سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :34

 

 

ڪوڏاڻا

گهرن جون وڏڙيون، ننڍڙن نونهالن کي هنج تي کڻي، يا ٻانهن سان مٿي جهلي، و غريب نموني ڪوڏائينديون آهن. ڪوڏائڻ مهل ڏاڏيءَ جي دل ڇا نه چاهيندي هوندي، نانيءَ جي دل ڪيئن نه ٺرندي هوندي؛ ماءُ جي دل ڪهڙا نه عمدا نازڪ ۽ نفيس خيال ڪندي هوندي مطلب ته ٻچڙي لاءِ هر قسم جي دعا گهرنديون هونديون. ڀلا، ماءُ کي ٻچي کان سواءِ ٻي ڪهڙي وندر ۽ ورونهه آهي؛ ڪهڙي رهاڻ ۽ راحت آهي؛ ڪهڙو اُميد ۽ آسرو آهي! کيس ڪوڏائيندي کيڏائيندي الاهي دعائون ڪري ويندي: عرشون اڏبين، ڪوسو واءُ نه لڳندءِ ٻه جُڳ جيئندين، مدو منهن نه لڳندءِ پٽ چڙهيءَ ڪمان، پٽ الله نگهبان، وني ماڻيندين مطلب ته پٽ سان خوشيءَ ۾ ايڏو ته محو ٿي ويندي، جو جيڪي چوندي تنهنجو به سڌ سماءُ نه لهندي ته ڇا چئي ويئي! اهي دل جي گهرائيءَ وارا دعائيه الفاظ خودبخود ئي تڪن جي صورت ۾ ايندا ويندا، تان جو چڱي لانڍ ٺهي ويندي سيورنجن اهڙن تڪن ٻڌل مصرعن کي ڪوڏاڻا ڪوٺيو آهي.

ڪوڏاڻا = ڪوڏ + هاڻا = ڪوڏ وارا يعني خوشيءَ وارا سنسڪرت ڪڊ = خوش ٿيڻ، يعني ٻار کي خوش ڪرڻ جا گيت شاهه ڀٽائيءَ به ”ڪوڏ“ لفظ ڪم آندو آهي.

 

”سينگارائون سيد چئي، ڪرها منجهان ڪوڏ“

 

ڪوڏاڻا به لوليءَ جو هڪ قسم آهن. فرق فقط اهو آهي جو لولي ٻار کي ڪوڏائڻ ۽ کيڏائڻ لاءِ چئبا آهن. ٻيو ته لوليءَ جو پينگهي سان به واسطو آهي، پر ڪوڏاڻا جو نه.

(1)

 

ابل رنگي رنگي ماما ڌيءَ منگي

ماما جي نه ڏيندو ته چاچا پاڻ سڏيندو

 

(2)

 

ابل ونيون چار ڏنيون ٿس ڏاتار

هڪ اٿس هوڏي جنهن ڏي ويندو ٻانهن لوڏي

هڪ اٿس هت جنهن لئي جوڙائيندو ڇت

هڪ اٿس ٿلهي ابل منهنجو بَلي

هڪ ڏاڏي پوٽي جنهن لئي گاڏي اٿس جوٽي.

 

(3)

 

ابل جڳ جئي وڌي وڏو ٿئي

ميهڙ منجهان ماءُ کي وٺي وڳو ڏئي.

 

(4)

 

ابل بلي بلي، ٽڪيو، رات وڃي ٿلهي

اڳيان مليس پنهل پير، جنهن جي نيري بيٺو جهلي

(5)

 

ابل ڀلي ڄائو مون تان لٿو ڏولائو

شل وڌي وڏو ٿيندو، وني وٺي گهر ايندو

ٿيندم اولادي، ٺريون ٺرندي ڏاڏي.

 

مٿيان ڪوڏاڻا پٽن کي چيل آهن، پر ڌيءَ کي به چيل آهن.

 

(1)

 

ڌيءَ ڌڃاڻي، پوئي ڏاوڻيون، پائي پٽولا

هن ڌيءَ جا ڀائر ڀليرا، ڳهه ڏيندس ڳورا

هڪڙا سونا، ٻيا روپا

 

(2)

 

ڌيئڙي آيم هل ڪري

جنهن جي ٻانهن ڌئان گل ڪري

 

* * *

 

ٻيلڻ

هر ڪنهن خطي جي ٻوليءَ کي ڪونه ڪو محبوب گيت ضرور هوندو آهي، جنهن تي ماحول مطابق نالو ڏنل هوندو آهي. انهيءَ لحاظ کان ”ٻيلڻ“ ڪاڇي جي طرف جو دل وندرائيندڙ گيت آهي.

 

ڪاڇي جا جت جڏهن اُٺ لڏيندا آهن، تڏهن ميٻي جي مَهار ڪنڌ تي رکي، هڪ هٿڙو ڪَنَ تي ڌري ’اَلوميان‘ ڪندا آهن. سندن ’الوميان‘ ’ٻيلڻ‘ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي. اهو گلو دادو ڪاهي اچن يا ميهڙ مطلب ته ساري واٽ جتن جي جهونگار هلي ايندي. چوڻ جو ڀاءُ نهايت دل ڀڄائيندڙ آهي، جو ٻڌڻ سان سَريرَ مان سسراٽڙيون پيون نڪرنديون. عورتون وري ڪم ڪار ڪندي، يا موسم آهر جهنگ مان ڏٿ چونڊيندي پنهنجي درد ڀري دانهن سان ٻيلڻ ڳائينديون آهن.

 

’ٻيلڻ‘ نڪتل ٿو ڀانئجي ’ٻليءَ‘ لفظ مان، جنهن جي معنيٰ آهي: ساٿي جنهن صورت ۾ هن ڏوهيڙي ۾ ٻه مصرعون آهن ۽ هڪڙي مصرع ٻيءَ سان ساٿ ڏيو بيٺي آهي، تنهنڪري مٿس اهو نالو رکيو ويو ٿو ڏسجي.

 

”جهر جهنگ، بحروبر ۽ ويرانيءَ وستيءَ ۾ چانگن کي چاريندي يا ڪرهن قطاريندي، هن قسم جو شعر ويچارن جتن جو ساٿي آهي، تنهنڪري مٿس نالو ’ٻيلڻ‘ رکيل ٿو ڏسجي“ (1)

 

”ٻيلڻ“ ٻن مصرعن وارو نظم آهي، جنهن جي ٻيءَ مصرع کي لاهڻي وقت ٻيو دفعو ٻيليدا يا آلاپيندا، جنهنڪري غالبن هن تي ’ٻيلڻ‘ نالو پيو آهي. (2)

 

’ٻيلڻ‘ کي ’ٻيلهڻ‘ به چئبو آهي. اها وڌيڪ ’هه‘، سنڌي محاوري ۾ ’ل‘ پٺيان ڪن لفظن ۾ ايندي آهي. مثلاً: سِلَ = سلهه، سيل = سيلهه ٻيل = ٻيلهه وغيره.

 

’ٻيلهه‘ وڌيڪ ’ٻيلهڙ‘ ٿيو آهي. جنهن ماءُ کي ٻه پٽ، تنهن کي ’ٻيلهڙ ماءُ‘ جنهن کي ٽي ته ’ٽيلهڙ ماءُ‘ چوندا. تنهن ڪري ائين وسهجي پيو ته سنڌي محاوري ۾ ’ٻيلهڙ‘ معنيٰ ٻه گڏ ’ٻيلهڙ‘ جي ’ڙ‘ ’ڻ‘ ۾ تبديل ٿي آهي. هونءَ به ڪيترن لفظن جا ’ڙ‘ ۽ ’ڻ‘ ۾ تبديل ٿيندا آهن. تڏهن به ساڳي معنيٰ رکندا آهن. مثال: توڙي = توڻي، سڙڪ = سڻڪ نه نڙان = نڻان، وغيره تنهن ڪري ائين ڀانئجي ٿو ته ’ٻيلڻ‘ ۾ جوڙي جي معنيٰ رکيل آهي. ’ٻيلڻ‘ جو بيناد، سنسڪرت لفظ ”ڏو = ٻه “ آهي يعني اهو گيت جنهن ۾ جوڙيءَ جو ذڪر هجي.

’ٻيلڻ‘ سائين تيڏي ’ٻيلڻ‘ بيٺي ڳاوان.

(ٻيلڻ سائين = اي منهنجا جوڙا، اي جوڙيوال سائين. تيڏي ٻيلڻ بيٺي ڳاوان = تنهنجا ٻيلڻ (فراق جا گيت) ويٺي ڳايان.)

 

ٻيلڻ عام طرح سرائڪي ٻوليءَ ۾ ڳايا ويندا آهن، ليڪن هينئر سنڌي زبان م به ڳايا وڃن ٿا. پر جيڪو رس سرائڪي ٻيلڻ ۾ آهي، سو سنڌيءَ ۾ هرگز نه آهي. ڀلا، جن جي پاسي پيدا ٿيا ۽ پَليا، ۽ اهي ئي پنهنجي لب و لهجي ۾ ادا ڪن ته پوءِ ڇو نه سرائڪي زبان جي ٻيلڻ رسيلا لڳندا!

 

ٻيلڻ اڪيلي سر چوندا آهن. جيڪڏهن ڪو ساز ڪم نه آڻين ته نڙ ورنه ائين ئي ڪن تي هٿ رکن.

 

ٻيلڻ سرائڪي *

 

1-      يار وينداهَين وَس، ولدا آوين نا

هڪ ڏينهن رهدا سال گذرا ڀانوين نا

ٻيلڻ سائين........... ...

2-     در ڍولڻ دي ڪو ساوا سرنهن اي

اکيان ايوين وسديان، جيوين سانوڻ

دا مينهن اي

ٻيلڻ سائين.......... ...

3-     ٻيلڻ والا، هڻ تيڏا ٻيلڻ ڳاوي

دکان دي ماري، هڻ ڪهڙا بار چاوي

ٻيلڻ سائين.......... ...

-------

 

1- ستي جو پئي اَن، مين يار دي پيراندي

پٽ هي پراوا، ڏيندا ٻانهن نه سيراندي

 

2- آندا جو ويندا، ويندا ٻانهن مريندا

پٽڙا هي پراوا ويندا اندر سڙيندا

 

3- آندا جو ويندا، ڏي لنگھدئين پاسي

پٽڙا هين پراوا، ڏيندئين ڪوڙي دلاسي

 

4- کڙاهين کوهه تي، ميڪون توڏي پلان ڏي

پٽڙا هين پروا، ير ته به سڪ ول آڻ ڏي.

 

 

سنڌي ٻيلڻ

 

1- تو لٽيو آهي گلو، لڏي لٿو دادو

ماڻا نه ڪر دلبر، دل ٿي وئي قابو

 

2- تو لڏيو آهي گلو، لڏي لٿو لانڍي

حال جا مجرم گهمرو ڪر، دل ٿي وئي آ ماندي.

 

3- گلو به آيو، پر منهنجو يار نه آيو

پڇي پڇي ٿڪس سارو لوڪ پرائو.

 

*****


(1) . عبدالحسين شاهه موسوي ۽ محمد ابراهيم سرهاڻ 1958ع ص 136.

(2) . ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لوڪ گيت سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1965ع، ص 221.

* . هي ٻيلڻ رئيس ڇَتو خان لغاري، ويٺل چاڪر ڪوٽ تعلقو جوهي کان تاريخ 1-1-52ع تي مليا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org