سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :50

لعل بخش: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 108

لعلڻ خان لغاري: لعلڻ خان پٽ علي بخش جيئندو پاڙو سنجراڻي لغاري، ويٺل ڳوٺ گل محمد لغاري لڳ اسٽيشن سرهاري تعلقي شهدادپور جو آهي. سن 1895ع ڌاري ڄائو. سندس وڏا اصل ديري غازي خان جا ويٺل هئا، پوءِ لڏي اچي ڳوٺ غلام شاهه لڳ سڪرنڊ ۾ ويٺا. درياء جي پائڻ ڪري لعلڻ خان لڏي اچي مٿئين ناناڻي ڳوٺ ۾ ويٺو، شادي به اُتي ڪيائين. هنر، ڏور ۽ ڳجهارت جو وڏو ڄاڻو آهي. هن وقت سندس عمر سٺ، ٻاهٺ ورهيه ٿيندي سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 42، 158، 159، 160، 164، 166، 167، 175، 176، 194، 230، 234، 235، 238، 241، 271، 272، 273، 281، 291، 292، 294، 296، 305، 306، 307، 334، 336، 341، 351، 359، 413، 419، 430، 495، 497، 508، 530

لنڊُ: سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 32

لونگ گڊو: سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 362، 571

لهار: سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 67

ماڻڪ: ماڻڪ ذات ڪولاچي، پني عاقل جو ويٺل آهي. هن وقت سندس عمر سٺ ورهيه آهي. ڏور چوندو آهي. سنس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 21، 273

ماڻڪ چانڊيو: ماڻڪ فقير ولد جادو خان ولد ماڻڪ ولد جادو ولد هيبت خان ولد جهان خان چانڊيو بلوچ پاڙو ميراڻي ويٺل ڳوٺ نبي بخش چانڊيو تعلقو شهدادپور. هيءُ سگهڙ ڏور جو ڳولو آهي. دودي چنيسر جي ڳالهه ڪندڙ آهي. هن وقت هن جي عمر پنجهٺ ورهيه ٿيندي. سندس ڏورن لاءِ ڏسو ص 432، 460، 486، 488

ماڻڪ خان لغاري: ماڻڪ پٽ غلام شاهه لغاري ڳوٺ نبي بخش لغاري تعلقي ماتليءَ جو رهاڪو آهي. هن وقت سندس عمر پنجهٺ ورهيه آهي. زمينداري پنهنجي اٿس. ڏور تمام سهڻو چوندو آهي. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 467، 520

متارو واڍو: متارو واڍو، ويٺل سڪرنڊ ضلعو نوابشاهه، سندس عمر اٽڪل پنجيتالکيهه ورهيه آهي. ڌنڌو پاٽولڪو اٿس. هيءَ سگهڙ ڏور جو چوندڙ ۽ ڳولو پڻ آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 534

مٺو ٻروچ: سندس چيل ڏورن لاءِ سو ص 180، 322، 373

مٺو ملاح: عرف چَتون ميربحر، مٽياري ضلعي حيدرآباد (موجوده ضلعي مٽياري) جو ويٺل آهي. هن وقت سندس عمر اٽڪل ستر سال ٿيندي. نڙ جا بيت، ڏور ڳجهارتون چيون اٿس. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 258، 310

مجنون چانڊيو: مجنون چانڊيو ويٺل لڳ هالن نون جو آهي. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 333، 420

محرم: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 588

محسن لکمير: محسن لکمير ويٺل کٻڙ لکمير لڳ نوابشاهه جو آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 421

محمد بچل: محمد بچل پٽ منٺار دايو، ويٺل ٽنڊوڄام تعلقو حيدرآباد، پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائمري ماستر آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 454

محمد عمر: محمد عمر پٽ محمد حسين سومرو، ويٺل رفيق مهيسر تعلقي خيرپور جو آهي. سندس عمر ستر ورهيه ٿيندي. هيءُ حاجي فقير مهيسر جو استاد ۽ محمد قاسم کٽيءَ جو شاگرد آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 522

محمد فقير: سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 502، 517، 518، 525، 578

محمد فقير ڏيرو: تعلقي هالا ۾ لڳ سوئي ڪندر ڳوٺ ڏيرا جو ويٺل هو. شاهه عبداللطيف جي ڪلام جو وڏو ڄاڻو هو. ڏور جي فن ۾ استادن جو استاد ليکيو ويندو هو. سگهڙ ٻيڙو فقير سندس شاگرد آهي. سن 1947ع ۾ وفات ڪيائين. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو. ص 12، 17، 18، 31، 126، 153، 172، 174، 202، 207، 267، 311، 312، 355، 396، 412

محمد ڏيرو: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 480

محمد نواز ميتلو: لڳ گهوگهاري تعلقي قنبر ضلعي لاڙڪاڻي (موجوده ضلعي قنبر) جو رهاڪو هو. تمام گهنا ڏور چيائين. پنج سال ٿيندا. جو گذاري ويو. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 238، 365، 443

محمود شيخ: ڳوٺ ڳاها تعلقي شهدادپور ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو. ويهه سال ٿيندا جو گذاري ويو. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 348

مراد: مراد ذات لاشاري، ويٺل ڳوٺ ڪنڊڙي روحل فقير تعلقي روهڙيءَ جو آهي. ڏورن جو وڏو ڄاڻو آهي. هن وقت سندس عمر پنجهٺ سال ٿيندي. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 107، 401

مري: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 71

مسڻ: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 167

ملاح: سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 44، 239

ملوڪ: ذات ڳاگهو ويٺل لڳ شاهپور چاڪر تعلقو شهدادپور ضلعو سانگهڙ. ڏور چوندڙ ۽ ڳوليندڙ پڻ آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 26

منگهن: سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 69، 427

مورو فقير: مورو فقير ذات جو کٽي هو. ڳوٺ ممون ڌونڻ ضلعي لاڙڪاڻي جو ويٺل هو. سندس چيل ڏور تمام گهڻا آهن. ڏور جي شاعرن ۽ هيءُ آڳاٽو شاعر آهي. ڏيڍ سئو سال ٿيندا ته گذاري ويو. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 43، 45، 52، 53، 70، 123، 135، 137، 170، 171، 198، 210، 216، 232، 243، 250، 254، 274، 284، 298، 314، 339، 356، 388، 416، 425، 457، 469، 487، 490، 500، 512، 514، 519، 548، 553، 554

مهر: سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 67، ص 81

موليڏنو: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 265

مير محمد: ذات حجام، ويٺل نيو سعيدآباد تعلقو هالا ضلعو حيدرآباد. سندس ڌنڌو حجامڪو آهي، عمر اٽڪل ٽيهه سال اٿس. ڏور چوندڙ ۽ ڳوليندڙ پڻ آهي. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 155، 169، 235، 270، 283، 291، 317، 339، 341، 352، 357، 382، 392، 403، 409، 422، 427، 473، 506، 532، 572

ميهار: ميهار ذات مانجهند، ويٺل تعلقو ڪوٽڙي ضلعو دادو. هيءَ سگهڙ ڏورن ڏيڻ جو سدا ملوڪ آهي. سندس عمر اٽڪل پنجونجاهه سال ٿيندي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 217

ميوو: ميوو پٽ الهندو ذات ڦلپوٽو، ويٺل ڳوٺ محمود ڦلپوٽو لڳ خيرپور ضلعو خيرپور. هن جو ڏورن ۾ استاد قادربخش راڄپر آهي. ڳجهارت ۽ هنر جو ڄاڻو ۽ ڏورن جو ڳولو آهي. ڪي ڏور به چيا اٿس. هن وقت سٺ ورهيه ڄمار اٿس سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 240، 481

ميوو ڦلپوٽو: سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 289، 425

نالي چڱو پالاري: محال ڪوهستان ضلعي دادو جو ويٺل آهي. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 287، 288، 347

نبي بخش خان بلوچ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ولد علي محمد خان ويٺل ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقو سنجهورو ضلعو سانگهڙ. سنه 1935ع ۾ نوشهري هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائين ۽ سن 1941ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي-اي آنرس پاس ڪيائين. سن 1943 ۾ عليڳڙهه مسلم يونيورسٽي مان ايم-اي ۽ ايل-ايل-بي پاس ڪيائين. سن 1946ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا ويو، جتان تعليم ۾ ڊاڪٽوريٽ جي اعليٰ ڊگري حاصل ڪيائين. ڪجهه وقت مرڪزي حڪومت ۾ ملازمت ڪري، سن 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شعبه تعليم جو صدر ٿيو. لوڪ ادب اسڪيم جو ڊائريڪٽر آهي. سندس تصنيفات مان ”جامع سنڌي لغات“ ۽ ”ٻيلاين جا ٻول“ سنڌي ادب ۾ بيش بها اضافو آهن. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 45، 192، 193، 237، 261، 278، 279، 280، 293، 335، 477، 478

نٿالو: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 76

نظام الدين ماڇي: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 6، 224

وساڻ: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 208

والڏنو حجام: هيءَ سگهڙ ڳوٺ ڪاڪيپوٽا تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي سکر جو آهي. ڏورن جو سگهڙ آهي. هينئر سندس عمر پنجهٺ ورهيه ٿيندي. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 192، 451، 452

وليداد: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 549

هادي بخش: هادي بخش ولد نواب ٽالپر، ڳوٺ ٽالپر وڏا تعلقي ڪوٽڏيجي ضلعي خيرپور جو ويٺل هو. ويجهڙائيءَ ۾ گذاري ويو آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 379

هاشم: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 509

هڱورو: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 440

 

واڌارو

 

[ هي سوانح عمريون، جي ضميمي ۾ شامل نه ٿي سگهيون ۽ ڇپائيءَ بعد اتر جي سگهڙ حاجي فقير مهيسر کان معلوم ٿيون، سي ڏجن ٿيون. ڏورن جا صفحا ۽ ڏنل ضميمي ۾ ڏنل آهن.]

احسان حجام: (ضميمو 517): ڳوٺ مسو ديرو ضلعي لاڙڪاڻي جو ويٺل هو. هي سگهڙ ڏور چوندڙ هو. اٽڪل ڏهه سال ٿيندا ته سٺ ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين.

الهه بخش: (ضميمو 717): ذات جو کٽي، پير جي ڳوٺ ضلعي خيرپور جو ويٺل هو. چاليهن ورهين جي عمر ۾ اتان لڏي وڃي سکر شهر ۾ ويٺو. ڏورن جو وڏو قابل سگهڙ هو. ستر سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين.

بنگل شيخ: (ضميمو 719): ڳوٺ پٽڻي تعلقي روهڙيءَ جو ويٺل آهي. ڏورن جو ملوڪ ڳولو آهي. ڪي ڏور به چيا اٿس. هن وقت سندس عمر اٽڪل اسي ورهيه ٿيندي.

تڳيو کٽي: (ضميمو 720): ڳوٺ ميرپور ضلعي جيڪب آباد جو ويٺل آهي. ڏورن جو ڳولو آهي. هن وقت سندس عمر پنجهتر سال ٿيندي.

خدابخش ڦلپوٽو: (ضميمو 724): خيرپور ميرس جو ويٺل هو. ڏورن جو ڳولو ۽ چوندڙ هو. اٽڪل ويهارو سال اڳ، ستر سالن جي عمر ۾ گذاري ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org