سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:2 

ٽيهه اکري: نصيحت

(چيل حافظ سليمان”سائل“ جي)

 

[حافظ سليمان ولد حافظ سعدالله خواجو، تخلص ”سائل“ ڳوٺ کهڙا ضلعي خيرپور جو ويٺل هو. هو هڪ درويش شاعر هو. سندس مولود، مداحون، خطبا ۽ ٽيهه اکريون مشهور آهن. اسي ورهين جي ڄمار ۾ سنه 1940ع ڌاري وفات ڪيائين.]

 

الف اوّل آهه الله، تنهن جي پٺيان پوءِ بي بس آهي.

تي توڪل هر ڪنهن ڪم ۾، ثي ثنا پڙهه هرڪنهن دم ۾،

جيم ڇڏي سڀ جاهه، حي تون حقيقت ڏي وڃ ڪاهي.

 

خي خدا وارن وٽ وڃ تون، دال دوئي جو خيال ڀڃ تون،

ذال ذڪر وٺ راهه، ري رب توکؤن پوءِ پري ناهي.

 

زي زباني زاري ڪر تون، سين سچائي ساري ڌر تون،

شين شڪر ڪري ٿيءُ شاهه، صاد صبر سڀ ڏاکڙا لاهي.

 

ضاد ضرر تون ڪنهن سان ناڪر، طوئي طمع ٻئي ڪنهن ۾ ناڌر،

ظوئي ظالم خواهه، عين عشق سان ڇڏ تون ڊاهي.

 

غين غريبت ساڻ گذارج، في فڪر سان پاڻ کي مارج،

قاف قريبن ٺاهه، ڪاف ڪرم سان دشمن ٺاهي.

 

لام لڏي وڃ هوئڻ ڇڏي وڃ، ميم محبت سڀ ساڻ گڏي وڃ،

نون نظر سڀ شاهه، واو واحد جي وس ۾ آهي.

هي هوئڻ هيءُ آهي اجايو، لام لڏڻ جو سعيو سجايو،

اءلف آخر الله، يي يقيناً سڀ کي ساهي.

 

سمجهه ”سائل“ تون هي جڳ سارو، ترت تماشو طلسم وارو،

پاڻ ڀانئي بادشاهه، پر ٻانهو ڀي پورو ناهي.

  

ٽيهه اکري: نصيحت

(چيل رکيل شاهه جي)

 

[رکيل شاهه رياست قلات بلوچستان جي علائقي گندا واه جي ڳوٺ فتح پور جو ويٺل هو. 42/1843ع ڌاري ڄائو. ننڍي هوندي کان ئي صوفي طريقي ڏي لاڙو هوس. شاهه عنايت الله جهوڪ واري جو مريد هو. اڪثر پنڌ ئي پنڌ جهوڪ ويندو هو. سندس سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون مشهور آهن. سندس ڪلام ”بحرالعشق“ جي نالي سان ڇپيل آهي. 97-98 ورهين جي عمر ۾ جون 1940ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪيائين؛ جتي هر سال 7- ربيع الثاني تي ميڙو لڳندو آهي. هتي سندس ٻه ٽيهه اکريون ڏجن ٿيون.]

(1)

الف اوّل اور تون، رک دوست سان هيءَ دلبري،

ڪر ڪمائي قلب سان، هي درد جي کولي دري،

روح کي راحت ٿئي، تان خوب خوشبوءِ خوشتري،

حال ٿئي حاصل تڏهن، پوءِ علم لُدني اڪبري-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

بي ڀليا! هي ڀول ڀڃ، تون نفس نافرمان جو،

ڇوهيون ڇڪيون ڦاهيون ڇني، من مارجي ماريل مُٺو،

توبهه سندي تنبيهه سان، ماري نئي مردن ڪٺو،

ٿيا رسيلا راهه سان تن پيچرو پِرَ جو ڏٺو-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

تي تڪيو طالب! تڏهن ٿئي، جي نه ويهين ويسلو،

سر مٿي سوري ڏجي، حيران حيرت هيڪلو،

سر بنا ناهي سهانگو، ڪو بچڻ جو ٻيو بلو،

مرد جي محبت وٺي، ڏس عشق جو ظاهر ضلعو-

ڇڏ وڇائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

ثي صحيح ثابت اندر ۾ آهه پچر پرين پئي،

زهر ٿيو کائڻ، سمهڻ سڀ، ننڊ نيڻن مان وئي،

عشق جي منزل ڏکي، رڻ روهه هو رڪ جي رئي،

جن ٻڌو سندرو سچو، رب تن لڌو لوچي لهي-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

جيم جانب تو بنا، گذران ڏورڻ هت ڏکيو،

مرد پيا جت مامري ۾، سر نه ڄاڻن سو سکيو،

هو مٿي راضي رضا، تقدير منجهه جيڪي لکيو،

ڪن ڪمائي قلب سان، هي درد جو ٻاري ڏِيو-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

حي اها حيرت لڳم، شب روز ٿو دانهون ڪريان،

ڪين ڄاتم، ڪين سمجهيم، ڪين جو پيالو پيان،

نانهه ڪيو هن نفس آهيان، ۽ آءٌ ات نا ٿيان،

دانهن دلبر! دل سندي، مان تو بنا ڪنهن کي ڏيان؟

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

خي خبر هي خاص مان کؤن، ڪو پرينءَ جو پنڌ پڇي،

جوش جهوري پِر سندي، لنءُ لنءُ اندر ڇاتي لُڇي،

هن عشق جي آويڙ ۾، ڪو سر ڏيڻ سورهيه اچي،

تنهن سَقر جي سير کؤن، بانڪو بهادر ڪو بچي-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

دال منهنجي دل سڃاتو، داغ سيني سِڌ صحيح،

سوز جي سرڪي سچيءَ منجهه، رمز رانول جي رهي،

۽ وڇوڙي يار ۾، ساري عمر وئڙيم وهي،

دوجهان ۾ تنهنجو فرمان، سو لڌم لوچي لهي-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

ذال ظاهر ذات ۾، سر پاڻ ۾ پنهنجو پچاءِ،

ڍڪ اکيون چوڦير کان ۽ قلب جاري سان ڪَهاءِ،

چڻنگ چولي ۾ پئي دل، درد جو دونهون دُکاءِ،

پوءِ مليندين هٿ ٻئي، ڪر هوت لئي تون هاءِ هاءِ-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

ري وڃي رهبر وتم، منجهه جهوڪ جي هو قربدار،

تنهن ڏسيو هڪ الف مان کي، ورق واري ٻيا وسار،

هڪ وٺي ٿي هيڪلو، رک ياد ذاتي تي مدار،

عبد منجهؤن احمد ڄاتم سير سارو سر ستار-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

زي ظهورو ذات جو، ڇاتيءَ اندر سو ڪيئن ڇپي؟

سو خزانو عشق جو، ڪمتي نه ڪاڏنهن ڪيئن کپي؟

وهه سمنڊ جي وير وانگي، حال تن جو نا هپي،

درس دل درويش وانگي، چاڪ زخمي پيو چڪي-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

سين تان صدقي سسي، سي ڪئن نه ڪاريهر ڪندا،

ساز جوش آواز تان، طالب طلب موليٰ سندا،

جيءُ جڳائن جوش سان، لائق وڃي ٿيا لک بندا،

ترت توبهه تن ڪئي، منظور ٿيا ميرا مندا-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

شين شريعه شان تن، تابع مڃن سي هٿ ٻڌي،

منجهه طريقت ماهيت، تعريف تو صاحب سندي،

هو حقيقت ۾ هليا، لاهوت ۾ لائق لنگهي،

ٿا ڍڪن سان معرفت، اِسرار سارو احمدي-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

صاد ثابت سي نه ڄاڻن، زهد زاهد ظاهري،

سير سارو سو ڇپائن، قلب ۾ هو قادري،

درد ۽ ڏک سوز ۾، هو صبر وارا صابري،

۽ هميشہ هوت لئي آهن حضوري حاضري-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

ضاد ڏک جي هي ضلالت، سُڌ نه ٻي ڪنهن کي سڻاءِ،

ڪيو سڌان سڌڙيا اچن، چي: خلق تي خنجر وهاءِ،

ري ڪسڻ تون ڪين لهندين، سر مٿي سختي سهاءِ،

ساڻ اٽڪل جي اجايو، پير هن پڙ ۾ نه پاءِ-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

طوئي ترهو تار ۾، وحدت وارا ڪيئي وٺن،

سچ سمنڊ جي سير سي، سَوَ وات واڳون پيا ٿا وجهن،

قلزم ڪارونڀار ۾، تنهن لهر ۾ پيا ٿا لڙهن،

بحرڪُن بيچون جي ڪائي ڪنڌي ڪاڏنهن لهن-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

ظوئي هن ظلمات کؤن سُوجهي لڌائون سوجهرو،

قلب جاري، طبق روشن، صحن دل جو موڪرو،

اُڀ سمورا دل اندر، ظاهر ڪندا سي ڪيئن ذرو،

آهي واحد ۾ سدائين، عشق وارن جو آسرو-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

عين عادت عارفن جي جوش ۾ ڪئين ويا جلي،

محو محبت ۾ هميشہ، پوءِ ويا روحي رلي،

خود خدا جي خيال ۾، هو غرق وحدت ۾ ولي،

پرتوو پر جو پيو، تڏهن عشق آيو اڄ ڀُلي-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

غين غفلت غير کؤن، هو پاڻ کؤن پاسي ٿيا،

سڌ تنهين کي سور جي، هي عام ڄاڻن ڇا پيا،

ترڪ سائين ۾ هئا، جيڪا عمر جيئرا رهيا،

عشق ۾ جيڪي اڙيا، موٽيا نه سي ورهن ويا-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

في فڪر فاقو فقيري، فهم وارن فائدو،

سٽ پڙهيا سي سوز جي، قائم ڪيائون قاعدو،

هادي هدايت دل سچي، هي وِرهه وارن واعدو،

ٻول سائين سان ٻڌائين، تن وڃي لوچي لڌو-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

قاف قلبي ڪس لهي تان لهه ڪنجي هوءَ قدرتي،

غير دل جو دور ڪر، هي ڏس حڪايت حڪمتي،

بهشت ۾ ڀاڱو لهين، رت روءِ تان ملندءِ رتي،

جان جيئن جل جوش ۾، تون ڏس نه هي سردي تتي-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

لام ’لا‘ جي لذت چکي، دل سچي جائي جڳاءِ،

حق جو ٿي غير غفلت، وهم خطرا سڀ وڃاءِ،

زهد ذاتي ضعف سان، هي درد جاري دل ڪماءِ،

تان ٿئي مقصود حاصل، سر سهي ڪر خود خداءِ-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

ميم محبت محمّدي سان، جن چکي سرڪي سچي،

دائمي درٻار جا، دربان ٿيا پختا پچي،

صاف ٿيا صوفي سدائين، عشق ۾ آيا اچي،

ڏس ظهورو ذات جو، هو مرد ٿيا مخفي مچي-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

نون نازڪ يا نبيؐ! تون انبيا آخر زمان،

تنهنجي سچائي سيّدا! فردوس ڪيو آگي انعام،

عرش تي يامصطفيٰ! ٿيا ملڪ تابع سڀ تمام،

حڪم ۾ چوڏنهن طبق ٿيا ۽ ٿيو تنهنجو بيان-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

واو وحدت مون نه وسري، جا عمر جند پئي جُکي،

ڪين آن ڪمزور ڪاهل، ڏيل منهنجو پيو ڏکي،

ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان، هي عشق پيو منهنجي پُکي،

۽ فڪر کان دل اندر پيو درد جو دونهون دکي-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

هي پرايم حال هيڻو، عشق جي آزار ۾،

سر ڏيئي سودو سچو ڪر برهه جي بازار ۾،

آب اونهون آهه، ڏس کولي اکيون اسرار ۾،

جي گهرين موتي ملن، تان پيهي وڃ پاتار ۾-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

لا لاهوتي پڙهن سي شان وارا شرمدار،

پل نه هو پاسي هجن ۽ دوست کؤن هڪ دم نه ڌار،

تن سڃاتو پاڻ کي، سائين! ٿيا سي بردبار،

پنهنجي خودي ۾ خود غرق ۽ ڪين ڪن ڪنهن جي پچار-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

اءلف جن جي آ اندر ۾، سي جهريا جهوري جهڄن،

جي خدا کان ٿا ڊڄن، سي سهج کؤن سک تان سمهن،

حال هيڻو ٿيو سندن ۽ ٻي نه ڪا ٻولي ٻڌن،

تار توحيدي اندر ۾، قلب سان ڪلمون پڙهن-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

 

يي يڪائي ياد تن کي، لا اِلـــٰہ هُو الله،

هي حڪايت هوت جي، ڪن جهد سان جاري جفا،

جاڳن صحي سي جار سان، هو مرد ٿيا وڃي مقتدا،

تن صفا تن جو رکيل، قولِ محمّد مصطفيٰ-

ڇڏ وڃائي خام خطرا جي رسين هن راهه کي،

سمجهه او دل! ٿي صفا، تون ياد ڪر الله کي.

لا اِلٰہ اِلا الله ﷴ رسول الله.

 

 (2)

ٽيهه اکري: نصيحت 

الف ئون اور اندر ۾، سدا فڪر فقيرن،

اوجاڳا اکين کي، دل ۾ مچ ٻرن،

فاني تنهن فراق ۾، جهوريءَ منجهه جهُرن،

جي ويٺا ربّ گهُرن، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

بي ئون ڀولو نفس جو، ڀڃي ڪن ڀورا،

ڪوڙ وڃائي سچ لڌائون، اصل عاشق ها گهورا،

قلوب المومنين پوش پهريائون، جيءُ جثي جورا،

اهي پرين جا ٿورا، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

تي ئون توبهه تن کي، ترس تنهين آيو،

هلن هيڻائي حال سان، تن پاڻ نه وڏايو،

”اِن الله عليٰ ڪل شيءِ قدير“مٿئون سڀڪنهن سعيو،

ڏسي رمز پِريَن رايو، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

ثي ئون سرڪي سوز جي، پيتي پياڪن،

قاتل ڪيف ڪلال کؤن، وتو ويراڳين،

”وحــــــده لاشــــــريـــــڪ لـــــہ“   انهي   ڊاءِ   ڊڄــــــــــن،

ٻيون ڏيئي ٻن، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

جيم ئون جلن جوش ۾، هنئين ساڻ هلن،

سڪ سنڌوئي نه ڏئي، آيون اکيون اوجاڳن،

”اَلنّوم الغفلة غير حرام“ سي ڪيئن سُک سمهن؟

پوءِ اهڙي ريت روئن، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

حي ئون حيرت هوش سان، سچن سڃاتو،

پُرجهي ڏٺائون پاڻ ۾، ڄاڻي تن ڄاتو،

”فنفخت من روحي“ اهو نينهن لڳن ناتو،

تن اندر اوراتو، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

خي ئون خوشي خوف ۾، ڪيائون تن تُراب،

سِٽان ئي سورن جون، اهو برهه پڙهيائو باب،

”موتو اقبل انت موتو“ تن تؤن مرڻ لاجواب،

لاهي حرف حجاب، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

دال ئون داغ پرينءَ جو، سيني منجهه سماءِ،

وسري ڪين وجود کؤن، اندر زخم وڏو آهه گهاءُ،

”فاذڪروني اذڪرڪم“ سندن شان شجاع،

لوچي ڏسن لقاءُ، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

ذال ئون زهد ذاتي، ويهن قلب ڪري،

طمع تڙيائون توڙ کؤن، پاڻئون ٿيام پري،

”لامقصود في الدارين الاهو“ اِهو ڏسن ڌيان ڌري،

تن کي من ۾ مچ ٻري، وڃي مليا سي مطلوب سان.

ري ئون رخ پرينءَ جو، سجدو سدائي،

مونا اٿن محراب، جُثو جامي تن جائي،

”وفي اَنفسڪم اَلاتبصرون“ ڪن ٿا ڪشفئون ڪمائي،

اِها سندين سچائي، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

زي ئون لنگهيا ظلمات کؤن، فڪر ڪيا فاني،

سوجهي ڏسن سوجهرو، لهن لاثاني،

”الانسان سري و اَناسره“ ڳجهه آيو انساني،

دل ۾ دلبر دل جاني، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

سين ئون سڪ پرينءَ جي، هڪ پلڪ نه ٿين پري،

سدا سارين ساهه سان، تن جي ساعت ڪين سري،

”قالوا بليٰ“ قول ڪيائون، دل ڪو ڪان ٿي ڪري،

پوءِ انهي ذوق ذري، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

شين ئون شڪر گذار ٿي، رهن رضا تي راضي،

محنتي منظور ٿيا، آگهِي تِن آزي،

”والله مع الصابرين“ وڃي گڏيا سي غازي،

ڇڏي دوئي جي بازي، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

صاد ئون سورن واريون، جلن ۽ جاڳن،

هرڪا پٽي پاڻ ڪاڻ، هي ڪنهن کي ڪين چون،

”ونحن اَقرب اِليہ من حبل الوريد“ هو آيو راڳ رڳن،

اهي مرجان ئي مَرڪن، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

ضاد ئون ڏسن ڏک کي، تن کي سُک نه سيبائي،

اندر اولانبو عشق جو، ٿو ماتم مچائي،

”لن تَنَالوالبِرّ حَتيٰ تُنفِقُوا“ پاڻ ويهن وڃائي،

تن کي سچ ٿو سمجهائي، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

طوئي ئون توڪل تن ٻڌي، منجهئون شوق شتاب،

تابع ٿيا شريعت جا ڏسي ڏوهه ثواب،

هلن حقيقت حال ۾، منجهه معرفت ماب،

ٻڌي گيڙو گل گلاب، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

ظوئي ئون ذڪر زهد سان، ڪن ٿا قلبئون ڪمائي،

حرف پڙهيائون هڪڙو، تن پاڪيزي پائي،

ڀول ڀڃي، بي نفس ٿيا، خوديءَ کي کائي.

اُهي سارين سدائي، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

عين ئون عادت عارفن جي، ڪنهن سان ڪين سلن،

هڪ سڪونت، ٻيو صبر، ٽيون شرم وڏو آهه تن،

سر نوائي سجدي ۾، مٿي اکيون ڪونه کڻن،

پوءِ اَهڙي ڀونءِ ڀڻن، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

غين ئون نقطو غير جو، هيءَ سياهي ڪئن لهي؟

مهميزان مارن جون، مٿئون سر سهي،

تڏهن اوجر اچي ٿئي، هڪ ذاتي خيال رهي،

او دل ڪلمي ساڻ وهي، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

في ئون فاقو تن کي، جيڪي وڻج ڪيو مَ وٺن،

وڏي تنهن واپار ۾، سر جو سودو ڪن،

ساٿ سلامت تن جو، جيڪي امانت نين،

اُهي سچا ئي سڏجن، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

ڪاف ئون پياسي ڪين ۾، ڪينون ڪين چون،

جن جي جنگ جسم سان، سي سختيون سور سهن،

بنا محبت رنج جي، اهي مرد ڪيئن سڏجن؟

عاشق سوري سيج ڏسن، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

لام ئون ’لا‘ جي لَنءُ لڳي، جلي جيءُ جُکي،

داغ پرين جي درد جو، دل ۾ دود دکي،

لکيو لوح قلم کؤن، پيم ڀلي عشق چکي،

هي ڏکيو ڏيل ڏکي، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

ميم مٺو آهي من ۾، محبت جو ميدان،

صحن دل جو سوجهرو، سڃاتم سبحان،

هدايت جنهن جي هٿ ۾، سو هادي حق حقان،

هي لاهي شڪ گُمان، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

نون نظارو نيهن جو، ڪي معنيٰ ڪن مهمير،

ڪيميا جن جي قلب ۾، پڇن سي اڪسير،

وحدت سمنڊ سمايو، ناهي نهايت نظير،

اهي فاني ٿيا مَ فقير، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

واو نه ويلو وچ تي، تن کي منزل جو الڪو،

پنڌ سڄوئي سڪ سان، اٿن جيءَ اندر جهلڪو،

ويڙهي ويم وجود کي، تنهن جي حُسن جو حلقو،

سَوَن گلن ۾ گل ڪو، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

هي ئون حُسن هوت جو، ٿيم ثابت صفاتي،

صورت رنگ سڄڻ جو، تو انساني پاتي،

”فانماتُو لوا فَثُم وجہ الله“ ڏٺم ظهورو ذاتي،

اها جهاتي ۾ جهاتي، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

لا ئون نه لڪن لڄ کؤن، لٿن اکين جو اولو،

لوچي هن لڙاٽ کؤن، ڀڳائون ڀولو،

عقل ڪثرت کؤن لنگهيا، ٿين وحدت ونڌولو،

اِها جهَڪ لنگهي جهولو، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

اءلف ئون ڪمائي اظهار ٿيا، تن جي مَلَڪ ڏين گواهي،

واندا ويهن ڪينڪي، تن کي سِڪ نه ڏي ساهي،

اڇي دل ۾ عشق آيو، جِهل ڀڄي ٿيو راهي،

اُهي شان ڀريا شاهي، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

يي ئون يڪائي يار سان، ٻيا دل کؤن وهم ويا،

رمز لڳي ”رکيل شاهه“ چوي، منهنجا سڀئي سور ثاب پيا،

نيت ٻڌايم سچو سندرو، تو قربئون ڪم ڪيا،

منجهئون فڪر فهم ٺهيا، وڃي مليا سي مطلوب سان.

 

 

ٽيهه اکري: مناجات نبي ﷺ جي درگاهه ۾

(چيل علي محمد قادري جي)

 

[علي محمد قادري لاڙڪاڻي شهر ۾ 1860ع ۾ ڄائو. سندس والد بهاءُالدين قادري لاڙڪاڻي جي ’درگاهه قادري‘ جو سجاده نشين هو. سندس سلسلہ نسب سنڌ جي سمہ ڄامن سان وڃي ملي ٿو؛ تنهنڪري ”ڄاماڻي“ به سڏبا آهن. فارسي ۽ عربي جو ڄاڻو هو. لاڙڪاڻي ميونسپالٽيءَ جو چيئرمن ٿي رهيو. شعر و سخن سان سندس خاص دلچسپي هئي. تخلص ”قادري“ ڪم آڻيندو هو. شاعريءَ ۾ سندس استاد غلام محمد ”گدا“ هو. لاڙڪاڻي ۾ ”بزم شعراء“ به سندس برپا ڪيل هئي. سندس ڪلام جا ٻه مجموعا ”ليليٰ مجنون“ ۽ ”ديوان قادري“ شايع ٿيل آهن. سنه 1941ع ۾ وفات ڪيائين.]

(1)

الف اول ٿو ڪريان مان شڪر ۽ حمدِ خدا،

آهه جو قَيوم قادر خالق اَرض و سَما،

بعد ان جي نعت تنهنجي يا نبي نورالهديٰ!

تون اَجهو، تون آسرو، صلوات توتي سيّدا!

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

بي بَدَين جي بار کان بيمار آهي هي غريب،

بار کان آزاد ڪر، تون منهنجي تن جو ٿي طبيب،

مهر مان ڪر ڪا نظر، بيدار ڪر خفته نصيب،

تون خدا جو خاص مرسل ۽ انهيءَ جو تون حبيب-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

تي تون محبوب خدا ۽ تنهنجي آهي پاڪ ذات،

نفس نافرمان غالب آهه مون تي ڏينهن رات،

نفس امّاري کي ماري مصطفيٰ! ڪر مات مات،

حمد ۽ صلوات ريءَ ٻي ڪانه ٿي مون وائي وات-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

ثي ثنا خوان سڏ ڪري ٿو توکي هر هر الغياث!

الغياث اي سيّد الڪونين سرور الغياث!

دانهن ٻڌ مدّاح جي، اي دوست دلبر الغياث!

پهچ پل ۾ هن پيل تي، ننگ پرور الغياث!

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

جيم جانب ربّ تنهنجي سر رکيو ’طــٰہٰ‘ جو تاج،

تون سڀن سرتاج سرور! سڀ ڀرين تو در خراج،

سڪ سچي جو سيّدا! سيني ۾ روشن ڪر سراج،

مهر جي ڪر ڪا نظر، تان سڀ دفع ٿين احتياج-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

حي1 حياتي وئي ڏکن ۾، درد دل ۾ ڪيا قرح،

ميٽ ڦَٽَ اَندوهه جا بهرِ خدا ڏي ڪا فرح،

دور هن دنيا جو آهي دم بدم ٻيءَ ٻيءَ طرح،

گنج عظميٰ مان ڏيو مدّاح هن کي ڪا شرح-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

خي خطائن خوب تر مون ڏي ڪيو مختار! رُخ،

ڪر توجّہ توهه سان، نيڪيون ڪرن اظهار رخ،

شل ڏسان محبوب! تنهنجو مطلع لانوار رخ،

ويو جهنّم ۾، جنهين توکان مٽيو يڪبار رخ-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

دال دلبر! جلد ٿئي هن درد واريءَ دل جو داد،

درد و غم رنج و الم ٿين دور، دل ٿئي شاد شاد،

مهر مان مون ڏي نهاريو، تان پڄي من جي مراد،

دور ٿين حاسد ڪميڻا، دفع دشمن بد نهاد-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

ذال1 ذلّت هن زماني جي کان ڏي دل کي معاذ،

آخرت جي نعمتن کان ڪر عطا ڪي اِلتذاذ،

نفس شر شيطان ۽ ڏوهن کان ڏي مون کي ملاذ،

ڪر توانا ناتوان، سستيءَ ڪيو آهي وقاذ-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

ري رسول الله! مون تي رحم جي ڪر ڪا نظر،

عمر ڏوهن ۽ ڏکن ۾ صرف ٿي وئي سربسر،

آخرت جي واسطي ناهيم ڪو توشو ثمر،

هن نڌر بيڪار کي بهرِ خدا ڪر بهروَر-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

زي زمانو جو نه آهي ساز، تون ڪر سرفراز،

توکي سڀ معلوم آهي ظاهر ۽ باطن جو راز،

ڏوهه پائي پاند ۾، آندم وٺي عجز و نياز،

معاف ڪر منهنجون مدايون، ٿي اڙين جو ڪارساز-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

سين1 سائل جي صدا سڻ سيّدا! فرياد رس،

مونجهه مشڪل ۾ مُنجهن جو، ماد تون آهين ويس،

هاءِ! دنيا جو ڇڏي ٿو ڪينڪي حرص و هوس،

تون ڪڪر رحمت جو هن لبِ تشنه تي يڪبار وس-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

شين شڪرانا، جو ربّ ستّار ۽ تون پرده پوش،

عيب ڪل پنهنجا ڏسي منهنجو ڇڏائي ويو آ هوش،

تنهنجي رحمت مهربانيءَ ڏي رکان هردم ٿو گوش،

اچ اچي ڪر بار ڏوهن جي کان مون کي سبڪدوش-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

صاد صلواتون پڙهي توتي سدا سبحان خاص،

تنهنجي لئي صلواة جو ماڻهن مٿي فرمان خاص،

’رحمت اللعالمين‘ ’ياسين‘ ’طـٰہٰ‘ شان خاص،

تنهنجي عزّت شان ۾ نازل ٿيو قرآن خاص-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

ضاد ضامن ضعيفن جو، هي ٻڌ منهنجو عرض،

صاف ٿئي دل ۽ دفع ٿئي قلب جي ڪس جو مرض،

ٻي ته طاعت ڪين ڪئي مون، پر نه پورو ٿيو فرض،

بخش ڪل منهنجون خطائون، آهه عاصيءَ جو عرض-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

طوئي طبع مغموم کي، ڏي لطف پنهنجي سان نشاط،

انقباضن مان ڪڍي دل، بخش ان کي انبساط،

واٽ جا آهي سڌي ڏيکار مون کي سا صراط،

اسم ذاتيءَ سان هميشہ قلب کي ڏي ارتباط-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

ظوئي ظفر ظالم تي ڏي، نرتان نظر ڪر يا حفيظ!

منهنجي دل جي آرزو پوري ٿئي هيڪر يا حفيظ!

قلب جي ڪس کي ڪڍي روشن صدر ڪر يا حفيظ!

فائدن ڪونين جي کان بهروَر ڪر يا حفيظ!

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

عين عاصين عاجزن جو تون سچا سرور! شفيع،

عيبدارن امّتين جو آهين منجهه محشر شفيع،

تون گنهگارن جو ضامن، احمدا! برتر شفيع،

تو بنان ٻيو ڪونه آهي رهنما رهبر شفيع-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

غين غم غمناڪ جا ڪر دور، دل ٿئي باغ باغ،

درد ڏک دنيا جي کان دل منهنجي آهي داغ داغ،

شل خوشيءَ جي بوءِ کان منهنجو معطّر ٿئي دماغ،

اسم ذاتيءَ جواندر ۾ ٻار ٻهڳڻ! ڪو چراغ-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

في1 فضل سان لاهه فائق! دل مٿان غم جو غلاف،

يا ﷴ مصطفيٰ! ڪر ڪل مدايون منهنجون معاف،

عمر گذري ويئي اجائي سربسر منجهه ڪذب وقاف،

روز محشر روسياهيءَ کان ٿئي منهن منهنجو صاف-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

قاف قربئون ”قادري“ کي ڏي سچا! سڪ جو سبق،

تنهنجي فرمودي ۾ هرگز ناهه ڪو فائق! فرق،

بحر عصيانن ۾ آهيان سربسر سرور! غرق،

ٻانهن ڏئي ٻاهر ڪيو، ڏوهن جو واري ڇڏ ورق-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

ڪاف ڪامل! ٻڌ هي دانهون جي ڪريان ٿو دردناڪ،

دور دنيا جي ڪيو آهي گِريبان منهنجو چاڪ،

دين دولت ڪر عطا، حاسد ڏسي مَر ٿين هلاڪ،

چاهه مان هيڪر چمان چشمن سان تنهنجي در جي خاڪ-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

لام لائق! لطف ڪر، سڻ هن سواليءَ جو سوال،

لاهه جيڪو دل تي آهي درد ۽ غم جو ملال،

توکي ڪل طاقت خدا بخشي ۽ تون صاحب ڪمال،

جو چوين تون سو اجابت ۾ ٿو آڻي ذوالجلال-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

ميم محبوب خدا تون، توتي صلواة و سلام،

قرب تنهنجو ’قاب قوسين‘ تون خدا سان هم ڪلام،

پيشوا پيغمبرن جو ۽ نبيّن جو امام،

شافعِ روزِ جزا ۽ خلق ۾ خيرالانام-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

نون نرمل! ننگ توتي يا نبي آخر زمان!

آفتن دنيا جي کان ڏي احمدا! امن و امان،

شاهه! تنهنجي شوق کان خلقيا خدا هي ٻئي جهان،

عرش ڪرسي، چنڊ تارا ۽ زمين و آسمان-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

واو وارث! هن ولهيءَ کي، تار مان بس تارجو!

جي ڪيا ٿَوَ قول قربئون، سي پرين! سڀ پارجو!

ساٿ پنهنجي ۾ سچا! سڪرات ويلي سارجو!

جام ڪوثر جو ڀري هن تشنه لب کي پيارجو!

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

هي هميشہ هن ڏکايل تي ڪيو نرتئون نگاهه،

مان پيس تنهنجي پناري، ٿو پنان توکان پناهه،

ٿي اچي سورن ۾ ساٿي، ٿو نهاريان شاهه! راهه،

ڪر عطا امداد ڪا، ماڻهو ڏسي ڪن واهه واهه!

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

لا لطفئون ڪر نظر، جو ”قادري“ آهي عليل،

هي تنهنجو بردو نه ٿئي هرگز ٻئي ڪنهن در ذليل،

ناهه محشر جي سفر جو مون کي ڪو توشو قليل،

تون سفر سولو ڪندين، آهين خدا جو تون خليل-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

اءلف اوکيءَ ويل ۾ سيّد! اچي لهه سڌ سماءُ،

ڪر سُکِي سڪرات، پوءِ تون قبر ۽ محشر ۾ آءُ،

پهچ ان ويلي ۾، جو بيزار ٿيندا پيءُ ماءُ،

يا شفيع المذنبين! تو ريءَ نه آهي ڪو اُپاءُ-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

يي يگانو يار تنهنجو ياﷴ! آ علي،

مان لڪس نالن توهان جن ۾ اچي وارث ولي،

ننگ نالن جو ڪري، هم نام جي ڪريو ڀلي،

”قادري“ جي ڇوٽڪاري لئي توهان جي آ ڳلي-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

يا رسول الله! تنهنجا خاص آهن چار يار،

صاحبِ صدق و صفا ’صديق اڪبر‘ جان نثار،

سخت تر ڪفار تي ’فاروق اعظم‘ با وقار،

صاحبِ حلم و حيا، ’مشڪلڪشا دلدل سوار‘-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

خاص رهبر رهنما آهن اسان لئي پنجتن،

هڪ ’ﷴ مصطفيٰ‘ ٻي ’فاطمہ‘ اَطهر بدن،

ٽيون ’علي المرتضيٰ‘ ڪّرار حيدر صف شڪن،

پٽ تنهين جا لاڏلا ٻئي، هڪ ’حسين‘ ۽ ٻيو ’حسن‘-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

 

اهلبيتن جي ڪئي ٻيڙي اسان لئي تو شها!

مثل ٻيڙي نوح جي تو يا نبي خيرالوريٰ!

تن بنا ڪشتي نه ترهو ۽ نڪا تاري تڳا،

جي پڙهي ڪلمون چڙهيا ٻيڙيءَ تي، سي ئي پهچندا-

داد ڪر دلگير جو، يا مير مرسل مصطفيٰ!

ور وسيلا واهرو! فرياد رس بهرِ خدا.

لا اِلــٰہ اِلا الله ﷴ رسول الله

 

(2)

ٽيهه اکري: نصيحت (1)

 

الف اول خالقِ اڪبر جي واجب آ ثنا،

قادر و قيوم رازق خالقِ ارض و سما.

 

بي بلاشڪ بعد ان جي آهه بهتر مصطفيٰ،

باعثِ هردوسريٰ ۽ خاص محبوبِ خدا.

 

تي تنهين کان پوءِ آهي شان شوڪت مان ۾،

نفس پيغمبر عليّ المرتضيٰ مشڪلڪشا.

 

ثي ثنا دختر پيغمبر جي اها بس آهه جو،

پاڪ طاهر ڪيو خدا ان کي به آيت ’اِنّما‘.

 

جيم جلوو جسم جنهن جي ۾ هو ظاهر نُور جو،

سو ’حسن‘ سبطِ نبي، هم شڪل احمد مجتبيٰ.

 

حي ’حسين‘ ابن علي هو مظهر رازِ خدا،

راڪبِ مهرِ نبّوت، سِرّ ذاتِ ڪبريا.

 

خي خدا خلقيا هي پنجئي پاڪ پنهنجي نُور مان،

عالمِ امڪان جي تن سان ابتدا ۽ انتها.

 

دال دائم دل رهي تن جي شراب شوق ۾،

مست ۽ مخمور خورم، هر زمان بي غم سدا.

 

ذال ذڪر پنجتن آهي عبادت ربّ جي،

مان نه هڪ ذاڪر مگر وصّاف آهي خود خدا.

 

ري رضا ۾ ربّ جي، اصحاب جي راضي ٿيا،

اَبر رحمت ٿو وسي تن جي مٿان صبح و مسا.

 

زي زمين و آسمان آهي مثالِ آسيا،

ان جي وچ ۾ پيڙجڻ کان پاڻ کي هردم بچا.

 

سين سودو آهي سر جو عشق جي بازار ۾،

سر جي سودي کان سوا هرگز نه ملندو دلربا.

 

شين شل پنهنجو ڪري سو شاهه خوبان ”قادري“،

جو گداگر ان جي دروازي جو آهي بينوا.

 

صاد صبر و درد غم، رنج و الم ۾ جو رهي،

مثل ايّوب پيغمبر ان تي راضي ٿئي خدا.

 

ضاد ضامن عيبدارن اُمتين جو آهي بس،

قبر، برزخ ۽ قيامت ۾ ﷴ مصطفيٰ.

 

طوئي طلب ان يار جي ۾ رهه هميشہ مستقيم،

ٿيندي پوري سا اڳي پوءِ تنهنجي دل جي مدّعا.

 

ظوئي ظهورو ذات حق جو آهه عالم ۾ عيان،

ڏس پٽي دل جون اکيون، محبوب حق جي جو لقا.

 

عين عينڪ عشق جي پائي اکين ۾ جو ڏسي،

ٻيو ڏسڻ ۾ ڪين ايندو ان کي دلبر کان سواءِ.

 

غين غم، رنج و الم ۾ رهه سدا ثابت قدم،

عيش عشرت بيوفا دنيا جي آهي بي بقا.

 

في فقيري فخر منهنجو آهه ۽ فاقہ ڪشي،

جو قبولي ڪين دولت، واليِ ملڪِ خدا.

 

قاف قائم ”قادري“ ’قالو بليٰ‘ جي قول تي،

تون اسان جو ربّ، نگہِ رحم گهُرجي ربّنا!

 

ڪاف ڪوتل جنهن ڪڏايو عشق جي ميدان ۾،

ان کي آڏو ڇو نه ايندو و درد، غم، رنج و بلا.

 

لام  ”لا  اَحصيٰ ثَنَا“  فــــرمـــايــــو  شاههِ  اَنبيا،

ڪنهن کي طاقت جو ڪري پوري ثنا ذاتِ خدا.

 

ميم مظهر ذات حق جو آهي انسان بيگمان،

کول عبرت جون اکيون، ڏس پوءِ قدرت ڪبريا.

 

نون نشتر عشق ان محبوب جي جنهن کي لڳي،

ڪيئن اچي آرام ان کي، ان جي مرهم کان سوا.

 

واو واجب عاشقن کي ڪوءِ جانان ۾ رهڻ،

سر ڏيئي سجدو ڪرڻ محراب ابرو ۾ سدا.

 

هي هميشہ ڪر تلاوت مصحفِ منهن يار جي،

ورد ڪر ’والشّمس‘ ۽’والّيل‘ ’ياسين‘ ’والضحيٰ‘.

 

لا ’لا‘ سان ڪر نفي هر هڪ وجود عارضي،

پوءِ ڏسڻ ۾ ايندو هرجا هڪ وجودِ ڪبريا.

 

اءلف آهي ”اَينَمَا“ ڪافي اشارو سمجهه لئي،

ٿي ”فنا في الله“ ڏس هر سُو لقاءِ دلربا.

 

يي يقين آهي اسان کي ”و نَحن اَقرَب“ قول تي،

”قادري“ جي قلب ۾ آهي اهو جلوه نما.


(1)  اُتر تعلقي (گنبٽ) مان گل محمد خواجه کان ملي.

(1)  هيءَ ٽيهه اکري ”بحرالعشق“ مطبوع فردوس پريس حيدرآباد سنه 1952ع تان ورتل آهي.

§ بحرالعشق‘ مطبوع فردوس پريس حيدرآباد سنه 1952ع تان ورتل.

(1)  اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

1 (حي) قرح = زخم ناسور.

1 (ذال) التذاد = لذيذ ٿيڻ؛ ملاذ = پناهه جي جاءِ.

1 (سين) لب تشنہ = اُڃايل.

1 (في) قاف = فضول ڳالهيون.

(1)  اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org