سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 16

صفحو ؛ 29

 

(ز) سنڌ جي ادبي تاريخ (ڇپايل 1937ع) ۾ آندل ڳالهه

”سنڌ جي ادبي تاريخ“ محمد صديق ميمڻ سنه 1937ع ۾ شايع ڪئي. ان ۾ آندل ڳالهه هن جلد ۾ ”ضميمي“ هيٺ ڏني وئي آهي. هن ڳالهه موجب دودو ۽ چنيسر ٻئي سومري حاڪم ڀونگر جا پٽ هئا. چنيسر وڏو پٽ هو پر ڌاري مان هو. سنه 1312ع ۾ ڀونگر ڏاڏي پوٽي سان شادي ڪئي، جنهن مان ٻاگهي ۽ دودو ٿيا.  چنيسر ۽ دودي جو پڳ تان معاملو متو ۽ چنيسر دهلي جي بادشاهه علاوالدين وٽ دانهين ويو، جيڪو پاڻ لشڪر سان چڙهي آيو. ننگر، دودي جو وزير حيدر هالاڻي، هاسو سوڍو ۽ دودو جنگيون ڪندي مارجي ويا. علاؤالدين پوءِ ابڙي سمي تي ڪاهيو، جنهن وٽ سومريون سامون هيون. ابڙي جو پٽ ممٽ، ڀائٽيو سپڙ ۽ ابڙو پاڻ مقابلن ۾ مارجي ويا، پر سامون نه ڏنائون.(1)

 

(ح) موجوده دور ۾ هلندڙ عام مشهور ڳالهه

مٿيان مختلف اهڃاڻ ۽ بيان سڀ لکيت ۾ آيل آهن ۽ پڻ مختصر آهن. انهن کان سواءِ، ڪنهن آڳاٽي وقت کان وٺي هيءَ ڳالهه زباني طور پڻ سنڌ ۾ پئي بيان ٿي آهي ۽ هر دور ۾ سنڌ جي سگهڙن ان کي پئي ورجايو ۽ وهڃايو آهي ۽ پڻ هنرمند ڀاڳن، ڀانن، چارڻن، منگتن ۽ مڱڻهارن ان کي پئي ڳايو آهي. بالڪل شروع واري دور ۾ اندازاً 8 صدي هجري/ 14 صدي عيسويءَ تائين) ۾ انهن زباني روايتن جو بنيادي خاڪو ڪهڙو هو، سو معلوم ناهي. البت هن پوئين دور واريون روايتون ڪم از ڪم 17 صدي عيسوي جي آخر کان وٺي هلندڙ آهن، ڇاڪاڻ جو ميين شاهه عنات، شاهه عبداللطيف ۽ سندس معاصر شاعرن جي بيتن ۾ آيل ٽاڻن وارو بنيادي خاڪو هنن روايتن جي بنيادي خاڪي سان ملي ٿو.

ميين شاهه عنات ۽ سندس سلسلي جي شاعرن جي بيتن ۽ شاهه جي رسالي ۾ ”سر بلاول“ جي بيتن ۾ ڏنل ٽاڻا، يقيني طور هن ڳالهه جي سنڌ ۾ عوامي سطح تي هلندڙ ڪنهن آڳاٽي روايت جا يادگار آهن. انهن بيتن ۾ البت اهو اهڃاڻ ڏنل ناهي ته سنڌ مان ڪير دهلي ويو ۽ ڪير بادشاهه کي چاڙهي آيو، مگر هن دور ۾ هلندڙ عام مشهور ڳالهه جا ٽي مکيه ٽاڻا انهن بيتن ۾ موجود آهن: يعني ته سلطان علاؤالدين چڙهي آيو. سنڌ مان دودي سومري مقابلو ڪيو، ابڙي سمي سامون جهليون ۽ هو بهادري سان وڙهندي مارجي ويو، پر سامون نه ڏنائين. انهيءَ جي معنيٰ ته موجوده دور ۾ هلندڙ ”دودي چنيسر جي ڳالهه“ جو بنيادي خاڪو ڪافي آڳاٽو آهي. ڇاڪاڻ جو اهي ٽيئي ٽاڻا ڳالهه جي انهن سڀني زبانين ۽ بيانن ۾ موجود آهن. جيڪي هن وقت نه فقط سنڌ مان مليا آهن پر ٻين ڀر وارين ايراضين (ڪڇ، جيسلمير ۽ بلوچستان جي علائقن) مان پڻ دستياب ٿيا آهن. انهن کان سواءِ ٻيو هڪ وڌيڪ ٽاڻو (جيڪو ميين شاهه عنات ۽ ٻين جي ڪلام يا شاهه جي رسالي ۾ موجود ناهي) جيڪو سڀني زباني روايتن ۾ موجود آهي سو هي آهي ته دودي ۽ چنيسر جو پڳ ۽ گادي تان تڪرار ٿيو، جنهن تان چنيسر دهلي دانهين ويو ۽ علاؤ الدين  بادشاهه کي چاڙهي آيو. نتيجي طور چونداسون ته هن ڳالهه جي عام مقبول ۽ مشهور روايتن ۾ جيڪي عوامي سطح تي ڪافي آڳاٽي وقت کان وٺي ويندي موجود دور تائين رائج رهيون آهن، تن سڀني جي سٽاء ۾ هيٺيان ٽاڻا مکيه ۽ مرڪزي حيثيت رکن ٿا.

(1) دودي ۽ چنيسر جو پڳ ۽ گادي تان تڪرار

(2) وڏي ڀاءُ چنيسر جو ڪاوڙجي دهلي ۾ دانهين (ٿي) وڃڻ.

(3) علاؤ الدين بادشاهه جو وڏي لشڪر سان چڙهي اچڻ.

(4) ننگر ۽ سندس ساٿين ۽ ٻين جو شاهي لشڪر سان وڙهڻ ۽ مارجڻ.

(5) دودي جو بهادري سان مقابلو ڪرڻ ۽ بالاخر مارجي وڃن.

(6) ڪڇ جي حاڪم ابڙي سمي جو سامون جهلڻ ۽ بهادري سان وڙهندي مارجي وڃڻ، پر سامون نه ڏيڻ.

ڳالهه جي بنيادي خاڪي جو تاريخي جائزو

ڳالهه جي مٿين اٺن ئي بنيادي خاڪن ۾ اختلاف آهي. البت سڀني ۾ ڪي ٽاڻا ساڳيا آهن ۽ اهي تاريخي نوعيت جا آهن. مثلاً سڀني ۾ حڪمرانن جو ذڪر آهي: يعني ته سنڌ جي سومرن حاڪمن ۽ غزني يا دهلي جي سلطان جو ذڪر آهي، جيڪي تاريخي حيثيت رکن ٿا. ٻيو ته سومرن واري دور ۾ غزني يا دهلي جي سلطانن طرفان لشڪر ڪشي جو ذڪر آهي، جيڪو پڻ تاريخي طور ثابت آهي. ٽيون ته سومرن حاڪمن مان چنيسر ۽ دودي جا نالا اچن ٿا ۽ غزني ۽ دهلي جي سلطانن مان سلطان مودود، سلطان بهرام شاهه، سلطان ناصرالدين محمود ۽ سلطان علاؤالدين جا نالا اچن ٿا. اهي سڀئي شخصيتون تاريخي آهن، جن جو ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۾ ملي ٿو. اهي سڀ تاريخي حقيقتون آهن، جيڪي هن ڳالهه جي بنيادي خاڪن ۾ سمايل آهن. ٻئي طرف وري جڏهن وڌيڪ ويچارجي ٿو ۽ وچور ڪجي ٿي ته پوءِ ڳالهه جي تر ۽ برجا تفصيلي ٽاڻا تاريخي حقيقتن ۽ واقعن سان نٿا ڀچن. مثلاً سلطان مودود ۽ بهرام شاهه برابر غزني گهراڻي جو بادشاهه هو ۽ سلطان علاؤالدين دهلي جو بادشاهه هو. پر هنن سنڌ تي لشڪر موڪليو يا نه؟ سلطان علاؤالدين پاڻ لشڪر وٺي چڙهائي ڪئي يا ڪنهن سپہ سالارکي موڪليائين؟ جڏهن مٿين سلطانن سنڌ تي لشڪر چاڙهي موڪليو، تڏهن دودي ۽ چنيسر وارو دور هو يا ڪي ٻيا حڪمران هئا؟ دودي نالي به هڪ کان وڌيڪ سومرا حڪمران ٿيا، اهو ڪهڙو دودو هو ۽ ان وقت دهلي جو بادشاهه ڪير هو؟ اهي ۽ ٻيا ڪي اهڙا سوال آهن، جن جا جواب هن ڳالهه جي لکيل توڙي زباني بيانن مان پورا پڪا نٿا ملن. البت ڪن ٿورن تاريخي حوالن ۽ مٿين بنيادي خاڪن ۾ سمايل اهڃاڻن جي روشني ۾ اهڙن سوالن جي جوابن تي وڌيڪ ويچار ڪري سگهجي ٿو. مٿين اٺن مکيه خاڪن مان پهريان چار هڪ ٻئي کان مستقل طور جدا آهن، باقي پويان چار اصولي طور پڻ ڳالهه جي ساڳئي بنيادي خاڪي (يعني دودي ۽ چنيسر ڀائرن جو تڪرار ۽ چنيسر جو دهلي جي سلطان علاؤالدين کي چاڙهي اچڻ) جا جدا جدا عڪس آهن، جيتوڻيڪ ”گلزار سنڌ“ واري بيان ۾ سلطان علاؤ الدين کان اڳ سلطان بهرام شاهه جو ذڪر آهي. انهي ئي لحاظ سان هن ڳالهه جي بنيادي سٽاء بابت جملي پنج مستقل بيان آهن، جن جو تاريخي تجزيو هيٺينءَ طور تي ٿي سگهي ٿو.

روايت الف) موجب دودو سومرو پنهنجي ڀاءُ چنيسر جي خلاف غزني جي سلطان مودود وٽ مدد لاءِ ويو. سلطان مودود 432هه کان 440هه (1040 – 1048ع) تائين حڪومت ڪئي. انهيءَ جي معنيٰ ته: هن ورايت وارا دودو ۽ چنيسر ٻئي 5 صدي هجري ۾ سلطان مودود غزنوي جي دور ۾ ٿيا هوندا. ٻيو ته اهو پڻ ڄاڻايل آهي ته دودي ۽ چنيسر جي پيءُ جو نالو عمر هو، اهو پٽ دودي جو، اهو پٽ عمر جو ۽ اهو پٽ ڦُتوءَ جو هو- ان جي معنيٰ ته: دودو جيڪو غزنوي جي سلطان مودود وٽ ويو سو ٻيو نمبر دودو هو، ڇاڪاڻ ته: کانئس اڳ سندس ڏاڏو دودو ٿي گذريو- ٽيون ته جيڪڏهن سومرن جي حڪمران دودي – چنيسر کان اڳ، مٿي پنجين پيڙهي ۾، ڦتو کان يا ان کان به اڳ شروع ٿي هجي ته پوءِ چئبو ته سومرن حاڪمن جي سرداري عزني گهراڻي کان اڳ شروع ٿي. ڇاڪاڻ ته سلطان مودود غزني گهراڻي جو چوٿون بادشاهه هو، ٻئي طرف موجوده تاريخي معلومات جي بناء تي وڌيڪ وثوق سان ائين چئي سگهجي ٿو ته سومرن جي حڪومت جو باني ”سومار راءِ“ هو جنهن جو پٽ ابن سومار سنه 423هه (1032ع) ۾ سلطان مسعود غزنوي جي عهد حڪومت ۾ زندهه هو.

روايت (ب) مطابق دودو پنهنجي ڀائرن خلاف دهلي جي سلطان ناصرالدين محمود وٽ فريادي ويو. سلطان ناصر الدين محمود دهلي جي غلام گهراڻي جو بادشاهه هو، جنهن سنه 644 کان 664هه تائين (1246-1266ع) حڪومت ڪئي. وڌيڪ ڄاڻايل آهي ته: هن دودي جي ملاقات ملتان وٽ پير پٺي سان ٿي. تحفته الڪرام ۾ پير پٺي جو سال وفات 646هه (1248ع) ڄاڻايل آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته: هو سلطان ناصر الدين محمود جي حڪمراني جي پهرين ٻن سالن ۾ زندهه هو ۽ دودو جي ساڻس ملاقات بالڪل سندس پيري وارن سالن (644-646هه)  ۾ ٿي هوندي. اهو سومرن جي حڪمران جو وچون دور هو، جنهن ۾ هي دودو ٿي گذريو. هن روايت موجب هن پنهنجن ڀائرن خلاف فريادي ويو، پر ائين ڄاڻايل ڪونهي ته ڪو چنيسر سندس ڀاءُ هو، جنهن جي خلاف هو دانهين ويو.

روايت (ج) موجب دودو، دهلي جي سلطان علاؤالدين وٽ (1296-1316ع) حڪومت ڪئي: جنهن جي معنيٰ ته دودو انهيءَ ۾ ٿي گذريو. ائين ڄاڻايل ڪونهي ته ڪو هو پنهنجي ڀاءُ چنيسر جي خلاف دانهين ويو. البت هو پنهنجي هيڻائي يا شڪست سببان ۽ کانئس وڌيڪ ٻين طاقتور سردارن جي حڪمراني ۽ داڳجڻ جي ڊپ کان دهليءَ ۾ دانهين ويو. هي دودو سومرن جي حڪمراني جي پوئين دور ۾ ٿي گذريو، ڇاڪاڻ جو لڳ ڀڳ سنه 750هه (1349ع) ڌاري سمن سردارن هٿان سومرن جي حڪمراني جو خاتمو ٿيو. هن روايت ۾ اهڙو اشارو پڻ ڏنل آهي ته: ان وقت سومرن جا شهر ويران ٿيڻ لڳا هئا ۽ سما وڌيڪ طاقتور ٿيا.

روايت (د) موجب، عمر سومري جو وزير تميمي (قبيلي جو) عمر سومري جي ظلم جي خلاف دهلي جي سلطان علاؤالدين وٽ دانهين ويو، جنهن ڪري سلطان علاؤالدين جي لشڪر عمر سومري جي خلاف چڙهائي ڪئي. ان جي معنيٰ ته هي عمر سومرو، سلطان علاؤالدين جي حڪومت واري دور ۾ ٿي گذريو. هن روايت ۾ دودي يا چنيسر جو ذڪر ڪونهي.

روايت (هه) مطابق چنيسر سندس ڀاءُ دودي جي خلاف هندستان ۾ سلطان بهرام شاهه ترڪ وٽ ”پتورا“ ۾ دانهين ويو، جنهن کيس دلاسو ڏنو، پر ٻن سالن بعد سلطان بهرام شاهه وفات ڪئي ۽ سلطان علاؤالدين تخت تي ويٺو. انهيءَ جي معنيٰ ته سلطان بهرام شاهه، سلطان علاؤالدين کان اڳ ٿي گذريو. اهڙو هڪ سلطان بهرام شاهه غزنوي هو، جنهن 35 سال (512-547هه/1118-1152ع) حڪومت ڪئي. سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت ۽ غزني جي سلطنت جو هڪ ٻئي سان سياسي تعلق هو ۽ ٿي سگهي ٿو ته چنيسر نالي سومرو حڪمران غزني ۾ سلطان بهرام شاهه وٽ ويو هجي، مگر هن بيان ۾ ”غزني“ جي بدران پتورا جو نالو آيل آهي، جيڪو هندستان ۾ هو. انهيءَ لحاظ سان، غلام گهراڻي جي بادشاهه معزالدين بهرام، (637-639هه/1240-1242ع) ڏانهن ڌيان وڃي ٿو، جنهن ٻه سال حڪومت ڪئي. ”گلزار سنڌ“ جي بيان موجب پڻ ”بهرام شاهه“ کان پوءِ علاؤالدين سلطان ٿيو. انهيءَ لحاظ سان دودو – چنيسر 1240-1246ع واري دور ۾ ٿيا، جيڪو سومرن جي حڪمراني جو وچون دور هو. ٽيون ڌيان ملتان جي حاڪم بهرام خان ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو سلطان علاؤالدين واري دور کان پوءِ، سلطان محمد بن تغلق جي حڪومت واري دور ۾ سنه 340ع تائين ملتان جو گورنر هو.(1) سنه 1340ع ۾ سلطان محمد بن تغلق ملتان جي گورنر بهرام خان کي حڪم ڏنو ته ملتان مان ماڻهن کي لڏائي دولت آباد (دکن ۾) وٺي هلي. اهو حڪم بهرام خان نه مڃيو، جنهن تي سلطان ملتان تي ڪاهي آيو ۽ بهرام خان کي معزول ڪري بهزاد خان کي ملتان جو گورنر مقرر ڪيائين.

ٿي سگهي ٿو ته: ”پتورا“ صوبي ملتان جي حدن ۾ هجي ۽ چنيسر پڻ ملتان جي گورنر بهرام خان وٽ ويو هجي. اهو پڻ قربن قياس آهي ته: انهيءَ دور ۾ دودو ۽ چنيسر ٻئي ڀائر ٿي گذريا، ڇاڪاڻ ته دودي جو پٽ همير ٿيو جيڪو سنڌ جو آخري سومرو حڪمران هو ۽ سلطان فيروز شاهه تغلق جي دور ۾ ملتان جي گورنر (عين الملڪ ماهرو) سندس مدد ٿي ڪئي.

و، ز ۽ ح روايتن موجب، جن سان هه جا مکيه ٽاڻا پڻ ملن ٿا دودو ۽ چنيسر ٻئي ڀائر هئا ۽ وڏو ڀاءُ چنيسر دودي کان ڪاوڙجي سلطان علاؤالدين وٽ فريادي ويو، جنهن جي معنيٰ ته دودو ۽ چنيسر، سلطان علاؤالدين جي دور ۾ ٿي گذريا. البت ز ”روايت سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ ائين ڄاڻايل آهي ته سومري بادشاهه ڀونگر سنه 1312ع ۾ شادي ڪئي، جنهن مان ٻاگهي ۽ دودو ڄايا. انهيءَ جي معنيٰ ته دودو 1313-1314ع ڌاري يعني ته سلطان علاؤالدين جي وفات (1316ع) کان ٻه ٽي سال اڳ ڄائو هوندو. ان مان ظاهر آهي ته هن بيان ۾ ڀونگر بادشاهه جي شادي وارو ڄاڻايل سال صحيح ناهي.

مٿين بنيادي روايتن ۾ سواءِ د جي، دودي يا دودي ۽ چنيسر ٻنهي جا نالا آيل آهن، جيتوڻيڪ پڪن تاريخي حوالن ۾ دودي ۽ چنيسر جا نالا گڏوگڏ ڪٿي به نظر نٿا اچن. البت جدا جدا دورن ۾ چنيسر ۽ دودي نالي سنڌ جا سومرا حڪمران ٿيا، جن بابت هيٺيان تاريخي حوالا موجود آهن:

(الف) چنيسر نالي سنڌ جي حڪمران بابت هڪ آڳاٽو حوالو موجود آهي. سنه 618هه/1221ع ۾ سلطان جلال الدين منڪبرتي خوارزم شاهي جڏهن چنگيز خان کان شڪست کائي سنڌو درياء ٽپي، باقي لشڪر ساڻ ڪري سنڌ ۾ آيو ته ديبل ۽ دمريلہ علائقن جو رخ ڪيائين. ان وقت اتي جو حڪمران چنيسر هو، جيڪو مقابلي جي طاقت نه سنڀاري ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سمنڊ جي رستي نڪري ويو.(1)

سلطان جلال الدين پوءِ ڪرمان طرف روانو ٿي ويو، مگر خلجين جي فوج جو دستو جيڪو سلطان جي لشڪر جو هڪ حصو هو، تنهن منصوره ۽ سيوستان علائقن تي قبضو ڪيو. سندن سردار ملڪ خان خلجي (يا ملڪ خلجي خان) هو. سنڌ جي هيٺين لاڙ وارن علائقن ديبل ۽ دمريلہ (ڏنڀرلي) تي، غالباً چنيسر جو بدستور قبضو رهيو. ٻئي طرف دهلي جي سلطان التمش ۽ اچ جي بادشاهه ناصرالدين قباچہ (جيڪو ملتان ۽ سنڌ جو سلطان هو) جي وچ ۾ جنگ لڳي ۽ سلطان التمش جي فتح ٿي. بالاخر ناصرالدين قباچہ بکر وٽ 19، جمادي الاخر سنه 625هه/1228ع ۾ درياء ۾ ٻڏي ويو ۽ ان بعد سلطان التمش جي فوج سيوستان واري علائقي تي قبضو ڪيو ۽ ويندي سمنڊ جي ڪناري تائين، ملڪ فتح ٿيو. ان وقت ديبل ۽ سنڌ جو والي ملڪ سنان الدين چنيسر، سپہ سالار نظام الملڪ جنيدي جي آڏو پيش پيو ۽ پوءِ سلطان التمش جي درٻارين جي صف ۾ شامل ٿيو.(1)

”تاريخ جهان ڪشاي“ توڙي ”تاريخ طبقات ناصري“ جي انهن پڪن حوالن مان ثابت ٿئي ٿو ته 618-625هه (1221-1228ع) واري عرصي ۾ سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي جو حاڪم ”سنان الدين چنيسر“ هو. اهو دور سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت وارو دور هو، ۽ انهيءَ ڪري سنان الدين چنيسر يقين طور سومره حڪمران هو.

(ب) سلطان فيروز شاهه جي حڪومت واري دور (1351-1388ع) ۾ ملتان جو گورنر عين الملڪ ماهرو هو. جنهن ان دور ۾ سنڌ ۽ گجرات جي سياسي حالات تي پنهنجن ڪن خطن ۾ روشني وڌي آهي. هن اهي خط اندازاً 1350-1365ع واري عرصي ۾ لکيا. ان وقت سنڌ ۾ سياسي طاقت سمن جي هٿ ۾ اچي چڪي هئي، جو سلطان فيروز شاهه کان به اڳ سلطان محمد بن تغلق جي حڪومت 734-752هه (1334-1351ع) واري دور ۾ سمو سربراهه جام انڙ ”فيروز الدين شاهه“ جي لقب سان سنڌ جو خودمختيار حڪمران بنجي چڪو هو. البت سومرن حڪمرانن جي نالي ماتر حڪومت اڃان موجود هئي. غالباً ٺٽي کان وٺي سيوهڻ تائين سنڌ جي وچين آباد ايراضي تي ڄام انڙ جو قبضو هو ۽ ڏکڻ اوڀر طرف ڍوري ۽ پراڻ واري ايراضي (عمرڪوٽ کان هيٺ بدين، جاتي ۽ ڏکڻ اوڀر طرف رڻ تائين) تي سومرن جي سرداري هئي. ان وقت اندازاً (750-766هه (1349-1365ع) وارن سالن ۾ ”همير پٽ دودي جو“ سومرو حڪمران هو، جنهن جو نالو عين الملڪ ماهرو پنهنجن خطن ۾ آندو آهي ۽ پڻ لکيو اٿس ته سومرن جي حڪومت جو وڻ هاڻي سڪي رهيو آهي.(1)

جيڪڏهن سلطان فيروز شاهه جي بادشاهه ٿيڻ وقت (سنه 752هه/1351ع) همير جي عمر پنجاهه ٻاونجاهه سال هجي ته پوءِ چئبو ته هو سنه 700هه/1300ع ڌاري ڄائو هوندو ۽ ان وقت سندس پيءُ دودو سنڌ جو حاڪم هوندو. هن اهڃاڻ موجب چئبو ته سلطان علاؤالدين خلجي جي حڪومت واري دور (696-715هه) ۾ دودو حڪمران هو. ٿي سگهي ٿو ته سندس ڀاءُ چنيسر هجي، جيڪو سلطان علاؤالدين وٽ ويو هجي. تاريخي حوالن مان اهو ثابت آهي ته سلطان علاؤالدين جي سپہ سالارن ملتان ۽ سنڌ تي 696-700هه (1296-1300ع) واري عرصي ۾ چڙهائي ڪئي.(2) ان وقت غالباً دودو سومرو ئي سنڌ جو حڪمران هو.

(ج) مٿيان حوالا سنڌ کان ٻاهر لکيل تاريخن جا آهن ۽ نهايت پڪا پختا آهن. سنڌ اندر لکيل تاريخن ۾ جيتوڻيڪ سومرن حڪمرانن جا نالا ملن ٿا، مگر سندن حڪمراني جي سلسلي توڙي سندن حڪومت جي سنن سالن بابت بيان جدا جدا آهن. ”تاريخ معصومي“ ۾ چنيسر جو نالو ئي ڪونهي، مگر ڀونگر ۽ دودي جو نالو ڏنل آهي، جيڪي هڪ ٻئي پويان ٿيا. تاريخ معصومي ۾ ڏنل سومرن حاڪمن جي نالن جي سلسلي مان گمان نڪري ٿو ته ڀونگر ۽ دودو سومرن جي حڪومت جي اوائلي دور جا حڪمران هئا. تحفته الڪرام انهيءَ پهرئين ڀونگر جي وفات جو سال 461هه ۽ دودي جي وفات جو سال 485هه ڄاڻايل آهي. ان بعد تحفته الڪرام ۾ سومرن جي حڪومت جي وچئين دور ۾ دودي نالي حڪمران جو نالو ڏنل آهي ۽ سندس وفات جو سال 590هه ڄاڻايل آهي. اهو دودو، سلطان علاؤالدين کان اڳ ٿي گذريو. ان بعد وري سومرن جي حڪومت جي آخري دور ۾ چنيسر جو نالو ڏنل آهي ۽ سندس وفات جو سال 700هه ڄاڻايل آهي. اهو سلطان علاؤالدين جي حڪومت وارو دور هو، پر نالو چنيسر جو آندل آهي ۽ نه دودي جو. البت چنيسر کان پوءِ چوٿين پيڙهي ۾ ”ٽئين دودي“ حاڪم جو نالو ڏنل آهي، جنهن 758هه (1356ع) ۾ وفات ڪئي. اهو دودو سلطان علاؤالدين کان گهڻو پوءِ ٿيو. مٿي عين الملڪ ماهرو جي خطن واري حوالي مان ظاهر آهي ته 758هه ۾ دودي جو پٽ همير حاڪم هو، جيڪو غالباً سومرا گهراڻي جو آخري حڪمران هو.

مرحوم مولوي عبدالرحمان (عبدالرحيم) سومري هن پوئين دور ۾ جڏهن سومرن جي تاريخ ”گلزار سنڌ“ جي نالي سان لکي، تڏهن اڳين تاريخن ۾ ڏنل سومرن حڪمرانن جي نالن کي ذهن ۾ رکيائين ۽ پوءِ سومرن حاڪمن جو سلسلو پنهنجن ترميمن ۽ اضافن سان مرتب ڪيائين، جنهن موجب پهرئين ڀونگر ۽ پهرئين دودي کي، خطابن سان ”حسام الدين ڀونگر يا صمصام الدين – دودو“ ڪري ڄاڻايائين. وچئين دور واري دودي جو(جنهن جو نالو تحفته الڪرام ۾ موجود آهي) نالو ئي ڪونه آندائين. پوئين دور واري چنيسر ۽ دودي کي (جن جي وچ ۾ تحفته الڪرام موجب چئن پيڙهين جو فرق آهي).

هڪ ٻئي پويان لاڳيتا حڪمران ”ڪمال الدين چنيسر“ ۽ ”اسد الدين والدنيا دودو“ ڪري ڄاڻايائين. سندس لکڻ موجب چنيسر 19 سال ۽ دودي 7 سال حڪومت ڪئي. مولوي عبيدالله شائق پوءِ ”تاريخ دولت علويہ“ ۾(1) وري ائين ڄاڻايو ته ڪمال الدين چنيسر سنه 696هه ۾ وفات ڪئي ۽ اسد الله دودي سنه 700هه (1300ع) ۾ وفات ڪئي. محمد صديق ميمڻ جي ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ (ڀاڱو پهريون سنه 1937ع) ۾ دودي جي وفات جو سال 1312ع ڄاڻايل آهي.

بهرحال سنڌ جي تاريخن جي انهن حوالن ۾ وڏو اختلاف آهي ۽ انهن جي آڌار تي دودي ۽ چنيسر بابت في الحال ڪوبه يقيني نتيجو ڪڍي نٿو سگهجي.

(د) سومرن جي شجرن ۽ نسب نامن بابت ڪي روايتون لکيت ۾ ڪي زباني ملن ٿيون، جن ۾ پڻ پڳدار سردارن ۽ خاص طرح حڪمرانن بابت اختلاف اهن. سومرن جي شجري ۽ نسب نامي جي قدري هڪ آڳاٽي روايت جيڪا مرحوم حاجي يوسف ڀان (وفات 1942ع) جي هٿ لکيل آهي. (دودو چنيسر جي ڳالهه صفحه 195، سومرن جي شجرن ۽نسب نامن تي تحقيق ڪندي اسان کي ڪي ٻيون روايتن پڻ مليون آهن، جن تي ڪنهن ٻي تصنيف ۾ تفصيل سان بحث ڪيو ويندو. (حاشيه). تنهن مان ٻه اهڃاڻ ملن ٿا: پهريون ته سومرن جي اوائلي ۽ وچين دور ۾ دودي جي نالي سان هيٺيان پيڙهيءَ جا پڳدار (حڪمران) ٿي گذريا. ڪارو دودو پٽ ڀونگر جو، پتريو دودو پٽ ڀارمل ڀين جو ۽ دودو پٽ کينئري جو (جيڪو ڀاڻس محمد کان پوءِ پڳدار ٿيو). ٻيو ته سومرن جي پوئين دور ۾ چنيسر ۽ دودي نالي ٻه ڀائر ٿيا، جيڪي پيڙهي جي پڳدار (حڪمران) ڀونگر (پٽ خفيف پٽ همير جو) جا پٽ هئا. دودي جو پٽ ”سميسو“ ٿيو جنهن تي پڳ آئي ۽ جيڪو ”همير“ جي لقب سان مشهور ٿيو. مٿين روايتن مان ظاهر آهي ته: دودي چنيسر جي ڳالهه وارا ٻه ڀائر اهي پوئين دور وارا چنيسر ۽ دودو هئا. دودي جو پٽ سميسو عرف همير ئي غالباً سومرن جو آخري حڪمران هو، جنهن جو ذڪر عين الملڪ ماهرو پنهنجن خطن ۾ ڪيو آهي.(1)

سلطان علاؤالدين خلجي ۽ سومرا

موجوده دور ۾ دودي، چنيسر جي هلندڙ ڳالهه موجب، چنيسر دهلي جي بادشاهه عالادين وٽ دانهين ويو هو ۽ دهلي جي بادشاهه عالادين کي سنڌ تي چاڙهي آيو هو. ”دهلي جي بادشاهه عالادين“ مان مراد سلطان علاؤالدين خلجي آهي، مگر سوال آهي ته: ڇا دهلي جي بادشاهه سلطان علاؤالدين خلجي پاڻ سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي ڇا؟

سلطان علاؤالدين خلجي سنه 696هه/1296ع ۾ تخت تي ويٺو ۽ 6 شوال سنه 717هه/1316ع ۾ وفات ڪيائين. تاريخي حوالن مطابق سلطان علاؤالدين خلجي پنهنجي سپہ سالارن سان سنڌ تي لشڪر موڪليو هو، پر پاڻ ڪو نه چڙهي آيو. ملتان ۽ سنڌ تي لشڪر انهيءَ لاءِ موڪليو ويو هو ته ”جتي به ڪا بغاوت هجي ان کي ختم ڪيو وڃي، ٻيو سبب اهو هو جو ان وقت مغلن (منگول) اتر، الهندين سرحدن کان وٺي سنڌ تائين حملا پئي ڪيا، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ لشڪر موڪليو ويو، تاريخن ۾ مغلن سان مقابلي جو ذڪر موجود آهي. مگر سومرن سان جنگ جو ذڪر موجود ڪونهي، مگر سلطان علاؤالدين جي لشڪر جڏهن 616-617هه (1296-1297ع) وارن سالن ۾ سنڌ تي چڙهائي ڪئي. تڏهن سومرائي سنڌ جا حڪمران هئا.

ملتان ۽ سنڌ تي سنه 696هه جي آخري (1297ع) ۾ شاهي لشڪر چڙهائي ڪئي. سلطان علاؤالدين کي تخت تي ويٺي هڪ سال ٿيو هو، جو هن پنهنجي ڀاءُ الغ خان کي ملتان تي چاڙهي موڪليو ۽ هن اچي ملتان جي گورنر ارڪلي خان کان حڪومت جي واڳ کسي.

سلطان پوءِ نصر خان کي ملتان، اچ، بکر، سيوستان ۽ ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو ۽ کيس ڏهه هزار فوج ڏني ته هو چڙهي وڃي ۽ جتي به ڪو باغي هجي ته ان کي وڃي آڻ مڃائي ۽ ختم ڪري.(1)

نصرت خان سنڌ ۾ ڪهڙي حاڪم تي چڙهائي ڪئي ۽ ڪنهن ساڻس مقابلو ڪيو ان جو ذڪر ڪونهي. انهيءَ وچ ۾ الغ خان کي گجرات جي فتح لاءِ موڪليو ويو ۽ هو سنڌ تي چڙهائي واري اڌ لشڪر کي ساڻ ڪري جيسلمير کان ٿيندو گجرات ڏي روانو ٿيو.(2)

سنه 697هه جي شروع ۾ (1297ع تي، صلدي خان مغل سيستان (افغانستان، ايران جي خطي) طرفان سيوستان (سنڌ) تي حملو ڪيو ۽ (سيوهڻ جي) قلعي تي قبضو ڪيائين. سلطان علاؤالدين مقابلي لاءِ پنهنجي سپہ سالار ظفر خان کي چاڙهي موڪليو جنهن اچي مغلن کي شڪست ڏيئي سيوستان (جو قلعو) فتح ڪيو.(3)


(1) (دودي چنيسر جي ڳالهه صفحه 183، 184)

(1) (دودو – چنيسر جي ڳالهه صفحه 190، حاشيه).

(1) (دودي – چنيسر جي ڳالهه صفحه 191، بحواله جُويني جي ”تاريخ جهان ڪشاي“، گب ميموريل، جلد 2، ص ص 146 ۽ 148).

(1) (دودو چنيسر جي ڳالهه ص 192، بحواله تاريخ طبقات ناصري ص 126)

(1) (دودو، چنيسر جي ڳالهه، صفحه 193، بحواله منشات ماهر)

(2) (ايضاً صفحه 193، حاشيه: ڏسو هيٺ، ص 196).

(1) (دودو چنيسر جي ڳالهه صفحه 195، مولوي عبيدالله شائق سومري، گلزار سنڌ واري ساڳي مواد کي پنهنجي طرفان ترميم ۽ اختصار سان انهيءَ نئين نالي سان سنه 1929ع ۾ شايع ڪيو. (حاشيه).

(1) (سومرن جو دؤر- دودي چنيسر جي ڳالهه، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ. 1400هه/1980ع، باب ستون صفحه 186 کان 196 تائين).

(1) (دودي – چنيسر جي ڳالهه صفحه 197، بحواله تاريخ معصومي، فارسي متن، تصحيح مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽو، ص 43).

(2) (ايضاً صفحه 44).

(3) (دودي، چنيسر جي ڳالهه صفحه 197، بحواله تاريخ فيروز شاهي (مصنف ضياء الدين برني) ص ص 253، 254، طبقات اڪبري (مصنف نظام الدين بخشي، جلد پهريون، صفحو 143)، تاريخ معصومي (ص ص 43، 44) مطابق، نصرت خان سيوستان فتح ڪيو).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org