سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :5

 

 

اها ڳجهارت، جا ڪنهن به سُرَ، جهڙوڪ مومل راڻو، سسئي پنهون، سهڻي ميهار، وغيره تي ٻڌل هجي. ظاهري ڳجهارت ۾کڻي سُر ظاهر نه هجي، پر جڏهن ڀڄي ته سُر ظاهر ٿي بيهي.

(1) ڳجهارت: نالي ۾ آندو مانءِ مارئي، تون نالي ۾ ٿي ويهه

     هو به تنهنجو ڏيهه، نالي ڪندس مارئي.

ان ڳجهارت ۾ ’مارئي‘ ظاهر آهي. تنهنڪري سُر ۾ ’مارئي‘ چئبو.

(بند: نالو = محبت: نالو = صحبت: نالو = سکيو)

ڀڃڻي: محبت ۾ آندو مانءِ، مارئي، تون صحبت ۾ ٿي ويهه

هو به تنهنجو ڏيهه، سکيو ڪندس مارئي.

هيٺينءَ ڳجهارت ۾ سُرَ ظاهر نه آهي، پر ڀڃڻ کان پوءِ سُرَ جو پتو پوي ٿو:

(2) ڳجهارت: ڪپڙي ٻيڙيءَ جا ڌَڻي، مونکي رَڇُ ڏيار

(بند: ڪپڙو = جهونو. ٻيڙيءَ جو = ڳڙهه. رَڇ = تَسرِي)

ڀڃڻي: جهوناڳڙه جا ڌڻي، مونکي ته سِرِي ڏيار.

’سر سورٺ‘ ڏانهن اشارو آهي.

ڪي سرائتيون ڳجهارتون نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون.

سر سسئي پنهون

(1) (3) ليکي جو اڳئي لکيل هو، تڏهن پاتم مرض پنهونءَ سان.

(بند: ليکي جو = انگُ؛ مرض = پيچ.)

ڀڃڻِ: انگ اڳيئي لکيل هو، تڏهن پاتم پيچ پنهونءَ سان.

سر هير رانجهو

(2) (1) کاڄ ڪون وڻ دي گهتيان، ميڪون ڏڌ دي ميلي.

(بند: کاڄ جو = کيڙو، وڻ جو = کونر، ڏڌ جي = مهِي.)

ڀڃڻي: کيڙي ڪون کوءِ گهتان، ميڪون ماهي ملي.

سر مومل راڻو

(3) عورت کي نرنا هٿيار جو ڇو نه وَئين

نالو مونکي به ڪيئه، گاهه تون نه ٿئين.

(بند: عورت = مومل، نرنا=راڻو. هٿيار جو = ڪهڻ، نالو = ڪارو، گاهه = ڪانِئرُ).

ڀڃڻي: مومل کي راڻا، ڪهي ڇو نه وَئين

ڪارو مونکي به ڪيهءِ ڪانئِر تون به ٿئين.

ليلان چنيسر

(4(2)) ڳهه مال جو ڪر ته وري نالو مون

ڄيري وڃي هار، سو جنهن مرض جي وڌي آهي.

(بند: گهه= والي. مال جو = وڙ. نالو = بخت، ڄيري جو = سڙيو، مرض جي = جهوري.)

ڀڃڻي: والي وڙ ڪر ته وَري بخت مون.

       سڙيو وڃي هار، سو جنهن جهوري وڌي آهيان.

عمر مارئي

(5) ڪپڙو پاڻ خدا، عمر ڪپرو ڇا ڪندو.

(بند: ڪپڙو = اَنگرکو. ڪپڙي جو = جورو)

ڀڃڻي: انگ رکيو پاڻ خدا، عمر جورو ڇا ڪندو.

سر سورٺ

(6(1)) ڇڏ پوک جي، وٺ پکي، وڻ جو مان تان ڪر،

(بند: پوک جي = منڍي. پکي = متاءُ. وڻ جو = ٽارو)

ڀڃڻي: ڇڏ منڍي، وٺ متاع، ٽارو مان تان ڪر.

سهڻي ميهار

(7) ٻن نالن جو آءٌ حاڪم نه هياس

نالي بنان شهر ۾ منهنجو روح نه آهي راس

مان اُن جون رڇن ۾، ڇوهون ڇڪيندياس

پانهنجي ويندياس، گاهه مڇي، نرنانو ڏي.

(بند: ٻن نالن جو = بلوچ ۽ هوت. حاڪم = نواب. نالو = راڻو. شهر = ڪاڪ. اَنَّ جون = داڻيون. رڇ = مٽ. پانهنجي = تري گاهه = نڙ مڇي = سڻي. نرنانءُ = ميهار.)

ڀڃڻي: هوت بلوچ جو باب آءٌ نه هياس

راڻي بنان ڪاڪ ۾ منهنجو روح نه آهي راس

مانڌاڻيون مٽن ۾، ڇوهون ڇڪيندياس

ترِي ويندياس؛ نڙ سڻي مهيار ڏي.

نوري ڄام تماچي

(2) اري نالا نرناءَ وِهين ڪاٺين وچ ۾

توکي پوک جي اچيئي ڪانه!

(بند: نالا = ڄام. نرنانءُ = تماچي. ڪاٺين جي = ڪُڙهي، پوک جي = ڇٽ.)

ڀڃڻي: اي ڄام تماچي! وِهِين ڪڙهين وچ ۾

توکي ڇٽ (بانس) اچي ئي ڪانه!

بوبنا جراڙ

(9) نار نالي تنهن نرنان لاءِ زمين جي ٿي پيئي.

(بند: نار نالو = بوبنا. نرنان = جراڙ. زمين جي = چَري)

ڀڃڻي: بوبنا تنهن جراڙ لاءِ چري ٿي پئي.

ڀوري ڦل وڌو

(10) ذات جا جهل ته ڪنهن ڪوڙ جو نار نالي ڏسان.

(بند: ذات جا = دائيداڻا. ڪوڙ جو = بهانو. نار نالي = ڀوري.)

ڀڃڻي: دائي، داڻا (اَنَّ جي خيرات) جهلِ ته ڪنهن بهاني ڀوري ڏسان.

مورڙو

(11) گاهه ٻڌي هٿيار کڻي، وڃي مرون ماريندس.

(بند: گاهه = ڪُل. هٿيار = ڪات. مرون = مانگر.)

ڀڃڻي: ڪَل ٻڌي ڪات کڻي، وڃي مانگر (مڇ) ماريندس.

موکي متارا

(12) آءٌ نار نالي، ڀر رڇ، اِجهي نالا آيا.

(بند: نار نالو = موکي. رڇ = وَٽِ. نالا = متارا.)

ڀڃڻي: آءٌ موکي، ڀر وٽي اِجهي متارا آيا.

سيف المولڪ

(13) نالو چوي نرنانءَ کي، ڪا نار نالي هئي نرناء ۾.

(بند: نالو = سيفل. نرنانءَ = سعد. نار نالي = بديع الجمال. نرنان = باغ.)

ڀڃڻي: سيفل چوي سعد کي ته ڪا بديعل هئي باغ ۾.

ليليٰ مجنون

(14) نار نالي لاءِ نرنانء مٽي حاڪيماڻي ٿي پيو.

(بند: نار نالي = ليليٰ. نرنان = مجنون. مٽي = سڪي. حاڪيماڻو = ڪاٺ.)

ڀڃڻي: ليليٰ لاءِ مجنون سڪي ڪاٺ ٿي پيو.

شيرين فرهاد

(15) عاشق نرنانءَ چانورن جو، نار نالي جي مرض ۾.

(بند: نرنانءُ = ڏونگر. چانورن جو = ڏارو. نار نالي = شيرين. مرض = عشق.)

ڀڃڻي: عاشق ڏونگر ڏاريو، شِيرين جي عشق ۾.

اهڙي نموني، شاعرن، سگهڙن ڪوبه چرندڙ پهلو نه ڇڏيو آهي. مٿين ڳجهارتن مان ظاهر آهي ته هنن پنهنجي ديس کان علاوه ٻين ڪردارن ڏانهن پڻ جوڳو ڌيان ڏنو آهي. لوڪ ادب جي هيءَ ئي هڪ صنف آهي، جنهن جو مثال ٻيءَ دنيا ۾ ملڻ محال آهي. انهن ڳجهارتن کي فني لحاط کان وڌائي ٻن سرن، ٽن سرن، بلڪ وڌيڪ سرن ۾ به اندو آهي، جنهن کي لوڪ ادب جي محاوري ۾ ”ست سري ڳجهارت“ چئبو آهي.

ست سري ڳجهارت

(1) نر بيٺو شهر ۾ نارِ نهاري

نار ٻني جهنگ جي ۾، اک جا عضون ماري

ڏيئي سنگت جي نرنان، ويو نار کي ماري

رويو نار نرنانءَ لاءِ پکين جئن ٿي هاري.

ڪپڙي جا نه ولايت ۾، لوهه جا ڪيئن ٽاري

ذاتين واٽ جو نيو، رڇ راند جي ڪاري

نرنان کي ساري، نار نه ڏني جر جيءَ کان.

(بند: نرنانءُ = مجنون. شهر = مصر. نار = ليليٰ. نار = سسئي. ٻني = سڃي. جهنگ جي = سڃ. اک جا = ڳوڙها. عضوا = ڳل (ڳن). سنگت جي = ميار. نرنان = مينڌرو. نار = مومل. نار = هير. نرنانءُ = رانجهو. پکي = هنج. ڪپڙي جا = ٿان!. ولايت = ٿر. لوهه جا = ڪٽ (ڪٽيان). ذات جا = ويسا (ويساهي). واٽ جو = وَرُ. رَڇ = ڪونرو. راند جي  = ڪپت. نرنانءُ = ساهڙ. نار = سهڻي. جر جِي = سير.)

ڀڃڻي: مجنون بيٺو مصر ۾ ليليٰ نهاري

سسئي سڃي سڃ ۾، ڳوڙها ڳلن ڳاري

ڏيئي ميارِون مينڌرو، ويو مومل کي ماري

رويو هيرَ رانجهوءَ لاءِ، هنجون پئي هاري

ٿانَ منهنجا ٿر ۾، آءُ ڪيئن ڪٽيان ٽاري

ويساهي وَر نِيو، مون کان ڪونرو

ڪپت ڪاري

ساهڙ کي ساري، سهڻي نه ڊني سير کان.

مٿئين بيت ۾ نمبروار سر: ليليٰ مجنون، سسئي پنهون، مول راڻو، هير رانجهو، عمر مارئي، ليلان چنيسر ۽ سهڻي ميهار آيل آهن. سگهڙن جو اهو دستور پئي رهيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن بيت ۾، ستن سرن کان گهٽ سر – ڪم از ڪم ٽي – آيل آهن ته اهو بيت به ست سري ۾ شامل ڪيو اٿن. جيئن ته:

عمر مارئي پاڻ ۾ مال جي نه ٿيا

سسئي ڪانڌ لاءِ، ڪپڙا ٿي ڏوريا

نر نالي، نارتي، محبت جا گهوريا،

(بند: مال جي= راس. ڪپڙي جا = بَرَ. نر نالي = چام تماچي. نار = نوري. محنت جا = انعام)

ڀڃڻي:  عمر مارئي پاڻ ۾ راس نه ٿيا

سسئي ڪانڌ لاءِ بر ٿي ڏوريا

ڄام تماچيءَ نوريءَ تي، انعام پئي گهوريا.

ــــــــــ

سسئي، پنهل لاءِ، ڏڌ وٺيو ٿي ويئي

عمر مارئي، مرون ٿيا ها ٻيئي

سهڻي ميهار لاءِ، گاهه ٿي پيئي.

(بند: ڏڌ جي = ٿر. مرون=ڀولو. گاهه = مريڙو.)

ڀڃڻي:   سسئي، پنهل لاءِ ٿر وٺيو ٿي ويئي

عمر مارئي، ڀُلا  ها ٻيئي

سهڻي ميهار لاءِ، مرِي ڙي ويئي.

ــــــــــ

 

سسئي پنهل لاءِ ڪپڙو وٺيو ويئي

عمر مارئي مرون نه ٿيا ها ٻيئي

سهڻي ميهار لاءِ، ڪاٺن تي پيئي.

(بند: ڪپڙي جو = بر. مرون = سره. ڪاٺ جا = ٻيلنگهه.)

ڀڃڻي:               سسئي، پنهل لاءِ بر وٺيو ٿي ويئي

عمر مارئي سرها نه ٿيا هي ٻيئي

سهڻِي ميهار لاءِ، ٻي لنگهه تي پيئي.

ٻي لنگهه = ٻيو لنگهه، درياء جو پريون ڪپ.

بي سري يا سر کان ٻاهر

اها ڳجهارت جا ڪنهن به سر، جهڙوڪ مومل راڻو، سسئي پنهون وغيره تي ٻڌل نه هجي، بلڪ سگهڙ ڪا ڳالهه خيال ۾ آڻي، لِڪَ بڻائي هجي. مثال طور ڪي ڳجهارتون هيٺ شامل ڪجن ٿيون، جن جو ڪن سرن سان تعلق ناهي.

(1) ڇڏ پوک جي، ڪر هٿ جي،

پاڻ ذات وينداسين.

(بند: پوک جي = ڪڙائي. هٽ جي = مِٺائي. ذات جا = مري.)

ڀڃڻي: ڇڏ ڪڙائي، ڪر مِٺائي، پاڻ مري وينداسين.

(2) ڪپڙو ڪيمَ سُڪاءِ، پوک ٿي ڪاٺ جي گهري.

(بند: ڪپڙو = صافو. پوک جي = ڀنگ. ڪاٺ جا = ڏنڊا.)

ڀڃڻي: صافو ڪيم سڪاءِ، ڀنگ ٿي ڏنڊا گهري.

(3) اي نر نالا، نرنانءَ، منهنجي نرنالي کي ٻه نرنانءَ ڏي، ته توکي مال جي ڏيان.

(بند: نرنالو = شاه پنجو (دادو ضلعي ۾ هڪ پير جو نالو). نرنان = سلطان. نرنالو = سڄڻ. ٻه نرنان = هڪ هوندو ٻيو سوندو. مال جي = ديڳ.)

ڀڃڻي:    اي شاه پنجا سلطان، منهنجي سڄڻ کي

هوندو سوندو ڏي ته توکي ديڳ ڏيان

ــــــــــ

 (4) ڪپري جي ذات کائي ته هڻجي گهوڙي جي.

(بند: ڪپڙو = ڪوٽ. ذات جا = ڪلر. گهوڙي جي = پُستي.)

ڀڃڻي: ڪوٽ کي ڪلر کائي ته هڻن جي پستي

بهرحال اهو به ڳجهارتن جو هڪ قسم آهي، جنهن کي ڪهچريءَ ۾ ڪا اهميت ڪانهي، پر منجهن خيالن جي وسعت نظر اچي ٿي، تنهنڪري لوڪ ادب ۾، پنهنجيءَ جاءِ تي سونهن ٿيون.


(1) . منشي الهڏنو خان، عجائب ڳجهارتون (حصو 2)، شولداسد ٿانوراداس تاجر ڪتب شڪارپور، سال 1914ع، ص 1.

(2) . منشي الهڏنو خان، عجائب ڳجهارتون (حصو 2)، شولداسد ٿانوراداس تاجر ڪتب شڪارپور، سال 1914ع، ص 1.

(3) . يار محمد پنهون کان دادوءَ مان مليون، ڪچهريءَ جي تاريخ 25-6-1952

(1) . (3) يار محمد پنهون کان دادوءَ مان مليون، ڪچهريءَ جي تاريخ 25-6-1952

(2) . (4) ۽ (5)  هوت موچي کان مليل، ڪچهري تاريخ 15-3-1953ع

(1) (6) ۽ (7) ڪوڙو مل چندن مل. کلڻائي، سنڌي ڳجهارتون، 1901ع، ص 3 ۽ 10.

(2) . نوري ڄام تماچي جون هي ڳجهارتون، توڙي سون جي تعداد ۾ ٻيون، اسان کي جعفر ڏيري کان، حمل ڪاڇري ۾ ڪچهري ڪندي مليون. مڙس موٽيل هو، پر ذوق ۾ زور هو. ان طرف ڏور جو بادشاهه لکيو وڃي ٿو. اسان سان سندس ٻه ڏينهن 27 ۽ 28 ڊسمبر 1951ع تي ڪچهري ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org