سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 12

صفحو ؛ 20

انهيءَ کان علاوه جيڪڏهن واقعي چنيسر سومرو دهليءَ جي بادشاهه علاؤالدين خلجيءَ کي سنه 1333ع ( سو به جڏهن ته: سلطان علاؤالدين جي وفات سنه 1315ع ۾ ٿي ويئي هئي) ۾ به نفس نفيس يا سندس ڪنهن سپـﮧ سالار کي مع لشڪر پاڻ سان گڏ وٺي، سنڌ جي سومره حڪومت جو زوال آندو هجي ها ته: پوءِ سنه 1333ع کان پوءِ سنه 1439ع تائين،  سومرن جي آخري حڪمران همير تائين،  سنڌ جو سومره دور حڪومت 106 سال ڪيئن هليو؟ نه صرف هي، پر جڏهن چنيسر پنهنجي ڀاءُ دودو جي شهادت کانپوءِ، علاؤالدين سان جنگ ڪندي، جام شهادت پيتائين، ته پوءِ شهيد ٿيل چنيسر سومره پنهنجي عربي ڀاءُ دودي جي شهادت کانپوءِ سنڌ جي حڪمراني 18 سال ڪيئن ڪئي؟ انهيءَ ڪري، اسان جا مٿي پيش ڪيل ٺوس دليل ۽ ثبوت دودي ۽ چنيسر جي قصي کي بلڪل ڪوڙو ثابت ڪن ٿا. انهيءَ جي باوجود به، اڃا به، جيڪڏهين ڪنهن صاحب جو دماغ ٽڪاڻي نه لڳندو ته پوءِ، ان صدي ابوجهل کي، هن کانسواءِ ٻيو ڪهڙيءَ طرح سمجهائي ۽ مڃائي سگهجي ٿو؟

محترم مهان مؤرخ ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سومرن کي عرب مسلمان دل جي گهراين سان نه صرف تسليم ڪن ٿا پر فرسوده سگهڙن ۽ شاعرن جي پيش ڪيل مواد مان به، ثابت ڪرڻ جي پڻ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. مگر افسوس جو سومره قوم جي حسب نسب کي اصل صورت ۾ ثابت نه ڪري سگهيا آهن.

اسان جڏهين محمد يوسف اٽڪي صاحب جي ڏنل سنڌ جي سومرن حڪمرانن جي نالن جي لسٽ کي غور سان پڙهي ڏسون ٿا ته پوءِ دودي ۽چنيسر هڪ ئي پيءُ ڀونگر جا ٻه پٽ پڻ ٿابت نه ٿيا ٿين. ڇاڪاڻ ته: اٽڪي صاحب چنيسر جو پيءُ طائي ۽ دودو جو پيءُ ڀونگر تحرير ڪيو آهي. جنهن مان صاف ۽ واضح طور ثابت ٿئي ٿو ته: دودو ۽چنيسر هڪ ئي پيءُ ڀونگر جي اولاد نه هجڻ جي باعث، پاڻ ۾ ٻه سڳا ڀائر به بنهه  نه هئا. انهيءَ ڪري، هاڻي دودي ۽ چنيسر جو جڙتو قصو پڻ ازخود ڪوڙو ۽ باطل ثابت ٿي وڃي ٿو ته ڪي ٻه سڳا ڀائر دودو ۽ چنيسر پاڻ ۾ پنهنجي پيءُ ڀونگر جي پڳ ٻڌڻ ۾ تڪراري هئا.

 اسان کي دودي ۽ چنيسر جي جڙتو قصي ۽ داستان جي ڪوڙي ثابت ٿيڻ وڃڻ بعد، هيٺين ڳالهين جي بخوبيءَ ڄاڻ پئي ٿي. مثلاً:

(1) محمد يوسف اٽڪي صاحب جي پيش ڪيل سنڌ جي سومرن حڪمرانن جي نالن جي ڏنل ترتيب جي مطابق، ۽ دودو ۽ چنيسر هڪ ئي پيءُ ڀونگر سومرو جا ٻه پٽ نه هجڻ جي باعث، پاڻ ۾ نه صرف سڳا ڀائر نه هئا، پر چنيسر بذات خود دودو سومرو (جنهن کي سنڌ جون تاريخون چنيسر جو ڀاءُ ڪري ٿيون پيش ڪن) سو ته، ان جو ڏاڏو هو.

(2) دودو پنهنجي وڏي ڀاءُ چنيسر کان (جنهن کي لوهاريءَ جو پٽ پيش ڪري، بيواجبي ڳالهه مان ڳالهڙو بنائي، دودي کي ڏاڏي پوٽيءَ زال سومريءَ جو پٽ ڄاڻائي، چنيسر بجاءِ دودو کي سنڌ جي واليءَ ڀونگر جي وارث ۽ جائنشين ڪري پيش ڪيو ويو آهي) حڪومت وٺي ڏيڻ لاءِ، غزنيءَ جي سلطان مودود ڏانهن وڃڻ پڻ ڪوڙ تي مبني آهي.

(3) چنيسر سومرو (جنهن کي اٽڪي صاحب طائيءَ جو پٽ ٿو لکي) دهليءَ جي بادشاهه علاؤ الدين خلجيءَ کي پنهنجي ڀيڻ ٻاگهل ٻائيءَ جو سڱ ڏيئي، سنڌ تي چاڙهي اچڻ جو پڻ داستان بلڪل باطل ثابت ٿي وڃي ٿو.

(4)  اهو ڪوڙ تي مبني آهي ته: ڪوچنيسر لوهاريءَ جو پٽ هو. ڇو ته: سومرا بقول ابن بطوطه جي پنهنجي هم قوم جي عورتن کانسواءِ ٻئي ڪنهن ڌارئيءَ عورت سان شادي نه ڪندا هئا.

(5) سومرن پنهنجا ٻار ٻچا دهليءَ جي سلطان علاؤ الدين خلجيءَ جي خوف کان ڪڇ جي هندو راجا ابڙو سمون ڏانهن سام ڪري ڪو نه موڪليا هئا، ڇو جو، جڏهن سومرن جي حڪومت ۾ موجود هندستان جا شهر ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ شامل هئا. (جيئن اسان هن کان اڳ ۾ ثابت ڪري چڪا آهيون) پوءِ ڪڇ جو هندو راجا ابڙو سمون جو هجڻ، ڇا معنيٰ رکي ٿو؟ انهيءَ ڪري سومريون مايون ڪڇ جي هندو راجا ابڙو سمون ڏانهن سام ٿي به ڪو نه ويون هيون وغيره جي کڻي بيواجبي هن ڳالهه کي مڃڻو به پئي ته، پوءِ به ڪڇ جو ابڙو سمون هندو راجا سومرن حڪمرانن جو ماتحت ۽ پڻ اعتماد جوڳو شريف صفت انسان ضرور هو، جو کڻي سومرن پنهنجا ٻار ٻچا سام ڪري موڪليا به هجن. هن مان پوءِ، مسلمان سومرن جون عورتن ابڙي وٽ سام ٿي وڃڻ مان سومرا غير مسلم هندو راجپوت ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح ثابت ٿين ٿا؟

نوٽ: اسان کي محمد يوسف اٽڪي صاحب جي پيش ڪيل سومرن حڪمرانن جي معلومات (مهراڻ نمبر 3  1990ع پڙهندي) تڏهن حاصل ٿي، جڏهن ”تاريخ سومره سنڌ) جو مسودو بلڪل تيار ٿي چڪو هو،  جو ان حوالي ڏيڻ جي ضرورت پوڻ جي وقت به نه ڏيئي سگهيا آهيون. انهيءَ ڪري اٽڪي صاحب جي لکيت جي، معزز پڙهندڙ  کي جتي ضرورت محسوس ٿئي. اتي اٽڪي صاحب جي سومرن حڪمرانن جي تحرير کي مدنظر رکڻ گهرجي.

 

باب ٻارهون

سومره قوم محمد بخش خان ٽالپر صاحب جي نظر ۾ بنوسمره

اسان جي نظر ۾ لفظ سمره جو بنياد عرب مان آهي. بنوسمره قبيلو به ديار عرب جي پيداوار آهي. جتان سنڌ۾ پهتا. مهاشيه عبدالڪريم نظاماڻي مبلغ اسلاماڪبر آبادي ڪراچي واري هڪ ڪتاب ”تاريخ سومره سنڌ“ لکي آهي، اردوءَ ۾ 1962ع ۾ غالباً هن کان ڪراچيءَ جي ڪڇي سيٺ قاسم سمره وارن لکرائي ۽ منسوب به سيٺ قاسم سومري جي نالي تي ڪيل آهي. بزرگن جي يادگيري قلمبند ڪرڻ ڪو گناهه نه آهي. مگر سومرن کي مصنف مليو به مبلغ ۽واعظ چرب زباني سان مجموع کي ته موهي سگهن ٿا، مگر محققا نه لکڻ ۽ تحقيق ڪرڻ واعظ جو ڪم نه آهي. حاصل مطلب مبلغ مهاشيه صاحب به سومرن جي ان خانداني روايت کان واقف هو ته هو عرب نسل جا آهن .ان ڪري مهاشيه صاحب به رخ اوڏانهن رکيو.مگر جڏهن هن کي ڪو مواد نه مليو ته: پوءِ ڌڪا هڻي وڃي پار پيو. مهاشيه جي نظر حضور پاڪ جي انهن ٻن صحابه ڪرام تي پئي جن جي نالي ۾ لفظ سمرهه آيو ٿي، مگر هو ٻنهي کي ملائي هڪ ڪري ويو. اگر وڌيڪ تاريخون نه، ته به طبقات ابن سعد يا ڪم از ڪم اسماء الرجال جي ڪنهن ڪتاب کي ڏسي ها ته به ايتري غلطي نه ڪري ها. مهاشيه صاحب لکي ٿو ته:

حضرت سمره بن جندب رسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم جو جيد اصحابي هو. هن کي ست پٽ ۽ چار نياڻيون هيون.

پٽن جا نالا: عبدالله بن سمرهه، جابر بن سمرهه، جعفر بن سمرهه، احمد بن سمره، سرجيل بن سمرهه، عبدالله بن  سمرهه.[1]

اسماء الرجال ۾ آهي ته:

سمرهه بن جندب هي الفزاري آهي ۽ قبيله انصار جو حليف آهي. حافظ هو رسول الله کان گهڻيون روايتون ڪيون اٿس. جنهن کان هڪ قوم جماعت روايت ڪري ٿي، بصره ۾ 59هه ۾ فوت ٿيو.[2]

هوڏانهن عبدالرحمان بن سمرهه، جنهن کي مهاشيه سمره بن جندب جو فرزند ٻڌايو آهي. ان بابت لکيل آهي ته: عبدالرحمان بن سمرهه هي قريشي آهي. فتح  مڪي جي ڏينهن اسلام آندائين ۽ حضور پاڪ صلعم جي صحبت حاصل ڪيائين. هن جو شمار اهل بصره ۾ ٿئي ٿو“ 51هه ۾ بصره ۾ وفات ڪيائين. هن کان ابي عباس ۽ حسن رضه ۽ ٻين گهڻن ماڻهن روايت ڪئي آهي. ٽيون اصحابي خمره بن شمره تميمي عرب قبيله مان به هو.[3]

مهاشيه سڄو زور فرضي حوالن سان ان ڏانهن ڏنو آهي ته: قبيله بنو سمره خلفاء راشدين جي وقت ۾ هو، جو بلڪل غلط آهي. ڪو به ان کي چئلينج نه ٿو ڪري سگهي. ان ڪري مهاشيه جي ريت جي ديوار بلڪل ختم آهي. هن سومرن جو ڪيل خرچ به ضايع ڪري ڇڏيو. پر ان جي معنيٰ اها هرگز نه آهي ته ڪو ٻيو سمره قبيليه آهي ئي ڪونه، ٿئو پر گهڻو دير سان پيدا ٿيو.

حضور جن جي حديث موجب ته پاڻ عبدالرحمان بن سمره کي فرمايو هئائين ته: تون امارت گهري نه وٺجانءِ جي بنا گهرئي ملي ته وٺجان. هن ڪابل ۽ سيستان جي فتحن ۾ حصو ورتو هو.[1]

هن ئي خاندان هڪ ٻيو فرد عبدالله بن عامر بن ڪريم بن حبيب بن عبدالشمس 38 هه ۾ بصره جو گورنر ٿيو ۽ 66 هه ۾ معزول ٿيو.[2]هن خاندان جي وڏي تاريخ آهي. اسان ان جي تفصيل ۾ وڃڻ نٿا چاهيون. البته اهو ذڪر ڪنداسين ته هنن مان ڪهڙو قبيلو نڪتو ۽ بصره ۾ هنن جي حيثيت ڇا هئي. تاريخ ۾ آهي ته: ”نهر حميده جا آل عبدالرحمان بن سمره بن حبيب بن عبدالشمس“ مان ڪنهن خواتين جي نالي سان منسوب هئي. انهيءَ عبدالرحمان ٻه ٽي پيڙهيون هيٺ بقول بلاذريءَ ابن الڪلبي چوي ٿو ته: ”بصره جي هڪ گهٽي شارع بنو سمره جو مالڪ عتبه بن عبيدالله بن عبدالرحمان بن سمره بن حبيب بن عبدالشمس بن عبدالمناف آهي.[3] اهو پهريون دفعو آهي جو بصره ۾ اسان کي هڪ پاڙو يا ڪٽنب نالي بنو سمره ملي ٿو. دور جديد جا محقق سومرن کي هندو راجپوت لکندڙ اعتراض ڪندا ته اهو اعتراض جاهليت ۽ ڪم علميءَ جي نشاني آهي ته اهي قريشي ۽ علوي وري هڪ سومرا ڪيئن ٿيا،  عربي هت ڪيئن ٿيا، جيڪڏهن اسان به چئون ته، اهي راجپوت ڪنهن معتبر ڪتاب مان مسلم سومرا ڏيکاريو ته يقينن جواب ڪونه آهي. فقط ايترو چوندا ته هنن کي مخدوم بهاؤ الدين ذڪريا مسلمان ڪيو. حالانڪه اهو به ڪنهن تاريخ مان ثابت ڪو نه آهي.

آکاڻي تاريخ ٿي نٿي سگهي. البته بلاذري جي پايه جو ان وقت جو ڪو ڪتاب ڏيکاريو ته: اعتبار ڪريون، پر اسان سندن هت اچڻ جي ثابت به ڏيون ٿا، اگر ڪو نه مڃي ته ان ۾ اسان ڇا ٿا ڪري سگهون.[4]

تبصرو: ٽالپر صاحب، مهاشيه عبدالڪريم نظاميءَ کي نظاماڻي لکن ٿا، جو پڻ غلط آهي. اسان کي اسلامي ڪتابن مان حضرت محمد صلي الله عليـﮧ وسلم  جن جي ٻن اصحابين حضرت سمره بن جندب هوازنيه القريشي ۽ حضرت سمره بن جندب الفزاريءَ جا نالا ملن ٿا، جن مان سنڌ جي سومره قوم جو نسلي ۽ خانداني رشتي جو پڻ سٻنڌ حضرت سمره بن جندب هوازنيه القريشيءَ سان آهي. جيئن اسان هن کان اڳ ۾ واضح طور ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.

(2) ٽالپر صاحب، رسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم جن جي اصحابيءَ حضرت سمره بن حبيب (جو پڻ بني اميه قريشي خاندان مان آهي) جي اولاد سان جو بيواجبي سومره قوم جو حسب نسب جوڙي ٿو، سو ڪنهن به طرح درست ۽ قابلِ قبول هرگز نه آهي. ڇو ته دائود پوٽه صاحب، سومره قوم جو نسلي ۽ خانداني تعلق، سنڌ جي فاتح محمد بن قاسم الثقفي القريشيءَ سان هجڻ لکيو آهي، (يعني بني سمره ۽ بني ثقيف وارا پڻ هوازنيه القريشي آهن). جيئن اسان ٻنهي خاندانن بني سمره ۽ بنو ثقيف جو هوازنيه القريشي هجڻ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.

(3) ٽالپر صاحب، بحواله مهاشيه صاحب، حضرت سمره بن جندب جا جيڪي پٽ لکي ٿو، تن ۾ حضرت عبدالرحمان جو نالو تحرير ڪري ٿو.انهيءَ ڪري، اسان کي خبر ڪا نه ٿي پئي ته: هن حضرت سمره جا پٽ مهاشيه صاحب جي اصل ڪتاب تاريخ سومره سندهه پر ايک نظر، تان تحرير ڪيا آهن يا هانؤ جي سوجهري- حالانڪه بذات خود، ٻين کي غلط حوالي پيش ڪرڻ کان سختيءَ سان تاڪيد ڪري ٿو. حضرت سمره بن جندب هوازنيه القريشيءَ جو نالو ڪتاب اسماء الرجال ۾، اسان کي انهيءَ ڪري نٿو ملي جو ان کان حديث جي ڪتاب مشڪواة شريف ۾ ڪا به حديث داخل ٿيل نه آهي. اسماء الرجال ۾ انهن اصحابين جا نالا ڪجهه احوال سان گڏ آيل آهن، جن جون مروي ٿيل حديثون مشڪواة شريف ۾ آيل آهن.

(4) ٽالپر صاحب، لکي ٿو ته: هوڏانهن عبدالرحمان بن سمره جنهن کي مهاشيه صاحب سمره بن جندب جو فرزند ٻڌايو آهي، ان بابت لکيل آهي ته: عبدالرحمان بن سمره هي قريشي آهي. مڪي جي فتح جي ڏينهن اسلام آندائين ۽ حضور پاڪ صلعم جي صحبت حاصل ڪيائين.

عبدالرحمان بن سمره بن جندب هوازنيه القريشي پهرين مسلمانن مان آهي جن اسلام قبول ڪيو هو. ٽالپر صاحب، جنهن عبدالرحمان بن سمره بن حبيب جو ذڪر ڪري ٿو، سو بنو اميه القريشي آهي، جنهن سنه 8 هجري فتح مڪه جي ڏينهن اسلام قبول ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته: حضرت عثمان غني ذوالنورين رضي الله تعاليٰ عنـﮧ کانسواءِ، باقي ٻيا بنو اميه ۽ وارا فتح مڪه جي ڏينهن اسلام جي زمري ۾ داخل ٿيا هئا.

انهيءَ ڪري، فتح مڪه جي ڏينهن اسلام قبول ڪرڻ وارا عبدالرحمان بن سمره بن جندب هوازنيه القريشي نه، پر اهو عبدالرحمان بن سمره بن حبيب بنو اميه القريشي آهي.

محترم علامه نوربخش توڪلي صاحب لکن ٿا ته:

حضرت سمره بن جندب ۽ رافع بن خديج جي پڻ 15 سالن جي عمر جا هئا، کين پهريون روڪيو ويو. پوءِ عرض ڪيو ويو ته: يا رسول الله صلعم رافع سٺو تير انداز آهي جو ان کي رکيو ويو. پوءِ سمره بن جندب جي متعلق، چيو ويو ته: هو ڪشتيءَ ۾ رافع کي دسي وجهندو آهي. حضور صلعم جن هن تي فرمايو ته: ٻيئي پاڻ ۾ ڪشتي وڙهن. چنانچه سمره رافع کي ڪيرائي وڌو. ان طرح سمره کي به رکيو ويو.[5]

هي واقعو حضرت سمرهه (سومره) جو غزوه احد ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جوآهي، جا سنه 3 هجري ۾ لڳي هئي.

جڏهن حضرت عبدالرحمان جو پيءُ سمره هڪڙي ننڍڙي مجاهد جي حيثيت سان غزوهء احد سنه 3 هجريءَ ۾ شريڪ ٿين ٿا ته: پوءِ سندن فرزند دلبند عبدالرحمان جو فتح مڪه جي ڏينهن سنه 8 هجري ۾ مسلمان ٿيڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو؟ هن مان صاف ظاهر آهي ته: هي عبدالرحمانن بن سمره بن حبيب بنو اميه القريشي آهي، جنهن فتح مڪه جي ڏينهن اسلام قبول ڪيو هو.

(5) قبيلوبنو سمره خلفاء راشدين ۾ نه هو: هي ٽالپر صاحب جو بلڪل خام خيال آهي، ڇاڪاڻ ته: جڏهن سمره (بني سمره) سنه 3 هه ۾ غزوهء احد ۾ 15 سالن جي عمر ۾ مٿئينءَ طرح شامل ٿيل آهن، ته پوءِ قبيلي بني سمره جي خلفاء راشدين جي زماني ۾ نه هجڻ، ڇا معنيٰ رکي ٿو؟ جڏهن ته: حضرت سمره بن جندب سنه 60هه ۾ انتقال ڪرڻ فرمايو آهي.[6] ان کان علاوه خلافت راشده جي آخري ۽ پنجين خليفي حضرت امام حسن رضه ربيع الاول سنه 41 هه ۾ خلافت حضرت معاويه رضه جي حوالي ڪري ڇڏي آهي[7].

اڃا به ڪو شڪ شبهو ڪري سگهجي ٿو ته: قبيلو بنو سمره خلافت راشده ۾ نه هو؟ نه صرف هي، پر جڏهن حضرت سمره بن جندب ۽سندن اولاد پڻ احاديث جي راوي آهي ته: (يعني حضور اڪرم صلي الله عليـﮧ وسلم جن جي زماني ۾ پڻ موجود آهن) ته پوءِ بنو سمره جو خلافت راشده جي زماني ۾ نه هجڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو؟

(6) ٽالپر صاحب، عبدالشمس جا چار پٽ ربيع – اممه- عبدالعزيٰ ۽ حبيب ڏيکاري ٿو، جن مان بنو سمره (سومره) جو پيءُ حبيب بيان ڪري ٿو، جو پڻ ڪنهن به طرح درست نه آهي- ڇاڪاڻ ته: عبدالشمس کي صرف هڪ پٽ نالي اميه هو، جو پڻ بنو اميه خاندان جو وڏو ڏاڏو آهي. قاضي محمد سليمان سلمان منصورپوري لکن ٿا ته:

عبدالشمس جو پٽ اميه آهي- جنهن جي اولاد بنو اميه سڏرائي- حضرت عثمان ذوالنورين رضي الله تعاليٰ عنـﮧ پڻ انهيءَ خاندان مان آهن.[8]

حضرت ابوالڪلام آزاد رح صاحب لکن ٿا ته:

شجره نسب مان بني هاشم ۽ بني اميه جي تعلقات جون ڪڙيون ملاحظه ڪرڻ فرمايو:

اسان کي هن شجر مان به، عبدالشمس جي هڪ پٽ اميه جي پڻ خبر پئي ٿي، جنهن مان سندس پيڙهي بنو اميه جي نالي سان مشهور ٿي. جڏهن ته، ٽالپر صاحب انهيءَ بلڪل سچيءَ حقيقت جي برعڪس عبدالشمس جي هڪ پٽ بنو اميه کانسواءِ، ٻيا چار ربيع، اممه، عبدالعزيٰ ۽ حبيب تحرير ڪري ٿو جو پڻ غلط آهي. انهيءَ ڪري، بنو سمره (سومره) جو حبيب القريشيءَ جي نسل مان پڻ هجڻ ازخود غلط ثابت ٿي وڃي ٿو.

(7) ٽالپر صاحب، جيڪا حديث شريف عبدالرحمان کان مروي ڪري ٿو، سا به، عبدالرحمان بن حبيب القريشيءَ جي نه، پر عبدالرحمان بن سمره بن جندب هوازنيه القريشيءَ کان مروي ٿيل آهي. اسان جهڙيءَ طرح هن کان اڳ ۾ پيش ڪري چڪا آهيون.

(8) باقي رهيو، ٽالپر صاحب جي حميده نالي نهر (واهه) جو سوال ته: ان لاءِ، ايترو چوڻ ڪافي آهي ته: بنو سمره (سومره) خاندان جي سرڪده عبدالرحمان شخص واهه کوٽائي، پنهنجي حميده نالي پياريءَ عورت سان منسوب ڪرائي ڇڏيو هجي. هي عبدالرحمان پڻ هوازنيه القريشي آهي.

(9) انهيءَ عبدالرحمان ٻه- ٽي پيڙهيون هيٺ هلي ڇا پوزيشن اختيار ڪئي، يعني عبدالرحمان کان ٻه ٽي پيڙهيون هيٺ بقول بلاذريءَ ابن الڪلبي چوي ٿو ته: ”بصره جي هڪ گهٽي شارع بنو سمره جو مالڪ عتبه بن عبدالله بن عبدالرحمان بن سمره بنحبيب بن عبدالشمس بن عبدالمناف آهي.

هي عتبه به، عبدالرحمان بن سمره جندب هوازنيه القريشيءَ جو فرزند آهي. ڇاڪاڻ ته: جڏهن عبدالشمس کي حبيب نالي پٽ ئي ڪو نه آهي ته: بلاذريءَ جي پيش ڪيل حوالي کي ڪيئن سچو قبول ڪري سگهجي ٿو؟ انهيءَ ڪري ساڳين نالن جي مغالطي ۾ نه پوڻ گهرجي. بنو سمره (سومره) هوازنيه القريشي خاندان جا ماڻهو عراق- بصره- ڪوفـﮧ- سرمن رائي (ايران) وغيره جي فوجي ڇانوڻين ۾ ڪثرت سان رهندا هئا. هوازنيه القريشي خاندان جي پڻ هڪ وڏي تاريخ آهي. هي هڪ نهايت وڏو جنگجو بهادر عرب قريشي خاندان هو، جو پڻ هر وقت جو خليفو کين باغين کي مات ڪرڻ لاءِ، قائم ڪري رکيل ڇانوڻين تي مامور ڪري رکندو هو، ۽ هي هميشه باغين کي مات ڪرڻ ۾ پڻ سوڀارا رهندا هئا، جنهن ڪري وقت جا حڪمران هنن کان ڏاڍو مطمئن ۽ خوش رهندا هئا. انهيءَ ڪري، اگر بصره ۾ جي ڪو شارع بنو سمره (سومره) جو ڏس پتو پئي ٿو ته: پوءِ ان شارع بنوسمره(سومره) کي پڻ حضرت سمره بن جندب هوازن القريشي جي فرد عتبه بن عبدالرحمان جي سمجهڻ ۾ ڪو به وڌاءُ هرگز نه آهي. بهرحال، مٿين پيش ڪيل ڪثرت سان، ٺوس دليلن ۽ ثبوتن جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي سومره قوم جو حسب نسب حضرت سمره بن حبيب بن عبدالشمس بن عبدالمناف سان هرگز جوڙي نٿو سگهجي. انهيءَ ڪري، ٽالپر صاحب جو هي خواهه م خواهه جوڏيکاريل خام خيال آهي- بقول ٽالپر صاحب، اگر ڪو نه مڃي ته، اسان هن کان وڌيڪ ٻيو ڇا ڪري سگهون ٿا.


[1]  (مهراڻ 3-4/ 1979ع صفحه 214، بحواله فتوح البلدان بلاذري اردو ترجمو، صفحو 570، 571).

[2]  0مهراڻ 3-4 / 1979ع صفحه 214، بحواله تاريخ ابن خلدون، اردو ترجمو جلد 2، صفحو 425 ۽ بلاذري صفحو 522).

[3]  (مهراڻ 3-4 / 1979ع صفحه  214، بحواله فتوح البلدان بلاذري ص 531).

[4]  (مهراڻ 3-4 / 1979ع سومرا قوم جو حسب نسب، مير محمد بخش خان ٽالپر، صفحه 212، 213، 214 تائين).

[5]  (سيرت رسول عربي، علامه نور بخش توڪلي ص 169).

[6]  (تاريخ سومره سنده پر ايڪ نظر، ص 51، بحواله ڏسو عمدة الڪلامفي تاريخ سلاطين اسلام صفحه 35) جي مطابق، 72 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي اٿائون).

[7]  (تاريخ اسلام اردو، حصه اول، مصنف مورخ اسلام مولانا اڪبر شاهه خان نجيب آبادي، نفيس اڪيڊمي، بلاسس اسٽريٽ ڪراچي ص 575).

[8]  (سيرت النبي صه رحمته العالمين – تاليف: محمد سليمان سلمان منصور پوري، جلد 2، مئي 1991ع ص 62- الفيصل ناشران و تاجران ڪتب غزني اسٽريٽ اردو بازار لاهور)

[1]  (مهراڻ 3-4/ 1979ع ص ،بحواله تاريخ سومره سنڌ پر ايک نظر اردو، مصنف مهاشيه عبدالڪريم نظامي، صفحو

[2]  (مهراڻ 3-4 / 1979ع صفحه 213، بحواله ڪتاب اسماءِ الرجال مشڪواة المصابح، مولف شيخ ولي الدين خطيب عمر تبريزي، اردو ترجمو، صفحو 506 ۽ 527).

[3]  (مهراڻ 3-4 / 1979ع صفحه 213، بحواله تاريخ ابن خلدون، حصه اول، مترجم: ڊاڪٽر عنايت الله، صفحه 236).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org