سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :48

Text Box:  

ضميمو

هن ڪتاب ۾ شامل ڏور چوندڙ شاعرن جي نالن جي الف = وار فهرست

آچر: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 575

آچر ماڇي: آچر پٽ مَنُ ماڇي، راڻو ٻيلو لڳ سعيد آباد ضلعي حيدرآباد جو ويٺل هو. هيءُ سگهڙ ڏور ۽ هنر جو ملوڪ هو. غريبي حال هوندي به سگهڙن سان ڪچهريون ڪندو رهيو، ڪي سينگار جا بيت به وٽس هئا. سن 1958ع ڌاري اندازاً سٺ ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيئين. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 177، 376

        احسان حجام: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 398

        احمد: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 94، 149

        احمد فقير حاجاڻو: هيءَ سگهڙ ويٺل ڳوٺ بسي ضلعي سانگهڙ جو آهي. هيءَ ڪافيون ۽ ڏور چوندڙ آهي. سندس عمر اٽڪل سٺ سال آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 489

        احمد خان لغاري: احمد خان پٽ بچل پٽ ابراهيم لغاري لڳ ڳوٺ حاجي فريد خان لاشاري تعلقي ميرپروخاص ۾ سن 1930ع ۾ ڄائو. ٻيو به گهڻو ئي ڪلام چيو اٿس. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 344

        احمد خان مري: احمد خان مري، ڳوٺ شهبيگ مري تعلقي شهدادپور ضلعي سانگهڙ جو ويٺل آهي. هيءَ سگهڙ نه فقط ڏور جو تمام سٺو ڳولو آهي. پر ڏور به چوندڙ آهي ۽ ٻيا بيت به چڱا چيا اٿس. هن وقت سندس ڄمار سٺ ورهيه آهي. جاڙي خان مري بلوچ ۽ ٻيڙي ڪنڀار سان گڏ اترادي سگهڙنس ان ڪهريون ڪيائين. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 31، 33، 38، 64، 70، 71، 90، 96، 104، 108، 133، 134، 151، 155، 202، 217، 218، 219، 220، 221، 222، 285، 336، 342، 375، 383، 473، 529

        احمد واڍو: احمد پٽ حاجي محمد واڍو. ڳوٺ ڌڱاڻي جمالي تعلقي هالا جو ويٺل هو. ڏورن کان سواءِ بيت ۽ ڪافيون به چيائين. سن 1939ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس چيل ڌورن لاءِ ڏسو ص 203، 496، 579

        احمد خان مصراڻي: احمد خان ”آصف“ پٽ محمد اسماعيل مصراڻي 8 جولاءِ سن 1922ع تي ڳوٺ مٺو ٻٻر تعلقي ڪڪڙ ۾ ڄائو. هن وقت پرائمري ماستر آهي. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 571، 584

        ادريس: ادريس ڪيريو، ڳوٺ کڏڙو ضلعي سانگهڙ جو ويٺل آهي. ڏور جو شاعر آهي. هن وقت پنجاهه ورهيه کن عمر اٿس. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 5

        ادريس راڄڙ: ادريس راڄڙ، لڳ اڏيرو لعل تعلقي هالا ضلعي حيدرآباد جو ويٺل هو. ڏور جو سٺو سگهڙ هو، پير سئين پاڳاري جي خاص مريدن مان هو. سندس رهائش مختلف هنڌن تي هئي. چار سال کن ٿيندا، ته گذاري ويو. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 19، 258، 300

        اڏيو مهر: اڏيو مهر ويٺل لڳ ميرپور ماٿيلي جو آهي. ڏور جا بيت چوندڙ آهي. هن وقت سندس عمر پنجاهه ورهيه کن آهي. سندس چيل ڌڏورن لاءِ ڏسو ص 438، 441، 445

        اسحاق: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 299، 300

        اقبال: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 145

        اڪن ڪٽوهر: ڳوٺ سٺيو ڪٽوهر لڳ خيرپور ضلعي خيرپور جو ويٺل هو. ڏور جو ڳولو هو. چاليهين ورهين جي عمر ۾ سنه 1945ع ۾ وفات ڪيائين. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو 208

        اڪن وساڻ: پٽ حيات وساڻ ڳوٺ جنگو تعقلي ڪوٽڏيجي ضلعي خيرپور جو ويٺل هو. هيءُ ڏور جو وڏو سگهڙ آهي. سندس عمر اسي ورهيه آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ص 283

        الله بخش: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 55، 240، 248، 252، 285، 302، 325، 358، 360، 381، 390، 402، 418، 439، 444، 453، 474، 482، 490، 492، 498، 503، 515، 520، 529، 530، 538، 539

        الهڏنو: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 129، 152

        الهڏنو جسڪاڻي: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 58

        الهڏنو مهر: الهڏنو پٽ گل بيگ مهر ڳوٺ ڪنڍلو تعلقي ميرپورماٿيلي ضلعي سکر جو ويٺل هو. ٻه چار سال ٿيا جو اسي ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. پير پکڙائي جو مريد هو. سندس گهڻو ڪلام مرشد جي ساراهه ۾ آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 338

        الهڏنو نوناري: تعلقي حيدرآباد ۾ هٽڙيءَ لڳ ڳوٺ گيلو نوناريءَ جو ويٺل هو. اٽڪل ويهارو سال کن ٿيا جو وفات ڪيائين. حيدرآباد شهر ۾ مدفون مشهور درويش منگواڻي فقير جو مريد هو. سندس چيل نڙ جا بيت مشهور آهن. سندس ڏور لاءِ ڏسو ص 242، 313، 314

        الهرکيو ڪلوئي: سندس چيل ڏور لاءِ ص 451

        الهورايو ماڇي: سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 308، 309، 512

        امام بخش جلباڻي: امام بخش جلباڻي، ڳوٺ ڪيٽي پير صاحب پاڳاري جي، ديهه موئمل تعلقي خيرپور ضلعي خيرپور جو ويٺل آهي. ڏورن جو شاعر اهي. هن وقت سندس عمر اٽڪل پنجيتاليهه سال آهي. سدنس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 236

        امير بخش کٽي: امير بخش کٽي ڳوٺ ڪنڌرا لڳ بيگمانجي اسٽيشن، ضلعي سکر جو ويٺل هو. ڏورن جي بيتن جو سٺو شاعر هو. تعليم يافته هجڻ ڪري ڌڏورن ۾ هميشه صحيح حديثون بيان ڪندو هو. پنج سال ٿيندا ته سنه 1656ع ڌاري گذاري ويو. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 348، 523

        انب واڍو: انب واڍو ڳوٺ گولاڙا تعلقو ڪوٽڙي ضلعي دادو جو ويٺل آهي. ڏورن جو تمام سٺو ڄاڻو آهي. هن وقت سندس عمر پنجونجاهه سال ٿيندي. سدنس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 203، 448، 469، 496، 505، 579

        اوٺو: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 377

        باغ: باغ ڪانهر لڳ ڳوٺ پير صاحب پاڳاري جو ويٺل آهي. هن وقت سندس عمر پنجاهه سال کن ٿيندي. سندس چيل ڏور لاءِ ص 532

        بخشو شر: بخشو خان پٽ سعيد خان پٽ مزار خان پٽ ساٿي خان پٽ مير خان ذات جو شر بلوچ، ڳوٺ دليل شر تعلقي سانگهڙ جو ويٺل آهي. ڏورن ۾ سندس استاد عبدالله ڪنڀار آهي. ڏورن جو ڳولو ۽ سدا ملوڪ شاعر پڻ آهي. ڪيترائي ڏور چيا اٿس. سندس عمر هن وقت پنجيتاليهه ورهيه آهي، سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 371، 375، 401، 483، 485

        بصر سهتو: بصرالدين سهتو ويٺل ڳوٺ لڳ سيوهڻ. ڏورن جو وڏو شوقين آهي. سگهڙن سان هلي وڃي ڪچهريون ڪندو آهي. ٻيڙي ڪنڀار سان قلندر شهباز جي ميلي تي هلي ڪچهري ڪيائين. پاڻ به ڏور چوندو آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ص 438

        بلاول: بلاول بوزدار ڳوٺ ڌڱاڻو بوزدار تعلقي ٽنڊي اليهار ضلعي حيدرآباد جو ويٺل آهي. اٽڪل پنجاهه ورهيه عمر اٿس. سندس گهڻو ڪلام بيتن ۾ چيل آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 565

        بهاول مهر: ويٺل لڳ خيرپور جو هو. ڏورن چوڻ ۾ تمام هوشيار سگهڙ هو. الهرکيو مهر ۽ شاهنواز ڪٽوهر سندس ٻالڪا آهن. ستر سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 356، 373، 442، 415

        بنگل شيخ: سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 141، 434

        بولو ڪيريو: بولو پٽ ميهڙ، ڳوٺ ٻيڙو ملون لڳ شاهپورچاڪر ضلعي سانگهڙ جو ويٺل آهي. ڏورن جو چڱو ڳولو آهي ۽ پاڻ به ڏور چيا اٿس. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 23، 249

        ٻروچ: شايد جاڙو خان مري آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 450

        ٻيڙو ڪنڀار: ٻيڙو پٽ محمد عثمان پٽ جهوڙو، اصل ويٺل ڳوٺ لقمان ڪوريجو، هاڻي ڳوٺ پانڌي هنڱوري تعلقي هالا ضلعي حيدراباد جو ويٺل آهي. پنهنجي ڏاڏي جهوڙي ڪنڀار کان ڏورن چوڻ ۽ ڳولڻ جو فن سکيو. ان وقت سندس ڄمار فقط پندرنهن سال هئي. پوءِ سندس استاد محمد فقير ڏيرو هو. کيس مشهور سگهڙن جا ڏور گهڻا ياد آهن. پنهنجا ڏور به چوندو آهي ڳجهارن جو به وڏو ڄاڻو آهي. ڏهه ٻارنهن سال اڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي صحبت ۾ آيو. جتي صحيح سگهڙ پائي جي پروڙ پيس، پوءِ لاڙ جي سگهڙن جو مهندار ٿي اتر جي سگهڙ سان ڪچهريون ڪيائين، سندس عمر هن وقت چوئيتاليهه ورهيه ٿيندي. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 423، 456، 464، 465، 476، 540

        ٻيڙو فقير: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 97

        تڳيل شاهه: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 393

        تڳيو: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 422

        پريو: پرو ماڇي ويٺل ڳوٺ گهوٽاڻا لڳ هالا نوان جو آهي. ڏورن جو ملوڪ آهي. سندس ساٿي خيرو ماڇي هو. جو ٻئي گڏجي ڪچهريون ڪندا هئا. سندس عمر هن وقت سٺ ورهيه آهي. پيرسن هجڻ سبب ڪچهرين ۾ حصو ڪونه وٺي. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 77، 415

        جاڙو خان مري: جاڙو خان پٽ جلب خان پٽ جهنڊو خان مري بلوچ ڳوٺ نندوخان مري لڳ ٻوٻي تعلقي سانگهڙ جو ويٺل آهي. اندازاً سن 1880ع ڌاري ڄائو. تعليم ڪانه پرايائين. شاعري ڄڻ ته کيس مائٽاڻي ورثي طور ملي، ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ ۽ ڏاڏو ٻئي سگهڙ ۽ ڪيترن شاعرن جا راوي هئا. جاڙي خان ننڍي عمر ۾ ئي سندن ڳوٺ جي شاعر ڪرم خان جي صحبت ۾ رهي شاعريءَ جي واٽ ورتي. زمينداري هئڻ سبب سير و سفر تمام گهڻو ڪيائين. هن وقت لاڙ جي سگهڙن جو اڳواڻ آهي. سندس ڪلام بيتن، ڏورن ۽ هنرن تي مشتمل آهي. ڳجهارتن جو به وڏو ڄاڻو آهي. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 5، 35، 36، 43، 57، 71، 75، 97، 106، 124، 126، 135، 136، 138، 143، 144، 151، 191، 201، 205، 212، 215، 236، 247، 264، 319، 320، 321، 326، 344، 346، 391، 429، 441، 443، 498، 500، 501، 502، 504، 536، 537، 563

        جان محمد: جان محمد جهلوجو، ڳوٺ بچل جهلوجو تعلقي شهدادپور ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو. اٽڪل ٽي سال ٿيا جو پنجونجاهه ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو. پير سائين پاڳاري جو دعوتو هو. مولودن جو وڏو شاعر هو. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 510

        جانڻ: ملا جانڻ پٽ ملا ربڏنو ذات کٽي، خانپور تعلقي شڪاپور جو رهاڪو آهي. هيءُ نه رڳو سگهڙ آهي پر سٺو شاعر پڻ آهي. فرسيءَ ۽ عربيءَ ۾ دستاربندي ڪيل اٿس. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 68، 85، 177، 228، 236، 262، 301، 362، 378، 379، 383، 394، 416

        جانڻ لغاري: جانڻ لغاري لٻا لغاري تعلقي هالا جو ويٺل هو. هيءُ ڏور ڳولڻ ۾ هوشيار هو. کيس محمد فقير ڏيري جا بيت ياد هئا، اوڀائي ماڇي ۽ سومار سومري جي ڪچهرين مان سگهڙ پائي پلئه پيس، اٽڪل پنجونجاهه ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 360

[نوٽ: بيت ۾ غلطيءَ مان جانڻ لغاريءَ بجاءِ جانڻ کٽي ٿي ويو آهي، ان کي جانڻ لغاري سمجهيو وڃي. ادارو]

        جتوئي: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 436

        جروار: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 144

        جعفر ڏيرو: جعفر خان ڏيرو ڳوٺ فريدآباد تعلقي ميهڙ ضلعي داو جو ويٺل هو. ڳجهارت جو ملوڪ هو. اٽڪل ٽي سال ٿيا جو پنجهٺ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 459

        جلال ڀٽو: جلال ڀٽو ماهوٽا اسٽيشن لڳ ڳوٺ آگاڻي جو رهاڪو هو. تمام داناءُ سگهڙ  ۽ ڪچهريءَ جو ملوڪ هو. ڏورن جو ڳولو به چڱو هو. اٽڪل سنه 1954ع ڌاري چوونجاهه ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيئاين. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 209، 442، 508

        جلال ڀٽي: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 59، 317، 444

        جلال کٽي: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 75

        جمعو چانڊيو: جمعو چانڊيو، ڳوٺ شڪل چانڊيو لڳ هالا نوان ضلعي حيدرآباد جو ويٺل آهي. کيس ٻين شاعرن جو ڪلام ياد آهي. پاڻ ڪي ڏور به چيا اٿس. هن وقت سندس عمر اٽڪل پنجويهه سال آهي. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 256

        جمعو: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 136

        جمعو ٻروچ: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 213

جيئل جاگيراڻي: جيئل جاگيراڻي دير تعلقي روهڙي ضلعي سکر جي آسپاس جو رهاڪو آهي. هن وقت سندس عمر سٺ سال ٿيندي. ڏور جو شاعر آهي. سندس چيل ڏورن لاءِ ڏسو ص 197، 233، 288، 393، 426، 448

        جيئل: سندس چيل ڏور لاءِ ڏسو ص 197، 233، 288، 393، 426

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org