سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :24

 

مدح سيد عبدالقادر محي الدين رح

 

[ملان صاحبڏنو *]

 

 [ملان صاحبڏنو، شڪارپور جو ويٺل هو. چڱو عالم هو؛ سندس گذران پڙهائيءَ تي هو. لالچ ڪانه رکندو هو، جيڪي مليو، سو ڀَلو ٿيو. فقير الله علوي جو پورو پورو معتقد هو. سندس ”ديوان“ قلمي حالت ۾ هو، ليڪن هينئر گمناميءَ جي گوشيءَ ۾ آهي، 1841ع ۾ هي جهان ڇڏيائين.]

(1) بَنامِ خدا عرض سڻ سيدا!

تون سرتاج سالار صاحب سدا!

ڪريو ماڙَ مسڪين جي مقتدا!

سڀو جڳ سلام سندءِ سرمد!


 

پهچ پِيرَ، درماندگان دستگير!

مدد شاهه ميران محي الدين مير!

 

 

((2) تون ڪامل قطب ڪارڻي پاڪ پِيرَ،

  تون والي ولايت سندو مُلڪ مَير،

تون نائب نبيءَ جو، تون وَرنهه وزير

تون سلطان جو اوليان امير

 

 

 

 

پهچ پير، درماندگان دستگير!

مدد شاهه ميران محي الدين مير!

 (3) مدد ماڙَ مِڙني، تون ڇورن ڇپر،

آڙين جو اَجهو آسرو تون وهر،

تون هيڻن حمايت، مٺو مفتخر

تون هادي هدايت، عنايت آبر


 

پهچ پير، درماندگان دستگير!

مدد شاهه ميران محي الدين مير!

 

 (4) زِ فوق العرش تا به تحت الثريٰ،

مَلڪ مُلڪ خادم تمامي تُرار،

اوهان جي حڪم هيٺ هر دوسريٰ

نڪو شان ثاني سندو سرورا

 

 

  

پهچ پير، درماندگان دستگير!

مدد شاهه ميران محي الدين مير!

(5) تون بيچون بحر علم اسرار جو،

جنين کي اَجهو ڏڍ تو ڏاتار جو،

مڙئي ملڪ عالم تون اسدار جو

تنين غم نڪو ڏَر، وَسو وار جو

 

 

پهچي پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير

(6) تون محبوب سر پاڪ سبحان جو،

نظر ٿئي اوهان ڏنہ ڪو احسان جو،

 

اوهان تي سدا راز رحمان جو

عطا ڪر علم دين عرفان جو


 

 

پهچ پير، درماندگان دستگير!

مدد شاهه ميران محي الدين مير!

 

 [1](7) تو سان فصل فتاح قادر ڪيا،

   رعايت رباني رَسي رِيميا

ڏنيهءِ ڏيهه ڏاتر ڪنجون ڪيميا،

عطا علم لُدني سندو سيهيا

 

 

 

 

 

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(8) تون ئي غوث اعظم، غريب النواز

تون بيشڪ بلند بادشہ بي نياز،

تون مشفق مُنور قطب ڪارساز

تو منجهه دين دنيا سدا سرفراز

 

 

 

 

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(9) رکيو سر وليان تو ڪامل قدم،

تون عارف الاهي، قوي ذوالڪرم،

بهر جائي جاري هلي تو حڪم

تون رحمت وٺي راءَ، رافع رحم

 

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(10) تون ’ناسۡوت‘ ’مَلڪُوت‘ ۾ جو مشر

به لاهوت ۾ نُور تون نامور،

سندوَ جاءِ جبروت خوش خوبتر

مٿي لامڪان سير تنهنجو سڌر

 

 

 

 

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

 (11) ڪيو اَمر ارشاد عالم اليقين،

هادي ڪر هدايت، بحق القين

پسان راستِي راهه عين اليقين

مقابل قرب ڏي تون آگهه امين

 

 

 

 

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(12) سوڙهي ويل سختي دمان دستگير

مريدن کي ماندو مَ ڇڏ مُلڪ مير

ٻُڌي ٻاجهه ڪر، منجهه پلڪ پاڪ پير

لنگهاءِ لطف سين لهر سخت سِير

 

 

 

 

 

 

 

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(13) زمان ظاهري زير فرمان تو

مجاور مَلڪ، ديوَ دربان تو

دنيا آخرت هردو قربان تو

ٻُهارن اڱڻ قطب ايوان تو

 

 

 


 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

(14) هادي پير حضرت هقاني هِلي

ڇپًر ڇانءَ ڇورن تون وارث ولي

ڪيو مشڪل آسان ڪامل ڪُلي

ڏڏن کي ڏيو ڏاتِ ڀاڄي ڀلي

 

 

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

((16) تون صاحب سخي پير! دولهه درياهه

اوهان در اچي پيس پيو ڏڏ ڏاهه

ڀلو ڀرجھلو تون سخي شهنشاهه!

اَلهه الڳ اُنهي جون مديون ڪر مباح

 

 

 

 

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

 (15) توڙي لوهه، قلعي هجي ڪم قدر

اوهان ڏنهن لهن فيض عالم اَپر

ٿئي سون، پارس لڳي لڳهه گر

سچا پير مون تي ڀي تون ڪرم ڪر

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 (17) ڪنهن کي ڪنهين جو تڪيو واهه ور

آسائو آهيان پير! تو دوس در

وسيلو نه ڪو مون ڀلا تو ٻگر

ڪو دانهين سندو ٿئي سيگهه سر

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(18) پنهنجي واٽ پارس!تون راحم رساءِ

نفس نا سزا هن بَدُو کون بچاءِ

دقت ڏنهن دنيا جي ڇهين کون ڇڏاءِ

سچا پير پنهنجو تون درسن دکاءِ

 پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(19) شب و روز منجھ شوق تنهنجي تمام

اٿم آس تنهنجي اندر دل دوام

سِڪي ساهه تو لئي سدا صبح و شام

پسان پير شل! منهن مبارڪ مدام

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(20) جنين مٽ نه مائٽ، ابو نا ادو

اوهان لڙهه لڳو سڀ چڱو ڇا مدو

تنين کي اُجهو آسرو تو سندو

ڪرين ماڙ، تڙ چاڙهه بلڪل بندو

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(21) تون اولاد افضل علي مرتضي

جگر گوشه فرزند ’خيرالنسا‘

نسل پاڪ حضرت حسن مجتبي

گل از باغ نوري نبي مصطفي

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

(22) زاري ضعيفن سندي ڪر قبول

مَ ڇڏ هوت، هيڻو هي ماندو ملول

عاجز آهيان محض جاهل جهول

مريدن مطالب همه ڪر حصول

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

(23) هوا حرس ۾ عمر ويٺي ويم

جي ڪرڻا نه هاڪم ڪلي سي ڪيم

ڪوڙي نفس ڪافربديون ڏوهه ڏَسيَم

هاڻي آسرو در اوهان جي اٿم

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

 (24) محي الدين ميران جيلاني جوان

اچي گهوٽ ٿيو اوٽ، گوهر گيان

سِهي سَرو قدرت فياض الزمان

امن عافيت ڏي جشن جاودان

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

(25) تون مرشد مربي اهڙو اولياء

انڌن کي اکيون ٿيون، سڪاسبز ٿيا

مُوا تو جياريا، جڏا جاءِ ڪيا

بکيا بينوا ڪيا اوهان اغنياء

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(26) مون سان ڪرم اهڙو ڪو امداد ٿئي،

ويراني وڃي، اندر آباد ٿئي

دنيا دين ڀي، نيڪ اولاد ٿئي

ٿئي وصال وحد واٽ ارشاد ٿئي

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(27) تون سرتاج رحمت ڪرامت ڪلاه

قطب، پير، نوڪر سندا تو سپاهه

تون غوث ثقلين جو بادشاهه

ڪيو ترس تن تي، پيا تو پناهه

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(28) زمانو زبون سخت تيره سَني

کنيو قسم ڪوڙا، کائن حق هتي

ظاهر دوستي ڪن ته دل دشمني

اهڙن آدمين کون رکين رب ڌڻي

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(29) اوهان کي ڪيم عرض ايمان جو

پهرايو پاڻون ڪو شدو شان جو

ڪيو ڪشف اِسرار عِرفان جو

سدا تون سُهاڳي سو سُبحان جو

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(30) لکين لک سوالي اچيو پيا پنن

چانئٺ تو ڀلي جي کي دامن وٺن

اوهان جي ٻئي در نه ٻانها وڃن

سائين جن سَڀر سي گولا غم نه ڪن

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(31) جيڪي محب منهنجا دليون دوست خواهه

سدا سرخرو منجهه هجن سنجهه صباح

تنين جي تون ڪر پير پردو پناهه

مداحي مٿي مهر ڪر لڳ الله

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(32) تون مرشد مڪمل وسيلو وِلهَن

اُهي خوف خطرو ڪهڙو غم ڪرن

آڙين جو اَجهو آسرو بيڪسن

آهي مرشد جيلاني جَنين

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(33) شريعت، طريقت، مٿي مستقيم

تون مَسنَد نشين معرفت ۾ مقيم

حقيقت ٿيو خُلق آن جو قديم

ڪيو دين قائم تو ثابت سليم

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(34) مدد شاه ميران جيلاني جَنِي

ڪرن خادمن مان جي دُز دشمني

دنيا دين مقيد ترت ٿيا تَنِي

مُٺا مدعي مئا سي پاپي پِنِي

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(35) پيدا سڀ اوهان جي، اوهان اُنوري

عيسيٰ ۽ خضرجان قدم خوشتري

خُلق چون محمد همت ’حيدري‘

حسن يوسفي حڪم اِسڪندري

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(36) هي صاحبڏنو سَگ سدا سام تو

ڀَرتوءِ پير، اي غوث! غلام تو

مداحي مقدر لڳو لام تو

مونکي وِرد وائي نافِع نام تو

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!

 

(37) بحرمت نبي خاص خيرالانام

بحق چار پاران صحابان ڪرام

بحق پلڪ پنجتن دوازده امام

ڪيو مُنهن بَڪلمي عمر اختتام

 

پهچ پير درماندگان دستگير!

مدد شاه ميران محي الدين مير!


(26) . وصالت = وصلت، وصال، ميلاپ.

(27) . ثقلين = به گروهه يعني انسان ۽ جِنَ.

(29) . شدو = پڳ، دستار.

(30) . سائين.... ڪن = اوهان طاقت ور آهيو، تنهنڪري جن اوهان جو دامن پڪڙيو آهي، سي غلام غم نه ڪن.

(34) . دز = دزد، دشمن.

(37) . خيراالانام = مخلوقات ۾ سڀ کان چڱو. دوازده = ٻارهن. ڪيو ...... اختتام = ڪلمون وات ۾ هجي ۽ عمر پوري ٿئي.

(16) . ڏاهه = غلام. مباح = معافه.

(15) . گر = اگر، جيڪڏهن اپر = بي شمار.

(17) . تڪيو = آسرو ،ڏڍ. واهه = مدد. ور = مهرباني. بگر = وغيره.

(20)  تڙچلڙهه = تَڙَ تان اُڪار يعني منزلِ مقصود تي پهچاءِ. جهول = وڏو بيوقوف.

(24) . گوهر گيان = علم جا گوهر، معرفت جا صاحب.

(25) . جاءِ ڪيا = ٺيڪ ڪيا. بينوا = سُڃا، سکڻا.

[1] . ريميا = علم جو قسم، جنهن جي وسيلي انسان جيڏانهن چاهي، اوڏانهن وڃي سگهي ٿو. علم الدني= اهو علم جو بغير ڪنهن استاد جي خدا پنهنجي فضل سان عطا ڪري ٿو. سيميا = علم طلسم، ڪايا پلٽ. مشر = مشهور.

    (11)علم اليقين = ڪمال يقين سان ڪنهن چيز کي سمجهڻ. عين اليقين = پورو يقين. حق اليقين = ڪنهن چيز جو ڪنهن کي بذات خود يقين ٿيڻ.

(13) . زمان = زمانو. ڏڏن = اڻڄاڻن، بي سمجهن.

(4) . زفوق العرش تابه تحت الثريٰ = عرش کان وٺي تحت الثريٰ تائين.

(3) . ماڙ = مهرباني. ڇورن ڇپر = يتيمن، هِيڻن ۽ بيواهن جو ڏڍ، ڀرجهلو.

* . قلمي نسخو، لکيل واحد بخش علي گوهر، تاريخ 11 ريبع الاول 1272 هه = 1855ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org