سيڪشن؛لوڪ ادب

ڪتاب: ڳاهن سان ڳالهيون

ڪهاڻي؛ 1

صفحو ؛ 1

لوڪ ڪهاڻيون 7  (ڳاهن سان ڳالهيون)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

1- ڏمڻ سونارو *

 

سومرن جي دور ۾، سنڌ جي هڪ حصي تي دلوراءِ نالي راجا راڄ ڪندو هو. ڌن دولت جي وٽس ڪمي ڪانه هئي، پر کيس اولاد ٿيندو ئي ڪونه هو. گهڻيئي پير فقير ۽ ساڌو سنت پڇايائين، پر ڪٿان به هن جي اميد پوري نه ٿي. نيٺ آسرو لاهي ماٺ ڪري ويهي رهيو. خدا جي قدرت، هڪڙي ڏينهن هڪ فقير سندس شهر ۾ آيو، ۽ اچڻ سان هن اهڙيون ته ڪرامتون ڏيکاريون جو ٿوري وقت ۾ سڄي شهر ۾ مشهور ٿي ويو. سندس ڪرامتن جي سڌ راجا دلوراءِ کي به پيئي، سو به اچي فقير سان مليو ۽ دل جي حقيقت ساڻس ڪيائين. فقير چؤطرف نظر ڦيرائي چيس ته: توکي نرينو اولاد ته لکيل ئي ڪونهي، باقي هڪڙي نياڻي تنهنجي قسمت ۾ لکيل آهي. راجا فقير جو جواب ٻڌي سرهو ٿيو ۽ چيائين ته: فقير سائين! نياڻي به نور، وانجهئي جو لقب ته لهي پوندو. ائين چئي، فقير کان موڪلائي محلات ۾ آيو. خدا جي فضل سان فقير جو چوڻ ڪونه گٿو ۽ ان سال ئي راجا دلوراءِ کي هڪ سدا ملوڪ ڌيءَ ڄائي، جنهن جو نالو ’سـُـهائي‘ رکيائين.

دلوراءِ وٽ ’ ڏمڻ ‘  نالي هڪ سونارو، وڏو وزير هو، جنهن کي پنج پٽ هئا، جن مان ڪي راجا وٽ وڏن عهدن تي مقرر ٿيل هئا. هڪڙي ڏينهن راجا شڪار جو ارادو ظاهر ڪري پنهنجن اميرن وزيرن سان صلاح ڪئي ۽ چيائين ته: اڄ جنهن جي به اڳيان شڪار نڪري، اهوئي انجي پويان لڳي. اها ڳالهه پڪي ڪري، راجا جنهگ ڏانهن روانو ٿيو. ڏمڻ سوناري سڀني ماڻهن کي چيو ته: ڪوشش ڪري شڪار کي راجا جي اڳيان آڻجي، جيئن ان جي پويان پاڻ لڳي ۽ کيس جهلي خوش ٿئي. سڀني کي اها صلاح وڻي ۽ هائوڪار ڪيائون. خير، هلندي هلندي هڪڙي گهاٽي جهنگل ۾ هڪ ڪاريهر هرڻ ظاهر ٿيو ۽ نڪتو به راجا جي اڳيان، تنهن ڪري راجا پنهنجو حق سمجهي هرڻ جي پويان گهوڙو ڇڏيو ۽ ٻيا سڀ بيهي رهيا. هرڻ ڀڄندو ڀڄندو وڃي هڪڙي رڻ پٽ ۾ پيو ۽ راجا به ان جي پويان ڪاهيندو ويو. اتي راجا کي اچي خشڪي لڳي ۽ وري رڻ پٽ جي گرم هوا هن کي هيڪاري ساڻو ڪري وڌو، آخر هڪڙي هنڌ بيهوش ٿي گهوڙي تان ڪري پيو ۽ هرڻ غائب ٿي ويو.

Text Box: 2

 

 

اميرن، وزيرن راجا جو ڳچ وقت انتظار ڪيو، پر هن جو ڪوبه پتو ڪونه پيو، تڏهن ڏمڻ سونارو پاڻيءَ جي سانداري ڀري، راجا جي گهوڙي جو پير کڻي روانو ٿيو. گهوڙو ڊوڙائيندي ڊوڙائيندي هن جي به حالت خراب ٿي ويئي، سانداري ڦاٽي پيئي، پاڻي سڀ هارجي ويو. نيٺ گهڻي رلڻ کان پوءِ ان جاءِ تي پهتو جتي راجا بيهوش ٿيو پيو هو. وزير هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، پر کيس ڪا به آبادي نظر ڪانه آئي، نيٺ بادشاهه کي کڻي اڳتي هليو. اڃان ڪجهه پنڌ اڳڀرو ٿيو ته هڪ طرف کيس دونهون ڏسڻ ۾ آيو، هن يڪدم گهوڙي کي اوڏانهن ڊوڙايو. اتي پهچي ڏٺائين ته هڪڙو جوڳي ڪنڌ جهڪايو ماٺ ڪيو ويٺو آهي. ڏمڻ سوناري اچڻ شرط جوڳي کي سلام ڪيو. جوڳي به ڪنڌ مٿي کڻي هن کي ڏٺو ۽ ويهڻ جو اشارو ڪيائين. وزير، راجا کي گهوڙي تان لاهي هيٺ ڪيو ۽ جوڳي جي پاسي ۾ ويهي رهيو. جوڳي هن کان حقيقت پڇي جا هن سڄي سربستي ڪري ٻڌائي. ڏمڻ جي خبر ٻڌي، جوڳي زمين ۾ ڪندري ٺوڪي ته ٿوري دير ۾ زمين ڦاٽي پيئي ۽ صاف پاڻيءَ جو هڪڙو چشمو ظاهر ٿي پيو. وزير يڪدم ان پاڻيءَ مان راجا کي ڇنڊا هنيا ۽ ڪجهه پاڻيءَ جو چرون ڀري وات ۾ به وڌائينس. ڪجهه وقت کان پوءِ راجا اکيون کولي اٿي ويٺو. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ جڏهن هنن پاڻي پي ڍؤ ڪيو، تڏهن جوڳي کان موڪلائي، ٻئي ڄڻا گهوڙي تي چڙهي واپس روانا ٿيا. ٿورو اڳتي هلي راجا کي خيال ٿيو ته ’ ڇو نه ههڙي ڪامل فقير کان پنهنجي شهزاديءَ جي لکئي بابت پڇي ڇڏجي ‘ . اهو خيال ڪري ڏمڻ وزير کي چيائين ته: آءٌ هتي بيهان ٿو، تون وڃي فقير کان پڇي اچ ته شهزاديءَ جو لکيو ڪنهن سان آهي؟ ڏمڻ سڌو فقير وٽ آيو ۽ شهزاديءَ جي لکئي بابت پڇيو. جوڳي فقير هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائي، پوءِ وزير ڏي منهن ڪري چيو ته: راجا جي ڌيءَ جي شادي ڏمڻ نالي سوناري جي پٽ سان ٿيندي. جوڳي جا اها لفظ ٻڌي ڏمڻ کي ٿڙڪڻي وٺي ويئي ۽ ڏڪندو ڏڪندو راجا وٽ آيو، ۽ اچي چيائينس: سائين! فقير توهان کي روبرو ٻڌائڻ ٿو گهري. راجا جوڳي وٽ آيو ۽ کانئس پنهنجي شهزاديءَ جي لکئي بابت پڇيائين. ان تي جوڳي ڪنڌ مٿي کڻي، بيپرواهي سان جواب ڏنو ته: تنهنجي ڌيءَ جي شادي، ڏمڻ سوناري جي پٽ سان ٿيندي. اهو ٻڌي راجا تپي باهه ٿي ويو، پر لاچار دل جو سور دل ۾ سانڍي ڏمڻ وٽ پهتو ۽ ٻئي ڄڻا اچي ڳوٺ پهتا.

 

 

ڳوٺ پهچڻ شرط راجا نه ڪنهن سان ڳالهائي نه ٻولهائي، چپ چاپ ويچار ۾ ويٺو هوندو هو. ڏمڻ کي ته ساري معاملي جي خبر هئي، سو به ماٺ ڪيو ويٺو هو. نيٺ اميرن وزيرن راجا کان حقيقت پڇي. جنهن کين سموري حقيقت ٻڌائي ۽ کانئن صلاح پڇيائين ته هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ان تي سڀني صلاح ڏنس ته: ڏمڻ جي پنجن ئي پٽن کي مارائي، زال مڙس ٻنهي ڄڻن کي هتان لڏائي ڇڏڻ گهرجي ۽ شهزاديءَ کي پنهنجي عزازت ۾ مڱائي ڇڏجي. راجا کي اها صلاح پسند آئي ۽ ورندي ڏينهن ڏمڻ جي پنجن ئي پٽن کي مارائي ڇڏيائين. باقي ڏمڻ ۽ سندس زال کي شهر نيڪالي ڏيئي، پنهنجي ڌيءَ سهائي جو مڱڻو پنهنجي ڀاڻيجي ’ بکر ‘  سان ڪرائي ڇڏيائين جو هڪڙيءَ اک کان ڪاڻو هو.

 

ڏمڻ ويچاري کي پٽن جي مارجڻ جو گهڻو ئي ارمان ٿيو، پر سواءِ صبر جي ٻيو ڪو چارو ڪونه هو، سو راجا دلوراءِ جي شهر ”وڄڙوٽ“ کان هڪ ميل اوڀر طرف پنهنجي ماڙي اڏائي اتي رهڻ لڳو. خدا جي قدرت سان اتي کيس ٻه پٽ ٿيا. ڏمڻ انهن جي نپائڻ جو اهڙو ته بندوبست رکيو، جو ڪنهن بني بشر کي به اها خبر ڪانه پيئي ته ڪو ڏمڻ کي ٻه پٽ آهن.

ڇوڪرا اڄ ننڍا سڀان وڏا، نيٺ اچي لائق ٿيا. هڪڙي ڏينهن ماڙيءَ تي بال راند ڪندي، سندن کينهون وڃي ٻاهر پيو ۽ هيءُ ڊوڙي ٻاهر نڪتا. ڏمڻ سونارو جو ٻاهر ٿلهي تي ويٺو هو، تنهن پنهنجن پٽن کي ٻاهر نڪرندي ڏٺو، سو سندس اکين مان بي اختيار ڳوڙها ڪري پيا. ڇوڪرن جو پنهنجي پيءُ کي روئندي ڏٺو سو رڙهي اچي ڀر ورتئون ۽ کانئس روئڻ جو سبب پڇيو. ڏمڻ پنهنجن مصيبتن جي سموري ڳالهه ٻنهي پٽن کي ٻڌائي ته ڪهڙيءَ طرح سندس پنج پٽ ڪٺا ۽ کيس شهر نيڪالي ملي. ڏمڻ ٻنهي پٽن کي تاڪيد ڪيو ته هو به ڪنهن کي نه ٻڌائين ته ڪو هو ڏمڻ جا پٽ آهن ۽ نڪي شهر طرف ئي وڃن. پٽن پيءُ سان انجام ڪيو ته هو سندس حڪم کان ٻاهر نه ويندا.

Text Box: 4

 

انهيءَ ڳالهه کي ڪيترا ڏينهن گذري ويا. هڪڙي ڏينهن هيءُ ٻئي ڀائر پيءُ سان ڪيل انجام وساري، گهوڙن تي چڙهي اچي دلوراءِ جي شهر ۾ پهتا. خدا جي قدرت سان انهي ڏينهن دلوراءِ جي ڌيءَ سهائي به پنهنجي سهيلين سان گڏ محلات جي ڀرواري تلاءَ تي وهنجڻ آئي هئي ۽ ان وقت وهنجي ڪپڙا پائي رهي هئي ته ٻئي ڇوڪرا گهوڙن تي سوار اتان اچي لانگهائو ٿيا. هنن جي نظر وڃي سهائي تي پيئي، ننڍو ڀاءُ هڪ ئي نظر سان شهزاديءَ تي فدا ٿي ويو ۽ اتان ئي شهزاديءَ کي چيائين ته:

 

 

ڪـر گــوري ڪـپـڙا، ويـٺـئـيـن کولي وار،

 

ڍڪ پنهنجا انگــڙا، مـارمَ ڪـَـلـهڙا ٻـار،

تن سونارن سان الا! مون من موهيو وي.

اهو ٻڌي شهزاديءَ، ڏمڻ جي پٽ ڏانهن ڏٺو ۽ کيس جواب ۾ چيائين ته:

مون ڀانيو تون ننڍڙو، پر تون ڪا وڏي وٿ،

انب پـچي رس ڪيو، تون ڇـو نـه لائين هٿ؟

تن سـونارن سان الا! مـون مـن مـوهـيــو وي.

جڏهن وڏي ڀاءُ، ننڍي ڀاءُ ۽ شهزاديءَ جي وچ ۾ اها گفتگو ٻڌي، تڏهن ڀاءُ کي خبردار ڪيائين ته:

اَڪ نه ڪـجي ڏندڻو، سـپ نه کـائـجي ماهه،

اتي لائجي نينهڙو، جتي ٿئي نه جيءَ وڻـاهه،

تـن سـونـارن سـان الا! مـون مـن موهيـو وي.

ننڍو ڀاءُ، وڏي ڀاءُ جو اشارو سمجهي ويو ۽ جواب ڏنائينس ته:

اَڪ ڪــجــي ڏندڻو، مـَـرُ سـَـپ کـائجي ماهه،

اتي ئي لائجي نينهڙو، جتي ٿئي جيءَ وڻاهه،

تـن سـونـارن سـان الا! مـون مــن موهيـو وي.

Text Box: 6

 

ائين چئي گهوڙن کي هڪلي اڳتي روانا ٿيا ۽ اچي بادشاهه جي محل وٽ پهتا. محلات جي هيٺان شهزاديءَ جو مڱيندو بکر رهندو هو، جنهن جو دستور هوندو هو ته جيڪو به محلات اڳيان لنگهندو هو، تنهن سان چوپڙ راند ڪندو هو ۽ راند جو اهو شرط هوندو هوس ته ’ پهرين جيت ۾ مال ملڪيت ۽ ڪپڙا ڦريندس ۽ ٻيءَ ۾ هارايل ڌر کي ماري ڇڏيندس.‘  اهو شرط ساڻس به لاڳو هوندو هو. جڏهن هي ٻئي ڀائر اتان لنگهيا، تڏهن ڪاڻي بکر کين سڏ ڪيو ۽ پنهنجو شرط ٻڌائي، کين چوپڙ راند ڪرڻ لاءِ چيو. هنن ٻنهي شرط قبول ڪيو. پهريائين وڏو ڀاءُ راند ڪرڻ ويٺو. شهزادي سهائي کي به بکر جي چالاڪيءَ جي خبر هئي، تنهن جو ٻڌو ته اڄ بکر ٻن پرديسين سان چوپڙ راند ڪندو، سا به ان وقت اچي محلات تي ويٺي، ڇوڪرن به شهزاديءَ کي ڏسي ورتو.

 

وڏي ڇوڪري هڪ راند هارائي ۽ ٻي رهڻ لڳو. ننڍو وري صندل تي ليٽي شهزاديءَ کي ڏسڻ لڳو. آخرڪار وڏي ڇوڪري ٻي به راند هارائي. بکر سندس ڪپڙا لهرائي پنهنجو قيدي ڪري بيهاريو ۽ وري ننڍي کي راند ڪرڻ لاءِ چيو. راند شروع ٿي، پهرين راند بکر کڻي ويو، اتي سهائي کي آنڌ مانڌ وٺي ويئي ۽ ڇوڪري کي هوشيار ڪرڻ لاءِ اتان ئي چيائين ته:

جاڳ سجاڳ سڌير ٿي، تون سولو ڍارو ڍار!

پـنـج اڳيـئـي مـاريـا، هـي سهائي جو سهاڳ،

تـن سـونـارن سـان الا! مـون مــن موهيـو وي.

اهو ٻڌي ڇوڪري جي اک کلي ۽ خيال سان ڍارو هنيائين. آخر هن راند کٽي ۽ بکر راند هارائي. هن بکر کان ڀاءُ جا ڪپڙا ورتا ۽ سندس ڪپڙا لهرائي، کيس وڏي ڀاءُ جي چوڻ تي ٻيو شرط معاف ڪيائين.

بکر کي معافي ڏيئي، ٻئي ڀائر گهوڙن تي چڙهي واپس موٽيا. اتي شهزاديءَ ٻانهيءَ کي ڊوڙايو ته: وڃ، انهن کان پڇي اچ ته ڪير آهن؟ جيستائين ٻانهي هنن تائين پهچي تنهن کان اڳ ٻئي ڀائر شهزاديءَ جي محلات جي هيٺان اچي لنگهيا. شهزادي هنن کي ويندي ڏٺو سو ڇا ڪيائين، جو دريءَ مان بيهي هنن جي مٿان رنگ هاريائين، جنهن ڪري هنن جا ڪپڙا لال ٿي ويا. هنن مٿي ڏٺو ته ايتري ۾ ٻانهي به اچي رسي ۽ چيائين ته:

آئين وڃــو ٻه ڄــڻــا، مـاڻهــو ڪِ مـَـلــڪَ!

رڱ رتـا ڪپڙا، آئين پنهنجي ڏيو پـرک!

تن سونارن سان الا! مون من موهيو وي.

 

ٻانهيءَ جي اها ڳالهه ٻڌي، ننڍي ڇوڪري جواب ڏنو ته:

 

رنگ رڱن ٻيلي! کٽيئڙا، تنهنجو ته رنگ ڪو واهه!

جــي هـجـئــي حــب مـلـڻ جـي، ته ڏمـڻ ڪـوٽ پـڇـاءِ!

تــن ســونــارن ســــان الا! مـــون مــــن مــــوهـيــو وي.

ائين چئي هيءُ ٻئي ڀائر واپس گهر ڏانهن موٽي ويا. هوڏانهن ٻانهي شهزادي کي ڏمڻ جي پٽ جي چيل ڳالهه ٻڌائي.

شهزاديءَ ٻن مردانين پوشاڪن ۽ سواريءَ لاءِ اٺن جو بندوبست ڪيو. آڌيءَ رات جو پاڻ ۽ ٻانهي ٻئي مردانيون پوشاڪون پهري، اُٺن تي چڙهي ڏمڻ جي ڪوٽ ڏانهن روانيون ٿيون. شهر مان لنگهندي هڪ واڻئي هنن کي ڏسي ورتو، جو پنهنجي وڃايل دمڙي ڳولي رهيو هو. اوچتو هوا جو جهوٽو لڳڻ ڪري ڏيو وسامي ويو ۽ اوندهه ٿي ويئي. ايتري ۾ شهزادي اچي اتان لنگهي ۽ سندس حسن ۾ ايڏو ته شعاع هو جو واڻئي پنهنجي دمڙي ڏسي ورتي. دمڙي کڻي هنن کي چيائين ته:

آئين جي وڃـو ٻه ڄڻـا، مـاڻـهو ڪِ مـَـلـڪَ!

رات رهو جي هيڪڙي، رپيا ڏيان ٻه لک،

تن سونارن سـان الا! مـون مـن موهيو وي.

واڻئي جي واتان اها ڳالهه ٻڌي شهزادي تپي باهه ٿي ويئي ۽ کيس دڙڪو ڏيندي چيائين ته:

بـابــي سـنــدا واڻـيـــا! تــــون ويــــڻ نــه اوَلا اَلِ،

سج اڀري سنئون ٿئي، تنهنجي بهه ڀرايان کل،

تــن سـونارن سـان الا! مــون مــن مــوهـيـو وي.

Text Box: 8

 

اهو ٻڌڻ سان واڻئي جون وايون ئي بطال ٿي ويون ۽ آزيون گيسيون ڪري معافي وٺڻ لڳو. شهزادي چيس ته: توکي معافي ٻن شرطن سان ملندي، هڪ ته ڪنهن سان به اسان جي خبر نه ڪندين ٻيو اسان کي ڏمڻ سوناري جي جاءِ ڏيکاريندين. واڻئي ٻئي شرط قبول ڪيا ۽ هنن سان گڏجي هلڻ لڳو. جڏهن ڏمڻ جي ماڙي ويجهي آئي، تڏهن موڪلائيندي چيائين ته:

 

هـُـوتان گهر ڏمن جو، هيءَ تـان انـهـن جـي واٽ،

سامهون سڌو رخ رکي، آئين وڃو سنئين ڳاٽ،

تــن سـونـارن ســان الا! مــون مــن مـوهـيــو وي.

ائين چئي واڻئي پويان پير ڪيا ۽ هيءُ ٻئي ڄڻيون اچي ڏمن جي گهر وٽ پهتيون. ان وقت برسات جي بوندار پي پئي هنن در کڙڪايو.

ڏمڻ کي وڏي پٽ ساري حقيقت کان واقف ڪيو هو، تنهن کي ته ننڊ هئي ڪانه، سو دروازي جو کڙڪو ٻڌي تڏهن پڪ ٿيس ته راجا جا ماڻهو اچي ويا، سو ڊپ ۾ اصل ساهه سڪي ويس. ماٺڙي ڪري سمهي رهيو ۽ جواب نه ڏنائين. ٿوريءَ دير کان پوءِ وري شهزاديءَ در کڙڪايو ۽ وڏي واڪي چيائين ته:

مينهن ته ٻـُـر ٻـُـر ڀانئيان، ڀنيون ڪوٽ سـِـرون،

جنهـن ۾ وجـهـون هقــًـڙا، تـِـرڪـي پـوءِ ڪـــرون،

تــن ســونــارن ســان الا! مــون مــن مـوهيــو وي.

اها ڳالهه ٻڌي، ڏمڻ جو ڪجهه ڊپ لٿو. ويچار ۾ پئجي ويو ته وري سهائي جو آواز ڪنن تي پيس:

سـُـهرا! ستو ننڊون ڪرين، نـُـنهـَـن کي ناهه قرار،

ڦـڙ ڦڙ وسن مينهڙا، ’ سهائي ‘  جو پـُـسي ٿو هار،

تـن ســونــارن ســان الا! مــون مــن مـوهـيـو وي.

اهو ٻڌي، ڏمڻ امتحان وٺڻ خاطر طعنو ڏنس ته:

ڪاڻي، ڪوجهي، بڇڙي، تون آئينءَ ڇو هيڏي؟

پـنــج اڳــيــئــي مــاريــا، آهــن دلــوءَ جـي ديــري،

 

تـن ســونـــارن ســـان الا! مـــون مــن مـوهيو وي.

 

اهو ٻڌي سهائي سمجهي ويئي ته ڏمڻ ڊنو آهي، سو سندس خاطريءَ لاءِ چيائينس ته:

مينهن ٻـُـر ٻـُـر ڀانئيان، منهنجو ڀنو پٽ پڙو،

اٿــي سـهـرا! هـنڌ ڏي، تون لڏي لاهه ڪڙو،

تـن سـونـارن سـان الا! مون من موهيو وي.

تڏهن مس مس وڃي ڏمڻ جو ڊپ لٿو ۽ اٿي دروازو پٽيائين، ۽ چيائين ته: ڪڪڙن جي پهرين دس سان ٻئي ڄڻيون هتان نڪري وڃجو. سهائي اها ڳالهه قبول ڪري، اندر گهڙي ويئي ۽ ٻانهي ٻاهر ويهي رهي. شهزادي وڃي پنهنجي محبوب کي هنڌ مان اٿاريو، ڇوڪرو سهائي کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ هڪ ٻئي سان حال اورڻ لڳا. ڏمڻ شهزادي کي اندر ته اچڻ ڏنو، پر پوءِ اچي سر سان لڳس. جبل جيڏي رات هن لاءِ گذارڻ ڏکي ٿي پئي، آخر مڪر ڪري. ڇڄ کڻي کڏ تي چڙهي ويو ۽ ڇڄن کي ڪڪڙن جي کنپڙاٽين وانگر هڻي، ٻانگ ڏنائين. شهزاديءَ اها ڪوڙي ٻانگ ٻڌي چيو ته:

ڪوڙا ڪڪڙ! قـَـهر پوئي ، اڃا جهجهي رات،

اســــــــــان پــــــريــن پــــــــاڻ ۾، مــــس ورايـــــــو ڳـــاٽ،

تــــن ســــونـارن سـان الا! مــون مــن مــوهيـــو وي.

اهو ٻڌي ڏمڻ دل جو سور دل ۾ رکي، ماٺ ڪري هيٺ لهي اچي ويهي رهيو. ننڊ ئي نه پيئي اچيس. ڪجهه دير ترسي وري به کڏ تي چڙهي ويو ۽ ٻانگون ڏيڻ شروع ڪيائين، شهزادي وري به چيو ته:

ڪـوڙا ڪـڪڙ! قهر پوئي، اڃا جهجهي رات،

ڪاتي تنهنجي ڪنڌ تي، کنڀ ٻلي جي وات،

تــن ســونــارن ســان الا! مــون من موهيو وي.

نيٺ ڏمڻ نااميد ٿي، ماٺ ڪري وڃي سمهي رهيو.

سهائي ۽ ڇوڪري کي رهاڻ ڪندي ننڊ کڻي ويئي ۽ مٿان اچي پرهه ڦٽي، تڏهن هنن کي سجاڳي ٿي. شهزاديءَ ڇوڪري کي چيو ته: هاڻي جدا ٿيڻ جي مهل اچي ويئي آهي. سو هڪ ٻئي کان موڪلايائون، ۽ ٻئي ڄڻيون اٺن تي چڙهي، واپس موٽيون. جنهن مهل محلات جي ويجهو پهتيون، تنهن مهل بکر به اچي دروازي وٽ ويٺو هو. هنن کي اچي ڊپ ورتو پر ڊڄندي ڊڄندي ٻئي ڄڻيون اچي هن جي ڀرسان لنگهيون، بکر ڏانهنُ ڏسندي چيو ته:

آئـيــن جــي وڃـــو ٻــه ڄـڻا، اوندهه ڀـانيو اڇ،

وڌي وڌي وڻ ٿيا، آن کي ڏاڙهي نه ڪا مڇ؟

قـِن سـونـارن سـان الا! مـون مـن موهيـو وي.

اتي سهائي ورندي ڏنيس ته:

ڏاڙهي ڏات خدا جي، ڪنهن کي اڳي ڪنهن کي پوءِ،

اســــــــــان وڃـــــــــــــايــــو اُٺــــــــــــــڙو، تــــــــــــــو وڃـــــــــــــائي جـــــــــــوءِ،

تـــــــــن ســــــــونــارن ســــــــــان الا! مـــــــون مـــــن مــوهـــــــيــــو وي.

Text Box: 10

 

بکر سمجهي ويو ته اها شهزادي آهي، ۽ سڄي رات ڪٿي گذاري موٽي آهي. سو ڇا ڪيائين جو اٺن جو پيرو کڻي انهيءَ پاسي ويو، جتان هو ٻئي آيون. هلندي هلندي، اچي ڏمڻ جي گهر وٽ پهتو. پڇا ڳاڇا تي خبر پيس ته اهو ڏمڻ سوناري جو گهر آهي، بس پوءِ همراهه جو هانءُ ئي سڙي ويو. ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو، موٽي اچي بازار مان هڪ گدرو وٺي، ان مان ٻج ۽ ڳر ڪڍي، ٺلهو کوکو ٿالهي ۾ رکي، ڍڪي راجا جي اڳيان رکي واپس موٽي آيو. درٻار برخاست ٿيڻ تي راجا ڪپڙو لاهي ڏٺو ته فقط گدري جو کوکو رکيو آهي! اتي کيس ڏاڍا خار لڳا ۽ ماڻهو موڪلي بکر کي گهرايائين. راجا هن کان ان ڳالهه جو سبب پڇيو. تڏهن هن سڄي حقيقت ڪري ٻڌايس. راجا اها ڳالهه ٻڌي ڍَڪرجي ويو ته ڏمڻ کي ٻه ٻيا پٽ به آهن.

 

 

راجا پنهنجن اميرن ۽ وزيرن سان صلاح ڪئي ته: هاڻي ڪهڙي نموني ڏمڻ جو خاتمو ڪجي؟ گهڻين تجويزن کان پوءِ اهو فيصلو بيٺو ته، هڪڙو اونهو کوهه کڻائي، ان ۾ لوهه جا چهنبيارا ڪل ۽ انبور هڻائي، ان ۾ ڏمڻ، سندس زال ۽ پٽن کي اڇلارائي ۽ کوهه جو منهن بند ڪرائي ڇڏجي ته پاڻهي آداب کائي مري ويندا. راجا کي اها صلاح وڻي ۽ هڪدم کوهه جي کوٽائي جو ڪم شروع ٿي ويو.

 

سهائي کي جنهن وقت انهيءَ ڳالهه جي خبر پيئي، تنهن ڇا ڪيو جو ڳجهه ڳوهه ۾ ڪاريگر گهرائي پنهنجي محلات کان وٺي، ان کوهه تائين هڪ سرنگهه  تيار ڪرائي ڇڏي. هڪڙي ڏينهن کوهه به اچي تيار ٿيو ۽ منجهس انبور به لڳي ويا. جي سهائي ڪڍرائي، اُنهن جي بدران کوهه ۾ ڪپهه ڀرائي ڇڏي.

ٻئي ڏينهن تي راجا جا ماڻهو، ڏمڻ جي سموري آڪهه کي پڪڙي کوهه تي وٺي آيا. راجا دلوراءِ به پنهنجن اميرن ۽ وزيرن سان گڏ ان کوهه تي آيو، بکر به اتي موجود هو. آخر راجا فيصلو ڪيو ته پهرين ڏمڻ پوءِ سندس زال پوءِ وڏو پٽ ۽ پڇاڙي ۾ ننڍو پٽ کوهه ۾ ڦٽا ڪيا وڃن. نيٺ نمبر وار سڀني کي کوهه ۾ ڦٽو ڪيائون. جڏهن ننڍي ڇوڪري جو وارو آيو تڏهن ڪاڻي بکر هن ڏي نهاري چيو ته:

اُڀ ۾ جو ٿـُـڪ اڇـلي، سو پنهنجي منهـن ۾ پاءِ،

جو کڻي هٿ وڏن ڏي، تنهن سان ههڙي ٿئي هاءِ،

تــن ســونـارن ســان الا! مــون مــن مــوهــيــو وي.

ڇوڪر اهو طعنو ٻڌي، ڪاڻي ڏانهن منهن ڪري جواب ڏنو:

سچ ته بيٺو نچ، ڪاڻا! ڪارو منهن آهي ڪوڙ،

ســچــن سـچ ملندو سگهـو، ڪـوڙن پونــــــدي ڌوڙ،

Text Box: 12

 

قـِــــن ســـــونـارن ســــان  الا! مــــون  مـــــــن مــوهـيـــو وي.

 

بکر جو اندرئي سڙي ويو، نيٺ راجا جي حڪم تي ننڍي ڇوڪري کي به اڇلي، کوهه جو منهن بند ڪري، فقط هڪ ننڍو سوراخ ڪري ڇڏيائون.

هيءُ سڀ کوهه ۾ ڪريا پر هنن کي ڪابه تڪليف ڪانه ٿي ۽ ڏسن کڻي ته ٻه ماڻهو بيٺا آهن! هيءُ حيران ٿي ويا ۽ انهن کان پڇيائون ته: هي ڪهڙي ماجرا آهي؟ هنن ساري حقيقت ٻڌاين ۽ رات جو هنن سڀني کي سرنگهه وسيلي محلات ڏي وٺي آيا. اهڙي ريت هيءُ سڀ ڏينهن جو کوهه ۾ رهندا هئا ۽ رات جو محلات ۾ وڃي آرامي ٿيندا هئا. ڏينهن گذرندا رهيا، آخر هڪ مهينو پورو ٿيو.

هڪ ڏينهن شهر جي ٻارن کوهه جي ڀرسان راند پئي ڪئي ته اوچتو سندن کينهو ان سوراخ مان وڃي کوهه ۾ ڪريو. سڀئي ڇوڪرا اچي کوهه وٽ سوڙها ٿيا. اتي هڪ ڇوڪرو ان سوراخ تي منهن رکي چوڻ لڳو ته: اڙي ڏمن سونارا! جيڪڏهن تون سچ تي آهين ته اسان جو بال ٻاهر اڇلي ڏي، اسين تنهنجي نالي پنجن پئسن جي مٺائي ورهائينداسون. اهو آواز ٻڌي هيٺان ڀائرن تير ۾ کينهو ڦاسائي، تير کڻي ڇڏيو ته کينهو اچي ٻاهر پيو. کينهو ڏسي ڇوڪرا ڏاڍو خوش ٿيا ۽ آهستي آهستي سڄي شهر ۾ اها ڳالهه پکڙجي ويئي ته، ’ڏمڻ سونارو ولي آهي‘ . اها خبر بکر به ٻڌي، سو سڌو کوهه تي آيو ۽ چيائين ته: آءٌ ٿو ڏسان ته ڪيئن ڏمڻ ولي آهي. کوهه ۾ ته سڀني اهي ڳالهيون پئي ٻڌيون. ڇوڪرا به تير ڪمان تيار ڪري ويهي رهيا. بکر جو سوراخ مان ڏسڻ، هنن جو تير ڇوڙڻ. تير لڳڻ سان بکر رڙ ڪري وڃي ڪريو ۽ مري ويو. اها خبر جڏهن راجا دلوراءِ ٻڌي تڏهن سڌو ان کوهه تي آيو، ماڻهن جا انبوهه اچي گڏ ٿيا، اتي راجا چيو ته: آءٌ ٽي سڏ ڪريان ٿو. جي ڏمڻ سڏ ڏنو ته سهائي جو سڱ ۽ اڌ راڄ ڏمڻ جي ننڍي پٽ کي ڏيندس. اهو انجام ڪري هن سوراخ تي منهن رکي سڏ ڪيا. ٻن سڏن تي ڪوبه جواب ڪونه مليس، پر ٽئين سڏ تي ڏمڻ چيو ته جي سائين! سڏ ٻڌڻ سان بادشاهه کوهه جو منهن کولايو ۽ نوڙيون اندر ڍاريائين ۽ ڏمڻ کي آڪهه سميت ڇڪي ٻاهر ڪڍيائون. راجا، امير ۽ وزير هنن کي وڏي حب سان ڀاڪر پائي مليا. جن اميرن ڏمڻ جي حق ۾ اهڙو فيصلو ڏنو هو، اهي تمام پشيمان ٿيا.

 

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ راجا دلوراءِ پنهنجو انجام پورو ڪيو. ڏمڻ جي ننڍي پٽ کي سهائي جو سڱ ۽ اڌ راڄ ڏيئي، باقي عمر جا ڏينهن آرام ۽ امن سان گذاريائين..

 

 

*


 

*  ڏمڻ سوناري جي هن ڳالهه جو مدار چئن روايتن تي آهي، جي ٿرپارڪر مان محمد عمر ’معمور‘ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ)، منگهارام اوجها (تعلقو ننگرپارڪر) ۽ اتر مان محمد حسن ’ مشتاق‘ (تعلقو پنو عاقل) ۽ فاضل قائمي ڏهرڪائي (تعلقو اوٻاوڙو) وٽان مليون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

PREFACE : Dr. N.B Baloch  --  مهاڳ؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ  --  مقدمو؛ ڊاڪٽر نبي بخش
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org