سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 13

صفحو ؛ 21

 

باب تيرهون

مسلمانن جا سنڌ تي حملا

حضرت  عمر فاروق اعظم رضي الله تعاليٰ عنـﮧ جي دورِ خلافت ۾ مڪران تائين، مسلمانن جو قبضو ٿي چڪو هو. جڏهن مسلمانن مڪران کي فتح ڪيو هو ته: ايرانين سان گڏ، سنڌين جي لشڪر پڻ اسلامي فوج جو مقابلو ڪيو هو. جڏهن مسلمانن مجوسي شهنشاهه جو تخت کسي ورتو ته: سندس سلطنت جي تمام حدن تائين، مسلمانن جو قبضو ٿي چڪو هو. ايران جي شهنشاهت مسلمانن جي هٿان ئي درهم برهم ٿي هئي. مڪران جي سرحدي صوبي تي هڪ ايراني سردار پنهنجو قبضو ڄمايو ته: مسلمانن ان کان کسي ورتو. جيئن ته: سنڌين نهاوند جي جنگ سلاسل ۾ به، حصو ورتو هو ۽ پڻ ايران جي مدد ڪئي هئي. نه صرف هي پر قادسيه جي جنگ ۽ مڪران جي جنگ ۾ پڻ فارسين جو ساٿ ڏنو هو. انهيءَ ڪري مڪران جي حاڪم اڳتي وڌي ڪري، ملڪ سنڌ جي هن حصي تي، قبضو ڪرڻ نهايت ضروري سمجهيو جو راجا ساسيءَ جو زماني ۾ ايرانين جي قبضي ۾ هو ۽ ٿوري ئي عرصي کان پوءِ، سنڌ جي راجا چچ ان تي قبضو ڪري ورتو هو، مگر فاروق اعظم رضه مناسب نه سمجهيو ته: انتقام يا ملڪ گيريءَ جي واسطي، هڪ نئينءَ سلطنت سان جنگ جو مهاڏو اٽڪايو وڃي. انهيءَ ڪري حضرت فاروق اعظم رضه جي دور خلافت به سنڌ تي ڪو به حملو نه ڪيو ويو هو.

عبدالرحمان بن سمره جو سنڌ تي پهريون حملو

حضرت فاروق اعظم رضه کانپوءِ، سنه 24 هجريءَ ۾ پڻ جڏهن حضرت عثمان غني رضي الله تعاليٰ عنـﮧ جو دورِ خلافت شروع ٿيو ته: بصري جي حاڪم عبدالله بن عامر مڪران جي حاڪم عبدالرحمان بن سمره کي اجازت ڏني ته: سنڌي فوج کي جا راجا چچ جي اولو العزميءَ جي سبب، مڪران جي سرحد تي گڏ ٿي ڪري، حملي ڪرڻ جي پڻ ڌمڪي ڏيئي رهي هئي، ان تي حملو ڪري، ٻاهر ڪڍي ڇڏي. انهيءَ ڪري، عبدالرحمان بن سمره پنهنجي قبيلي جي جوانن کي همراهه ڪري، سنڌ جي فوج تي حملو ڪري ڏنو. سنڌ جي فوج ڀڄي ويئي، ۽ سامونڊي علائقن تي، عربن جي مال سان ڀريل جهازن کي لٽ ڦر ڪرڻ کان علاوه پڻ سندن سامونڊي واپار ڪرڻ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ڇاڪاڻ ته: پهرئين صدي عيسويءَ ۾ مسلمان واپار ڪرڻ جي سانگي سامونڊي ڪنارن سان، مالابار سيلون ۽ جزيرهء چين تائين، ايندا ويندا رهندا هئا. جنهنڪري عبدالرحمان بن سمره ڪيڪان تائين جو سامونڊي علائقو سنڌ جي راجا کان کسي ورتو. جنهن کي اڄ ڪوڪن سڏيندا آهن. هن حملي کي سنڌ تي، اسلام جو پهريون حملو چئي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته: اصلي سنڌ ۾ اڃا تائين، اسلامي لشڪر داخل نه ٿيو هو.

هڪ دفعي سنه 38 هجريءَ ۾ بلوچستان جي ٽڪرين ۾ بغاوت شروع ٿي. جنهن جي سنڌ جي لشڪر مدد ڪئي ته: حارث بن مره نالي هڪ سردار عبدالرحمان بن سمره مڪران جي حاڪم جي حڪم سان هڪ هزار بني سمره قبيلي جي جوانن کي پاڻ سان همراهه ڪري، حملو ڪيو ۽ ويهه هزار بلوچ ۽ سنڌي فوجن کي شڪست ڏيئي ڪري، وري امن امان بحال ڪيو.

هن دفعي به، اسلامي لشڪر پيش قدمي نه ڪئي. سنه 41 هجريءَ ۾ وري ٻيهر هن علائقي جي ماڻهن بغاوت ڪرڻ جو سندرو ٻڌو. انهيءَ ڪري، حضرت معاويه رضه، عبدالله بن سوار کي، چار هزار لشڪر سان گڏ، بطور سرحدي محافظ دستي جي، مشرقي سرحد تي، قيام ڪرڻ جو حڪم ڏنو. باغين موقعو وٺي ڪري، عبدالله بن سوار کي جابلو دري ۾ قتل ڪري ڇڏيائون.

ان کانپوءِ، سنان بن سلمه کي مقرر ڪيو ويو. مگر ڪجهه عرصي کانپوءِ، راشد بن عمر کي مقرر ڪيو ويو. راشد هن ملڪ جو خوف انتظام ڪيو ۽ باغين کان پڻ ڍل وصول ڪئي، ليڪن مٿس پنجاهه هزار بلوچن ۽ سنڌين گڏجي ڪري، چڙهائي ڪئي. جڏهن هلندڙ جنگ ۾ راشد بن عمر شهيد ٿي پيو ته: سندس جاءِ تي، وري ٻيهر سنان بن سلمه کي مقرر ڪيو ويو.[1]

ڪابل جي بغاوت

سنه 44 هجريءَ ۾ امير مهلب بن ابي صفه ڪابل جي بغاوت کي ختم ڪرڻ کانپوءِ، قنڌار ڏانهن متوجهه ٿيو. هتان جا ماڻهو ان زماني ۾ باهه جا پوڄاري هئا، ۽ ڪابل جا ماڻهو وري ٻڌ مذهب جا پوئلڳ هئا. هتي، هيءَ ڳالهه ياد رکڻ جي قابل آهي ته: ڪابل ۽ قنڌار کي فتح ڪرڻ کانپوءِ، مسلمانن هتان جي رهواسين کي پنهنجي مذهب مٽائڻ جي واسطي، مجبور نه ڪيو. بلڪه سوين سالن کان اسلامي حڪومت جي ماتحت رهڻ جي باوجود به، پنهنجي پنهنجي مذهب تي بدستور قائم رهيا.

جهڙيءَ طرح ”تذڪرة الحفاظ“ ۾ مقاتل بن حيان خراسانيءَ جي متعلق، لکيل آهي ته: ”هرب في“ ايام خروج ابن مسلم الخراساني الي کابل ودعيٰ خلقا الي الاسلام فاسلموا“.

يعني مقاتل بن حيان ابو مسلم خراساني بغاوت واري زماني ۾ ڪابل ڏانهن ڀڄي ويا ۽ اتي ماڻهن کي اسلام ڏانهن سڏيائون ۽ اهي مسلمان ٿي ويا. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته: ٻئيءَ صديءَ جي هڪ معقول حصي گذري وڃڻ کانپوءِ به، ڪابل ۾ غير مسلم آباد هئا. هو ڪنهن بادشاهه يا سپـﮧ سالار جي خوف کان نه، پر هڪ بزرگ جي تبليغ ڪرڻ سان اسلام ۾ داخل ٿيا هئا.

 مطلب ته: ڪابل ۽ قنڌار جا باغي ۽ سرڪش جيڪي مسلمانن جي مخالفت ڪرڻ ۾ پاڻ ۾ متحد ٿي ويا هئا، تن ڀڄي وڃي سنڌ ۾ پناهه ورتائون. سنڌ جي راجا کين دل ۾ جاءِ ڏني.

مهلب بن ابي صفه انهن جو پيڇو ڪيو. ملتان ان زماني ۾ ملڪ سنڌ جي اترئين حصي ۾ تخت گاهه هو. جتي راجا چچ جو حاڪم رهندو هو.

انهيءَ ڪري مهلب ملتان کي فتح ڪري، سنڌ جي راجا چچ کي هڪ سبق ڏنو ته: اسلامي حڪومت جي باغين کي پناهه ڏيڻ۽پنهنجي سرحدي علائقي ۾ شورش برپا ڪرڻ ڪيتري قدر نه خطرناڪ ڪم آهي.

امير مهلب اڃا قنڌار کان ملتان تائين، جي علائقي جو به بندوبست نه ڪري سگهيو هو ته: ان کي فورن حڪم بن غفاريءَ واپس گهرائي ورتو ۽ بلخ ۽ ماور النهر جي جنگ ۾ حصي وٺڻ لاءِ چيو. مهلب فوج جي جنهن دستي کي هت ڇڏي هليو ويو هو سو هتي پنهنجا قدم چڱيءَ طرح کپائي نه سگهيو. جنهنڪري راجا چچ ان علائقي کي وري مسلمانن کي واپس کسي ورتو.

سنه 55 هجريءَ ۾ سنڌ جو راجا چچ فوت ٿي ويو. ان کانپوءِ، سنه 63 هجريءَ تائين، راجا چندر حڪومت ڪئي، چندر جي دورِ حڪومت ۾ مسلمانن سنڌ ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڌريو. راجا چندر جو رويو پنهنجي پاڙيسري مسلمانن سان گهڻو مصالحانه سلوڪ وارو هو. انهيءَ ڪري سندس زماني ۾ بني سمره قبيلي جا ماڻهو مڪران جي رستي سنڌ ۾ ايندا ويندا رهندا هئا جو هو واپار ڪندا رهندا هئا.

سنه 63 هجريءَ ۾ راجا ڏاهر سنڌ جي تخت تي ويٺو. هي اهو زمانو هو جو مسلمانن جي حڪومت اندروزني جهيڙن جهڳڙن جي سببان نهايت سخت خطري جي حالت ۾ هئي.

راجا ڏاهر جي تخت نشينيءَ جي، ٻن سالن کانپوءِ، يعني سنه 65 هجريءَ ۾ خليفو عبدالملڪ اموي تخت تي ويٺو.

شام، عراق، ايران، ترڪسان ۽ افغانستان وغيره ۾ جيڪي گورنر مقرر ٿيل هئا، اهي سڀ جا سڀ گهڻي ڀاڱي خود مختيار هئا. اڃا هي فيصلو طيءِ ٿيل ڪو نه هو ته: آئينده اسلامي دنيا جو واحد حڪمران يعني خليفته المسلمين ڪير ٿيندو. انهيءَ افراتفريءَ جي عالم ۾ قنڌار جي گورنر کي سنه 65 هجريءَ ۾ راجا ڏاهر جي نائب يعني ملتان جي حاڪم جي ڪيل حملي کي روڪڻو پيو. هندو لشڪر کي اسلامي فوج جي مقابلي ۾ ملتان جي ڀتين تائين، ڀڄي وڃڻ جي عار کي گوارهه ڪرڻو پيو. ان کان پوءِ، تمام گهڻو جلد خليفي عبدالملڪ خلافت جي سڀني اميدوارن تي غبلو حاصل ڪري، پنهنجيءَ خلافت کي خوب مضبوط ۽ مستحڪم ڪري ورتو ۽ آئيندهه ڊگهي عرصي تائين، عبدالملڪ ۽ سندس اولاد بي خوف و خطر حڪومت ڪئي.

عبدالملڪ وڏو حوصله مند بهادر ۽ اولوالعزم شخص هو.مگر هن راجا ڏاهر ۽ ملڪ سنڌ کان ڪنهن قسم جو انتقام وٺڻ يا حملو ڪرڻ مناسبنه سمجهيو.

سنه 85 هجريءَ ۾ هڪ زبردست واجبي جنگ جي حملي ڪرڻ جو سبب پيدا ٿي پيو. مگر عبدالملڪ عراق جي گورنر حجاج بن يوسف کي سنڌ تي حملي ڪرڻ کان جهليو ۽ درگذر کان ڪم ورتو. ان جوهي سبب نه هو ته: مسلمان راجا ڏاهر ۽ ملڪ سنڌ جي فوج کان ڊنا ٿي. مگر مسلمانن کي چند ئي ڏينهن گذريا هئا جو ايران، روم، مصر، ترڪستان، افغانستان وغيره فتح ڪري چڪا هئا. دنيا ڏٺو ته:جڏهن مسلمانن جي ڪنهن معمولي سردار کي ڪنهن وقت سنڌ جي راجا جي فوج سان وڙهڻو پيو ته: هندن کي شڪست ٿي. هن درگذر ۽ چشم پوشيءَ جو سبب، سواءِ هن جي ٻيو ڪجهه نه هو جو اهي بيواجبي ۽معمولي سببن جي بناء تي، ڪنهن سان وڙهڻ نه پيا چاهين ۽ پنهنجيءَ نهايت وسيع سلطنت ۾ اضافي ڪرڻ جا خواهشمند نه هئا.

سنڌ جي راجا ڏاهر جي حرڪتن کي مسلمانن گهڻو ئي نظرانداز ڪيو، پر هو ته: سر تي چڙهندو پئي آيو. انهيءَ ڪري، مسلمان سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ جي واسطي، مجبور ٿي پيا.

علافين جي بغاوت

عبدالملڪ بن مراون دمشق (شام) جي خليفي اندروني خطرن تي غالب ٿي ڪري، پنهنجي مشهور سپـﮧ سالار حجاج بن يوسف ثقفيءَ کي مشرقي ملڪن جو گورنر مقرر ڪيو، حجاج پهريون ڪوفي ۾ اچي ڪري، اتان جو انتظام درست ڪيو. پوءِ بصري ۾ پهچي ڪري، سنه 75 هجريءَ ۾ سعيد بن اسلم ڪلابيءَ کي مڪمران جو حاڪم مقرر ڪيو. ان کان چند ڏينهن اڳ، مڪران ۾ بعض فوجي سردار حجاج  کان ناراض ٿي ڪري، سندس حڪمن جي تعميل ڪرڻ کان انڪار ڪري چڪا هئا، جو هتان جي صورت حال گهڻي نازڪ ٿي رهي هئي.

سعيد ابن اسلم مڪران ۾ پهچي ڪري، سرڪش ۽ نافرمان، ماڻهن جي سردار کي گرفتار ڪيو ۽ کيس قتل ڪري، سندس منڍي حجاج ڏانهن موڪلي ڏني.

قبلي بني سامه جا ٻه شخص جي پڻ پاڻ ۾ حقيقي ڀائر هئا ۽ حرث ڪلابيءَ جا پٽ هئا. مڪران جي علائقي ۾ فوجي آفيسر هئا ۽ چڱو اثر ۽ رسوخ رکندا هئا. هي ٻيئي هڪ طرف سعيد بن اسلم سان رشتيداري رکندا هئا ته ٻئي طرف ان سردار جا به عزيز رشتيدار هئا. جنهن کي سعيد بغاوت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قتل ڪيو هو. انهن ٻنهي تي، هن واقعي جو اثر ٿيو ۽ انهن اعلان جنگ ڪري ڇڏيو ۽ باغين جو گروهه گڏ ڪري ورتو. انهن ٻنهي جا نالا محمد علافي ۽ معاويه علافي هئا.

انهن ماڻهن مڪران جي بعض شهرن تي قبضو ڪري ورتو. انهن جي جمعيت وڌي ويئي. هي رنگ ڏسي ڪري، سعيد بن اسلم ڪلابي مڪران جو حاڪم سندن سرڪوبي ڪرڻ جي واسطي، خود لشڪر وٺي ڪري، حملو ڪيو. مگر لڙائيءَ ۾ گرفتار ٿي ڪري، علافين جي هٿان ماريو ويو ۽ مڪران تي علافين قبضو ڪري ورتو.

حجاج کي جڏهن علافين جي هن سرڪشيءَ جو احوال معلوم ٿيو ته: ان علافي قبيلي جي وڏي سردار سليمان علافيءَ کي جو پڻ عراق ۾ رهندو هو، کي گرفتار ڪري ورتو ۽ قتل ڪري ڇڏيو.

ان کانپوءِ حجاج عبدالرحمان بن عشا کي علافين جي سرڪوبي ڪرڻ جي واسطي،مڪران روانوڪيو. علافين عبدالرحمان بن عشا کي به قتل ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ، حجاج مجاعه بن سعيد تميميءَ کي خراسان جو گورنر بنائي ڪري موڪليو ۽ علافين جي فتني کي پڻ مٽائڻ جو تاڪيد ڪيو. مجاعه بن سعيد جي اچڻ تي، علافين جبلن ۾ پناهه ورتي ۽ ڪنهن ميدان ۾ ڄمي ڪري، مقابلو ڪرڻ مناسب نه سمجهيو. مجاعه بن سعيد هڪ سال تائين زندهه رهيو. پوءِ وفات ڪري ويو.

حجاج محمد هارون سمره کي مڪران ۽ سنڌ جي سرحد جو حاڪم بنائي ڪري، موڪليو ۽کيس اختيار ڏنو ته: ڪيئن به ڪري علافين کي گرفتار ڪرڻ گهرجي ۽ سعيد بن اسلم ڪلابيءَ جي خون جو بدلو وٺو. محمد بن هارون سمره ايندي شرط ئي علافين جو پيڇو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.

آخر معاويه بن حرث علافيءَ کي گرفتار ڪري، قتل ڪري ڇڏيو. محمد بن هارون ان جي سسي حجاج ڏانهن موڪليندي، لکيو ته، انشاء الله عنقريب محمدي بن حرث علافيءَ کي به، نه ڇڏيندس. جڏهن محمد بن حرث علافيءَ کي هن ڳالهه جي خبر پئي ته: هو پنهنجن پنج سؤ ساٿين کي پاڻ سان گڏ وٺي ڪري، فورن وٺي ڀڳو ۽ سنڌ جي سرحد ۾داخل ٿي ڪري، راجا ڏاهر وٽ پناهه ورتي. هي واقعو سنه 85 هجريءَ جو آهي. راجا ڏاهر مسلمانن جي هن خانه جنگيءَ کان خوش هو. محمد بن حرث علافيءَ کي عزت ۽ احترام سان پنهنجي لشڪر ۾ نوڪر کي ڇڏيو. محمد بن حرث علافيءَ جي بچي ڪري، نڪري وڃڻ جي خبر ٻڌي ڪري، حجاج کي گهڻو غصو آيو، ۽ حجاج خليفي عبدالملڪ کي درخواست موڪلي ته: ملڪ سنڌ جو راجا ڏاهر اسان جي دشمنن کي پنهنجيءَ گود ۾ پناهه ڏي ٿو ۽گهڻو سرڪش آهي. انهيءَ ڪري سنڌ تي، حملي ڪرڻ جي پڻ اجازت ڏني وڃي. خليفي حجاج کي نئين جنگ شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. خليفي حجاج کي نئين جنگ شروع ڪرڻ جي اجازت نه ڏني. بعض راوين جو چوڻ آهي ته:اڃا  ان درخواست تي غور ٿي رهيو هو ته: خليفووفات ڪري ويو. خليفي عبدالملڪ جي وفات سنه 86 هجريءَ ۾ ٿي.

هوڏانهن جيئن ته: مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته: راجا ڏاهر جي ڀيڻيئي راجا ڪوڪن سنڌ جي الور تي چڙهائيءَ ڪئي ۽ پنهنجيءَ زال مائيءَ ديويءَ کي حاصل ڪرڻ چاهيو جا راجا ڏاهر جي سڳي ڀيڻ هئي، ۽ ڏاهر ڏاڍ سان ان کي پنهنجي زال بنائي رکي هئي، ته راجا ڪوڪن جي مقابلي ڪرڻ جي واسطي، ساڳيو ئي محمد بن حرث علاقي پنهنجا  ساٿي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي، راجا ڪوڪن کي ماري ڀڄائي ڇڏيو. انهيءَ ڪري راجا ڏاهر محمد علاقيءَ کي پنهنجو وزير ڪري رکيو. علاقين جي هن واقعي کي، ان ڪري لکيو ويو آهي ته: هي واقعو به، سنڌ تي، مسلمانن جي حملي ڪرڻ جو هڪ نهايت معقول سبب ٿي سگهيو ٿي. مگر مسلمانن جي طرفان ڄاڻي واڻي يا مجبورن جو ڪجهه به سمجهو. درگذر ۽ چشم پوشيءَ جو اظهار ٿيندو رهيو. ان کان علاوه هن واقعي مان، هي به ثبوت گڏگڏ ملي ٿو ته: محمد بن قاسم جي حملي ڪرڻ کان اٺ سال اڳ، پنج سؤ عرب غدار محمد بن حرث سان گڏ، ڏاهر جي فوج ۾ شريڪ ٿي ڪري، ان جا زبردست مددگار بڻجي چڪا هئا ۽جڏهن ملڪ سنڌ تي، اسلامي لشڪر حملوڪيو ته: هي غدار سڀ کان پهريائين مقابلي ڪرڻ جي لاءِ آيا ۽ بهادري ڏيکاري. مگر انهن جو ڪهڙو حشر ٿيو. آئينده تذڪرو ڪندس.

راجا سرانديپ جي جهازن تي حملو

سرانديپ جي ٻيٽ، جنهن کي اڄ سيلون سڏجي ٿو. مالابار علائقي ۾ ڪثرت سان مسلمان تجارتي سلسلي ۾ آباد ٿي چڪا هئا. سرانديپ جو راجا ان کان اڳ مسلمان ٿي چڪو هو. هي پهريون ٻڌ مذهب جو مڃيندڙ هو. سندس مسلمانن سان سلوڪ تمام سٺو هو. هاڻي اسلامي سلطنت جيئن ته دنيا ۾ سڀ کان وڏي طاقت بڻجي چڪي هئي. انهيءَ ڪري سرانديپ جي راجا اسلامي اخوت ۽ ڀائيچاري قائم رکڻ جي واسطي، ۽ پنهنجيءَ حفاظت ۽ ڀلائيءَ خاطر به، ان ڳالهه جي ضرورت سمجهي ته: هو اسلامي سلطنت سان باقاعدي تعلق پيدا ڪري. جنهن ڪري سرانديپ جي راجا حجاج بن يوسف ثقفيءَ جي عنايت کي پاڻ ڏانهن مبذول ڪرڻ جي واسطي، اٺن جهازن جو هڪ ٻيڙو تيار ڪيو. انهن جهازن ۾ سرانديپ جا قيمتي تحفا ۽ اتان جي رهڻ وارن مسلمانن ۽ مسلمان سوداگرن مان جيڪي سرانديپ ۾ ڪاروبار ڪندا هئا ۽ حج ڪرڻ جي ارادي سان وڃڻ جي پڻ تمنا رکندا هئا، سوار ڪري ڇڏيو.  بعض عرب سوداگر اتي فوت ٿي ويا هئا. انهن جو بيوهه عورتون ۽ يتيم ٻار جيڪي پنهنجي عرب ملڪ واپس وڃڻ چاهيو ٿي، تن کي به، انهن جهازن ۾ سوار ڪيو ويو. حاجين ۽ سوداگرن سان گڏ، هي بيوهه عورتن ۽ يتيم ٻارن جو قافلو سمنڊ جي رستي، بحر عمان وڃي رهيو هو. طوفاني هوائن انهن جهازن کي بي قابو ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ جي ديبل ڪناري سان اچي لڳا. ديبل سنڌ جو بندرگاهه هو ۽ راجا ڏاهر جي مشهور شهرن مان هڪ خوبصورت شهر هو. ديبل جي بندر ۾ سرانديپ جي انهن اٺن جهازن کي ڦري ورتو. مردن، عورتن ۽ ٻارن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ جهازن کي کسي ڪري، ڏاهر جي جهازن ۾شامل ڪيو ويو. هن ڏکوئيندڙ خبر کي جڏهن حجاج بن يوسف ٻڌو ته: گهڻو ڏک ٿيو ۽ جڏهن کيس هي معلوم ٿيو ته: بيوهه عورت ڦرجندي وقت رڙ ڪندي چيو؛

”يا حجاج اغثني“ اي! حجاج مون کي بچايو! هن خبر کي ٻڌي ڪري، حجاج جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. سرانديپ جي راجا جي ڪم ڪندڙن به ڪيترو ئي ڏاهر جي سپاهين کي سمجهايو ته:  اسان جي راجا جا جهاز آهن ۽ ان اسان کي سفير ڪري موڪليو آهي. سفيرن سان اهڙو سلوڪ ڪا به حڪومت نه ڪندي آهي. مگر هنن ڪجهه به پرواهه نه ڪئي ۽ سڀني کي گرفتار ڪري ورتو. البت هڪ عرب قيدي پنهنجي جان بچائي ڪري، اتي پهتو هو، جنهن زباني سارو دردناڪ احوال بيان ڪري ٻڌيو هو.

حجاج بن يوسف جوخط ڏاهر جي نالي

حجاج بن يوسف عراق جي گورنر فورن سنڌ جي ڏاهر کي خط لکيو:

خط

توهان جي سردارن بيگناهه مردن، عورتن، ٻارن کي گرفتار ڪيو- ۽ جهازن تي، امير المؤمنين جي واسطي، جيڪي تحفا اچي رهيا هئا، کسي ورتا. هي جهاز سامان سميت اسان ڏانهن جلد موڪلي ڏيو ۽ بيگناهن کي آزاد ڪري، پنهنجي سردارن کي سزا ڏيندا.

 سنڌ جي راجا ڏاهر جو جواب

جڏهن حجاج جو هي خط کڻي ڪري، قاصد سنڌ جي تخت گاهه الور پهتو ته: ڏاهر هي معقول ۽ شرافت آموز خط جو جواب نهايت لاپرواهيءَ سان هي ڏنو ته: جهازن کي ڦرڻ وارن تي، اسان جو اختيار نه ٿو هلي. توهان پاڻ اچي ڪري، انهن قيدين کي ڇڏرايو ۽ پنهنجو مال ۽ سامان کڻي وڃو.

راجا ڏاهر جي ان جواب جي نامعقوليت جي خبر هن ڳالهه مان پئي ٿي ته: جهازن مان گرفتار ٿيڻ وارا سڀ مسلمان الور جي جيل ۾ موجود هئا ۽ جهاز ڏاهر جي سامونڊي ٻيڙي ۾ پڻ موجود هئا. هر طرح ڏاهر جي قبضي ۽ تصرف ۾ هوندي ڇا هيءَ هڪ قسم جي عملي چئلينج نه آهي.

جيڪڏهن اڃا به، اسلامي لشڪر سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ ۾ دير ڪري ها ته، پوءِ اسلامي سلطنت جي وقار کي نقصان پهچائڻ واري، ٻئي ڪا ڳالهه نه ٿي سگهي ٿي.

”تاريخ فرشته“ ۾ محمد قاسم فرشته لکن ٿا ته:

”حاڪم سرانديپ چور، بسلاطين اسلام اعتقاد و فراوان داشت از دريا کشتي عملواز تحف و حدايا و علامان و کنيزان جهت وليد روانـﮧ دارلخلافت هساخت وچون بحوالي باب عجم رسيدند مردم لومک که بحڪم حاڪم ديبل بر روئي دريا متردد بودند سر راه برآن کشتي گرفته باهفت کشتي ديگر بتصرف در آور دندو اموال واشيائي ڪه درآنها بود ازخود گرفتـﮧ چند زن مسلمان کـﮧ از سرانديپ روانـﮧ حج  بودند نزد آنهارا- اسير ساختند و جمعيکـﮧ ازدست آن کفارا شرار توفيق گريختن يافتـﮧ بودند نزد حجاج رفتـﮧ داد خواه شدند- حجاج مکتوبي بحاڪم سنده داهر بن صعصه نوشته نزد محمد هارون فرستاد تا بدست معتمدان خود نزد داهر فرستد داهر بعد و رودنامه و اطلاع برمضمون آر، درجواب نوشت که ايـں عمل از قومي بوقوع آمده که درکمال نوشت و قوت اند و بدستبازي سعي دفع آن گروه برشکوه متصور نيست- چون اين خبر بحجاج رسيد- ازوليد بن عبدالملک رخصت غزا حاصل کرده- بديل شخصي رابا سي صه سوار محمد هارون فرستاد- (فرشته)

”فرشته“ جا لفظ ته: ڏاهر جواب ۾ لکيو ”هي ڪم هڪ اهڙي قوم کان عمل ۾ آيو آهي جا گهڻي وڏي قوت ۽ شوڪت رکي ٿي. ڪنهن ڪوشش جي ذريعي ان ٽولي جو خاتمو ڪرڻ ممڪن نه آهي. ماڻهن کي انهن لفطن مان مغالطو ٿئي ٿو ته: ڏاهر جو مطلب هي هو ته: سامونڊي ڊاڪن جهازن کي ڦريو آهي- ۽ اسان انهن ڊاڪن جو ڪجهه به بگاڙي نٿا سگهون. حالانڪه ”فرشته“ جي لفظن ۾ ڏاهر جو جواب هي آهي ته: ديبل جي حاڪم جي حڪم سان جن ماڻهن جهازن کي ڦريو، سي ايتري قدر شوڪت ۽ قوت رکن ٿا جو توهان انهن جو ڪجهه به بگاڙي نٿا سگهو.

مطلب هي ته: ها! اسان توهان جي ماڻهن کي قيد ڪيو ۽ جهازن کي ڦريو ۽ توهان اسان جو ڪجهه بگاڙي نٿا سگهو.

انهيءَ ڪري حجاج بن يوسف کي خليفي وليد بن عبدالملڪ کان سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ جي اجازت وٺڻي پئي.

”فرشته“ سمنڊ جي طوفان ۽ آنڌي اچڻ جو ذڪر نٿو ڪري. سڀ مؤرخ جهازن جو طوفان سببان بندرگاهه ديبل ۾ اچڻ بيان ڪن ٿا.

جيئن ته: ”فرشته“ کي اختصار مدنظر هو ۽ ان کي هيءَ خبر نه هئي ته: آئينده زماني  ۾ هي واقعو ان قدر غور و خوض سان تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي رکيو ويندو. جنهن ڪري ان غير ضروري سمجهي ڪري، تفصيلات کي ترڪ ڪري ڇڏيو. پورچوگيزن جي، جهازن جو هندي سمنڊ ۾ ڦرلٽ ڪرڻ کان اڳ تاريخ ۾ سامونڊي ڊاڪن جو ڪٿي ذڪر نٿو ملي. سامونڊي ڊاڪن جي ڪهاڻي ٻارهين صديءَ عيسويءَ کان پوءِ جي ايجاد آهي.

پهرئين صدي هجريءَ ۾ هڪ ٻن کي نه، پر اٺن جهازن جي ٻيڙي کي ڦرڻ باقاعدي سامونڊي فوج جو ڪم هو.

سامونڊي ڊاڪن جو ته: وجود به نه هو. سراسر راجا ڏاهر جي سامونڊي سپاهين ڦريو هو. ان جو ثبوت هي هو ته: تمام مسلمان قيدي، سنڌ جي تخت گاهه الور جي جيل ۾ موجود هئا ۽ جهاز ديبل جي بندرگاهه تي، ڏاهر جي ٻيڙي ۾.

حقيقت هيءَ هئي ته: راجا ڏاهرکي اسلامي سلطنت جي بغاوتن سان دلچسپي ۽ خوشي هئي- انهيءَ ڪري هو باغين کي پناهه به ڏيندو هو.

تاريخ ابو الفرا ۽ ابن خلدون وغيره ۾ به، راجا ڏاهر جي باغين کي پناهه ڏيڻ جو ذڪر آهي.

ڏاهر اسلامي سلطنت جي طاقت جو صحيح اندازو نه ڪري سگهيو ۽ غرور ۾ اچي حجاج بن يوسف کي اهڙو جواب ڏنو جو خود جنگ جي دعوت ٿي ڏني.

جڏهن حجاج وٽ راجا ڏاهر جو جواب پهتو، جنهن ۾ جهازن جو مال سميت واپس ڪرڻ ۽ قيدين کي ڇڏڻ کان انڪار هو ۽ خود حجاج کي مقابلي تي، گهرائڻ جي چئلينج هئي.


[1]  (تاريخ سومره سندهه پر ايک نظر، صفحه 61- 62).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org