اسڪولن ۾ خوشيءَ جا جلسا ڪيا وڃن. مٺايون ورهايون وڃن وغيره....... هڪ وڏي شاندار جلسي جو اهتمام ڪيو ويو. اسڪول کان جلوس نڪتو، درگاهه شريف مخدوم نوح جي باب بلند کان لنگهندو سير بازار شاگردن جي قطار در قطار جلوس هلندو رهيو. شعر پڙهيا ويا، جنهن ۾ انگريزي حڪومت جي خوشامد ڪيل هئي. جرمني ۽ هٽلر تي سب و شتم جا ڌوڙيا هئا. اسڪول جا ٻار اهو شعر ڳائيندا. فتح جا نعرا بلند ڪندا. شهر جي مشهور بازارين ۽ گهٽين مان گهمندا ڦرندا، مارڪيٽ لتاڙيندا سرڪاري آفيسن وٽ پهتا. جتي هڪ وڏو انبوهه ماڻهن جو جمع ٿي ويو. مختيارڪار ۽ ٻيا آفيسر ٻاهر نڪري آيا. هن جلوس جو مظاهرو، نظارو ڪيائون، ڪليڪٽر حيدرآباد ۽ ڪمشنر سنڌ کي مخفي رپورٽون ويون. ڪجهه وقت کان پوءِ مون کي تحسين جو ليٽر مليو، جيڪو اڄ تائين ميونسپل رڪارڊ ۾ محفوظ هوندو. مخدوم صاحب جن جي به تعريف ڪئي ويئي.

تڏهن حيدرآباد ۾ به ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر هوندا هئا، هڪ حيدرآباد ٽائون لاءِ ۽ ٻيو حيدرآباد ضلعي لاءِ. هندو حيدرآباد ٽائون تي حاوي هئا ۽ ان ڪري حيدرآباد ٽائون کي ميونسپل اسڪول بورڊ ۽ حيدرآباد ضلعي کي، جيڪو ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي ماتحت هو، تنهن کي ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ سڏيو ويندو هو. اهو سرشتو پاڪستان ٿيڻ بعد به اڃان هلندو ٿي آيو.....جڏهن مان حيدرآباد آيس، ميونسپل اسڪول بورڊ ٽائون جي آفيس هاڻوڪي ميونسپل آفيس جي سامهون هئي. جتي اڄ يو. بي. ايل جي بئنڪ آهي.

پناهگيرن جي لڏپلاڻ ۽ غلبي سبب پرائمري برانچ اسڪولن جون جايون، جيڪي هندن جا مددي اسڪول هئا. سڀ بند ٿي چڪا هئا. جايون پناهگيرن والاري ڇڏيون هيون. ڪن سرڪاري اسڪولن جي احاطن بلڪ ڪن حصن ۾ به بي گهر پناهگير ويهي چڪا هئا. اسڪولن جا رڪارڊ فرنيچر وغيره ڪٻاڙين جي حوالي ٿي چڪا هئا. ڪن ماسترن صاحبن کي کير جون ڊيئريون هيون. ڪن کي کنڊ جا ڊيپو هئا. ڪن ماسترن ائسوسيئيشن جي آفيس تي قبضو ڪري اتي جا ٽائيپ رائٽر ۽ ڊيوپليڪٽر مشينون تينوال ڪري ڇڏيون هيون. جنرل رجسٽر گم هئا. جيڪي اڇن پنن تي رکڻا پيا . ڪوڙن ۽ جعلي سرٽيفڪيٽن جي ڌم ڌمان هئي.......... ماستر يا ته اسڪولن ۾ بنا نوڪري هليا ويندا هئا يا اخبارون ۽ رسالا ويٺا پڙهندا هئا. آمريڪن کير جو پائوڊر، گيهه جا دٻا، جيڪي شاگردن لاءِ ڪافي کان زياده ملندا هئا، سي سڀ بازار ۾ وڪيا پئي ويا. هي سال 1951ع جو هو.

1955ع ۾ سيلاب آيو، کيبرن وٽان درياهه شاهه ٽڪرين جيڏا بند ٽوڙي رکيا. پڪو رستو (ميٽل روڊ) ٻُڏي ويو. اتر ڏي نوح پوٽن تائين، اڀرندي ڏي اڏيرو لعل تائين ۽ ڏکڻ ڏي حيدرآباد تائين پاڻي پهچي ويو. هن سيلاب ۾ ڪجهه ماسترن جا گهر تباهه ٿي ويا. ٿوري گهڻي جيڪا ويچارن جي ملڪيت هئي. سا درياهه شاهه ڳڙڪائي ويو. ڪيترائي خانمان برباد....... تنهن وقت تائين حيدرآباد ۽ ضلعي جا ٻه حصا ڪيا ويا هئا. هڪ هالا ڊويزن ۽ ٻيو ننڍو ڊويزن. ميونسپل اسڪول بورڊ ختم ٿي چڪو هو. هالا ڊويزن ۾ تعلقو هالا، ٽنڊوالهيار ۽ حيدرآباد شامل ڪيا ويا. پنهنجي شخصي نالي سان. ماسترن جي اصرار تي، ماستر برادري کي اپيل ڪئي ته اُهي سندن ڀائرن جي دل کولي مدد ڪن. ڇو ته ڪنهن به گورنمينٽ ملازم کي ڪو چندو چڙو پنهنجي عهدي جي نالي سان ڪرڻ جي قانوني منع هئي. تعلقي ماسترن کي زباني هدايتون ڏنيون ويون، ته استادن کي پگهارن ڏيڻ وقت کانئن چندو وصول ڪري موڪلين. چندا اُميد کان وڌيڪ وصول ٿيا........ پوءِ پئسا جمع ڪيا ۽ سامان به خريد ڪيوسين. گڏجاڻي ڪئي سين. فيصلو ٿيو ته هرهڪ ماستر کي هڪ مڪمل بسترو، رڌڻ پچائڻ ۽ کائڻ پيئڻ جي ٿانون جو مڪمل سيٽ ۽ ڪپڙن جا ٻه وڳا ڪجهه مختصر شيون ڏنيون وڃن. جيڪو ڪم خير خوبيءَ سان پورو ٿيو.

مون ٻين ڪتابن کان سواءِ ”سنڌي سٻاجهڙا“ ڪتاب به لکيو. هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ بعد مون کي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان مبارڪون مليون......... هي ڪتاب به تعليم کاتي جي ٽيڪسٽ بوڪ ڪميٽيءَ منظور ڪيو ۽ سڀني اسڪولن جي لئبريرن لاءِ خريد ڪيو ويو. انعام طور به شاگدن ۾ تقسيم ڪيو ويندو هو. هن ننڍڙي ڪتاب ۾ سنڌي سٻاجهڙن جي تهذيب، ريتون، رسمون، رهڻي ڪهڻي، بهادري ۽ مهمان نوازيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه هيو....... پر ڪجهه نا انديشن ان ڪتاب جي مخالفت ڪئي.... جيئن ته سنڌي استادن جي ”ٽيچرس ايسوسيئيشن“ اڳيئي قائم ٿيل هئي، تيئن اردو ماسترن جدا کچڻي رڌي الڳ ديڳڙي چاڙهي. (شايد 1958ع ۾) هڪ جماعت کي وجود ڏنائون. جنهن جو نالو ”جمعيت المدرسين“ رکيو ويو. ان جو سربراهه هڪ حاذق نالي مقرر ٿيو....... پوءِ ”سنڌي سٻاجهڙا“ ڪتاب جي مخالفت شروع ڪئي وئي. ته هن ۾ پناهگيرن، پنجابين کي گهٽ وڌ ڳالهايو ويو آهي. فوج خلاف ڳالهايو ويو آهي. تنهنڪري ڪتاب کي ضبط ۽ مون کي گرفتار ڪرڻ جا مطالبا ٿيڻ لڳا...... حيدرآباد جو ڊپٽي ڪمشنر تڏهن نصرت حسين هو، ان وٽ وفد ويا. سڄي شهر ۾ پوسٽر لڳا. منهنجي ڪتاب جي ڪن ٽُڪرن جا ترجما اردو ۾ ڏنا ويا. ماتمي جلوس ڪڍي نصرت وٽ ويا، ’نذير‘ ڪمشنر وٽ ويا......... جن وٽ پيش ٿي مون کين ڪتاب ۾ ڄاڻايل مواد جو صحيح مطلب سمجهايو، ته اهي خاموش ٿي ويا......... هاڻي حڪومت جي سطح تان ڳالهه مٿي کاتي جي چڱن مڙسن جي حوالي ڪئي ويئي ۽ ڊاڪٽر جهانگير ان وقت ڊي. پي. آءِ ويسٽ پاڪستان هو ۽ ميجر رفيق ان جو اسسٽنٽ اسٽيبلشمينٽ برانچ ۾ هو. تنهن انڪوائري شروع ڪئي........ نيٺ ڊي. او (ڊيمي آفيشل ليٽر) لکيائون ته سنڌي سٻاجهڙا تي گورنمينٽ کي اعتراض آهي، تنهنڪري ان جون سڀ ڪاپيون، جيڪي اسڪولن جي لئبريرين ۾ آهن، سي واپس گهرائي. ڊئريڪٽوريٽ ۾ جمع ڪري رکو. ان حڪم جي تعميل ڪئي ويئي. پر ”سنڌي سٻاجهڙا“ ڪتاب کي هن هنگامي سبب ڪري جيڪا اهميت ملي. تنهنڪري جن اهو ڪتاب نه پڙهيو هو، تن به خريد ڪري پڙهيو........ ڪتاب جي قيمت رڳو ٻارهن آنا هئي، پر ٽن رپين ۾ ڪتاب خريد ڪيا ويا.

ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر غلام حسين جعفري انسپيڪٽر آف ٽريننگ انسٽيٽيوشن (تربيتي ادارن) جو نگران ٿي آيو هو. هن صاحب حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ نون نون سڌارن آڻڻ جو سرٽوڙ ڪوشش ڪئي. ”اخبار تعليم“ کي خاص ڪنهن اعليٰ مقام تي پهچائڻ جون ڪوششون ورتيون. جيڪا ذري گهٽ مري چڪي هئي. ان ۾ نيئن زندگي ۽ نئون روح ڦوڪيو ويو........ هڪ ساليانو ميڙاڪو (مشاعرو) ڪرايائين. جنهن ۾ مون ٽريننگ ڪاليج تي هڪ شعر پڙهيو. محفل مشاعره جو صدر محترم ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل هو. مولانا غلام محمد گرامي تڏهن ٽريننگ ڪاليج ۾ معلم هو....... ٽريننگ ڪاليج مان ”ملا مخزن“ به هڪ رسالي جي صورت ۾ شايع ٿيندي هئي، ان جو ڪم مولانا گراميءَ جي سپرد هو. (36)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org