سيڪشن؛تاريخ

ڪتاب: منشور الوصيت و دستور الحڪومت

باب؛ --

صفحو ؛ 3

 

متن

 

منشور الوصيت

و

دستور الحڪومت

 

 

از

ميان نور محمد ڪلهوڙو واليء سنڌ


 

بسم الله الرحمـٰـن الرحيمo

رب يسر و تمم بالخير

]مقدمو ۽ تاليف جو سبب[

حمد ۽ ثنا خاص خالق کي جُڳائي، جو آسمانن ۽ زمينن جو پالڻهار آهي، صلواة ۽ سلام خاص منهنجي سردار کي سونهينِ، جيڪو سرور ڪائنات ۽ مفخر موجودات آهي ۽ سندن آل ۽ اصحابن تي به رحمتون هجن!

حمد ۽ صلواة کانپوءِ پيارن ۽ دوستن کي معلوم هجي، ته هن گنهگار کي - جنهن وٽ چڱن ڪمن ۽ خدا جي فرمان برداريءَ جو ڪوبه سرمايو ڪونهي - ڪي خيال پدري شفقت ۽ فرزندي محبت جي ڪري دل ۾ گذريا، ته پياري حياتي اچي پڇاڙيءَ کي پهتي آهي ۽ قيامت جون نشانيون ڏينهون ڏينهن ظاهر ٿي رهيون آهن ۽ زمانو به آخري آهي، تنهنڪري پنهنجن پٽن ۽ ڀاڳوندن کي زماني جي لاهن چاڙهن جي معلومات ڏجي ٿي، ته جيئن اهي آگاهه رهن ۽ دل کي دنيا ڪميڻي کان پاسيرو رکن ۽ بارگاهه الاهيءَ ڏانهن ڌيان ڌري توجهه ڏين.

جيتوڻيڪ مون ۾ عمل ڪونهي، پر رسول مقبول - ان تي صلواة ۽ سلام هجي! - جي فرمان موجب ”الدين نصيحة“  يعني دين نصيحت آهي، تي عمل ڪندي، خير خواهيءَ جون ڳچ نصيحت ڀريون ڳالهيون بيان ڪريان ٿو. توڙي جو سڀ ڪجهه الله تعاليٰ جي گــُـهـر ۽ توفيق جي وس آهي. مطلب ته جيڪو به دوست گهري، ته ان نصيحت ڏانهن ڌيان ۽ لاڙو ڪري.

1. عبادت

منهنجا مرادوندؤ! هر وقت ۽ هر حال ۾ بي نياز جي بارگاهه ۾ نيازمندي ڪرڻ جڳائي ۽ اڌ رات جو عبادت لاءِ اوجاڳي جي عادت بنايو:

 ”دعاي نيم شبت دفع صد بلابڪند!“

مطلب، ته اڌ رات جو دعا، سؤ مصيبتون ٽاري ٿي ۽ هر وقت خلق جو خالق آگاهه ۽ بيدار آهي ته پوءِ مخلوق کي به ننڊ ڪرڻ نه جڳائي. جيڪڏهن بشريت جي تقاضا موجب ننڊ ڪجي، ته به ٿوري ۽ قيلوله (منجهند جو ٿورو آرام ۽ ننڊ ڪرڻ) سنت آهي. حق جي يادگيريءَ کان ڪوبه وقت غافل رهڻ نه گهرجي. جيئن قرآن مجيد فرقان حميد ۾ فرمايل آهي:  ”من اعرض عن ذڪري فان لـہ معيشيةً ضنڪـًـا“ (1) ترجمو (جيڪو منهنجي(الله جي)ذڪر کان منهن موڙيندو، ان جو گذران تنگ ٿيندو.) تنهن ڪري ان تي عمل ڪرڻ گهرجي.

جيئن نقل آهي، ته هڪ عورت مٿي تي پاڻيءَ جا ٻه ڀريل دلا کنيو، واٽ وٺيو پئي وئي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو ان عورت سان ڳالهايو ٿي، ته عورت ان جي ورندي به ڏني ٿي، پر سندس سڄو ڌيان ۽ دل جو خيال ان مٿئين دلي ڏانهن هو. انسان کي به جڳائي، ته هر حال ۽ هر صورت ۾ رهي، پر دل الله تعاليٰ ڏانهن هجي. جيڪڏهن دل کي الله تعاليٰ ڏي نه ڪيائين، ته اهو ان عورت کان به گهٽ آهي.

   سڀني ڀاڳوندن کي معلوم هجي، ته حضرت سرور ڪائنات مفخر موجودات (نبي) صلي الله عليہ وسلم کي خدا چوڻ نه جڳائي، ڇو ته هو الله جو ٻانهو ۽ ان جو رسول آهي. باقي الله تعاليٰ کانسواءِ کيس جيڪي چئو، سو ٺهي ٿو: ”بقرآن ثنا گفت وي را خدا“ 

مطلب ته قرآن ۾ به الله تعاليٰ سندس تعريف ڪئي آهي:

 ”وانسب اليٰ ذاتــہ ماشئت شرف

واسب اليٰ قدره، ماشئت من عظام“ 

دل گـُـهـري  توصيف ان جي ذات سان منسوب ڪر،

هر بزرگي ڀلي تون نذر عزت محبوب ڪر.(1)

قرآن مجيد جي تلاوت جيتري وڌيڪ ٿي سگهي، ڪريو بهتر آهي. انهيءَ کا بهتر ٻي ڪابه شيءِ نه آهي، توهان مان هر هڪ مهيني ۾ قرآن جو هڪ ختمو بنالاناغي پورو ڪري. ان کانسواءِ صلواة، قصيدا (جيئن قصيده برده وغيره) به پنهنجو وظيفو بنائجن جهڙوڪ: سيفي ۽ حزب البحر وغيره، البت هينئر هيءَ دشواري آهي، ته استاد ڪامل نه ٿو ملي ۽ وظيفي پڙهڻ جي سڀني شرطن تي عمل ڪرڻ به محال آهي. ان کانسواءِ اڪثر ماڻهو دنيا ڪميڻي جي فڪر ۾ ٻڏل ۽ حرص هوس ۾ ڦاٿل آهن،  وظيفن جا شرط به پورا بجا نه ٿا آڻين. تنهنڪري نقصان جي موٽ انهن ڏانهن عائد ٿئي ٿي،پوءِ انهن جو فائدو به گهٽ ٿئي ٿو. قرآن مجيد سڄو رحمت ۽ راحت آهي، درود شريف به برحق مقبول ۽ رحمت آهي.

منهنجا نورچشمؤ! قرآن مجيد ۽ صلواة کانسواءِ ٻيا وظيفا موقوف ڪري ڇڏيو، ڇو ته جيڪڏهن ڪو هڪ ڀيرو صلواة مبارڪ پيغمبر ڪريم صلي الله عليہ وسلم  تي پڙهي ٿو ته، الله تعاليٰ ان مخلوق تي ڏهه ڀيرا رحمت موڪلي ٿو.

2.اهلبيت جي محبت

اهلبيت جي محبت هميشہ ۽ هر وقت هڪ جهڙي هجي، نبي صلي الله عليہ وسلم جن جي مٽن مائٽن ۽ عزيزن قريبن جي محبت فرض عين ۽ عين فرض آهي.

بجز حب ايشان نباشد نجات،
ڪه حبل المتين اند درمهلڪات.

 

يعني اهلبيت جي محبت کانسواءِ ڇوٽڪارو ڪونهي، جو اهي مشڪل وقت ۾ الله جي مضبوط رسي آهن.

اهلبيت ۽ عالمن سڳورن جي قرب ۽ احترام ۾ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪندا رهو. هاشمي خاندان يا اهلبيت کي زڪوات ۽ صدقو ڏيڻ روا ناهي، پر جيئن ته زمانو ظهير ۽ آخري آهي. اڪثر اهلبيت به ضرورتمند ۽ محتاج آهن، ان ڪري عالمن جائز ڪيو آهي، ته زڪوات ۽ صدقي ڏيڻ ۾ اهلبيت جي رعايت مقدم هجي.اهلبيت کانپوءِ صله رحمي يعني پنهنجن مٽن مائٽن کي زڪوات ۽ صدقو ڏجي. جيئن چيو اٿن: ”اول خويش بعد ازان درويش“  مطلب ته پهريان پنهنجن کي ڏجي، ان کانپوءِ درويشن جي سار سنڀال لهجي.

منهنجا ٻچا منهنجي اکين جا نور! جو به ڪامل درجي تي پهتو يا جنهن کي به جو ڪجهه مليو آهي، اهو اهلبيت جي محبت سان مليو آهي. جڏهن قرب پيدا  ٿيندو، ته ٻيا سڀ ڪم پاڻهي آسان ٿي پوندا، سڀاڻي قيامت جي ڏينهن هر ماڻهو نفسي نفسي پيو چوندو! پر سيد العرب والعجم امتي امتي پيا پڪاريندا! پوءِ جڳائي ته پاڻ کي ان(پياري نبي ) جي راضپي ۽ محبت ۾ محوڪري ڇڏجي. جيتوڻيڪ ڪي ڪم هڪ لحاظ کان نقصان ڪار ۽ ٻي لحاظ کان فائديمند هوندا آهن،پر اهلبيت جي محبت ۾ سراسر نفعو ئي نفعو آهي، آءٌ گهڻو اهل دولت آهيان، پر اهلبيت جي حق ۾ نه يعني اهلبيتن جي محبت ۽ عزت ۾ دنيا دولت جو نشو ۽ وڏائي آڏو نه ٿي اچي. اهلبيت سان هر وقت ڏيڻ ۽ سخاوت جو معاملو هئڻ گهرجي. اهلبيت جي محبت کي نظر ۾ رکي، دل هن ڪميڻي دنيا کان کڻي ڇڏجي:

ڇو ته اهلبيت جي محبت ئي ٻنهي جهانن ۾ ڪم ايندي.

3. مقدمن جا فيصلا

جيڪڏهن اسلام جو مقدمو واقع ٿئي(اسلام جي مقدمي جو مطلب آهي، جن جي باري ۾ شرعيت سزائون مقرر ڪيون آهن) ته ان کي عالمن سڳورن ڏانهن رجوع ڪجي ۽ اهي جيڪا به شرعيت سڳوريءَ موجب فتويٰ ڏين، ان تي عمل ڪجي، جو اسلام جي ترجيح لازم آهي، ڇو ته نبي صلي الله عليہ وسلم جن ان مضبوط دين جا حامي آهن ۽ جيڪڏهن ڪو شرعي فيصلن يا دين نبوي ۾شڪ آڻيندو، ته ڪافر ٿيندو ان ڪري شرعيت پاڪ جي حڪم جي تابعداري ڪجي.

اسلام جي مقدمي کانسواءِ ٻيو ڪو عام واقعو ظاهر ٿئي ته، ان ۾ سياسي نقطي نظر سان هٿ وڍڻ، ڪن ڪپڻ ۾ تڪڙ نه ڪجي، جو حق دير سان ظاهر ٿئي ٿو ۽ صفا بي سياستي به چڱي نه آهي:  ”ترڪ سياست (1) ضعف رياست است“ . مطلب ته سياست کي ڇڏڻ حڪومت جي ڪمزوري آهي، پر هرشيءِ پنهنجي اندازي يا حڪمت عملي سان هجي.

4.عالمن ۽ صالحن جي صحبت

منهنجا مرادوندؤ! اوهان جڏهن دنيا جي ڪمن ڪارين کان واندا ٿيو، ته عالمن ۽ صالحن جي صحبت  پنهنجي مٿان لازم ڪريو.

هم نشين تو، از تو بـہ باشد،
تاترا عقل ودين بيفزايد

 

تنهنجو همنشين يا دوست توکان بهتر هجي، ته جيئن تنهنجي عقل ۽ دين کي وڌائي.

هر چه درين عالم است از اثر  صحبت است،
ورنه ڪجا يافتي بيد بهائي نبات

 

مطلب ته جو ڪجهه هن جهان ۾ آهي صحبت جي اثر کان آهي، نه ته بيد ڪٿي مٺاڻ جي قيمت لهي.

عام ماڻهن سان ويهڻ جي عادت نه ڪجو ۽ نه هميشہ اڪيلائيءَ ۾ رهجو، جو نه ڪثرت ڪثرت آهي ۽ نه وحدت وحدت آهي، ڇو ته هميشہ عام ماڻهوءَ سان ويهڻ بازاري ماڻهن جو ڪم آهي ۽ هميشہ خلوت ۾ هجڻ به درويشن جو طور طريقو آهي.

5. نيڪن ۽ اشرافن جو رضامندو

الله وارن نيڪن ۽ شريفن جو راضپو پاڻ تي لازمي ڄاڻجو:

مردان خدا، خدا نباشند،
ليڪن از خدا، جدا نباشند.

 

مطلب ته، الله جا نيڪ ٻانها، خدا ته نه هوندا آهن، پر خدا کان جدا به نه هوندا آهن.

6. ڪسرنفسي (پاڻ کي گهٽ ڪري ڀانئڻ)

سڀ مخلوق کي ڀلو ۽ بهتر سمجهو.  هر مڙس کي مڙس ڄاڻو ۽ هر رات کي شب قدر:

خواجه! زشب قدر، چه جو ئي تونشاني؟

هرشب، شب قدر است، اگر قدر بداني.

اي شيخ! شب قدر جي ڪهڙي نشاني پيو ڳولين؟ جيڪڏهن تون قدر دان آهين، ته هر رات شب قدر آهي.

پاڻ کي مٽيءَ کان به گهٽ سمجهو:

در بهاران، ڪي شود؟ سرسبز سنگ،

خــاڪ شـو، تاگل برويد، رنگ رنگ.

مطلب ته بهارن جي موسم يا بارش ۾ به سخت پٿر سرسبز سائو ڪيئن ٿيندو؟ مـِـٽيءَ ٿيو ته رنگ برنگي گل پيدا ٿين.

7.استقلال ۽ همٿ

منهنجي اکين جا ٺار ٻچا! دنيا خطري جي جاءِ آهي. جڏهن انسان ڪنهن هيبت ناڪ حالتن ۾ پهچي ته پنهنجا هٿ پير مضبوط رکي، پر همٿ ۽ استقلال کي هٿان نه ڇڏجي. ان ئي مهل وضو تازو ڪري ٻه رڪعتون نفل پڙهجن ته، الله تعاليٰ اها سختي سهولت سان آسان ڪري ۽ احسان فرمائي:

اي ڪه ترسا ند ترا آگــہ شوي،
ورنه، تر ساندترا گهره شوي.

 

مطلب ته دنيا جا خوف خطرا ئي آهن، جن ڪري ماڻهو هوشيار ۽ خبردار ٿو رهي. جيڪڏهن خوف خطرا نه هجن، ته ماڻهو بيخبري ۽ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ گمراهه ٿي ڀلجي وڃي.

چيو اٿن: ســُـردار نبايد بود، برادرِ سردار بايدبود،

سردار نه ٿجي، سردار جو ڀاءِ ٿجي، ڇو ته:

 ”سرداري، سرداري است“

يعني سرداري، سـرُ دار تي رکڻ يعني ســِـرُ سوري چاڙهڻو آهي.

پهريون حق غريبن مسڪينن، يتيمن ۽ مظلومن جو مٿان پوي ٿو، پر حڪمرانن کي رات ڏينهن ملڪ هلائڻ ۽ دوست دشمن جو فڪر دامنگير رهي ٿو.

8.موت جي يادگيري

پڻ انسان کي جڳائي، ته محشر جو ڏينهن ۽ پنهنجي موت کي هميشہ ياد رکي. الله تعاليٰ هر مخلوق جي منهن ۾ قبر ڏيکاري آهي. ڄڻ ته ”نڪ“  قبر وانگر آهي. پوءِ جنهن کي پنهنجو نڪ ئي ياد نه هوندو ته ان کي موت ڪٿان ياد ايندو؟

9.پنهنجو احوال

هن گنهگار جو حال هيءَ آهي، جو جيڪڏهن حلال رزق کائيندڙ کي ڏسان ٿو، ته ان بي نياز پاڪ ذات جو قسم! انهي حلال کائيندڙ کي آءٌ پاڻ کان هزار ڀيرا وڌيڪ ڀلو سمجهندو آهيان ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو، ته انهيءَ مون جيترا گناهه نه ڪيا هوندا.

10. الله تعاليٰ جي يادگيري

الله تعاليٰ جي قدرت هميشہ ۽ هر وقت  ياد هجي. هڪ گهڙيءَ جو صحتمند فڪر به سال جي عبادت کان افضل آهي:

بندگي ڪن، بندگي ڪن، بندگي،
زندگي بي بندگي، شرمند گي.

 

يعني هميشہ بندگي ۽ عبادت ڪندو رهه، زندگي، بندگيءَ کانسواءِ شرمندگي آهي.

وڏائي ۽ تڪبر هرگز هرگز نه ڪرڻ جڳائي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته غرور ۽ وڏائي وارو ماڻهو برباد ٿيو آهي.

11. عياشيءَ جا نقصان

عيش عشرت کي پنهنجو شعار نه بنايو، جو آرام سراسر غفلت آهي ۽ انسان کي حق جي ياد کان پري ڪريو ڇڏي. ملڪ جي واليءَ کي ملڪي حالتن ۽ فلاح ۽ مضبوطيءَ لاءِ غور فڪر ڪرڻ لازم آهي. جيئن والي، ملڪ جي غور فڪر کان عاجز آهي ۽ درويش به پنهنجي قوت گذر کان پريشان آهي.

قانون هيءُ آهي ته جڏهن الله تعاليٰ آدم جي اولاد جي سردار(حضرت محمد) صلي الله عليہ وسلم جي صدقي ملڪ ۽ مال، ملڪيت ۽ ڪامراني عطا فرمائي آهي.  پوءِ هر صورت ۾ مضبوطي ۽ خبردار ڪرڻ جڳائي، ته جيئن ماڻهن جي کل نه ٿئي ۽ جو ڪجهه جنهن حاصل ڪيو يا مقصد ماڻيو آهي، اهو نوڙت، عجز، انڪساري ۽ محبت سان حاصل ڪيو آهي. هميشہ ڪم ۾ مشغول رهو، ”دست به ڪار، دل به يار باشد“  مطلب ته هٿ حاج ۾، دل يار سان هجي.

12. سادو لباس ڍڪڻ

پوشاڪ ۽ رهڻي ڪهڻيءَ ۾ سادگي اختيار ڪريو. ڇو ته ٺٺ ٺانگر واري پوشاڪ تي ڪوبه اعتبار نه آهي، پر الله تعاليٰ ته اسراف يا اجائي خرچ کي پسند نه ٿو ڪري، قناعت تمام ڀلي آهي. جيڪڏهن عمدي پوشاڪ ان ڪري ڍڪجي، ته ماڻهو ان کي ائين ڀانئن، ته هيءُ شوقين آهي يا اُچا ڪپڙا ٿو پهري، ته اهو خيال غلط آهي. جيڪڏهن الاهي عطا ۽ سرور عالم صلي الله عليہ وسلم جي مددگاري يعني ملڪ مال، لشڪر ۽ خادم ڪنهن ماڻهوءَ کي نظر ۾ نه ٿا اچن، ته پوءِ انهي ماڻهوءَ وٽ ڪپڙا ۽ پوشاڪ ڪهڙي شيءِ آهي ۽ پوشاڪ سان ڪهڙو وڏ ماڻهپو آهي؟

13. ميڙ منٿ جي رسم

   سنڌ ملڪ ۾ تازو هيءَ رسم عام ٿي وئي آهي، ته گهڻا محتاج يا ڏوهي ماڻهو الله وارن فقيرن کي وٺي ۽ تڪليف ڏئي، دنيا جي ڪمن ڪارين لاءِ ميڙ ٿا آڻين. ڪميڻي دنيا مٺي آهي، پر تنهن هوندي به دنيا کان دل هٽائي، الله وارن جي راضپي طلبڻ ۾ هزار ڀيرا ڪوشش ڪريو، ڇو ته فقيرن جو راضپو لڪل خزانوآهي ۽ الله جي مخلوق تي رحم سان عمر ۾ اضافو ۽ جاه جلال ۽ بخت ۾ واڌارو ٿئي ٿو:

خواهي ڪه رضا حق بجوئي،
باخلق خدا ڪن نڪوئي،
حاصل نڪــُـني رضائي سلطان،
تاخاطرِ بندگان نجو ئي.

 

ترجمو: جيڪڏهن الله جو راضپو ٿو چاهين، ته خدا جي خلق سان نيڪي ۽ ڀلائي ڪر، جيستائين ٻانهن جي دل راضي نه ڪندين، تيسين سلطان جو راضپو حاصل ڪري نه سگهندين.

14. روزو ۽ نماز

روزي، نماز ۽ زڪوات ۾ رات ڏينهن مشغول رهو:

روز محشر ڪه جان گداز بود،
اولين پرسش از نماز بود.

 

مطلب ته محشر جي دهشتناڪ ۽ ساهه ڳرندڙ ڏينهن ۾ به پهريان پڇا نماز جي  ٿيندي.

ڇو ته اسان مسلمانن ۽ ڪافرن جي وچ ۾ به اهو ئي نماز جو فرق آهي.

15. ورد  وظيفا

جنهن به ورد وظيفي سان دل جو لڳاءُ هجي، ان کي نه ڇڏجي، جو گهڻا ابوالهوس حريص يا لالچي ماڻهو ڪجهه ڏينهن وظائف پڙهي، ان کان پوءِ ڇڏي ٿا ڏين جيڪو ٿورو گهڻو وظيفو پڙهو، ان کي مستقل ڪريو. ڇو ته ورد وظيفن جو ڇڏڻ چڱو نه آهي.

حڪايت: ڪي ماڻهو بدخشان کان هتي سنڌ ۾ آيا. انهن بدخشانين کان ڪنهن پڇيو، ته ڪٿان آيا آهيو ۽ ڪهڙي سبب ڪري پنهنجي وطن کان جدا ٿيا آهيو؟ انهن جواب ۾ چيو:  ”اُتي جا ڪي ماڻهو ورد وظيفن وارا هئا. پوءِ انهن اهو شغل ڇڏي ڏنو، تنهنڪري بدخشان ويران ٿيو ۽ اسان ماڻهو جلاوطن ٿياسون.“

16.زميندارن جو مقرر حصو

هي جيڪي سنڌ جا زميندار آهن، تن جو هيءُ ملڪ ڌڻي تعاليٰ
حضرت رسول
جن جي صدقي اسان گنهگارن تي مهرباني ڪري، اسان جي حوالي ڪيو آهي. دنيا خطائن جي جاءِ آهي، اسان جو ڪجهه زميندارن يا آبادگارن کي مقرر ڪري ڏنوآهي، ان معمول ۽ رعايتن ۾ ڪوبه فرق نه اچي. جڏهن الله تعاليٰ اسان هيڻن کي ملڪ عطا ڪيو آهي. پوءِ جيڪو اسان زميندارن يا آبادگارن کي ٿورو گهڻو مقرر حصو ڏنو آهي، انهن جو حق آهي، انهن کان نه کسجو نه ته پٽيندا.هرگز هرگز معمول کي نه ڀڃو، جو حقدارن ۽ مظلومن جي آهه گهڻو ۽  جلد اثر ڪندڙ آهي.

17. پاڻ ۾ اخلاص ۽ محبت

سڀئي ڀائر پاڻ ۾ دل و جان سان اخلاص ۽ محبت سان گذاريو ۽ خود غرضن جون ڳالهيون نه ٻڌجو. اسان گنهگارن جي ستن پيڙهين کي مانيءَ جو ڳڀو به ميسر نه هو. الله تعاليٰ رسول ڪريم جي صدقي اسان کي سڀ ڪجهه موجود ڪري ڏنو آهي. ان ڪري رب العالمين جو شڪر بجا آڻي، هن دنيا ۾ جي زندگيءَ جا چند ڏهاڙا، خوبي ۽ ڀلائي خيريت سان گذارجو، جو به پري يا ويجهي وارو ٻڌي، ته واهه واهه ڪري ۽ داد تحسين چوي. جهڙيءَ ريت هن گنهگارن ۽ منهنجي ڀاءُ مرحوم ميان محمد خان(1) چڱو ۽ قرب سان وقت گذاريو آهي ۽ توهان به انهيءَ طريقي تي هلجو، نفاق ۽ ڦيٽاڙي سان حڪومت تباهه ٿيندي.

18.محمد مراد خان جي وليعهدي

   توهان ڀائرن  تي لازم آهي، ته پنهنجي وڏن جي طريقي تي نظر رکي، قانون موجب نورچشم محمد مراد  خان (1) جي سرداري قبول ڪندا. جڏهن الله تعاليٰ سيد السادات صلي الله عليہ وسلم جي صدقي ان کي هن گنهگار جي حياتيءَ ۾ موٽائي آندو(2) ته پوءِ سڀني کي گڏ ويهاري، جيڪي ڪجهه چوڻو هوندو، چوندس، پر جي منهنجي حياتيءَ کان پوءِ الله تعاليٰ ان کي واپس آڻي، ته منهنجي نورچشم کي منهنجي جاءِ تي مستقل سردار ڄاڻي: سندس حڪم ۽ مصلحت جي باب ۾ ان کان منهن نه موڙجو.

جيئن ته برخوردار محمد مرادياب سنڌ ملڪ ڇڏي، ايران جو سفر به رڳو اسان ۽ توهان ڀائرن جي عيوض ڪري ڪيو آهي. ايران جو سفر نه پر سقر(دوزخ) آهي.جڏهن انشاءَ الله تعاليٰ جهانن جي ڀلي ۽ سردار صلي الله عليہ وسلم جي صدقي محمد مراد منهنجي زندگيءَ ۾ ايران کان واپس موٽي ايندو، ته منهنجون اکيون روشن ٿينديون ۽ نيڻ ٺرندا ۽ جيڪڏهن خدا ان کي منهنجي وفات کان پوءِ آڻي، ته قانون پٽاندر ۽ سفر جي تڪليفن ڪري ان جي حڪم جا پابند رهجو.

19. ملڪي سياست

   رياست يا  حڪومت سياست سان هلائڻ لازمي آهي، اهڙيءَ طرح حڪومت هلايو، جو ڪٿي دشمن ڪنڌ نه کڻي سگهي.

20. خاص وصيت

برخوردار احمد يار خان(1) سان هر معاملي ۾ صلاح مصلحت ڪندا ۽ پڇندا ڪريو. اسان جي لاءِ فقير، مريد ۽ عقيدتمند جيڪو  نذر نياز آڻيندا آهن، انهن سڀني کي چوندا، ته ان کي هر ماڻهو پاڻ وٽ سانڍي رکي. جڏهن الله تعاليٰ پنهنجي فضل ۽ ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليہ وسلم جي صدقي ذڪر ڪيل فرزند محمد مرادياب کي واپس آڻي، ته ان جي بيعت ڪندا. انهي نورچشم(محمد مرادياب) جي اچڻ تائين نورچشم خداداد خان(2) ملڪ ۽ ملڪ داريءَ جي باب ۾ ڪابه ڪوتاهي ۽ گهٽ وڌائي نه ڪري، رات ڏينهن ملڪ داريءَ جي فڪر کان  غافل نه رهي يعني ان وقت تائين ملڪ جو انتظام خداداد خان سنڀالي.

جيئن ته اوهان هينئر اسان جي ادب ۽ حڪم ۾ آهيو. تيئن مون کان پوءِ به ائين رهجو. توهان انهي(محمد مرادياب) کي پنهنجو قبلي گاهه ۽ اکين جو نور سمجهو. هو به توهان کي پنهنجو اولاد ڪري ڀائيندو. خدا نه ڪري! جيڪڏهن اهل غرض يا گهر ڦٽائيندڙ ماڻهن جي چوڻ تي لڳندؤ، ته ٻين جا محتاج ٿي پوندؤ ۽ گذريل وقت وري نه ايندو آهي، جيئن ڇــُـٽل تير واپس ڪمان ۾ نه ايندو آهي.

21. چار مذهب

چئني مذهبن(حنفي، مالڪي، شافعي ۽ حنبلي) کي حق سمجهڻ گهرجي، پر اسان جا وڏا، امام ابوحنيفه(نعمان بن ثابت زوطي، ولادت
سنه 80هه - وفات 150 هه) رحمةِ الله عليـہ جي مذهب تي هئا، ان ڪري توهان به اهو مذهب اختيار ڪندا.

جيتوڻيڪ ڪي اڻ ڄاڻ ماڻهو رافضي اصحابن سڳورن جا دشمن ۽ ڪي خارجي حضرت علي المرتضيٰ رضي الله عنـہ جا دشمن آهن.(اصحابن سڳورن خلفاءِ راشدين مان) ٻه سيد الاولين ۽ الاخرين صلي الله عليـہ وسلم جا سهرا ۽ ٻه نياڻا آهن، ته پوءِ اسان ماڻهو ڪهڙي حساب سان، چئني گوهرن مان، ڪن کي مڃون ۽ ڪن کان دل ٿڌي ڪريون.

خلاف پيغمبر ڪسي ره گزيد
ڪه هرگز بمنزل نخواهد رسيد(سعدي رحه)

 

مطلب، ته جيڪو ماڻهو پيغمبر صلي الله عليـہ وسلم جن جي ابتڙ جيڪا به واٽ وٺندو ، اهو منزل مقصود تي هرگز نه پهچي سگهندو.

22. طريقت جو سلسلو

اسان جا وڏا طريقت جي چوڏهن سلسلن مان سهروردي طريقي ۾ آهن:

گرز دل خواني تو شجره سهرورد،

گردي از هر دوجهان بالڪل فرد.

مطلب ته جيڪڏهن تون دل سان سهروردي بزرگن جو شجرو پڙهين ته، ٻنهي جهانن کان بلڪل آزاد ٿئين.

انهن مان آءٌ (پاڻ) نور محمد،(1) يار محمد،(2) دين محمد،(3) نصير محمد،(4) شاهه علي،(5) الياس،(6) دائود،(7) آدم(8) ، محمد، ابوبڪر ۽ عيسيٰ اهي سڀ سهروردي طريقي جا آهن. سيد ميران محمد جونپوري
جيڪو اسان جو پير مرشد آهي،سو به ان طريقي تي هو، سيد ميران محمد(9) کان رسول مقبول صلي الله عليـہ وسلم تائين سلسلو مليل آهي. رساله  ”سهروردي“  ان سان گڏ رسالو  ”چوڏنهن خانواده“  به اسان وٽ موجود هو پر ناپاڪ ظالم (نادر شاهه افشار)(
1) جي سنڌ ملڪ تي ڪاهه وقت ڪتب خانو ۽ رسالا کڄي ويا. هاڻي ميران جي اولاد جي خدمت ۾ ماڻهو موڪليو اٿئون.جيڪڏهن رسالا عنايت ڪيائون، ته هن نسخي ”منشور الوصيت و دستور الحڪومت“  ۾ شامل ڪيا ويندا. الله تعاليٰ ۽ سيد السادات صلي الله عليہ وسلم جن جي نالن کانسواءِ دنيا ۾ پٽن کان وڌيڪ ٻي ڪابه شيءِ پياري نه آهي. پاڻ قياس ڪريو، ته پٽن کي ضرور ڪا چڱي ڳالهه چئي ويندي:

هر دعائيڪه پدر، در حق فرزند ڪند،

هيچ شڪ نيست ڪه مقرون اجابت است!

مطلب ته پيءُ جيڪا به دعا پــُـٽ جي حق ۾ ڪندو، ته ان جي قبوليت ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي.

ان ڪري قلم وري وري لکي ٿو ته:  ”اوهان جو فائدو سراسر اخلاص ۽ محبت ۾ آهي. جيڪڏهن پاڻ ۾ تفاوت ڪندؤ يا جدا ٿيندؤ، ته ندامت ۽ پريشاني جي ڦل يا نتيجي کانسواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.

23.ملڪ ۽ ملڪيت جي ورهاست ۽ محصول

منهنجي اکين جا نور ٻچا! توهان کي خبر آهي ته الله تعاليٰ، رسول ثقلين جي صدقي هن گنهگار کي زمين جو ٽڪرو عطا ڪيو آهي. اهو هر هڪ کي جدا جدا ورهاست ڪري ڏنو اٿم، ته جيئن توهان مان هر هڪ وٽ پنهنجو حصو قبضي ۾ رهي:

1-  لاکاٽ پرڳڻو، جو سيوستان سرڪار ۾ آهي ۽ لڌي گاگن جو پرڳڻو روهڙي سميت جيڪو لڌي گاگن جي زمين ۾آهي، اکين جي نور روح جي راحت خداداد خان کي ڏنم.

2- گاگري پرڳڻو ۽ اروڙ پرڳڻو بکر سرڪار وارا اکين جي نور، جگر جي ٽڪري عطر خان کي ڏنم.

3- شهدادپور ضلعو نصرپور سرڪار وارو ۽ ماٿيلو پرڳڻو بکر سرڪار وارو نورچشم احمد يار کي ڏنم.

4- انهن پرڳڻن کانسواءِ جيڪي هن گنهگار جي هٿ ۾ آهن، انهن جو مالڪ منهنجي حياتيءَ ۾، ۽ موت کانپوءِ اکين جو نورُ محمد مرادياب آهي، ان کي ڏنم، چانڊڪو پرڳڻو، ڪاڇي جو ڳچ حصو جنهن جو تعلق سرداريءَ سان آهي، اهي سڀئي برخوردار محمد مرادياب کي ڏنم.

5 - ڪنڊياري جو اڌ پرڳڻو، راڻيپور جو تپو، باغبان جو اڌ پرڳڻو، ڪاڇي جو ڏهون حصو ۽ چوٿون حصو شهر فتح پور جو، جهڙي طرح منهنجي ڀاءُ  مرحوم مغفور محمد خان وٽ هئا، ان کانپوءِ اهي منهنجي اکين جي نور فضل علي کي ڏنا وڃن.[خ‌ع‌أ‌ا‌1] (1)  اوهان هر حال ۾ هڪ ٿي رهجو. اهل غرض جي چوڻ تي عمل نه ڪجو.

جيئن ته هن گنهگار جو حال به يعقوب نبي عليہ السلام جهڙو زار زار آهي، پر ان(روئڻ ۽ اولاد جي جدائي) مان ڪهڙو فائدو؟ جو دل گناهن کان ڪاري آهي، پر الله تعاليٰ ارحم الراحمين آهي، الله تعاليٰ حضرت خير البشر صلي الله عليہ وسلم جن جي صدقي رحم فرمائي، جو مسافر (پٽ محمد مرادياب جيڪو نادر شاهه وٽ گروي آهي) خيريت سان اچي ۽ ڪيترن سالن جو وڇوڙو وصال ۽ ميلاپ سان ڪامياب ٿئي.

منهنجي ڀاءُ محمد اسلام جي فرزندن: برخوردار محمد شفيع ۽ برخوردار شاهه محمد جي رضا جوئي پاڻ تي لازم ڄاڻجو، جو انهن جو الله تعاليٰ ۽ رسول مقبول صلي الله عليہ وسلم کانسواءِ ٻيو ڪوبه والي وارث ڪونهي.

توهان پاڻ ۾ به وچان اڌ محصول ۽ ملڪداريءَ جو خرچ جيئن هيءُ گنهگار ڏئي ٿو، نورچشم محمد مرادياب کي بنا ڪنهن گهٽ وڌائيءَ جي دستور موجب ڏجو ۽ زمين جي ورهاست جي هڪ لسٽ محمد مرادياب کي ڏجو، ائين نه ٿئي جو پنهنجا هندو(1) دفتر دار زمينن جي آمدني جي لکت گهٽائي لکن ۽ اوهان مان به هر هڪ کي دنيا دولت جي لوڀ لالـچ ۾ مبتلا ڪن. دنيا دولت جي ڪري اوهان ۾ دشمني پيدا ڪن جيئن اڪثر ماڻهن جي عادت آهي، ڪڻڪ ڏيکاري جوَ وڪڻندا آهن. پنهنجي  اخلاص ۽ محبت کي دنياوي معاملن جي ڪري نه بدلائجو.

6-  برخوردار غلام نبي ۽ عبدالنبي  توهان جا ننڍا ڀائر آهن ۽ پڻ توهان جي پٽن جي جاءِ تي آهن، جوڻيجه پرڳڻو وچولي سميت، انهن ٻنهي پٽن کي ڏنم. پنهنجي مـُـهر ۽ اوهان جي مـِـهر ان تي هنيم، اڌ محصول پاڻ وٺجو، ٻيو تڪلف نه ڪجو.

7 برخوردار غلام شاهه کي ٻين سهولتن سان گڏ پرڳڻو خطه ٽلٽي سميت ڏنو ويو...

8- جيڪو اوهان جي مائرن جو روزينو ۽ فصلاڻو مقرر آهي، ان ۾تفاوت نه ڪجو، جيڪڏهن تفاوت ڪندؤ، ته به الله تعاليٰ قادر ۽ رزق ڏيندڙ آهي، هر حال سان خيريت ۾ رهن، جيئن چيو اٿن: ”سک جي رات به گذري ويندي ۽ ڏک جي رات به گذري ويندي.“

9- جهڙيءَ طرح مرحوم غلام حسين جي زندگيءَ ۾ سندس وظيفو مقرر هو، اهو ان جي پٽن کي به ڏنو وڃي ۽ ان ۾ فرق نه ڪجو. اهو جيڪو محصول جو حصو منهنجن ڀائرن: محمد اسلم، تاج محمد، محمد عارف ۽ برخوردار سائين ڏني ۽ جيڪو فصلاڻو برخوردار محمد عليءَ جو مقرر آهي، ان ۾ به تفاوت نه ڪجو.

10- ۽ اهو جيڪو مائٽن عزيزن جو حصو ۽ دِهن ۾ آهي ۽ ڪاڇي ۾ مال ۽ پوک  آهي، ان تي به گذريل ۽ هميشہ وانگر عمل ۽ هميشگي ڪندا، کين ڏيندا رهجو. مطلب ته مائٽن عزيزن کي هرحال ۾ راضي رکجو.

11- ۽ جيڪي سرائي فقير آهن، انهن کي به هڪجهڙو ۽ هڪ نظر سان نه ڏسجو، جيئن مشهور آهي:

 ”بادوستان مروت              بادشمنان مدارا“

يعني دوستن سان مروت، دشمنن سان به رعايت نرمي ڪرڻ جڳائي.

ڇو ته اهي سرائي فقير به سڀ هڪجهڙا ڪونه آهن. ڪي جسم وانگر آهن، ڪي وقت ٽپائيندڙ، ڪي پنهنجو رت ۽ عزيزن وانگر آهن. انهن مان ڪي منافق، ڪي زماني ساز ۽ ڪي پنهنجي وطن کان ڏکايل ۽ هتي اچي وڏا وار رکائي، پاڻ کي فقير ٿا سڏائين ۽ دربان آهن. جهڙي طرح ظالم ناپاڪ نادر شاهه جي اچڻ تي ان کي اسان جا راز ۽ احوال ظاهر ڪيائون.

مطلب ته هر هڪ موافق ۽ منافق جو نالو اسم وار نه لکبو جيئن منافق بيدار نه ٿين ۽ ڀلي ته غفلت جي ننڊ ۾ ئي ستل رهن  (جيتوڻيڪ اسان کي سڀ خبر آهي)(1)

24. عدالت جي باري ۾

عدالت جي مقدمي ۾ پنهنجي ۽ پرائي کي هڪ نظر سان ڏسڻ گهرجي، جيئن چيو اٿن:

آنچه بر خود نه پسندي، برديگران روامدار.

يعني اهو جيڪي پنهنجي لاءِ پسند نه ڪرين ته ٻين لاءِ به روا نه رک.

25. شيخ غلام محمد ۽ شيخ شڪر الله جي پارت

برخوردار شيخ غلام محمد ۽ شيخ شڪر الله کي ڀائرن وانگر ڄاڻجو، جو اهي نمڪ حلال ۽ سرويچ آهن. شيخ غلام محمد ته اسان جي ڪري جفائون به ڏٺيون آهن ۽ تڪليفون به سٺيون آهن.[خ‌ع‌أ‌ا‌2] (1)

26.هندو منشي يا ڪاتب

   باقي خاص منشي يا ڪاتب هندن مان نه رکجو، جو ڪن جاين تي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ حديثون ۽ قرآن پاڪ جون آيتون اچن ٿيون. اهي هندو ڪاتب حديث نبويءَ ۽ قرآني آيتن پڙهڻ ۾ لکڻ کان عاجز ٿي پون ٿا. انهيءَ ڪري انهن هندو ڪاتبن کي لکڻ پڙهڻ جي ٻين ڪم ڪارين، حساب ڪتاب ۽ پروانن لکڻ تي مقررڪجي.

27. براهوئي

باقي بروهي اسان جا ابن ڏاڏن کان دوست ۽ دشمن رهيا آهن، پر انهن ۾ ڪي ماڻهو سچار ۽ سخندار به هئا ۽ هاڻي ته بروهي منافق، ۽ خود مطلبي ۽ ڪوڙا آهن. پوءِ انهن جي چاپلوسي ۽ فڪر کان غافل نه رهڻ گهرجي:

غافل منشين، ڪه همنشين تو بداند،
وآن ديو دو رنگ راه دينت بزنند

 

مطلب ته غافل نه ٿئي جو تنهنجو همنشين ڄاڻي ٿو، ته اهو ٻه رنگو شيطان تنهنجي دين جي واٽ هلندو.

28. داؤد پوٽا

داؤد پوٽا به زر خريد ۽ احسان جا خريد ٿيل آهن، جو سندن هٿن ۾ مغلن جو لشڪر ۽ طاقت آهي. انهن کي ڪنهن به خود مطلبي ماڻهوءَ جي چوڻ تي ناراض ۽ بي دِليو نه ڪجو. راضپي واريءَ حالت ۾ حاضريءَ ۽ نوڪريءَ جا فرائض چڱيءَ طرح سرانجام ڏيندا.

29. مغل ۽ لشڪر جي خبر گيري

مغلن سان ظاهري فرمانبرداريءَ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي.اندروني طور پنهنجي زمينداري جو طريقو، جيڪو ابن ڏاڏن  کان هليو ٿو اچي، سو به هٿ کان نه ڇڏيندا.

پنهنجي لشڪر جي خبرچار ۽ سڌسماءَ لهڻ پاڻ  تي فرض عين ڪري ڄاڻندا. ڇو ته لشڪر ”پانَ“  جي پن سان مشابهت رکي ٿو.جي ان جي سار سنڀال نه لهبي، ته جلدي پان جو پن سڙي سڪي ويندو، ان ڪري رات ڏينهن لشڪر جي خبرچار ۽ دلجوئي ۾ ڪوتاهي نه ڪئي وڃي ته جيئن ڏکي وقتن ۾ فوج ڪابه ڪوتاهي نه ڪري. اهڙيءَ ريت خير جي وقت شر جو اونو ۽ شر جي وقت خير جو فڪر رکجي. قلعن جي خبر گيري، بارود ۽ کاڌ خوراڪ وغيره سميت قلعن جو ڪم ڪار توهان پاڻ سرانجام ڏجو ۽ ٻين جي حوالي نه ڪجو، ڇو ته سرحدي قلعن جي اڳواڻي تمام نازڪ آهي، مطلب ته منڍ کان وٺي خبرداريءَ کان ڪم وٺجي ڳالهه وڌي وڃڻ کانپوءِ، پاڻي سر کان تار ٿيو وڃي.

30. خدا جي بندگي

وقت جي شروعات الله تعاليٰ جي بندگي ۽ حضور صلي الله عليـہ وسلم تي درود پڙهڻ سان ڪجي.ان کانپوءِ دنيا جا ڪم ڪار ۽ شغل پورا ڪجن ۽ جيڪي قلم سان هن کان اڳ ۾ لکجي آيو آهي، ان کي بجا آڻجو.

   سرداري سولي نه آهي، ڏندن سان جبل ٽاڪڻو آهي، ٿوري به غفلت سان جڳ کلندو ۽ ٿوري به بيخبري مناسب ڪانهي.. .

31. جزيو

هندن کان سال به سال جزيو وٺندا رهجو، بلڪه پنهنجي خرچ، خوراڪ پوشاڪ ۾ ان ملندڙ جزئي کي منظور ڪجو، جو جائز ۽ صحيح آهي.

32. ملڪ سيوي

پنهنجي دسترس آهر ملڪ سيوي ۽ ملڪ گجرکي نه وسارجو. رات ڏينهن جبل ۽ جهنگ جا دشمن به نظر ۾ هجن، جيڪي وقت سر روز بروز خطرناڪ اُلا اٿاريندا رهن ٿا. پوءِ رات ڏينهن خدا جي ڏنل  ملڪ جي خبرگيري ۽ لشڪر جي ترقي ۽ سار سنڀال رکجو جا بجاءِ آهي.

پڄاڻي ۽ موڪلاڻي

الله وارن جي ملاقات کان غافل نه رهو، ڇو ته اها ڪيميا آهي. اسان کي جيڪا پدري شفقت ۽ فرزندانِ محبت دل ۾ آهي، اها لکيسون ۽ چئيسون.آئندي به جيڪا رب جي رضا هوندي، ائين ٿيندو:

دل عـبث چـنديـن ز تـقـدير الاهـي ميتپد.

ميشود قلابه محڪم تر چوماهي ميتپد.

مطلب ته، دل اجايو الاهي تقدير کان تڙپي ٿي، جيئن مڇي ڦٿڪندي، تيئن ڪُـنڍيءَ ۾ ڦاسندي.

باقي توهان کي ۽ توهان جي هـُـن جهان ۽ هـِـن جهان جي ڪمن ڪارين سميت، الله تعاليٰ جي رحمت ۽ سندس رسول سيد المرسلين صلي الله عليـہ وسلم جي شفاعت جي حوالي ڪيوسين. آمين ثم آمين يا رب العالمين برحمتک يا ارحم الراحمين.


 

(1) پارو 16، سورت طــــٰہ آيت 123

(1)  قصيده برده، ابوعبدالله محمد شريف الدين بوصيري بيت 44.

سنڌي منظوم ترجمو ”جام ڪوثر“  از عبدالله اثر

(1)  سياست جي هڪ معنيٰ سزا به آهي.

(1)  محمد خان  ”جهوڪ جي جنگ“  ۾ ڪلهوڙن طرفان موڪليل پنهنجي لشڪر جو سپهه سالار هو، هيءُ اهو شخص آهي جنهن ٺٽي جي نواب اعظم خان جي چوڻ تي قرآن شريف وچ ۾آڻي، شاهه عنايت کي صلح تي آماده ڪري، نواب اعظم خان وٽ آندو هو، پر ٺٽي جي نواب اعظم خان پنهنجو واعدو وفا نه ڪيو ۽ شاهه عنايت کي شهيد ڪرائي ڇڏيو.

سنه 1138هه ۾ محمد خان، داؤد پوٽن سان مقابلو ڪري شڪارپور کي پنهنجي قبضي ۾ آندو ۽ سنه 1144هه ۾ وفات ڪري ويو (تبصرة الناظرين).

(1) هي ميان نور محمد ڪلهوڙي جو وڏو پٽ هو جيڪو پيءُ جي وفات کانپوءِ 1167 هه ۾ حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. مراد آباد شهر سندس اڏايل هو، سندس خطاب ”سر بلند خان، هو. تاريخ 13- ذوالحج 1170هه تي سندس ڀائرن کيس تخت تان لاٿو. شوال 1171هه ۾ وفات ڪري ويو. ان کانپوءِ سندس ننڍو ڀاءُ ميان غلام شاهه ان جي جاءِ تي حڪومت جي تخت تي ويٺو.

(2)  جنهن وقت نادر شاهه سنڌ کان ايران ڏانهن واپس موٽيو ته  محمد مرادياب خان کي يرغمال طور پاڻ سان گڏ وٺي ويو. نادر شاهه 11- محرم 1153هه تي لاڙڪاڻي کان روانو ٿيو ۽ تاريخ 7- صفر 1153 هه نادر آباد(قنڌار) پهتو.

نادر شاهه جي مارجڻ (1160هه) کان پوءِ محمد مراد سنه 1161هه ۾ وطن روانو ٿيو. سنه 1164 هه تي سنڌ ۾ پهتو. سندس سنڌ ۾ اچڻ جي تاريخ هن بيت مان نڪري ٿي:

بامثرده رسيد، خان عالي بوطن(جعفر) مطلب ته، خان وڏو خير مبارڪ سان وطن پهتو.

بافضل خدا، خان جوان بخت رشيد،
از راهه خراسان، بوطن باز رسيد(محسن ٺٽوي)

 

يعني: خدا جي مهرباني سان خان جوان، ڀلاري ڀاڳ وارو خراسان جي واٽ کان وطن موٽي آيو.

ميان نور محمد ڪلهوڙي جا ٻيا پٽ: ميان غلام شاهه ۽ ميان عطر خان سنه 1162هه ۾ سنڌ واپس پهتا هئا. پوءِ هن مان ظاهر آهي، ته هيءَ وصيت 1162هه ۽ 1163هه سالن جي وچ واري عرصي جي لکيل آهي.  

(1)  ميان نور محمد ڪلهوڙي جو چوٿون پٽ هو. جنهن وقت ميان غلام شاهه (13 ذوالحج 1170هه) ۾ حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو، ته احمد يار خان ۽ ميان عطر خان سندس حڪم کان منهن موڙي، جنگ ۽  جهيڙي جي شروعات ڪئي، جنگ ۾ (نهرا مرڪس روهڙي جي ويجهو) غلام شاهه جي هٿان هار کائي،قلات ۾ وڃي پناهه ورتائين، ڳـچ مدت کانپوءِ احمد يار خان هندستان ويو ۽ اتي وڃي رهيو(تاريخ ڪلهوڙا: جلد 1، صه 594، 599، 602، 610)

(2)  ميان نور محمد ڪلهوڙي جو ٽيون نمبر پٽ، جو ان کي ميان صاحب محمد مرادياب جي غيرحاضريءَ ۾ قائم مقام وليعهد بنايو هو. جڏهن محمد مرادياب ايران کان موٽيو، تڏهن خداداد خان جي دل ۽ دماغ تي ان جو ايترو اثر ٿيو، جو سنڌ ڇڏي هندستان هليوويو(تاريخ ڪلهوڙا: جلد 1، ص. 526، 542).

(1) دور حڪومتن نور محمد 1719ع - 1753ع / 1132هه - 1167هه (طوفان عظيم) 1167هه

(2) يار محمد (خدايار خان) 1701ع - 1719ع / 1113هه - 1132 هه

(3) دين محمد 1692ع - 1699ع / 1104هه - 1111هه

(4) نصير محمد 1657ع - 1692ع / 1068هه - 1104هه

(5) عرف شاهل محمد 1657ع / 1068 هه

(6) ميان الياس 1620ع / 1030هه

(7) داؤد 1200ع / 1009هه

(8) ميان آدم شاهه 1520ع - 1600ع / 927هه - 1009 هه

(9) سيد محمد جونپوري(ولادت 847 هه) جنهن وقت ڄام نظام الدين سمو سنڌ جو حاڪم هو. سيد محمد جونپوري جيسلمير جي رستي کان ٺٽي پهتو. 18 مهينا اتي رهيو(6 - 905هه) ۽ هتان افغانستان ڏي ويو. فراه ۾ تاريخ 19- ذي القعد 910هه(13 - اپريل 1505ع) تي وفات ڪيائين ۽ اتي دفن ٿيو.

(1)  هي اشارو نادر شاهه افشار ڏي آهي، جيڪو سنڌ جي حدن (لاڙڪاڻي) ۾ تاريخ 14- ذي القعد 1152هه تي وارد ٿيو ۽ شهدادپور جي رستي (28- ذي القعد) عمرڪوٽ پهتو (29- ذي القعد) ميان نور محمد ڪلهوڙو عمرڪوٽ جي قلعي ۾ هو. لاچار پاڻ نادر شاهه جي حوالي ڪيائين ۽ وٽس جيڪو مال خزانو هو، اهو  اندر شاهه جي هٿ چڙهيو، ميان صاحب جو بهترين ڪتب خانو جنهن جو متن ۾ اشارو آهي اهو به نادر شاهه پاڻ سان گڏ ايران کڻي ويو.

          سنڌ جي شاعرن نادر شاهه جي فتني جي باري ۾ تاريخون چيون آهن، اهي هي آهن:

تخت نشيني: از مخدوم روح الله:

الخيرفي ما وقع  1148 هه

مير علي شير قانع چيو:

لاخير في ما وقع - 1148هه

قتل ٿيڻ:از مخدوم روح الله:

الخير في ما هو واقع - 1120هه

مير قانع چيو:

لاخير في ما هو واقع  1160هه

قاضي عبدالقادر ٺٽوي:

شہ نادر، چون برون شد، ز ميان
راحت آمد، به همہ عالميان
خوش خبر هاتف، فرمود زغيب
محوشد آفتِ نادر زجهان  1160 هه

 

اڌارام ٺٽوي:

شاهه شاهان نادر ايران ديار،
داشت باغ دولتش خرم بهار،
ناگہ از حڪم قضا پيک اجل،
نيز بگر فتش عنان اختيار.
بهر تاريخ وفاتش عقل گفت:
رحت بست از  تخت هستي - شهر يار.

 

1875 = 716 =1159هه

هن تاريخ ۾ هڪ عدد جي گهٽتائي آهي، پر جيڪڏهن هيٺينءَ ريت چئجي، ته هڪ عدد جي ڪمي دور ٿي ويندي:  

عقل تاريخ از سر الهام گفت:
رخت بست از  - تخت هستي - شهريار

 

1875=716= 1159=1- 1160هه

سنڌ ۾ نادر جو فتنو:

1- مثل القيامت - 1152 هه

2- نادر پاپي سٺو نه ڪيو - 1152هه

(نادر شاهه)يارهين محرم 1153هه لاڙڪاڻي کان افغانستان موٽي ويو.

(1) نورچشم فضل علي هرحالّ ۾توهان سان متفق، جان ۽ مال سان يڪجا هوندو ۽ اهل غرض جي ڳالهين تي عمل نه ڪجو.

(1) ميان صاحب ڪلهوڙا، هندن تي گهڻو اعتماد رکندا هئا ۽ مذهبي تعصب انهن ۾ مور نه هو. لکپڙهه جو محڪمو ۽ حڪومت جا مالي ڪم به انهن جي حوالي هوندا هئا. انهن مان ڪجهه هندو عهدي دارن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

1- برخوردار مهته موٽومل   (يار محمد ۽ نور محمد جي زماني ۾)

2- ديوان مانجهومل                  (نور محمد جي زماني ۾)

3- ديوان گدومل                 (نور محمد، غلام شاهه ۽ سرفراز جي دور ۾)

4- ديوان چيلا رام سيوستاني          (وزيرمالي امور)

5- ديوان گهنشام داس                (غلام شاهه جي زماني ۾)

6- ديوان ٻالڪ رام                     (محڪمہ انشاء غلام شاهه جي زماني ۾)

7- شيوڪ رام عطارد                (منشي - مؤلف انشاء عطارد  غلام شاهه ۽ سرفراز جي زماني ۾)

8 - ديوان گلراج مل وڪيل          (سرفراز خان جي زماني ۾)

9- لاله امرت راءِ وڪيل          (سرفراز خان جي زماني ۾)

10- ديوان جسپت راءِ وڪيل            (ديوان گدومل جو ڀاءُ، عبدالنبي جي زماني ۾)

11- لالــه عزت راءِ           (عبدالنبي جي زماني ۾)

12- مهته ديو داس                   (عبدالنبي جي زماني ۾)

13- ديوان مولراج           (عبدالنبي جي زماني ۾)

14- مهته هرڪرن مل                (عبدالنبي جي زماني ۾)

15- ديوان گلاب راءِ                  (عبدالنبي جي زماني ۾)

16- ديوان اجومل(عامل)              (عبدالنبي جي زماني ۾)

17- ديوان تاراچند خدمتگار (عبدالنبي جي زماني ۾)

18- ديوان هريراءِ            (عبدالنبي جي زماني ۾)

19- ديوان سهجرام                  (عبدالنبي جي زماني ۾)

20-ديوان ماڻڪ راءِ                  (عبدالنبي جي زماني ۾)

21- ديوان مولچند          (عبدالنبي جي زماني ۾)

22- مهته دولہ رام                   (عبدالنبي جي زماني ۾)

23- بهيه دولـہ رام                   (عبدالنبي جي زماني ۾)

(ڏسو: مقالات الشعراء 81 - 464، قصيده بمدح عبدالنبي - نامہء نغز - انشاء عطا رد - هير رانجها عطارد - تحفـة الڪرام

فتح  نامہ عظيم الدين - ديوان گدو مل جون يادگيريون - سنڌي هندن جي تاريخ(2 جلد) تاريخ ڪلهوڙا صه 320 - 334 - 1092 - 443 518 - 528 - 1093 - 700  714- 942 - 681- 682 693- 695- 831- 877- 893- 896- 938- 1045)

(1) هن مان ظاهر ٿئي ٿو، نادر شاهه جي فتني يعني سنڌ تي حملي وقت ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڪن ملازمن ساڻس بي وفائي ڪئي. ميان صاحب ان باري ۾ مصلحت نه ڄاتي، ته انهن منافقن جو راز فاش ڪري، شايد ڊنو ٿي، ته متان ان جي وفات کانپوءِ اهي خيانت ڪري، سندس پٽن کي ڪا وڏي تڪليف پهچائين.

(1)  هي ٻئي ڀائر ڪلهوڙن جا ناميارا امير هئا. حڪومت جي هٿ ونڊائڻ  ۾ به چڱو اثر رکندا هئا. جنهن وقت نادر شاهه، محمد مراد ياب خان کي ايران وٺي ويو، ته شيخ غلام محمد به ساڻس گڏ ويو ۽ اتي وڃي رهيو. سنه 1163هه ۾ نادر شاهه جي مارجڻ کانپوءِ صاحبزادو محمد مراد ياب  وطن وريو، ته غلام محمد به ان سان گڏ هو. جڏهن مسقط ۾ پهتا، ته غلام محمد اتي مارجي ويو.(تحفة الڪرام جلد 3، ص 111)

هيءَ خبر ان ئي سال سنڌ پهتي، ته شيخ شڪر الله، صاحبزادي کي وٺي اچڻ لاءِ مسقط روانو ٿيو. 1164هه ۾ اتي سندس وفات زهر سان ٿي. محمد مراد ياب اڪيلو وطن پهتو.

محمد پناهه رجا ٺٽوي هنن ٻنهي واقعن جا قطعا  تاريخ هن ريت لکيا آهن. انهن جو ترجمو هيءُ آهي:افسوس آهي انهن ٻن موتن تي، جي جان ۽ بدن کي ڳارڻ وارا آهن، فرياد آهي انهن ٻن حادثن تي، جي هڪٻئي پٺيان پيش آيا.

- انهن ٻنهي ڀائرن جي جدائي تي هزار آهون، جڳائي ته مجلس ماتم جي شمع وانگر رجندا رهون. انهن ٻنهي ۾ اهڙو اتحاد هو، جهڙو هڪ باداميءَ جي ٻن جاڙن گورن ۾، انهن جي دلين هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ نه ٿي چاهيو.

- هو ٻئي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن جي ڏوهٽن(حسنرضه ۽ حسينرضه) جا پيرو هئا، انهن ٻنهي سيدن جي روشن سنت غلام محمد ۽ شڪر الله تي ختم ٿي وئي.

- غلام محمد خنجر سان شهيد ٿيو ۽ شڪر الله جو پاڪ روح زهر سببان بدن کان جدا ٿيو.

- انهن ٻنهي جي تاريخ وفات  ٻه مصرع چيا ويا. ٻئي الڳ الڳ آهن، فصيح آهن ۽ انهن جو انداز سخنوراڻو آهي:

شد آن يکي پئي حسن سنت حسين 1163 هه

وآن ديگري به پيروي سنت حسن     1164هه

- غلام محمد حضرت حسين جي سنت کي پورو ڪيو ۽ شڪر الله حضرت حسن جي سنت تي هلڻ پسند ڪيو.

- اي خدا! تو انهن کي حضرت حسن ۽ حسين جي پيروي جو شرف بخشيو، تون قيامت ۾ به انهن کي زماني جي ٻنهي سردارن سان گڏ اٿار(مقالات الشعراء)

هنن ٻنهي واقعن مان  به ظاهر ٿئي ٿو، ته هيءَ وصيت 1163هه کان اڳ جي لکيل آهي جنهن وقت هي ٻئي حال حيات هئا.


PAGE \# "'Page: '#'
'"
   [خ‌ع‌أ‌ا‌1]

PAGE \# "'Page: '#'
'"
   [خ‌ع‌أ‌ا‌2]

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org