سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 14

صفحو ؛ 23

 

باب چوڏهون

سنڌ ۾ بني سمره (سومره) قوم جي آمد

جڏهن حجاج ملڪ سنڌ تي، حملي ڪرڻ جي تياري ڪرڻ لڳو ته: سڀ کان پهريائين عامر بن عبدالله خود کي پيش ڪندي چيو ته: مون کي سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ جي اسلامي لشڪر جو سپـﮧ سالار مقرر ڪيو وڃي. مگر حجاج بن يوسف پنهنجي سترهن سالن جي نوجوان ڄاٽي محمد بن قاسم الثقفيءَ کي اسلامي لشڪر جو جرنيل مقرر ڪيو. ان وقت محمد بن قاسم شيراز ۾رهيل هو. هو فارس جي گورنريءَ ۾ وڏي دانائي ۽ قابليت جو پڻ اظهار ڪري چڪو هو. حجاج ان کي شيراز مان گهرائي چند هدايتون ڪيون. عراق ۽ شام جي قبيلن بني سمره، بني ثقيف، بني تميم، بني صدق، شام ۽ حجاز جي تجربيڪار سپاهين کي پڻ همراهه ڪيو. هي سڀ عرب قبيلن جا اهي ماڻهو هئا، جن جي نسبت حجاج کي پڪي خاطري ۽ يقين هو ته: هي هميشه پنهنجي اڳواڻ جا وفادار ۽ خيرخواهه رهندا. نه صرف هي، پر ڏکئي ۽ مشڪل موقعي تي به، بزدل ثابت نه ٿيندا. هي ڇهه هزار خاص سوار محمد بن قاسم جي دستي جا هئا.

حجاج محمد بن قاسم کي حڪم ڪيو ته: توهان هنن ڇهه هزار سوارن کي وٺي ڪري، شيراز ۾ پهچو ۽ منهنجين هدايتن ۽ وڌيڪ فوج اچڻ جو پڻ انتظار ڪريو. ان ڪري محمد بن قاسم فارس ۾ پهچي ويو.

حجاج ڇهه هزار اٺن سوارن جو پڻ ٻيو لشڪر عراق کان روانو ڪيو ۽ حڪم ڪيو ته: فارس جي ڇانوڻين ۾ جيتري قدر به بني سمره جوان موجود آهن، تن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃو. تنهنڪري فارس جي ڇانوڻين ۾ مقيم سڀني سمران سومرن کي تيار ڪرڻ جو حڪم ملي ويو. انهيءَ عرصي ۾ عراق مان ٽي هزار اٺ سامان کڻڻ لاءِ پڻ فارس پهچي ويا. هڪ اٺ چئن سپاهين جي حوالي ڪيو ويو. مجاهدن جي واسطي، هر ضرورت جون شيون به روانيون ڪيون ويون.

محمد بن قاسم کي حڪم ڏنو ويو ته: حجاج کي هر روز رپورٽ رواني ڪئي وڃي ۽ جو حڪم حجاج جي طرفان ڏنو وڃي، ان تي بنا تامل عمل ڪيو وڃي. هي لشڪر فارس کان مڪران پهتو ته: محمد هارون مڪران جي سومره حاڪم محمد بن قاسن جو ڀرپور استقبال ڪيو، ڇو جو حجاج طرفان کيس هن قسم جو حڪم پهچي چڪو هو.

مڪران جي حاڪم محمد هارون پڻ مليل حڪم جي تعميل ڪندي، ٽي هزار بني سمره جي قبيلي جا جوان جي پڻ مڪران جي سرحد جي حفاظت ڪرڻ جي واسطي، مڪران جي ڇانوڻين ۾ موجود هئا ۽ پڻ سنڌ جي جاگرافيءَ کان واقف هئا، محمد بن قاسم سان روانا ڪيا ويا.[1]

اسان مهاشيه صاحب جي ڪتاب ”تاريخ سومره سندهه پر ايڪ نظر“ جا اقتباس انهيءَ ڪري پيش ڪرڻ ضرور سمجهيا آهن، ته جيئن معزز پڙهندرن کي اصل حالتن کان آگاهه ڪري، سولائيءَ سان سان اصل حقيقت کان باخبر ڪري سگهون ته: سومرا ڪهڙيءَ طرح ۽ ڪهڙن ڪهڙن موقعن تي پڻ سنڌ اندر داخل ٿيندا رهيا ۽ ڪهڙا ڪهڙا مکيه ۽ اهم ڪم سرانجام ڏنائون.

جيڪڏهن سنڌ جي جاگرافيءَ کان بخوبيءَ واقف بني سمره (سومره) محمد بن قاسم الٿقفي هوازنيه القريشيءَ سان اسلامي لشڪر ۾ شامل نه هجن ها ته: پوءِ عرب مسلمانن هٿان سنڌ جو فتح ٿيڻ بلڪل ناممڪن هو. ان کانسواءِ، اسان هر طرح معزز پڙهندڙن کي هن ڳالهه کان بخوبيءَ واقف ڪري، تصديق ڪرائي رهيا آهيون ته: بني سمره (سومرن) جي سنڌ جي فتح جي اسلامي لشڪر ۾ ڪهڙيءَ طرح شموليت ٿي ۽ بقول ابن بطوطه: جيئن سنڌ جي فتح ۾ مؤرخ لکن ٿا ته: حجاج بن يوسف جي وقت ۾ سنڌ فتح ٿي ته: هنن جا وڏا هن شهر ۾ رهندا هئا.

(يعني سنڌ جي فتح جي اسلامي لشڪر ۾ شامل ٿي آيل سومرن جا مٽ مائٽ سندن سنڌ ۾اچڻ کان به اڳ ۾ سنڌ جي نهايت خوبصورت شهر جنانيءَ ۾ رهندا هئا) هن مان صاف ظاهر آهي ته: سنڌ جا سومرا غير مسلم هندو راجپوت نه، پر مسلمان عرب قبيلي بني سمره هوازنيه القريشيءَ جي پڻ اولاد آهن. ڇاڪاڻ ته: سنڌ جي فتح جو سارو اسلامي لشڪر عرب قبيلن تي مشتمل هو.

مهاشيه صاحب، بحواله سيد ذاڪر حسين جعفري صاحب جي لکي ٿو ته: 664ع مطابق سنه 44 هجريءَ ۾ معاويه ابو سفيا زياد بن ابيه کي بصره، خراسان ۽ سيستان جو حاڪم ڪيو. انهيءَ سال زياد جي حڪم سان عبدالرحمان بن سمره ڪابل فتح ڪري، اتان جي باشندن کي مطيع ڪيو. انهيءَ سال بني اميه جي هڪ سپـﮧ سالار مهلب بن ابي صفره ملتان فتح ڪري ورتو ۽ واپس هليو ويو.[2]

مهاشيه صاحب بحواله مولانا اڪبر شاهه خان نجيب آباديءَ جي لکي ٿو: سنه 24 هه ۾، جڏهن ته: حضرت عثمان غني رضه خلافت جي تخت تي جلوه افروز هو. بصره جي حاڪم عبدالله بن عامر، عبدالرحمان بن سمره مڪران جي حاڪم کي اجازت ڏني ته: سنڌي فوجن کي راجا چچ جي اولوالعزميءَ جي سبب، مڪران جي سرحد تي جمع ٿي ڪري، حملي جي ڌمڪي، ڏيئي رهيو هيون، ڪڍي ڇڏي.

انهيءَ ڪري عبدالرحمان بن سمره حملو ڪري، سنڌي فوجن کي ڀڄائي ڇڏيو، ۽ مڪران کان ڪيڪان جي سرحد تائين، جو سارو علائقو کسي ورتو. هي ئي اهو علائقو هوجو چچ جي حڪومت ۾ صرف چند سال شامل ٿيو هو.

اسان کي مٿين عبارتن مان صاف ۽ واضح طور معلوم ٿئي ٿو ته: سنڌ جا سومرا واقعي حضرت سمره بن جندب هوازنيه القريشيءَ جي پڻ اولاد مان آهن. ڇاڪاڻ ته: عبدالرحمان بن سمره جي مڪران جي حاڪم هجڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته: ابن بطوطه جن سومرن جي، سنڌ جي فتح جي اسلامي لشڪر ۾ شامل ٿي اچڻ جو ذڪر ڪري ٿو، سي بلڪل حضرت سمره بن جندب هوازنيه القريشيءَ جي پڻ اولاد آهي.

مهاشيه صاحب لکي ٿو ته:

عبدالرحمان بن سمره جي لشڪر ۾ بني سمره، بني ثقيف، بني تميم قبيلن جا جوان آيا ۽ سمنڊ جي ڪناري جا تمام علائقا ڪوڪن تائين، پڻ فتح ڪري ورتا. انهيءَ دور ۾ صحابه ڪرام سنڌ ۾ آيا. صحابه ڪرام جون مزارون اڄ تائين، هتي موجود آهن. سنڌ جي ٺٽي مڪليءَ تي ۽  رانڌير ضلع سورت گجرات ۾ انهن مزارن کي مان پنهنجين اکين سان خود ڏٺو آهي ۽ حيران هوس ته: صحابه ڪهڙيءَ طرح هيستائين پهتا. مگر تاريخ مان ثبوت ملڻ تي مان قائل ٿي ويس ته: اسلامي لشڪر جو هي سنڌ تي پهرين حملو هو. محمد بن قاسم کان تقريباً ٽيتاليهه سال اڳ، جيئن ته: ان دور ۾ عرب سامونڊي واپار جي سلسلي ۾اڪثر ساحل سنڌ جي بندرگاهن ۾ ايندا رهندا هئا.

اوکها منڊل، ديرادل، سومناٿ، منگرول، دوارڪا، رانڌير، ڪمڀايت وغيره ان زماني ۾مشهور بندرگاهي شهر هئا. جتي هر وقت مال بردار ٻيڙين جي آمد و رفت ۽ سامونڊي واپار جو سلسلو زور شور سان جاري رهندو هو. بني سمره ۽ بني تميم جي قبلين وارن پڻ هتي واپاري بيٺڪون قائم ڪري رکيون هيون. مسالا، ڪپڙا، هٿيار، ٿانؤ ۽ اڪثر شيون هتان خريد ڪري، حضرموت، يمن، عراق، يمامه کڻي ويندا هئا ۽ اتان عربي گهوڙا، کارڪون، يمني موتي پڻ هتي وڪري ڪرڻ لاءِ کڻي ايندا هئا.[3]

مهاشيه صاحب جن بني سمره ۽ بني تميم عرب واپارين جو ذڪر ٿو ڪري، هي اهي عرب واپاري بني سمره (سومره) هئا. جيڪي سنڌ جي فتح جي اسلامي لشڪر ۾ شامل ٿي آيل، بني سمره (سومرن) کان 43 سال اڳ ۾ سنڌ جي نهايت خوبصورت شهر جنانيءَ ۾ رهندا هئا، جو پڻ ابن بطوطه لکي ٿو ته: حجاج بن يوسف جي وقت ۾ سنڌ فتح ٿي ته: هنن جا وڏا هن شهر (جناني) ۾ رهندا هئا، انهن بني سمره (سومرن) جي رهائش جو ذڪر دائود پوٽه صاحب ۽ گب صاحب، ابن بطوطه جي سنڌي ترجمي ۾ نٿا ڪن، جا سندن هڪ وڏي تاريخ غلطي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

بهرحال بني سمره (سومره) سنڌ جي سرزمين ۾، جيئن ابن بطوطه لکيو آهي، تيئن ئي آباد ٿي ويل آهن. جنهن ڪري هاڻ هن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو به شڪ شبهو هرگز ڪري نٿو سگهجي ته: ڪي سومرا عرب قريش مسلمان نه آهن.

بهرحال، جيڪو بصره ۾ شارع عتبه آهي. سو هن خاندان سمره بن جندب هوازنيه القريشيءَ بجاءِ، ڪنهن ٻئي خاندان سمره بن حبيب جي نالي هوندو جا تمام ڏک ڀرئي ڳالهه آهي. محترم مير محمد بخش ٽالپر صاحب جهڙو قابل ۽ سلجهيل ماڻهو به، بيواجبي قريشي جي مغالطي ۾ پئي، سومرن جو نسل خواهه مَ خواهه سمره بن حبيب سان منصوب ڪري رهيا آهن. جنهن جو تاريخ مان ڪو به ثبوت ڪو نه ٿو ملي. ازانسواءِ، عبدالشمس کي هڪ پٽ بنو اميه کانسواءِ، ٻيا چار پٽ ربيع، اممه، عبدالعزي ۽ حبيب ڪو نه آهن ته پوءِ، ڪيئن تسليم ڪري سگهي ٿو ته: شارع بنو سمره جو مالڪ عتبه بن عبيدالله بن عبدالرحمان بن سمره بن حبيب بن عبدالشمس بن عبدالمناف آهي. انهيءَ ڪري فتوح البلدان بلاذري جي ڏنل حوالي ۾ ڪا به صداقت ڏسڻ ۾ ڪا نه اچي ٿي.

سنڌ جي سومره قوم جي، دورِ حڪومت جو سنڌ ۾ قائم ٿيڻ جو احوال

اسان هن کان اڳ ۾ لکي چڪا آهيون ته: بني سمره (سومرن) کي پنهنجي رشتيدارن عربن جي پڻ قائم ڪيل سنڌ جي اباڻي منصوره حڪومت ڄڻ سنڌ جي گورنر منصور بن جمهور کان ورثي ۾ ملي هئي.

مهاشيه صاحب لکن ٿا ته:

جڏهن منصور بن جمهور عباسين سان جنگ جي ميدان ۾ مقابلي ڪرڻ جي واسطي، وڃڻ لڳو ته: بني سمره (سومرن) جي ماڻهن جي حفاظت ۾ منصوره ۽ محفوظه ڏيئي ويو ۽ هدايت ڪئي ته: جيڪڏهن مان جنگ جي ميدان ۾ شهيد ٿي وڃان ته: انهن شهرن کي آسانيءَ سان هرگز حوالي نه ڪندا ۽ آخري دم تائين، مقابلو ڪندا.

جڏهن منصور جي قتل ٿي وڃڻ جي خبر منصوره پهتي ته بني سمره (سومرن) پنهنجي قبيلي جي سردار جي بعيت ڪري ورتي ۽ عباسين سان پڻ جنگ ڪرڻ جي واسطي، آماده ٿي ويا. جيئن ته: بني سمره هڪ عرصي کان سنڌ ۾ آباد هئا ۽ انهن جا تعلقات مقامي سنڌي راجائن ۽ زميندارن سان بهترين هئا. انهيءَ ڪري ساريءَ سنڌ جي ماڻهن سمرن (سومرن) جي حمايت ڪرڻ جي پڻ آمادگي ظاهر ڪئي ۽ هر طرف جنگ ڪرڻ جي واسطي، مورچا بند ٿي ويا. هي ٻڌي ڪري، عباسي گورنر انهيءَ ۾ خيريت سمجهي ته: اچ ۽ ملتان کي پنهنجو مرڪز بنائي ۽ اندروني سنڌ ۾ مداخلت ان وقت تائين نه ڪري، جيستائينڪه ساريءَ سنڌ سان مقابلي ڪرڻ جي تياري نه ڪري وٺي. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ سنه 134 هجريءَ ۾ ٻه حڪومتون قائم ٿي ويون. هڪ عباسي حڪومت جنهن جو تخت گاهه ملتان هو ۽ ٻئي سومرن جي حڪومت جنهن جو تخت گاهه منصوره هو.

مولانا سيد ذاڪر حسين جعفري پنهنجيءَ مشهور تاريخ ”عمدة الڪلام في تاريخ سلاطين اسلام“ جي صفحي 351 تي، لکن ٿا ته: تميم سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو، پر محمد بن قاسم جهڙو هوشيار نه هو. جيتوڻيڪ تميم جو خاندان تقريباً 36 سال سنڌ ۾ حڪمران رهيو. مگر علائقا قبضي مان نڪرندي نڪرندي، فتح ڪيل ملڪ هندن واپس ڪري ورتو.

تميم مان مراد موسيٰ بن ڪعب تميمي گورنر جي آهي. ڀلا! سومره قوم جنهن محمد بن قاسم سان گڏ، جان جون بازيون لڳائي ڪري، هن ملڪ کي حاصل ڪيو، اهڙيءَ صورت کي خاموشيءَ سان ڪهڙيءَ طرح برداشت ڪري سگهندا هئا. انهيءَ ڪري هنن هن ملڪ جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ڪري ورتي ۽ پنهنجي محبوب سپـﮧ سالار محمد بن قاسم جي جاري ڪيل اصولن تي، عمل ڪندي، سنڌ ۾ پنج سؤ سال کان به وڌيڪ حڪومت ڪئي. جنهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪيو ويندو.

تحفته الڪرام جو مصنف صفحي 69 تي لکي ٿو ته:

”ابو جعفر منصور“ عباسيءَ سنڌ ۽ هند تي وري ٻيو لشڪر چاڙهي موڪليو. هارون رشيد جي وقت ۾ فضل برمڪيءَ جو ڀاءُ ”موسيٰ برمڪي“ سنڌ جو گورنر ٿي آيو، ۽ جيڪا به آمدني ٿي، سا سخا ڪندو ٿي ويو، جنهنڪري موقوف ڪيو ويو ۽ سندس جاءِ تي ”علي بن عيسيٰ بن ماهان“ مقرر ٿي آيو. انهيءَ وقت ۾ ”ساڪوره“ (ساڪرو) جي سرزمين ۾ ”ٿرڙيءَ“ جو مضبوط قلعو ”بڪار“ جو شهر ۽ انهيءَ سرزمين يعني الهندي سنڌ جون ڪي ٻيون وستيون، هڪ وڏي تبع تابع.[4]

شيخ ابو تراب جي هٿان- جنهن جي مزار ٻين شهيدن سان گڏ، خداوارن لاءِ، زيارت گاهه آهي ۽ سندس گنبذ تي تعمير جي تاريخ 171 هه لکيل آهي. ان عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته: سنه 171 هجريءَ تائين، بني عباسيه جي حڪمرانن جي قبضي ۾ هي علائقا نه هئا. بعد ۾ فتح ڪيا. مگر عيسيٰ بن ماهان جي نالي سان بني عباسيه جي گورنرن ۾ ڪو به گورنر نه ٿي گذريو آهي. تحفته الڪرام جي حاشيه نويس عباسي گورنرن جي هڪ فهرست انهيءَ ڪتاب ۾ شايع ڪئي آهي. جنهن ۾ 31 گورنرن جا نالا آهن. مگر هي نالو نٿو ملي. تحفته الڪرام جي مصنف جنهن کي ابو تراب لکيو آهي. هي ته پاڻ سومرن جا سردار هئا ۽ انهن جي خانقاهه ٿوڙي (ٿرڙي) جي سومرن ٺهرائي آهي. پوءِ  ٿوڙيءَ جي علائقي جوفتح ڪرڻ ئي ڪٿان ثابت ٿئي ٿو. نيز هند جي فتح جي واسطي، عباسي لشڪر ڪڏهن آيو ۽ ڪهڙيءَ تاريخ ۾ لکيل آهي. اڄ تائين، ان جو ڪو ثبوت ناهي. انهيءَ ڪري سنڌ سان گڏ لفظ هند جو اچڻ به، غلط ثابت ٿئي ٿو. ان روايت جي غلط هجڻ جو پڻ هڪ ٻيو ثبوت خود تحفته الڪرام ۾ موجود آهي. صفحي 621 تي انهيءَ ڳالهه کي پڻ هن طرح بيان ڪيو ويو آهي.

 شيخ ابو تراب عرف حاجي ترابي

اصل عباسين جو گورنر آهي، جو سنڌ جي ڪن جاين جو حاڪم هو ۽ تبع تابع مشهور آهي. جيئن مٿي ڄاڻايل آهي. هو شهيدن مان آهي. سندس مزار کچي جي ڳوٺ جيڪو ناري ۽لتي شهر جي بدران آباد ڪيل آهي ۽ کوڙي جي ڳوٺ جو رسول آباد يا محمد طور ثاني جي بجاءِ وسيو آهي، جي وچ ۾ آهي. ٺٽي کان اٽڪل چئن ڪوهن تي، سندس مزار مشهور معروف آهي. سندس گنبذ تي تعمير جي تاريخ سنه 171 هه موجود آهي.

هاڻ توهان غور ڪريو، پهرئينءَ عبارت ۾ انهن کي عباسين جو گورنر نه، پر هڪ بزرگ جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي ۽ ٻئي جاءِ تي هو عباسين جا گورنر ٿي ويا. وري ڪمال ته، هي آهي جو، جڏهن گورنر آهن، ته پوءِ بعض علائقن جو گورنر هجڻ ڇا مطلب ٿيو. مطلب ته: ڪوڙ کي پير نه ٿيندا آهن. سومرا بذات خود تبع تابع هئا. جيئن ته: سمره بن جندب،عبدالرحمان بن سمره ۽ جابر بن سمره وغيره هي سڀ صحابي رسول الله صلي الله عليـﮧ وآلـﮧ وسلم هئا. انهن جي اولاد تابع ٿي ۽ سندن اولاد تبع تابع ٿي. جنهن جو مفصل ثبوت مان مٿي پيش ڪري چڪو آهيان. ايتري به ڳالهه مير علي شير قانع ٺٽويءَ کي سمجهه ۾ نه آئي.

سنڌ جي فتح کانپوءِ، شام جي اموي خلافت پاران سنڌ جي گورنرن جي مقرري:

(1) يزيد بن ابي ڪبثه:

هو محمد بن قاسم کان سنڌ جي چارج ڇڏائڻ کانپوءِ، اٺارهن ڏينهن فوت ٿي ويو.

ان زماني ۾ جسيه راجا برهمڻ آباد تي قبضو ڪيو. ڇاڪاڻ ته: دربار خلافت مان گورنر کي اچڻ ۾ دير ٿي ۽ جسيه جي نيت ۾ خلل اچي ويو.

(2) عامر بن عبدالله

هي گورنر عراق مان فوج وٺي، سنڌ تي ڪاهي آيو. مگر سنڌ ۾ اچڻ کانپوءِ، ستت ئي فوت ٿي ويو.

(3) حبيب بن مهلت

سنڌ جي خود مختيار راجائن کي مطبع ڪيو. فقط حبيب وڃي بچيو. باقي ملڪ جو انتظام نهايت سهڻي طريقي ۾ رهيو. 20 صفر 99 هجريءَ ۾ خليفي سليمان بن عبدالملڪ امويءَ وفات ڪئي ته: سندس جاءِ تي، حضرت عمر بن عبدالعزيز خليفو مقرر ٿيو، جنهن سنڌ تي:

 

(4) عمر بن مسلم باهلي

گورنر ڪري موڪليو ويو ۽ سمورن هندو راجائن جي نالي هيٺين مضمونن جا خط روانا ڪيائين: ”اوهان اسلام قبول ڪريو ۽ بت پرستي ڇڏي ڏيو ته: اوهان کي اوهان جي رياستن ۽ جاگيرن تي قائم رکيو ويندو ۽ اوهان جا ڏوه معاف ڪيا ويندا. اوهان سان مسلمانن جهڙو سلوڪ ڪيو ويندو ۽ اوهان کي پنهنجو ڀاءُ سمجهنداسين.“

انهن خطن کانپوءِ، سڀ کان پهريان جسيه پٽ ڏاهر جي اسلام آڻڻ جي پڌرائي ڪئي. پوءِ سندس ٻين ويجهن مائٽن به اسلام قبول ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي. جنهنڪري ڪيتري هندو رعيت به اسلام ۾ داخل ٿي ۽ سنڌ جو وڏو حصو بنيادي نو مسلم هندو حاڪمن جي هٿ هيٺ رهيو، جي خليفي کي فقط ڍل ڏيندا هئا. خليفي عمر بن عبدالعزيز جي زماني ۾ سنڌ ۾ بيحد امن امان رهيو ۽ سنڌ جو وڏو حصو مسلمان ٿيو. عمر بن عبدالعزيز جي 101 هجريءَ ۾ وفات کانپوءِ، يزيد بن عبدالملڪ خليفو ٿيو، جنهن (5) جنيد بن عبدالرحمان مزنيءَ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. هن گورنر برهمڻ آباد جي آزاد علائقي کانسواءِ گجرات ۽ اجين جي راجائن کي به پنهنجي ماتحت ڪيو، جنهن ڪري برهمڻ آباد جي راجا جسيه نو مسلم کي اچي ڊپ لڳو ته: متان منهنجي ملڪ کي نه ڦٻائي وڃي. جنهنڪري جنيد سان سندس اڻ بڻت ٿي پئي. آخر اچي ٻنهي ڌرين جي لڙائي لڳي، جنهن ۾ جسيه قتل ٿي ويو ۽ جنيد سندس ڀاءُ کي به ڊوهه ڪري قتل ڪرايو، جنهن ڪري سنڌي رعيت تي، مسلمان حاڪم پاران وعدي خلافيءَ جو برو اثر پيو. مگر ان وچ ۾ يزيد بن عبدالملڪ 105 هجريءَ ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس جاءِ تي حشام بن عبدالملڪ خلافت جو مالڪ ٿيو. هشام جسيه ۽ سندس ڀاءُ جي قتل جو واقعو معلوم ڪري سنه 107 هجريءَ ۾ جنيد کي سنڌ جي حڪومت کان معزول ڪري تميم بن زياد کي سنڌ تي موڪليو. مگر هو نرم دل ماڻهو هو. تنهنڪري سنڌ ۾ انتظام رکي نه سگهيو. ملڪ ۾ اڳي ئي ٻن راجائن جي قتل سبب گهڻي شورش برپا هئي. ان گوڙ هلندي تميم وفات ڪري ويو. جيستائين ٻيو گورنر ڪو عراق مان مقرر ٿي اچي، تيستائين ملڪ ۾ تمام گهڻي بدامني پکڙجي وئي ۽ ڪيترا ماڻهو مرتد ٿيڻ لڳا. ايتري ۾

(7) حاڪم بن عوانعه (حڪم بن عوانه) ڪبلي گورنر ٿي سنڌ ۾ پهتو. جنهن بغاوت ۽ بدامني جي دٻائڻ لاءِ، اپاء اچي ورتا. سنڌ ۾ جيترا عرب خاندان موجود هوا، تن کي هڪ هنڌ آڻي گڏ ڪيو، جن ۾ محمد بن قاسم فاتح سنڌ جو فرزند عمر بن محمد به هو جو راڻي لاڏي مان کيس تولد ٿيو هو ۽ عراق وڃڻ وقت ابن قاسم راڻي ۽ پنهنجي پٽ کي سنڌ ۾ ڇڏي ويو هو. حاڪم بن عوانه جو خيال هو ته: هندو بغاوت کي منهن ڏيڻ لاءِ، ضروري آهي ته: سمورن عربي مسلمانن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري طاقت پيدا ڪئي وڃي ۽ ان کانپوءِ، ملڪ جي انتظام ڏانهن توجهه ڪجي. هن سڀ کان پهريان عمر بن محمد بن قاسم فاتح سنڌ کي جو 18 سالن جو نوجوان هو، سپـﮧ سالار مقرر ڪري بغاوت جي ناس ڪرڻ لاءِ، روانو ڪيو، جنهن تمام ٿوري عرصي ۾ سموري ملڪ مان بغاوت جو خاتم ڪري ڇڏيو ۽ هر طرف امن امان قائم ٿي ويو. جنهن کانپوءِ درٻار خلافت مان

(8) عمر بن محمد بن قاسم ڏانهن سنڌ جي گورنريءَ ئي جو پروانو آيو، انهيءَ ئي منصوره نالي سنڌ ۾ هڪ شهر آباد ڪيو، جنهن جو نالو عربي تاريخن ۾ جاءِ بجاءِ ايندو آهي. 126 هجريءَ ۾ عمر بن محمد بن قاسم جي وفات کانپوءِ

(9) منصور بن جمهور سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو، منصور سنڌ ۾ تيستائين گورنر رهيو جيستائين سال 132 هجريءَ ۾ بني اميه خلافت جو ڏيئو وسامي ويو. منصوره بن جمهور عباسي خلافت جي بعيت کان انڪار ڪندي، سنڌ ۾ پنهنجي خود مختيار حڪومت جو اعلان ڪيو. جنهن تي عباسي درٻار مان سنڌ جي قبضي لاءِ، عبدالرحمان نالي هڪ آفيسر کي روانو ڪيو[5]

محترم مولائي شيدائي صاحب سنڌ جي گورنر حڪم بن عوام (عوامه) ڪلبيءَ بابت لکي ٿو ته:

تميم کان پوءِ، خالد جي سفاراش سان حڪم بن عوام (عوامه) ڪلبي سنڌ جو والي ٿي آيو ۽ پاڻ سان فاتح سنڌ غازي محمد بن قاسم رح جي فرزند عمرو (عمر) کي وٺي آيو جو پيءُ وانگر فن سپـﮧ گيريءَ ۾ ماهر هو. حڪم جي ڏينهن ۾ سنڌ جي حالت ابتر هئي. ننڍن ڳوٺن کانسواءِ، شهرن جا نو مسلم سڀ مرتد ٿي ويا هئا. شهرن ۾ امن امان ڪين هو، تنهنڪري هن سنڌو نديءَ جي ڇوڙ کان اڀرندي طرف نئون شهر ”محفوظه“ آباد ڪرايو. عمر بن محمد بن قاسم گهڻيون سوڀون ڪيون. سندس سوڀن جي يادگار لاءِ، سندو نديءَ جي الهندي ڪپ تي هيڪڙي ٻيٽ تي هڪ ٻيو ”منصوره“ تعمير ڪرايو ويو جو پڇاڙيءَ ۾ سنڌ جو تخت گاهه ٿي رهيو. سنڌ جا جيڪي به شهر دشمنن فتح ڪيا هئا، سي حڪم جي زماني ۾ عمرو (عمر) فتح ڪيا هئا.


[1]  (تاريخ سومره سنده پر ايڪ نظر، 76، 77).

[2]  (تاريخ سومره سنڌ پر ايڪ نظر، صفحه 45، بحواله تاريخ عمدة الڪلام، في تاريخ سلاطين الاسلام، مورخ اسلام جناب سيد ذاڪر حسين جعفري، صفحه 351، مطبوعه اقبال پرنٽنگ پريس دهلي).

[3]  (تاريخ سومره سندهه پر ايجڪ نظر، صفحه 44، 45).

[4]  (جن ماڻهن رسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم کان فيض حاصل ڪيو تن کي ”صحابي“ چئبوآهي ۽ جنهن انسان  ڪنهن صحابيءَ کان فيض پرايو،تنهن کي ”تابع“ ۽ تابع کان فيض وٺندڙ کي ”تبع تابع“ سڏيو ويندو آهي. انهن ٽنهي دورن لاءِ حضور اڪرم عليـﮧ اصلواة والسلام فرمايو آهي ته ”خير القرون قرني ثم الذين يلونهم ثم الذين يلونهم“ (ڀلي ۾ ڀلو زمانو مون وارو آهي. تنهن کان پوءِ جيڪي انهن سان ملندا، تنهن کان پوءِ جيڪي انهن سان ملندا).

[5]  (سنڌ آزاد نمبر الوحيد، ڇاپو ٻيو سيپٽمبر 1979ع صفحه 21، 22).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org