سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 4

صفحو ؛ 8

 

سومرن جي ”پرمار هندو راجپوت“ قوم نه هجڻ ۾، ٺوس ثبوت ۽ دليل

(1) سيد ابوظفر ندوي صاحب لکي ٿو ته:

”سومرا هندو راجپوت نه هئا“ بلڪه هو مسلمان هئا.[1]

(2) ماهشيه عبدالڪريم نظامي صاحب لکي ٿو ته:

جڏهن مان ”تحفـﺔ الڪرام“ جي حاشيءَ ۾ هي پڙهيو ته سومرا دراصل راجپوت“ آهن ته:

راجپوتن جي ڪيترن ئي شاکائن جا شجرا ڏٺا. مثلاً ٽاڊ راجستان وقائع راجپوتانا پرٿي (اسو، راج سنگره ۽ ڪاٺياواڙن، گجرات، ڪڇ، سنڌ جي سڀني خاندانن جا پڻ شجرا ڏٺا، وري چند (بنسي، سورج بنسي، اگني ڪنڊ، جهالا، يادون، ڀيگهلا، پاونڊو يا وغيره، جي مڙني شاکائن جو غور سان مطالعو ڪيو. مگر انهن ۾”سومرا“ ڪنهن راجپوت خاندان سان تعلق نه ٿا رکن. اهڙيءَ صورت حال جي موجودگيءَ ۾ سومرا“ هندو راجپوت ڪيئن ٿا ٿي سگهن؟ هي سومرن تي، سراسر بهتان اهي. سومرا خالص عربي النسل آهن. جهڙيءَ طرح مان مٿي ثابت ڪري چڪو آهيان ته: سومرن جو تعلق، بني سمره سان آهي. بني بني سمره خالص قريشي النبس حضرت سمره بن جندب صحابي رسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم جي اولاد آهي ۽ تمام اسلامي تاريخن ۾ ان جو ثبوت پڻ موجود آهي.

هندستان ۾ جيترا به هندو خاندان اسلام ۾ داخل ٿيا آهن، تن جواصل اڃا تائين، هندستان ۾ ملي ٿو، مثلاً: چوهاڻ راجپوتن ۾،اسلام قبول ڪرڻ وارن مان نواب حافظ احمد سيد خان آف ڇتاري جي پڻ انگريز دور حڪومت ۾ يوپي جا گورنر رهي چڪا آهن ۽حيدرآباد دکن جا پڻ وزيراعظم هئا. هي چوهاڻ خاندان جا چشم و چراغ آهن. نواب حافظ جمشيد علي خان باغپت مرحوم پڻ مسلم چوهاڻ هئا. اهڙيءَ طرح ڪيترائي خاندان اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيا ۽ اسلام جي واسطي، باعث فخر ثابت ٿيا.

ڪشمير پنڊتن جاخاندان جي پڻ اسلام ۾ داخل ٿيا، جن مان پاڪستان جي نظريي جا باني علامه ڊاڪٽر اقبال مرحوم ۽ ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلوصاحب وغيره نامور هستيون ٿي گذريون آهن. ڪچلو خاندان جا هندو به آهن ته: مسلمان به.

اهڙيءَ طرح هندو لهاڻا قوم جا ماڻهو مسلمان ٿيا ته: انهن خود کي ميمڻ سڏرايو. جنهن ڪري هندو لهاڻا قوم جا ماڻهو اڃا سودو موجود آهن. سما قوم جي هندن جڏهن اسلام قبول ڪيو ته: انهن مان وڏا وڏا امير پيدا ٿيا، جهڙوڪ ڄام نظام الدين، ڄام فيروز، ڄام تغلق وغيره وغيره- مگر ان قوم جي اصل مان، اڄ به، ڄام صاحب نوانگر ڪاٺياواڙ ۽ راؤ صاحب ڪڇ موجود آهن، جي پڻ هندو آهن.

جڏهن پنجاب جي راجپوت خاندانن اسلام قبول ڪيو ته: انهن مان مولانا ظفر علي خان صاحب جهڙيون اسلام تي فدا ٿيندڙ هستيون پيدا ٿيون.

اوڀر پنجاب ۾ توهان کي هندو جاٽ به ملندا ته: مسلمان جاٽ به. اهڙيءَ طرح هر اها قوم جا اسلام ۾ داخل ٿي آهي: ان جو اصل هندن ۾ موجود آهي. مگر هيءَ منهنجي چئلينج آهي ته: ڪو به صاحب سومره قوم جو اصل هندو راجپوتن ۾ هجڻ ثابت نه ڪري سگهندو. انهيءَ ڪري اهڙيءَ صورت حال جي موجودگيءَ ۾ هن قسم جي قياس آرائيءَ ڪرڻ باطل ثابت ٿي وڃي ٿي ته: سومرا هندو راجپوت هئا.

تاريخ سنڌ جلد اول ڪلهوڙا دور ۾لکيل آهي. برٽن لکي ٿو ته: ڪلهوڙا اصلاً سنڌي چنا هئا. انهيءَ ڪري سمجهڻ گهرجي ته هندن مان مسلمان ٿيا هئا.  جڏهن ان خاندان امتيازي درجو حاصل ڪري ورتو ته: بني عباس هجڻ جو استحقاق پيش ڪري ڇڏيو. ليڪن علمائن جي نزديڪ سندن نسب جو شجرو عباسيت جي انتساب ۾ ناڪام ثابت ٿيو. ان تي هنن پنهنجا ماڻهو سهرا خيطبه موڪليا ته جيئن اتان جي بزرگن وٽ جيڪي دستاويز آهن، تن جو نقل ڪري اچن. بزرگن تامل کان ڪم ورتو ته: ڪلهوڙن انهن جون جاگيرون ضبط ڪري ورتيون، انهن جا ڳوٺ تباهه ڪري ڇڏيا، ۽ پتل جي انهن تختين کي کڻي هليا ويا، جن تي شجروثبت ٿيل هو.انهيءَ طرح هوبنا شڪ ۽ شبهي حضرت عباس جي اولاد بنجي ويا. (صفحه 44، 43، مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي).

جيڪڏهن انگريزن جا ارشادات سند جي قابل آهن ته: هاڻ توهان غور ڪريو ته: ڪلهوڙن کي نو مسلم مڃڻ لازمي ٿي ويندو. مگر سومرن جي متعلق ته: اهڙي راءِ انگريزن ته ڇا“ پر انهن جي سلطنت جي خاتمي ڪرن وارن به نه ڏني آهي. بلڪه سومرن جي حڪومت جي خاتمي جو سبب ئي بني اميه ۽ بني عباسيه جي دشمني هئي. [2]اسان مٿي جيڪي به،سومرن کي هندو راجپوت قوم هجڻ جي نفيءَ ۾ مؤرخن جون عبارتون پيش ڪري چڪا اهيون، تن مان صاف ۽ واضح طور معلوم ٿئي ٿو ته:سومرا پرمار هندو راجپوت قوم جي 35 شاخن مان ڪنهن به هڪ شاخ  مان هرگز نه آهن ڇاڪاڻ ته : (1) سيد ابو ظفر ندوي صاحب،سومرن جي هندو راجپوت قوم مان نه هجڻ جي، نه صرف نفي ڪن ٿا، پر اصل مسلمان هجڻ جي پڻ تصديق ڪرائين ٿا.(2) جيڪڏهين ”سومرا“ واقعي غير مسلم هندو راجپوت هجن ها ته: پوءِ سومرن خود کي شيخ يا راجپوت سڏرائين بدران سومرو ڇو سڏرايو؟ اهوانهيءَ ڪري جو ”سومرا“ پهرين مسلمانن مان حضرت سمره (سومره) جي اولاد آهن. (3) بقول مؤرخن ۽ محققن جي، سومرا قوم جا پڻ هندو هند سنڌ ۾ به رهن ٿا.

اسان انهيءَ سلسلي ۾ هن کان اڳ ۾ ثابت ڪري چڪا آهيون ته:

جيڪڏهن واقعي سومرا قوم جا هندو لوڪ هند، سنڌ ۾ رهن ٿا، ته پوءِ هي اهي (عراق جي هندو بادشاهه نمرود جي اولاد يارعيت) جا هندو لوڪ آهن، جيڪي يا ته: 2000 قبل مسيح وچ ايشيا مان لڏي، اچي سنڌ، هند ۾ آباد ٿي ويا هئا ۽ يا وري بقول ”تاريخ سنڌ ڀاڱو 3 جي مصنف ميان عبدالغني عبدالله جي، سنه 111هه ۾ بني تميم جي اولاد سان گڏجي، ٻي هڪڙي عرب قوم سنڌ ۾ لڏي آئي هئي،جنهن خود کي سومرا سڏرايو هو، جا ”سامره“ هندو لوڪ آهن، جن جو بني سمره (سومره) عرب قبيلي هوازنيه القر القريشيءَ جي اولاد سان دور جو به ڪو تعلق ۽ رشتو ڏسڻ ۾ ڪو نه اچي ٿو. انهيءَ ڪري مسلمان سومرن ۽ هندو سومرن کي ٻه الڳ الڳ ”سومرا“ قومون سمجهڻ گهرجي.

(4) اڪثر ڪري، انگريز ليکڪن ڪنهن نه ڪنهن طرح جوش ۽ جنون ۾ اچي ڪري، عرب مسلم قومن کي هندو قوم ڪري پيش ڪيو آهي. جهڙيءَ طرح نه صرف، عرب مسلم قوم سومره کي، پر رچرڊ برٽن صاحب رسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم جن جي چاچي حضرت عباس رضه جي اولاد، جنهن خود کي عباس جي نسبت سان عباسي سڏرايو، کي سنڌ جي قديم قوم چنا سڏي ٿو، جو پڻ بلڪل غلط آهي.

اهڙيءَ طرح بيواجبي گب صاحب چئي ٿو ته: بقول ابن بطوطه جي، مون کي شمس الدين جي پٽ ۽ بهاء الدين ذڪريا القريشي جي پوٽي متقي بزرگ شيخ رڪن الدين ٻڌايو ته: منهنجو وڏو ”جدة الاعليٰ“ محمد بان قاسم القريشي هو.

هاڻي غور ۽خوض ڪريو ته: گبِ صاحب محمد بن قاسم کي حضرت رڪن الدين  رح جو پڙ ڏاڏو ڪري ٿو پيش ڪري (جڏهن ته: اصل ۾ لکيل آهي ته: سندس وڏو ڏاڏومحمد بن قاسم القرسي فاتح سنڌ جي لشڪر ۾ موجود هو) جو پڻ ڪنهن به طرح درست نه آهي. ڇاڪاڻ ته: حضرت رڪن الدين رحه الهاشمي القريشي ته آهن، پر حضرت بيبي امام فاطمـﮧ بتول رضه جي اولاد مان هجڻ جي باعث، سيد گهراڻي جا آهن. هن مان ثابت ٿئي ٿو ته انگريز ليکڪن هن قسم جا ڪيترائي ڪلور ۽ ناحق، بلڪل بيواجبي مسلم قوم سان ڪيا آهن، جن کي نه منهن آهي نه سر.

انهيءَ هوندي به، بعض مسلم ليکڪ ۽ اڪثر هندو ليکڪ وري سستي ۽ ۽ آسان شهرت ماڻن جي واسطي، انگريز ليکڪن جي پيروي ڪرڻ کان باز نٿا اچن جا هڪ تاريخي بدديانتي ۽ ڪنهن قوم سان دشمني ڪرڻ جي بلڪل مترادف آهي.

مسٽر رائچند راٺوڙ صاحب لکي ٿو ته:

سومرن جي مسلمان  ٿيڻ بابت، ڪنهن به اتهاس (تاريخ) ۾ چٽي خاطري ڪانهي ته“ ڪڏهن مسلمان ٿيا، پر اها پڪ آهي ته: هو اصل هندو راجپوت هئا. [3]

جڏهن راٺوصاحب کي سومرن جي مسلمان ٿيڻ جي به، ڪنهن تاريخ مان صحيح ۽ قابلِ قبول تصديق به ڪا نه ٿئي ٿي: (اهو انهيءَ ڪري جو سومرا غير مسلم سنڌ جي قديم قوم هرگز آهن ئي ڪونه) انهيءَ جي باوجود به ديده دليريءَ ۽ وثوق سان مسلم قوم سومرا کي هندو راجپوت قوم سڏي ۽ تسليم ڪري رهيا آهن جو بلڪل غلط آهي.

(6) مسٽر رچرڊ برٽن صاحب لکي ٿو ته:

غزنويءَ جي پوين حاڪمن جي ڏينهن ۾، هڪڙي گمنام نسل جي قوم جيڪا ”مرد مان سومره“ سڏبي هئي. [4]

برٽن صاحب کي جس هجي، جو هن غلط فيصلي صادر ڪرڻ کان گريز ڪندي، سومره قوم کي هڪ گمنام نسل جي قوم سڏي ڪري، سومرا سنڌ جي قديم قوم آهن، سومرا هندو راجپوت قوم آهن،سومرا ”سامره“ جا عرب آهن ۽ سومرا سميري قوم جي هڪ شاخ آهن، وغيره جي خيال رکندڙ مڙني مؤرخن ۽ محققن جي راين، دليلن ۽ قياس آراين ۽ ڏند ڪٿائن جي پڻ بلڪل نفي ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته: جيڪڏهين ”سومرا“ مٿي ذڪر ڪيل نسل مان ڪنهن به هڪ نسل جي قوم مان هجن ها ته: پوءِ سندس نظر ۾ ”سومرا“ گمنام نسل جي قوم ڇو؟ اهو انهيءَ ڪري جو، هو مٿين مڙني فرسوده قياس آرائين ۽ ڏند ڪٿائن کي رد ڪندي، سومرن کي گمنام نسل جي قوم سڏي ٿو.

برٽن صاحب عرب مسلمان سومرن کي عرب مسلم قوم تسليم ڪرڻ جو کليل مظاهرو ۽ اظهار انهيءَ ڪري نه ٿو ڪري جو کيس مسلم قوم ”سومرا“ سان دشمني جو ڪرڻي آهي، ورنه، سندس آڏو هر هڪ ليکڪ جي لکيل تواريخ ڪتابن کان علاوه عرب سيلائين جي لکيل سفرنامن جي مسودن ۽ڪتابن جا ڍير لڳا پيا هئا. انهن جو ئي کڻي مطالعو ۽اڀياس ڪري ڪنهن صحيح نتيجي تي بلڪل آسانيءَ سان پهچي سگهيو ٿي.

مگر هن جيڪو ”مرد مان سومره، ٿي پوڻ جو، جيڪو انڪشاف ۽ ڏند ڪٿا ڪئي آهي، هو ان ۾ به بلڪل غلط ڏسڻ ۽ اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته: لفظ مرد جي صفا تي معنيٰ (نر ماڻهو، بهادر، سورمه جي آهي) انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته: ڪي سومرا بهادر ۽ سورما نه هئا؟ پر سورهيه جي نسبت سان سومره قوم جو وجود ۾ اچڻ بلڪل غلط ۽ لغو آهي. ڇاڪاڻ ته: سورمو ۽ بهادر ڪنهن ماڻهوءَ جو لقب ۽ خطاب ته بلڪل ٿي سگهي ٿو، پر قوم يا نسل بنهه نه، ڇو جو سورهيائيءَ ۽ بهادريءَ جي لقب جو ڪهڙو حسب نسب ٿي سگهي ٿو ۽ سمجهڻ گهرجي.


[1]  سـﮧ ماهي رسالو مهراڻ، جلد 23، نمبر پهريون سال 1974ع ص 117.

[2]  تاريخ سومره سنڌ پر ايڪ نظر صفحه 237، 238، 2398، 24

[3]  (تاريخ ريگستان“ صفح 60)

[4]  (”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ از: رچرڊ برٽن- سنڌي ادبي بورڊ سال 1971ع ص 15).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org