سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 3

صفحو ؛ 5

 

سومرن جي حسب نسب تي، ڏند ڪٿائن ۽ قياس آرائين ڪرڻ جو هن قدر موقعو هرگز نه ملي ها!

دائود پوٽه صاحب ۽ قانع صاحب جن شايد، انگريز ليکڪ گب صاحب جي پيش ڪيل تحرير جي تقليد ڪندي، ”سامره“ مان بگڙي ”سومرا“ ٿي پوڻ جو جيڪو بيواجبي اعتراف يا انڪشاف ڪن ٿا، سو ڪنهن به طرح قابل قبول نه آهي. ڇاڪاڻ ته: ابن بطوطه، جنهن عربيءَ ۾ لکيل ”سنڌجي فتح“ يعني ”تاريخ سنڌ جو حوالو پيو ڏئي، ان ۾ ”سامره“ بجاءِ بني سمره (سومره) لکيل هوندو، ڇاڪاڻ ته جنهن وقت سنه 93 هجريءَ ۾ بني سمره (سومره) سنڌ جي فتح جي اسلامي لشڪر ۾ شامل ٿي ڪري، عراق جي رستي، سنڌ اندر داخل ٿيا هئا، ان وقت بغداد جي شهر ”سامره“ جو وجود ئي ڪو نه هو ته: پوءِ عربيءَ ۾ ”سنڌ جي فتح جو احوال“ لکندڙ ڪنهن ثقفيءَ بني سمره (سومره) کي بيواجبي بغداد جي شهر ”سامره“ جا عرب ڪيئن ۽ ڇو لکيو هوندو؟ جڏهن ته بني سمره ۽ بني ثقيف وارا هڪ ئي پڙڏاڏي هوازنيه القريشيءَ جي پڻ اولاد آهن.

ان کانسواءِ ”سامره“ بغداد جي هڪ شهر جو نالو آهي، پر ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو نه آهي. جيڪڏهن بيواجبي هن حقيقت کي مجبور ٿي مڃڻو به پئي ته: پوءِ به  سومرا قوم جو اصل حسب نسب کي ضرور تلاش ڪرڻو پوندو؟ ڇاڪاڻ ته: بيجان شهر ”سامره“ جو ڪهڙو حسب نسب ٿي سگهي ٿو؟ توڙي جو ان جو رهواسي، هندو هجي يا مسلمان؟.

ملڪ يا شهر جي نسبت سان، پاڪستاني، عراقي، بغدادي، سامري، سنڌي ۽ چڪائي وغيره ته: بلڪل ٿي سگهي ٿو، پر ڪو نسل يا قوم هرگز ٿي نه ٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته: ڪا به قوم ڪرهء ارض تي، ڪنهن به ملڪ يا شهر جي نسبت سان نه، پر پنهنجي وڏي ڏاڏي جي نالي پٺيان سڏجڻ ۾ ايندي آهي.

جهڙيءَ طرح سرور ڪائنات حضرت محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰ صلي الله عليـﮧ وسلم جن القريشي ته آهن، پر پنهنجي پڙڏاڏي جناب هاشم جي نسبت ۽ نالي پٺيان الهاشمي القريشي جي ڪنيت سان سڏيا ويندا آهن. اهڙيءَ طرح سمره (سومره) القريشي ته آهن، پر پنهنجي وڏي ڏاڏي هوازن جي نسبت ۽ نالي پٺيان هوازنيه القريشي سڏيا ويندا آهن.

ابن بطوطه جي عربيءَ ۾ لکيل ”سفرنامو“ جو سنڌي مترجم عباسي صاحب لفظ ”سامره“ خود حذف ڪيو آهي يا مورئون اتي لفظ ”سامره“ لکيل ئي ڪو نه آهي، جو هو سمره (سومرن کي صاف ”سومرا“ لکي ٿو. عباسي صاحب، ابن بطوطه جي ياداشت تي، جنهن عربيءَ ۾ لکرايل ”سفرنامو“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، ان ۾ صاف ۽ واضح طور ”سامره“ بجاءِ ”سومرا“ ئي لکيل هوندو. ڇاڪاڻ ته: ابن بطوطه سنڌجي نهايت خوبصورت شهر جنانيءَ ۾ رهندڙ سومرن جي تصديق ۽ خاطري ته، بلڪل ڪرائي ٿو، پر هو ”سنڌ جي فتح جو احوال“ يعني ”تاريخ سنڌ“ جو جيڪو حوالو پيو ڏئي، اهو هي آهي ته: جڏهن سنڌ جي چڙهائيءَ وقت ”سومرا“ اسلامي لشڪر ۾ شامل ٿي ڪري جناني شهر ۾ پهتا ته: سندن اچڻ کان اڳ، هنن جا وڏا هن شهر ۾ رهندا هئا. هي اهي بني سمره (سومره) هئا، جيڪي سندن سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ، واپاري بيٺڪون قائم ڪري، رهائش پذير ٿي چڪا هئا، جو هو ابن بطوطه جي سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ، بني سمره مان بگڙي ”سومرا“ سڏيا ويندا هئا. ان ڪري ته: ابن بطوطه پنهنجي ”سفرنامو“ ۾ بني سمره (سومرن) کي بلڪل صاف ”سومرا“ لکرائي ٿو.

مگر افسوس جو چون ٿا ته: عربيءَ ۾ لکيل ”تاريخ سنڌ“ جو اصل مسودو بلڪل برباد ٿي ويل آهي.

دائود پوٽه صاحب ۽ مسٽر گب، ابن بطوطه جي ڏنل هن سچي حوالي جي عبارت کي، الائجي ڇو نه، تحرير ڪيو آهي؟ جا سندن هڪ وڏي غلطي ۽ بي انصافي آهي، جو هو ابن بطوطه جي ڏنل هن حوالي (حجاج بن يوسف جي وقت ۾ سنڌ فتح ٿي ته: هنن جا وڏا هن شهر ۾ رهندا هئا) کي بيواجبي ”سامره“ ”سومرا“ سان منسوب ڪري رهيا آهن.

جڏهن ”سومرا“ سنه 93هه ۾ سنڌ جي فتح جي اسلامي لشڪر ۾ شموليت اختيار ڪري، اچي نهايت خوبصورت شهر جنانيءَ ۾ اڳ ۾ رهندڙ پنهنجيءَ هم قوم ”سومرا“ سان سڪونت پذير ٿيا هئا. انهيءَ وقت، نه ته هارون رشيد عباسيءَ جي پٽ مامون جو دور خلافت هو، نه وري ڪو بغداد ۾ ”سامره“ شهر جو نانءُ نشان موجود هو، جو بيواجبي بعض مؤرخ ۽ محقق هن قسم جو به، انڪشاف ۽ ڏند ڪٿا ڪري رهيا آهن. بغداد جي شهر ”سامره“ جي تعمير ته: سن ٽين صدي هجريءَ ۾ مامون عباسي جي ڀاءُ معتصم با لله ڪرائي هئي. هن تي سڀ مؤرخ ۽ محقق پاڻ ۾ بلڪل متفق راءِ آهن. سنڌ جي فتح شام جي خليفي بني اميه وليد بن عبدالملڪ جي دور خلافت ۾، عراق جي گورنر حجاج بن يوسف الثقفي القريشيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ٿي هئي. ته پوءِ، عربيءَ ۾ لکيل ”سنڌ جي فتح جو احوال“ يعني ”سنڌ جي تاريخ“ جنهن کي هاڻ چچنامو سڏجي ٿو، جي مصنف ڪنهن ثقفيءَ (جو پڻ سمره (سومره) جي حسب نسب کان بلڪل چڱيءَ طرح واقف هو. ڇاڪاڻ ته: ثقيف ۽ سمره هڪ ئي تڙ ڏاڏي هوازن جي اولاد آهن) ڪئين سمره (سومرن) کي ”سامره“ تحرير ڪيو هوندو؟ جو بيواجبي دائود پوٽه صاحب انگريز ليکڪ مسٽر گب جي تقليد ڪندي، ابن بطوطه جي ڏنل ”سنڌ جي فتح جواحوال“ جي حوالي کي ”سومرا“ بجاءِ ”سامراه“ تحرير ڪرڻ جي هڪ تاريخي عظيم غلطي ڪري رهيا آهن، جو کين ائين هرگز نه ڪرڻ گهربو هو. انهيءَ ڪري مٿي پيش ڪيل ٺوس دليل ۽ ثبوت، هي ثابت ڪن ٿا ته: جيڪڏهن واقعي عربيءَ مان فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيل ”چچنامو“ ۾ سامره لکيل آهي ته: هن قسم جي ڪيل غلطي ”چچنامو“ لکندڙ علي ابن حامد ابن ابي بڪر الڪوفيءَ جي ٿي ڀائنجي. ڇاڪاڻ ته: عربيءَ ۾ لکيل ”سنڌ جي فتح جو احوال“ جو ترجمو سنه 613هه/ 634هه ۾ ٿيو هو.

انهيءَ وقت بغداد جي شهر ”سامره“ جي تعمير ته ٿي چڪي هئي، پر خليفي مامون عباسيءَ جو دور خلافت، پوءِ به نه هو. ڇاڪاڻ ته: خليفي مامون عباسيءَ بغداد جي شهر ”سامره“ جي تعمير ٿيڻ کان اڳ ۾ تاريخ 18 رجب سنه 218هه بروز خميس تي وفات ڪئي هئي. [1]

ته پوءِ، سنه 93هه ۾ سنڌ ۾ آيل سامره (سومره) جو مامون عباسيءَ جي دور خلافت ۾ سنڌ جي فتح جي اسلامي لشڪر ۾ شامل ٿي اچڻ، ڇا معنيٰ رکي ٿو؟

بهرحال، سومرن جي ”سامره“ مان بگڙي ”سومرا“ ٿيڻ جي ڳالهه ڪرڻ، سواءِ بيوقوفيءَ جي ٻيو ڪجهه به نه آهي.

اسان هاڻ ”سامره“ مان بگڙي ”سومرا“ ٿي پوڻ جي، ڪيل غلطيءَ جي نفيءَ ۾ مهان مؤرخن ۽ محققن جا ٺوس ۽ پڪا ثبوت ۽ دليل پيش ڪرڻ چاهيون ٿا، ته جيئن اصل حقيقت کان معزز پڙهندڙن صاحبن کان باخبر ڪري سگهون.

(1) رحيمداد خان مولائي شيدائي صاحب ”تاريخ سنڌ“ ۽ چچنامه“ جي ٻنهي مصنفن کي، مذڪوره بيواجبي تحرير لکڻ جي ڪري، غلط قرار ڏيندي، صاف ۽ واضح طور لکن ٿا ته:

حقيقت ۾ چچنامه  توڙي ”تاريخ سنڌ“ (جلد 3) جو مصنف ٻئي غلط آهن. ڇاڪاڻ ته: مامون نه هجري 4 صدي ۾ ٿي گذريو، نه وري سندس ڏينهن ۾ سامره“ شهر جو ڪو نالو نشان موجود هو. جيڪڏهن ”چچنامي“ غلطي ڪئي ته، ان جو هي مطلب نه آهي ته ”تاريخ سنڌ“ جو مصنف به غلطي ڪري. ”سامره“ جو اصل نالو ”سرمن راءِ“ هو، جو گهڻي استعمال ڪندي، پوءِ ”سامره“ بنجي ويو. ”سرمن راءِ“ هڪڙي ڇانوڻي هئي جا خليفي معتصم بالله بغداد کان 90 ميلن جي مفاصلي تي ، دجله جي هڪڙيءَ شاخ قاطون تي، سنه 220هه ۾ تعمير ڪرائي ان ۾ ترڪي لشڪر وهاري. بغداد بدران اتي پنهنجو تخت گاهه مقرر ڪيو هو. مامون 4 صدي هجريءَ ۾ نه ٿي گذريو، بلڪه هن ته سنه 218 هه ۾ وفات ڪئي هئي.[2]

(2) ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ صاحب مهان مورخ ۽ محقق پڻ ”سامره“ مان ”سومرا“ ٿي پوڻ جي نفي ڪندي لکن ٿا ته:

ڪن ليکڪن وري سومرن کي سامره مان لڏي آيل عرب قبيلن ۾ شمار ڪيو آهي. جي سندن چوڻ موجب، خليفي هارون رشيد ۽ مامون رشيد عباسيءَ جي دور ۾ عراق مان هجرت ڪري سنڌ ۾ آيا هئا. ڏٺو ويندو ته سامره جو شهر خليفي هارون رشيد جي دور ۾ اڃا وجود ۾ ئي ڪو نه آيو هو. اهو شهر هارون جي ٽئين پٽ، خليفي معتصم بالله، ترڪي فوج جي زيادتين کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ بغداد کان 60 ميل پري، اتر طرف، دجله تي ٺهرايو هو. [3]

سامره جو اصل نالو ”سرمن راءِ“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، اهو شهر، جنهن کي ”ڏسڻ سان خوشي رسي.“[4]

 (3) سومرن جو ”سامره“ مان بگڙي (سومره) ٿي پوڻ جي پڻ نفي ڪندي، علامه سيد سليمانن ندوي صاحب اعلانيه لکن ٿا ته:

سومرن جي قوم جو تعلق ”سامره“ شهر سان لڳائڻ، لفظي صنعت گيريءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. [5]

(4) مسٽر رائچند هريجن صاحب، ”سومرن جو اصل نسل“ ۾ لکن ٿا ته: ڪن تاريخن ۾ لکيل آهي ته، سومرا عرب جاتيءَ جا آهن، مامون عباسي جي خلافت وقت، نبي تميم وارن سان گڏ، ٻي هڪڙي عرب قوم، سامره مان لڏي سنڌ ۾ آئي هئي، جنهن پاڻ کي سومرا سڏايو هو. حقيقت ۾ سامره شهر جو بنياد مامون کان پوءِ، معتصم عباسي 836ع ۾ رکيو هو، جڏهن خليفي 60 هزار ترڪ لشڪر ۾ ڀرتي ڪيا هئا. مٿيون شهر سرمن رائي جي نالي سان 814ع تائين عباسين جو تختگاهه رهيو.[6]

(5) مهاشيه عبدالڪريم نظامي صاحب، بغداد جي شهر ”سامره“ جي نسبت سان قوم سومره جي وجود ۾ اچڻ جي، نفي ڪندي لکن ٿا ته:

”عراق ۾ ”سامره“ نالي جو ڪو به شهر نه تاريخ مان قبل هو نه ۽ نه وري ڪو هاڻي آهي. البت. سرمن ري“ جي علائقي ۾ هڪ غار آهي. جنهن کي سامره جي غار سڏيندا آهن.

شيعن جو عقيدو آهي ته:

هن غار ۾ امام مهدي عليـﮧ السلام پناه ورتل آهن. جيئن ته: هن جاءِ تي، بني سمره فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي هئي جو هن غار جو نالو ساڻن منسوب ٿي ويو. هاڻي نه اتي ڪو شهر آهي ۽ نه وري ڪا ڇانوڻي، ٻيلو ۽ ويراني آهي- ته پوءِ شهر ”سامره“ مان قوم سومره جو هجرت ڪري اچڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو؟[7]

(6) محترم علامه شبلي نعماني صاحب لکن ٿا ته:

اردن ۽ فلسطين جي ضلعن ۾ يهودين جو فرقو رهندو هو، جو سامر سڏرائيندو هو. هي ماڻهو خاص جاسوسي ۽ خبر رسانيءَ جي ڪم لاءِ، مقرر ڪيا ويا هئا ۽ ان جي صلي ۾ کين ڦٻايل زمينون معافيءَ ۾ ڏنيون ويون هيون.[8]

اسان مٿي ”سامره“ مان بگڙي ”سومرا“ ٿي پوڻ جي نفيءَ ۾، ۽ سندس تعمير ٿيڻ جي متعلقن، جن مهان ليکڪن جون عبارتون پيش ڪري چڪا آهيون، تن مان صاف ۽ واضح طور معلوم ٿو ٿئي ته: ”سومرا“ بغداد جي شهر ”سامره“ جي بگڙيل صورت بنهه نه  آهن. ڇاڪاڻ ته: هن کي علامه سيد سليمان ندوي صاحب ”سامره“ مان بگڙي ”سومرا“ ٿي پوڻ کي لفظن جي صنعت، گيريءَ سان تشبيهه ٿو ڪري.

انهيءَ کان علاوه سڀ ليکڪ هن ڳالهه تي پاڻ ۾ متفق راءِ ٿا ڏسڻ ۾ اچن ته: جڏهن ”سومرا“ بقول ابن بطوطه، سنڌ جي فتح جي اسلامي لشڪر ۾ شموليت اختيار ڪري، سنڌ جي نهايت خوبصورت شهر جنانيءَ ۾ رهندڙ پنهنجيءَ هم قوم “سومرا“ سان اچي رهيا هئا، ان وقت بغداد جي شهر ”سامره“ جو نانءُ نشان به موجود نه هو.

مسٽر گبن (گب) شهر ”سامره“ جي تعمير ٿيڻ جو سنه 836ع ڄاڻايو آهي ۽ تعمير ڪرائيندڙ جوپڻ نالو هارون رشيد جي ٽين پٽ معتصم بالله لکيو آهي. جڏهن ته ”سومرا“ سنه 93هه مطابق 712ع ۾، ۽ سامره شهر جي تعمير سنه 836ع ۾ ٿيڻ کان ئي اڳ، سنڌ جي نهايت خوبصورت شهر جنانيءَ ۾ رهائش پذير ٿي چڪل اهن، ته پوءِ، مسٽر گب جنانيءَ ۾ رهندڙ سومرن کي ”سامره“ بلڪل غلط ٿو لکي.

نه صرف هي، پر اسان کي انهيءَ مان هن ڳالهه جي به پڪي خبر پئي ٿي ته: ابن بطوطه شهر جنانيءَ ۾ رهندڙ سومرن کي ”سامره“ بجاءِ بلڪل ”سومرا“ ئي لکيو هوندو، جي پڻ ابن بطوطه، جي سنه 1333ع ۾ سنڌ ۾ اچڻ کان ئي گهڻو اڳ ۾ ”سمره“ مان بگڙي ”سومرا“ ٿي چڪا هئا. جو هو بني سمره (سومره کي صاف سومرا ٿو لکي. انهيءَ ڪري دائود پوٽه صاحب ۽ مير علي شير قانع ٺٽوي صاحب جن به، پنهنجي موقف ۾ بلڪل غلط ڏسڻ ۾ ٿا اچن، جن سومرن کي ”سامره“ مان بگڙي ”سومرا“ لکيو آهي.

بقول مير صاحب، جڏهن بني تميم (ٿهيم) ۽ جن بني سمره (سومرن) کي بيواجبي، سامره“ مان بگڙي ”سومرا“ لکي ٿو، ٻئي عرب مسلمان قبيلا واقعي جيڪڏهن بغداد جي شهر ”سامره“ مان گڏجي سنڌ ۾ آيا آهن، ته پوءِ، هو صرف سومرن کي ”سامره“ مان بگڙي ”سومرا“ ٿي پوڻ ڇو ٿو لکي؟ اهو انهيءَ ڪري جو قافيو ٺهڪي نه ٿو اچي؟ تڏهن ته: انهيءَ بيواجبيءَ ناحق کي ڏسي ڪري، ندوي صاحب، ”سامره“ مان بگڙي ”سومرا“ ٿي پوڻ کي لفظن جي صنعت گيري سڏيو آهي.

علامه شبلي نعماني صاحب، فتوح البلدان جي حوالي سان اردن ۽ فلسطين ضلعن جي مخبري ۽ جاسوسي ڪندڙ يهودي ماڻهن کي ”سامره“ لکيو آهي. ته پوءِ، ڇا اهي يهودي ”سامره“ ته نه سنڌ ۾ لڏي آيا هئا؟ جي پڻ ”سامره“ مان بگڙي ”سومرا“ ٿي ويا هئا. هرگز نه، ڇو جو يهودين جو سنڌ ۾ لڏي اچڻ ۽ سندن قيام ڪرڻ جو به، اسان کي ڪو سراغ بلڪل ڪو نه ٿو ملي، جو کڻي بانور ڪجي ته: ”سومرا“ ”سامره“ يهودين جو نسل آهن. البت فارسي (باهه جا پوڄاري) ماڻهو سنڌ جي شهر ڪراچيءَ ۾ ضرور رهن ٿا.

بهرحال، سومرا نه ته، بغداد جي شهر ”سامره“ جو بگاڙ ”سومرا“ آهن ۽ نه وري ڪي اردن ۽ فلسطين جي مخبري ۽ جاسوسي ڪندڙ ”سامره“ عرب يهودين جي نسل مان آهن.

محترم مولائي شيدائي لکي ٿو ته:

”تاريخ سنڌ“ (ڀاڱي 3) جومصنف ميان عبدالغني عبدالله سومرن جي حڪومت جو زمانو سنه 700هه (1300ع) کان (843ع) تائين ڏيکاري ٿو جيڪو سنه ”تاريخ طاهري“ ڏنو آهي، سومرن بابت هو لکي ٿو: ”تميم“ جو سنه 111هه ۾ هشام بن عبدالملڪ جي زماني ۾ سنڌ جو گورنر ٿي آيو هو، تنهن جو اولاد، بني تميم، جڏهن هجري 4 صدي ۾ خليفي مامون جي ڏينهن ۾ سامره شهر مان لڏي سنڌ ۾ آيو، تڏهن اتان ساڻس ٻي هڪڙي عرب قوم به سنڌ ۾ لڏي آئي هئي، جنهن پوءِ پاڻ کي ”سومرا“ سڏايو. (جنت السنڌ ص 306).

اسان کي، مولائي شيدائي صاحب جي، پيش ڪيل حوالي تاريخ سنڌ ڀاڱو 3 جي مصنف ميان عبدالغني عبدالله جي عبارت مان ڀليءَ ڀت معلوم ٿئي ٿو ته: بني تميم جي اولاد سان گڏجي آيل، شهر ”سامره“ مان جا “سامره“ قوم سنڌ ۾ لڏي آئي هئي، جنهن پاڻ کي ”سومرا“ سڏرايو هو، اهي هندو راجپوت ”سومرا“ ئي ٿي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته: اسان هن کان اڳ ۾، ٺوس دليل ۽ ثبوت پيش ڪري، صاف ۽ واضح طور ثابت ڪري چڪا آهيون ته: عرب مسلمان ”سومرا“ شهر ”سامره“ جو بگاڙ هرگز نه آهن. ان ڪري، البت اسان کي هن عبارت مان، هن ڳالهه جي پڪي ثابتي ملي ٿي ته: سن ٽين صدي هجريءَ ۾ تعمير ڪرايل شهر ”سامره“ ۾ عراق جي هندو نمرود بادشاهه جي خاندان يا سندس رعيت جا هندو لوڪ اتي،2000 هزار سال قبل مسيح ۾ هند. سنڌ ۾ لڏي آيل هندن سان گڏجي اچڻ کان رهجي يا هجن ۽ پوءِ هو وڃي نئين تعمير ڪرايل معتصم بالله جي شهر ”سامره“ ۾ آباد ٿيا آهن. اهي هندو لوڪ شهر ”سامره“ مان بني تميم جي اولاد سان گڏجي، اچي پنهنجيءَ هم قوم هندو راجپوت سان رهيا آهن. پوءِ انهن خود کي ”سومرا“ هندو راجپوت قوم سڏرايو آهي، جو چون ٿا ته: هند ۽ سنڌ ۾ هندو ”سومرا“ به رهن ٿا، جن کي ڏسي ڪري، مؤرخ ۽ محقق هن مغالطي ۾ پئي، عرب مسلمان سومرن کي به، هندو راجپوت قوم جا سڏي رهيا آهن. هن حقيقت کي رد ڪري به نه ٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته: بيواجبي مؤرخ ۽ محقق جن بني سمره (سومرا) عرب مسلمانن کي ”سامره“ مان بگڙي هندو راجپوت قوم سومرا سڏين ٿا، اهي ته، سن 93هه مطابق 712ع ۾ سنڌ جي فتح جي اسلامي لشڪر ۾ شريڪ ٿي، سنڌ ۾ آيا هئا. تنهنڪري وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته: سنه 4 صدي هجريءَ ۾ شهر ”سامره“ مان لڏي آيل بني تميم سان ٻئي هڪڙي قوم جنهن خود کي ”سومره“ هندو راجپوت قوم سڏرايو، سي عراق جي هندو نمرود بادشاهه جي رعيت يا سندس خاندان جا هندو لوڪ ئي آهن.

تنهنڪري ”سامره“ جي هندو راجپوت ”سومرا“ ۽ سنڌ جي فتح جي اسلامي لشڪر ۾ شامل ٿي آيل بني سمره (سومره) کي ٻه الڳ الڳ هندو راجپوت قوم ”سومرا“ ۽ عرب مسلمان قوم بني سمره (سومرا) هوازنيه القريشي قومون سمجهڻ گهرجن جن جو پاڻ ۾ خانداني ۽ نسلي ڪو به تعلق ۽ رشتو بنهه ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي.

باقي دائود پوٽه صاحب جو، هي چوڻ ته: جيئن ته: هن معاملي متعلق، اسان کي پوري معلومات ڪانهي، تنهن ڪري يقين سان چئي نه ٿو سگهجي ته: محمد بن قاسم القريشي ڪو اهو ساڳيو سنڌ جو فاتح محمد بن قاسم الثقفي آهي. جيڪڏهن هي ثابت ٿئي ته، پوءِ سومرن جو نسل محمد بن قاسم سان ملائي سگهجي ٿو.

اسانکي هن عبارت جي باعث، ٻه ڳالهيون ثابت ڪرڻيون پونديون.

واقعي سنڌ جو فاتح ساڳيو ئي محمد بن قاسم الثقفي آهي.

محمد بن قاسم الثقفيءَ جو القريشي ثابت ڪرڻ.

(1) سنڌ جي فاتح محمد بن قاسم الثقفي هجڻ جي متعلق، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لکن ٿا ته:

امير عماد الدولـﺔ والدين: فتحنامي ۾ هن صفحي توڙي(93)، (106)، (141)،(163) ۽ (44) صفحن تي محمد بن قاسم کي ”عماد الدين“ جي لقب سان ياد ڪيو ويو جو ظاهراً فتحنامي جي فارسي مترجم علي ڪوفي طرفان اضافو آهي، جنهن کي فرشتـﮧ (برگس، 4X403) پڻ استمعال ڪيو آهي. فارسي مترجم ٻيءَ جاءِ تي (فتحنامي ص 127) محمد بن قاسم کي ”ڪريم الدين“ جي لقب سان سڏي ٿو. مترجم جي وقت ۾ اهڙن لقبن جو عام رواج هو. جنهن کان متاثر ٿي هن محمد بن قاسم جي لاءِ پڻ اهي لقب پنهنجي طرفان استعمال ڪيا. درحقيقت محمد بن قاسم واري زماني (پهرين صدي هجري جي آخر) ۾ اهڙا لقب ناپيد هئا، ۽ ڪنهن به عربي تاريخ ۾ محمد بن قاسم لاءِ اهڙا لقب ناپيد هئا ۽ ڪنهن به عربي تاريخ ۾ محمد بن قاسم لاءِ اهڙا لقب استعمال ڪيل نه آهن. البت محمد بن قاسم جو، عربي رواج موجب هڪ خاص ڪنيـﺔ ابو البهار“ هو. عربي لغت ”تاج العروس“ جو مصنف، مشهور عرب عالم مرزباني جي حوالي سان لکي ٿو ته: محمد بن قاسم کي ”بهار“ نالي هڪ ٻوٽي سان خاص انس هو، جنهن ڪري ”ابو البهار“ (بهار جو پيءُ) جي ڪنيت سان سڏجڻ لڳو. تاج جو مصنف، الجوهري جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”بهار“ هڪ ٻوٽو آهي جو بهار جي موسم ۾ اڀرندو آهي، جنهن کي عرب العرار، العرارة عين البقر توڙي بهار البر جي نالن سان سڏيندا آهن. 10 هه محمد بن قاسم جي ڪنيت متعلق تاج العروس جو هي حوالو نهايت ناياب ۽ قيمتي آهي، جنهن جي بناءِ تي فارسي مترجم جي ايجاد ڪيل لقبن ”عمادالدين“ ۽ ڪريم الدين جي لقبن جي ترديد ٿئي ٿي، ۽ محقق مؤرخن لاءِ محمد بن قاسم جي سڄي نالي ”ابوالبهار محمد بن قاسم الثقفي“ جي تصديق. (ن. ب). [9]

اسان کي بلوچ صاحب جي پيش ڪيل عبارت مان واضح طور معلوم ٿئي ٿو ته: سنڌ جي جرنيل عظيم فاتح محمد بن قاسم الثقفيءَ جا عماد الدين، ڪريم الدين ۽ ابوالبهار لقب ۽ خطاب آهن. انهيءَ ڪري ڪنهن ٻئي مغالطي ۾ هرگز نه پوڻ گهرجي. عمادالدين، ڪريم الدين ۽ ابوالبهار لقبن وارو ساڳيو ئي هڪ محمد بن قاسم الثقفي آهي، جو پڻ عراق جي گورنر حجاج بن يوسف جو سوٽ ۽ نياڻو آهي ۽ پڻ ساڳيو ئي سنڌ جو فاتح جرنيل آهي.

(2) محمد بن قاسم جو الثقفي هجڻ جي باوجود، کيس القريشي ثابت ڪرڻ:


[1]  (تاريخ اسلام اردو، حصه دوم، مولانا اڪبر شاهه خان نجيب آبادي، الفيصل ناشران و تاجران ڪتب غزني اسٽريٽ اردو بازار لاهور،جون 1991ع ص 435)

[2]   ”جنت السنڌ“ مصنف رحميداد خان مولائي شيدائي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٻيو سال 1985ع ص 306)

[3]  (ماهوار نئين زندگي، ڊسمبر 1971ع ص 15، بحواله ”هسٽري آف عربس“ هٽي، ص 466).

[4]  (ماهوار نئين زندگي ڊسمبر 1971ع ص 15).

[5]  (”تاريخ ريگستان“ مصنف رائچند هريجن، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بدر روڊ ڪراچي، اشاعتي سال 1956ع پهريون ايڊيشن ص 54، بحواله ”رساله تاريخ و سياسيات“ علامه سيد سليمان ندوي صاحب، اردو اپريل 1951ع، جلد پهريون ص20)

[6]   (”تاريخ ريگستان“ ص 54، بحواله ”زوال روما“ مصنف گبن، لنڊن 1890ع، جلد 4 صفحو 47).

[7]  (تاريخ سومره سنده پر ايڪ نظر ص 52).

[8]  (”الفاروق“ سوناح عمري حضرت عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنـﮧ حصه اول و دوم مڪمل، شمس العلماءِ علامه شبلي نعماني مدينه پبلشنگ ڪمپني بندر روڊ ڪراچي (1) خبر رساني اور جاسوسي ص 396 بحواله فتوح البلدان ص 158).

[9]  (فتح نامـﮧ، سنڌ، عرف چچ نامو. ترجمو ڪندڙ مخدوم امير احمد تصحيح تحقيق ۽ تشريح ڪندڙ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد (سنڌ) ٻيو ايڊيشن 1966ع ص 372- 373)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ