سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :18

 

جهيڙا يا منظارا

ٻه ٺڪر به گهر ۾ ٺهڪندا آهن، ۽ وري ٺهي به ويندا آهن. اسان جي شاعرن ۽ سگهڙن، اهڙين حالتن کي ’جهيڙي‘ جي صورت ڏيئي پنهنجا خيال ظاهر ڪيا آهن. هُونءَ به جهيڙي جا ڪيترائي قسم ٿي سگهن ٿا: ڪي لَٺ باٺي جا، ڪي ڏند چڪ جا، ته ڪي طعني تنڪي ۽ ميار مهڻي جا، پر هِت اسان جي ملوڪن پنهنجي مُنهن، ٻن ڌُرين کي چونڊي، هرهڪ ڌُر جي خوبين ۽ خامين، ڪمزورين ۽ ڪوتاهين، گُڻن ۽ آوگڻن جي، زباني جهيڙي جي وسيلي ڀليءَ ڀت اُپٽار ڪئي آهي. ان زباني جهيڙي کي ’مناظرو يا مُهاڏو اٽڪائڻ‘ به چئبو آهي. بهرحال هي شعر جو نادر نمونو به سنڌي شعر جي هڪ لاثاني صنف آهي.

شاعرن ۽ سگهڙن پنهنجي ترَ جي روزمره جي شين کي ’جهيڙي‘ جو موضوع بڻائي، پنهنجي مشاهدي ۽ باريڪ بينيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. وندر به اُتي، خوش طبعي به اُتي، ته حق جو ڪلمون به اُتي! مطلب ته جيڪو سچ ڏسندا، سو وهائي ڪڍندا. ڌر جي پاران ڳالهائيندي، ڌر کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به لُنڊي خوشامند نه ڪندا. جيڪڏهن ڪي ڪڻا اٿس ته ڪُڏِي چوندا، پر جيڪڏهن اوگڻ اَپار اٿس ته چڱي نموني لاک لاهيندس. جئن ڪورٽن ۾ ٻن ڌرين لاءِ به وڪيل هوندا آهن، تئن هت نه آهي. هِت هڪ ئي شاعر يا آمِينُ، ٻنهي جي امانت جو بار پنهنجي ضعيف ڪلهن تي کڻي، ٻنهي طرفان هڪ جهڙي وڪالت ڪري ٿو. هرهڪ ڌر جي نڪتي نظر کي، لاجواب دليلن سان اهڙي نموني مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جو ٻنهي ڌرين مان هرهڪ ائين سمجهي ٿو ته وڪيل سندس ئي طرفان ڳالهائي رهيو آهي. هُو ٻنهي کي هڪ سمجهي ٿو، ۽ ڌريون به ائين ئي سمجهن ٿيون! هرهڪ کي سچ چوندي، پنهنجو اخلاقي فرض سمجهي ٿو. هُو، ڪنهن به ڌر تي ٿورو ٿڦي، ۽ نه وري ڪنهن جي اجائي وَٽِ وَراڻ ڪري ٿو؛ پر امانت جي بار کي، ٻنهي ڌرين طرفان مڙس ٿي مُنهن ڏئي ٿو. نتيجو اهو نڪري ٿو، جو جنهن ڌر کي سر ڪرڻو هوندس، تنهن کي سر ڪندو ۽ ٻي ڌر کي هار مڃڻ لاءِ مچ چوندو. هارائيندڙ ڌر ڪڏهن به مُنهن نه گهنجائيندي؛ ڇاڪاڻ ته کليل ميدان ۾، ٻنهي ڌرين سامهون خيالن جي ڏي وٺ ٿئي ٿي ۽ هرهڪ ڌر پنهنجا عيب ثواب ڏسي ٿي.

شاعر يا سگهڙ، جا ڳالهه ڪندو سا پيرائتي! توري ميدان ۾ نه هوندو ته به جهيڙي جي ڇيڙِي نبيرِي اهڙي نموني ڪندو، جو وهه واهه ٿي ويندي. هارايل ڌر کي ڪابه واهه يا وٿي نه ملندي، جو ٻِڙڪ ٻولي سگهي. ڀلا، ڇا تي وري ڀنڀور کي باهه ڏئي! ڀلا، ڇا تي وري ممڻ مچائي! توڙي ڇيڻاڀورَ به ٿيندي رهي،پر هارايل ڌر همت ئي نه ساري سگهندي، جو ههڙي محبوب آمين آڏو اعتراض آڻي، اجائي اينگِهه ڪرائي! تنهن ڪري ’مِٺي به ماٺِ ته مُٺِي به ماٺ‘.

جهيڙي جي مواد مان معلوم ٿو ٿئي ته جهيڙو گهڻو ڪري ٻن ڌرين جي وچ ۾ ئي ٿئي ٿو. ڪڏهن اهي ڌريون پاڻ ۾ ئي ٺهيو وڃن ته ڪڏهن ٽِياڪُڙَ يا ثالث يا امين حق ڪري ٿو. ڪڏهن ميڙ ۽ مصحف تائين به نوبت وڃي ٿي ته ڪڏهن وري گواهن کي گهرائڻو پوي ٿو. مطلب ته اسان جي سڄاڻ سگهڙن، ۽ شاعرن ’جهيڙي‘ جا مڙئي پهلو پيش ڪيا آهن.

اهي جهيڙا ڪڏهن کان اُسريا، تن لاءِ تاريخ جا روق خاموش آهن، پر ميڙيل مواد مان اندازو ٿي سگهي ٿو ته اهو مواد به ٻئي مواد وانگر، وقت جي تقاضا تي تيار ٿيو هوندو. البت قديم وقت جي ناٽڪن جي سِٽا مان ائين سمجهجي ٿو ته لفظي ڏي وٺ جو سلسلو اُتان ئي شروع ٿيو. ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ هن باري ۾ وڏو وزن رکي ٿي (1).

”’سانگ‘، سنڌ جو ’ڊراما‘ آهي، جنهن جي شروعات آڳاٽي وقت کان ٿي. مڱڻهار ڀٽ، شيدي ۽ ٻيا خاص حرفتي ۽ هنرمند گروهه، شادين ۽ محفلن جي موقعن تي سانگ وجهندا هئا، جنهن ۾ مختلف ڪردارن جا روپ اختيار ڪري، واقعي يا سماجي منظر جي جيئري جاڳندي تصوير پيش ڪندا هئا. هنرمند عورتون، وري، عورتن جي مجلس ۾ سانگ وجهنديون هيون. اڃا تائين ڪن جاين تي اهي سانگ رچايا، وڃن ٿا، مناظرن جي سٽا، ساڳي سانگ واري يعني ڊرامائي آهي. ڪي مناظرا ڄڻ هڪ منظر سانگ، جنهن ۾ ٻه ڪردار هڪٻئي سان مخاطب ٿين ٿا، ۽ آخر ۾ ٽيون ڪردار (امين، چڱو يا قاضي) داخل ٿي فيصلو ڪري ٿو. ڪي مناظرا ٻه ’منظر‘ سانگ آهن، جن جي پهرئين منظر ۾ ٻه ڌريون هڪٻئي جي منهن مقابل ٿين ٿيون ۽ آخر ڪو امين وارين ٿيون، جو موجود ڪونهي؛ ان بعد ٻئي منظر ۾ ڌُريون ۽ امين گڏجن ٿا ۽ نبيرو ٿئي ٿو“.

شاعرن ۽ سگهڙن جيڪي ’جهيڙا‘ ڳايا آهن، سي ٿلهي ليکي ڇهن قسمن ۾ ورهائي سگهجن ٿا:

1. اهي جهيڙا فلسفيانه رنگ ۾ رتل هجن يعني اهي جهيڙا جن جي ٻولي، سوال جواب، دليل دلائل ۽ بحث مباحثي جو معيار ڪافي بلند هجي. جئن شاه محمد ديدڙ جي ’دلي ۽ طالب وارو جهيڙو‘.

2. اهي جهيڙا جن ۾ هڪ ڌر، انصاف جي نقطئه نگاه کان هارايو هجي ۽ سماج به ان فيصلي کان تسليم ڪيو هجي جئن، سَس ۽ نُنهن‘ جي جهيڙي ۾ نُنهن‘ پوريءَ طرح ڏوهاري سمجهي وڃي ٿي، ۽ معافي طلب ٿئي ٿي.

3. اهي جهيڙا جي نين ۽ پراڻين شين جي وچ ۾ هجن. جئن موٽر ۽ گاڏي ٽويي ۽ پڳ جو جهيڙو وغيره.

4. اهي جهيڙا جي روايتي طور هلندا رهن ٿا، جئن ’فقير ۽ ڪتو‘، ’ملان ۽ موالي‘، ’فقير ۽ بخيل‘ وغيره.

5. اهي جهيڙا جي ڀيٽ يا مقابلي ۾ ٺهندڙ هجن. جئن ’رات ۽ ڏينهن‘، ’اونهارو ۽ سيارو‘ وغيره.

6. اهي جهيڙا، چرچي گهٻي لاءِ هجن. جئن ’اُٺ ۽ ڏيڏري،‘ ’هيڙهو ۽ ڦُوسِي‘ وغيره.

اهميت (1) مٿي ڏيکاريل آهي ته جهيڙي ۾ تَر جي تُز تصوير ڇڪيل آهي، يا ائين کڻي چئجي ته ’جهيڙا‘ تر جي عڪاسي ڪن ٿا. جهيڙن يا منظرن ۾ شاعرن ۽ سگهڙن جو مقصد هوندو آهي: سماج جي براين تي طنز ڪرڻ، ۽ اُن جي ڪمزور پهلوئن کي رنگ ۽ ڍنگ، ويس ۽ ورن سان عوام آڏو پيش ڪري، ثابت ڪرڻ ته بُراين جو اَنت بُرو ئي ٿئي ٿو. اهو اشارو سماج لاءِ ڪافي آهي، جنهن ڪري آئينده برن ڪمن کان گريز ڪندا.

(2) انسانيت جي انگ سيکارڻ لاءِ، ’جهيڙن‘ جا مثال سٺا سبق آهن، جي آئينده جي وهيءَ يا ننڍي ٽهيءَ لاءِ گويا اخلاقي نسخا تجويز ڪيل آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان پنهنجي جيوت ۽ زندگي ۾ وڏو ڦيرو آڻي سگهي ٿو. انهن جهيڙن کي، ڪنهن حد تائين اخلاقي تعليم جا پهريان ۽ بنيادي سبق به چئي سگهون ٿا. پڙهندڙ خصوصاً شاگرد گهڻو لاڀ پرائي سگهن ٿا؛ ڇاڪاڻ ته جڏهن هُو ڏسندا ته جانور، پکي وغيره، به ’امين‘ يا ’ٽياڪڙ‘ جو فيصلو قبول ڪن ٿا ته پوءِ ڇونه هو به ڪن‘ جيڪڏهن نٿا ڪن ته پوءِ سندن اخلاق، گگدامن کان به گهٽ چئبو. هي هڪ عمدو اخلاقي نڪتو آهي، جو شاعرن ۽ سگهڙن ’جهيڙن‘ ۾ پيش ڪيو آهي.

(3) برداشت يا سهن شڪتي جو مادو پيدا ٿئي ٿو. جهيڙي يا مهاڏي اٽڪائڻ مهل، ٻئي ڌريون واريءَ وٽيءَ تي هڪٻئي کي خوب رت ڪن ٿيون ته به صبر ۽ تحمل جي نازڪ ۽ نفيس تند کي نه ٿيون ڇنن، بلڪ پنهنجي ڪمال بردباريءَ جو بهترين مظاهرو ڪن ٿيون.

(4) چئن چڱن جي چوڻ تي هلڻ لاءِ ’جهيڙا‘ مکيه پارٽ ادا ڪن ٿا. ’جهيڙن‘ ۾ ٽياڪڙ جي فيصلي کي اوس قبول ڪرڻو آهي. جيڪڏهن باز نٿو اچي ۽ وري هٿ اٽڪائي ٿو ته ان جو نتيجو لوڙي ٿو. جئن ’مڇر ۽ ڀنڀوري‘ جي جهيڙي ۾ مڇر چئن چڱئن جي فيصلي کي نه مڃيو ۽ ڀنڀوريءَ سان سامهون ٿيڻ لڳو، نتيجو اهو نڪتو جو مڇر کي هڪ ئي ڳيت سان ڳهي ويئي.

 

* * *

 

 


 

 

مناظرو دلي ۽ طالب جو

(شاهه محمد ديدڙ *)

[هن مناظري ۾ طالب، محبوب جي ديدار لاءِ نڪري ٿو ته ڏسي ته نازڀري نينگر کي مٿي تي دلو آهي. غيرت وچان دلي کي هڪل ڪري چوي ٿو ته ”مون ساري عمر عشق ۾ گذاري آهي ته منهن ڏسڻ لاءِ ماندو اهيان ۽ تون وري سڄڻ جي سر تي چڙهيو ويٺو آهين. دلو چويس ٿو ته ”مون جيڪي ڪنڀر جون مارون کاڌيون آهن ۽ باهه ۾ سڙيو آهيان، تنهن جي خبر خاوند کي آهي.“ طالب چويس ٿو ته رڳو ٻن چئن ڏينهن جي تڪليف ٿو بيان ڪرين. منهنجي اندر ۾ ڪيتري مدت کان محبت جا مچ پيا ٻرن، ته به صبر اٿم. توکي خبر هجي ته انسان جو شان ازل کان بلند آهي، جو الله تعاليٰ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو ۽ خلافت جي امانت جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو.“ دلو اهو جواب ٻڌي دهلجي وڃي ٿو ۽ بس ڪري ٿو.]

تهميد (1) اول صفت ڪر الله جي، سدائين ساراهه

بيچُون آهي بيمثل، جو خالق خلق الله

ڪُن منجهون قادر ڪئي، باريءَ سڀ بِناهه

ماڻهو، جِنَ، مَلڪَ ٿيا، مِهر مُنور ماهه

ديوَ، پريون داورڪيون هڙده الف آرواح

سڀ ڪنهن تي سائينءَ جي سدا نظر نگاهه

صاحب صنعت جو ڌڻي، باري بيپرواهه

تنهنجي سنجهه صباح، ڪر تعريف طلب سان.

(2) حمد هزار حڪيم جا، لطف لکين احسان

جنهن مُڪو محمد ڪارڻي ضعيفن صمان

اوجر عالم کي ڪيو سَرور تنهن سلطان

اوڀاري اسلام کي ڪُٺائين ڪُفران

نازڪ نبي چام تي قادر ڪيو قرآن

’اِنَ هاذالفي الصحف الاوليٰ‘ ٻڌشرف تنهن جاشان

دلداريون داور مُڪيون، سرور ڏي سلطان

”وَ ماآرسلنا ڪ اِلارحمة اللعالمين“ فرمايو فرقان

”وَلَسَوف يُعطِيڪَ رَبَڪ فَتَرضيٰ ٿيا آجا سڀ عصيان

ايڏا رحم ڪيا رحمان، مٿئون محمد مصطفيٰ.

(3) سُونهَن سرور ڄام سان چِيدا چارئي يار

اول امير ابوبڪر، جو آهه صديق سچار

جرئت جو جبار عُمر، جنهن ڀڳا ڪوٽ ڪفار

عدالت عثمان ڪئي شجاعت شهسوار

اسدالله علي هو، جنهن ڀڳا زور زُنار

آمر تي اِستاده ٿيا، تهتا ترت تيار

چارئي حضرت جي اڳيان هئا مجلس منجهه مڻيار

سونهارا سردار، هئا پيارا پاڪ نبيءَ جا.

(4) جگر گوش جانب هئا، عجب امير امام

نور منجهون نادر ٿيا، پيدا ويرَ وريام

خاصا خلد نشين ٿيا پيش پيغمبر ڄام

اعليٰ شان حَسن هو تقويٰ سڻ تمام

حضرت مير حسين تي ٿيا آگي جا انعام

خالص دوست خدا جا هئا اوجارا اسلام

محبت تن مدام، سدا سيني ساهه کي.

(5) نسوروئي نور ٿيا، چاچا مُرسل ميرَ

ڪامل قوت اڳرا، نرمل نيڪ نظيرَ

حضرت حمزي جي رَهي اندر منجهه اُڪيرَ

افضل شاه عباس هو، مشعل ماه منيرَ

لک اصحاب نبي جا هئا پيارا پاڪ پَذيرَ

رهن راتو ڏينهن، وٽ ڪامل قرب ڪَبِيرَ

اهڙا شاهه اميرَ، آهن داڙو دلگيرن جا.

(6) مدد تَنين جِي وٺي، ڪيان حقيقت حال

مَر ٻڌن ماڻهو معتبر، رکي خوشيءَ سان خيال

مرجان دعائون دوست ڪن شوق منجها رون شال

عقل آهر پانهنجي، اوريم هي احوال

ترت اچي تڪليف سان ڪيو سڄڻ ماڻهوءَ سوال

ته دلي ۽ طلب جو ڪو قصو ڪُل ڪمال

اُٿي الله جي آسري ڪيم دل کي درس دلال

مَر ملڪن منجهه مقال، ٿئي شاهه محمد شعر جي.

(7)    موليٰ سندي ملڪ ۾، هو هڪ عاشق اُداسي

ملڻ ڪارڻ محب جي هو پلپل پياسي

عجيبن جي اندر ۾ هئي اُن کي اوڪاسِي

نينگر نئين هڪ ناز سان هئي خوب ڀَري خاصي

سِڪ تنهن جي سوز ۾ سُوريل سنياسي

ڪن مليو ٿي محب سان هو عاشق اندر آسِي

ديدون دلبر يار سان، ويس ڦهڪجي ڦاسي

اهو عاشق آرداسي وڃي چاري چاهه تي.

(8) سڄڻ ڏٺائين سامهان، ايندا تِتِ آنوار

خوش ٿيو منجهه خمار جي، جڏهن دوست

ڏٺائين دلدار

سُرخرو سَرحال ٿيو، پسي دلبر جو ديدار

نار کنيا ٿي ناز مئون، قدم ڪبڪ رفتار

مور، مرگهه مفتون ٿيا، پسي هلڻ جي ڍار

وَرَ واسينگن جان وجهي، جي وري اُکيلي وار

آهُو اُفتادا ٿيا، پسي کيپ خمار

سڀر گهڙو، سينهو مٿي، کنيو ڪُونجَ ڪنوار

عبرت ۾ عاشق ٿيو، تنهن نينڻين هاريا نار

جڏهن گهايل گهڙي کي ڏٺو سر سڄڻ جي سوار

تڏهن پهريون گَهڙي پڇو تنهن سوال ڀري سڏڪار

عمر گذريم عشق ۾ ساري سڀ ڄمار

ماندو منهن ڏسڻ لئي آهيان اڪيچار

فدا جانءِ جهان ڪيان، جي محبَ ملن منٺار

سڄڻ مٿئون صدبار، سِرُ ته صدقي گهوريان.

طالب

ڪر سچي هن ڳالهه جي، تو ڪهڙو ڪيو ڪم؟

سِر چڙهئين سڄڻن جي، ٻڌي بکيڙو بَم

عُمر وئي افسوس ۾ گذاريندي غم

محبت مجني جان ڇڏيو، سوز سُڪائي چَم

عيش دنيا جون عشرتون، ٿيون طلب انهيءَ

سان تَم

حال اچي همراز ٿيو، اندر عشق آلم

سِڪ جو منهنجي ساهه کي، خال نه پوي خم

دِلا، هڻ نه دم، لهه سڄڻ جي سِر تئون.

(10)  بَم جهلي بَرسَر چڙهئين. هوتن جي هاڻي

پَس تون قيمت پانهنجي، جو ايڏو آڀاڻي

ڀڄي شل ڀورا ٿئين، کُورن ۾ کاڻي

ٺهڪي سل ٺڪريون ٿِئين موج نه هيءَ ماڻي

گندي تنهن گِلال کي، ڪيان گم اندر گهاڻي

وڃي پُڇ ڀازار مان، تون ڪئين وِڪاڻي؟

وڪامي وهندو وڃي، پَيسي تي پاڻهي

توڙي ڪڍءِ گَل گِلال ته به ڏيئي آني تي آڻي

هستي ڇڏ، هوش رک، لهي پئو پاڻهي

ڀورا! بي فرمان ٿئين، ڄاڻ نٿو ڄاڻي

انهيءَ ٽيڳَر سان ٽائي، متان منهن وارا جهلين.

(11)    سڄڻ ٿيءُ نه سامهون، رهه ادب منجهه اديب

غيرت توکي گم ڪندي، سندي هوت حبيب

ڀانڊا، ڀَو نٿو رکين، غافل ڇو نه غريب

ڪُوڙا ڪم ڪچا ڪرين هڻي ڪلهوساڻ قرب

ڪرين متان ڪَنڌڙو ڀڄئي، ٿئين ڀورا

بدنصيب

توڙي پڇندين لک طبيب؛ ته به ڳنڍي

ڳنڍيندُءِ ڪونه ڪو.

(12) بم ڇڏي ڀؤ رکج، هر دم ٿي هوشيار

ڪاهل ڪم فهمي ڪَيئَهءِ، ڌيان دلا ڪو ڌار

ملڪن ۾ مشهور ٿي ٿيءَ گِلا جي گفتار:

صلح نه ڪيَهءِ سهڻيءَ سان جا ٻوڙيَهءِ اندر بارِ

سڏيندي ساهڙ کي، وڻي نيڻ وهائيندي نار

اڃا ربّ ڪندُءِ قهار، مقابلو محشر ۾.

دلو

(13) سالڪ، ان سوال جو، ٻُڌ جواب جُڙي

منهن تي آڇ نه مهڻا، ميان! وڃ مُڙي

ساهڙ ۽ سهڻيءَ جي هئي محبت گڏ مڙهي

ويندي وِيرُن مؤون، ڪندي ڪاهَه کَڙِي

موجان تنهن مهرڻ جون، ٿي سگهين ڪين پُڙِي

ملندي هئي ميهر کي، وڃي جوءِ جُڙي

ڏس قضا جي قلم جِي، ائين نوڪ اُڙهي

راهه انهيءَ ۾ رات جو آئي مُڌَ مُڙي

بيگاني سان ڀر ۾، کُپِي ويس کُڙِي

وَ هوچي جي وات تي، پَئِي ٻاهر وَٽ ٻُڙي

پوءِ گهِڙي گهيڙن وچ ۾، ڪري هُوڙهه هُڙي

ڦٽي فلڪ فراق جي، ويس ٽَڳا سڀ ٽُڙي

ٻڏي وئي ٻار ۾، چڙهي ڪين چڙهي

ويئي لهرن منجهه لڙهي، ٿي غرق مئي

غيرت سان.

طالب

(14)   ڪچا تو مَؤن  ڪين ٿيو، آن مٽيءَ جو مولو

لهه سگهو، لُڙُ لاهه تون، ڀڃي اِهو ڀولو

لاهي ڇڏ لڱن تؤن، چريائيءَ جو چولو

ڪر سچي هن حال جي، جو روح وڌءِ رولو

تڙ تڪبر تن مؤن، اهو اِبليسي اولو

ٿي گولن جو گولو، گهار غريبت سان لهي.

دلو

(15) طالب، ڇڏ تڪڙ کي، ٻُڌ سوال سندو جواب

بس هيءَ بات سڻ، بحر برهه جو باب

ڪري گلائون غير جون، تو طرحين وڌو تاب

”اَلۡغِيبة اَشد مِن الزّنِا“ ٿيندءِ آگي ڏانهن عذاب

ڳجهيون دل جون ڳالهڙيون، ٻُڌ شرح شتاب

ڇا ڪث رڪمان تون، جو رکين حرف حساب

خاڪ هوا مؤن خلقئين، ٻي آتش تو ۾ آب

بر جنهين تي بانورئين، دُرس ڪرين دولاب

بَها بيعيون ڇو ڪرين، آڻي هيٺ عتاب؟

ٿيندين موڳا مهڻيهاب، جڏهن سچي

ڪندس سڀ حال جي.

(16)   عاشق هن احوال جي، سُڻ گويائي گفتار

جنهن سان پهتس پرينءَ کي، انهيءَ انداز آپار

پهريون ئي پريت مؤن، ڪئي ڪَٿَ ڪنڀار

تڏهن کڻي ڪوڏر قهار سان، بيٺو الله توهار

گِل کي گڏي گِلالَ، تنهن ڪيو کوڙ کنڌار

ٺَهوڙي ٺَپڻيءَ سان، تنهن ماري ڪيو مسمار

پَڻي ڪيائين پلڪ ۾، محڪم ڏيئي مار

ڀڳائين ڀترن کي، ڍوئي ڪيائين ڌار

جسم منجهارئون اسم کي، تنهن ترت گڏ تڪرار

چَلهو ڪيائين چاهه جان، چؤ طرف چوڌار

گُڏيائين ٿي گِل کي، ڪُٽي ڪُٽ ڪنڀار

لِوِيڙيائين تنهن لِڏ کي، آڻي آڪيچار

ساڪُڙَ سِفالَن جي، وِڌي تنهن ويتار

هستيءَ جو سڀ حال ويو، ٿي عاجزي اظهار

ڏوراپو هن ڏک جو، مون ڪِين چيو ڪنهن بار

صبر سيني ۾ ڌري، ڪيم اهنج سڀ اختيار

ان الله مع الصابرين ڪيم آيت تي اعتبار

من سائين رب ستار، کڻي آجو ايذائن کان ڪري.

(17) بعد تنهن هن باب جي، بنايو هي حال

چَلهي کي چئوطرف، تنهن پختو ڪيو پيمال

آڻي الٽيائين اُتي، جوش منهنجون جر جال

وَهايَائين وِيرَ جان، آب اُتس الحال

ڳاري ڳوهي ڇڏيو، تنهن پاڻيءَ سان پيمال

ماريائين مٽيءَ کي، ڪري زبون زوال

ڀري سو ڀرپور ڪيو، هڪ گهنٽي منجهه گِلال

اُٿيو اُلاهر ڪري، پيس خال اندر خيال

تنهين کڻي ڪوڏر قهر سان، پَيو پاتال

اُٿلائي ايذائن سان، تنهن حالئون ڪيو بي حال

لتاڙيائين لَتُن سان، منجهئون قهر ڪمال

ماري تنهن محزون ڪيو، موٽي موم مثال

ڪُڇان تان ڪوڙو ٿيان، مشڪل ڪرڻ مقال

مِٺو ڀانيم ماٺ کي، توڙي ههڙو ٿيم حال

”فَاصَبر صَبراً جَمِيلا“ هي حڪم مڃيم هر حال

تنهن جي بعد بحال؛ کڻي پِر تئون پِنوڙا ڪيا.

(18) پهريون پنوڙو کڻي، تنهن چاڙهيو سر چَڪ

لٺ کڻي لهرو ڏنو، تنهن ڦيريو مثل فلڪ

هٿ گڏي حڪمت سندا جوڙي ڪئي تنهن جڪ

صورت منهنجي سال ڪئي، پوري منجهه پَلڪ

کڻي ڇيڻِي ڇوهَه مئون، تنهن ڪوريو پاڙئون پَڪ

رکيائين رٿ سان ڪري، تنهن ڍولئي ڏيئي ڍَڪَ

اُن ڏينهن آڊوکو ڪري، ترت ڪيائين تَڪ

ٻئي ڏينهن ٻيهر ڀڳا، تنهن شوڪ اندر جا شڪ

ٺپڻيءَ سان ٺاهي هنيا، تنهن دردن مٿئون ڌڪ

برابر تنهن بعد مون لڳا اهڙا لَڪ

ڪڇيم ڪنهن سان ڪينڪي ڪري برائي بَڪ

مزو ڀانيم ماٺ مئون پيس چَپَ کي پائي چڪ

”والله يُحب الصۡابرين“، هيئن هاريءَ چيو حق

نِرتيون وڍي نَڪُ گذاريم هن غم ۾.

(19) گذاريم هن غم کي، جڏهن سُڪي ٿيس صاف

مون چيومون تان ٿيا، اهنج مڙيئي معاف

گُڙي هَنيم گِلال سان، لاءِ چِٽن جي لاف

تنهن جوڙي چيو جواب ۾، عارف با آلطاف

اڃا مشقت ٿي اچيئي، قوي چُون ڪوهه قاف

فَليَضحَڪُوا قَليلَ وَّليَبڪُوا ڪَثيراً چيو مولي

منجهه مصحاف

ٻوڙا ٻڌ تون ڪنن سان، اهي اشارا اشراف

تنهن مهل اڳي انصاف آدِلا تنهنجي دم جو.

(20) سُسِي ويس صبر ۾، وقت انهيءَ وهلور

اُٿي مَليائين ميٽَ کي، دم ۾ با دستور

ٿڦيندو ٿانون کي، وڃي ڌريندو دُور

مليائين مونکي گهڻو، تنهن محض نه ڇڏيو مُور

آڻي رکيائين اُس تي، وري سَنڀائي سُور

سُڪي تِت سارورهيس موٽي تنهن مذڪور

گُل ڪڍي گم سان، تنهن ڪيو زيب ظهور

چِٽَ ڏسي چهرو ٿيس مغز ڦِريو مخمور

دڙڪو تِت ديدڙ چوي، ڏنو ڪنڀر ڪَلور

سَرهو ڏسِي نه ساهه ۾، ڪر ماتم کي منظور

سنبري سَوريءَ چڙهه تون ميان! مثل منصور

دڙڪي تنهن دهشت ويس ڪَنبي منجهه قُصور

”آلسَّڪُتُ مِنَ الحُڪم“ ڪيم سيني منجهه صُبور

رضا تي راضي رهيس، مرضيءَ تي مشڪور

”وَتُواصو باالحُق وتواصو باالصبر“ چيو غافر

رَّبَ غفور

توڙي بار پوي ڀرپور، ته به سُور نه سلان

ساهه جو.


(1) . ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مناظرا، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1961ع، ص 16.

* . شاهه محمد ديدڙ 1246 هه مطابق 1830 ع ۾ (ڳوٺ ديدڙ تعلقو قمبر لاڙڪاڻو) ڄائو. سنڌ جو مشهور شاعر حسين فقير ديدڙ سندس نانو هو، جو سندس استاد به هو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو بنده جو لکيل ڪليات شاهه محمد ديدڙ.

(1) . بيچون = بينظير، لاثاني. ڪن = ٿيءُ. ڪُن فيڪون (ق) = ٿيءُ ته ٿي پيو. داور = ڌڻي، الله تعاليٰ. هڙده الف = ارڙهن هزار، سارو عالم، جملي مخلوقات.

(2) . ڪارڻي = ڪارڻ يا سبب بڻجڻ وارو، وسيلو، مددگار. ضمان = صامن ان ..... اوليٰ تحقيق هي حقيقتون اڳين صحيفن ۾ هيون. حضرت ابراهيم ۽ حضرت موسيٰ جي صحيفن ۾. وما... رحمة اللعالمين ۔۔= اي رسول توکي مون جهانن لاءِ رحمت ڪري موڪليو آهي. فرقان = قرآن. لا... الله (ق) = خدا جي رحمت کان نااميد نه ٿيو. ولسوف .... فترضيٰ (ق) = جلد ئي تنهنجو رب توکي عطا ڪندو، پوءِ تون خوش ٿيندين. عصيان = گناه، ڏوهه، پاپ. (3) چيدا = چيده، چونڊيل. زنار = جَڻيو. استاده = بيٺل قائم. مڻيار = مڻيادار. نور وارا سهڻا.

(5) . نرمل = پاڪ، صفا. نظير = ثاني، مثال. مشعل = شمع، ڏياٽي. پذير (پذيرفتن = اثر قبول ڪرڻ)، اثر قبوليندڙ، اثر وٺندڙ. داڙو = شفيع، ڇڏائيندڙ، سفارش ڪندڙ.

(6) . درس = درست، برابر. دلال = ٽِياڪُڙ، ثالث، امين. مقال = ڳالهه ٻولهه، گفتگو، مشهوري.

(7) . اوڪاسي = سڪ، عشاقي. آسي = آس رکندڙ، اميدوار. ارداسي = عرضدار.

(8) . اقتادا ٿيا = ڪري پيا. کيپ = نشو، خمار،نيڻين هاريا نار = هنجون هاريا، لڙڪ وهايا.

(10) . بم = رعب، تم = تمام، پوريون، آڀاڻي = وڌئين، اُسرين. کاڻي = مڙين، پچين، جلين. گلال = ڪنڀر. ٽيڳر = وڏائي، مڳي.

(11) . ڀانڊا = دلي ڏانهن اشآرو. ٻار = پاڻي. نار = لڙڪ، ڳوڙها.

(13) . مڙهي = مَڙهيل، جڙيل. کڙي ڪندي = تڪڙي ويندي. اڙهي = وَهِي، هلي.

(14) . مولو = ڳوڙهو. ڀولو = شڪ شبهو. تڙ = هڪل؛ ڪڍ.

الغبة اشد من ازنا = گلا ڪرڻ زنا کان به خراب آهي.

(16) . گل = مِٽي. کنڌار = وڏو، گهڻو. پڻي = مِٽي، خاڪ. چاهه = کوهه. ساڪڙ = آويءَ ۾ وڌل ٿانون جي قطار. سفال = ٿانءُ مٽيءَ جو. ويتار = ويتر، جيڪي سو. ان الله.... تحقيق صبر وارن سان آهي.

. ان الله.... تحقيق الله صبر وارن سان آهي.

(17)  جر = پاڻي. جال = جهجو مخزون = غمگين.

فاصبر.... جميلا = پوءِ صبر ڪر تون، سهڻو صبر. پرتئون = پرت مان.

(18)  فلڪ = آسمان.

ڇيڻي = سڳو، جنهن سان ڪنڀر چَڪُ تان ٿانءُ پاڙون ڪپي لاهن. والله.... صابرين (ق) = الله صبر ڪندڙن کي دوست رکي ٿو.

(19) . لاف = ڊاڙ، ٻٽاڪ. فليضحڪوا... ڪثيرا (ق) = پوءِ کلو توهان ٿورو. ۽ روئو توهان گهڻو. مصحاف = مصحف، قرآن.

(20) . وهلور = بيزار، عاجز، تنگ. چهرو ٿيس = خوش ٿيس.

السڪت ... حڪم = ماٺ، حڪم مان آهي وتوا... صبر (ق) پاڻ ۾ صلاح ڪندا رهو حق مان ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪندا رهو صبر سان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org