سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :47

قرآن شريف جو معجزو:

        چون ٿا ته هڪ مسافر قرآن شريف کنيو پئي ويو ته اوچتو اچي برسات پئي. سو اُن جي ڀڄي پوڻ جي خيال کان ڪنهن هنڌ رکڻ جو ارادو ڪري، هڪڙي گهر جي دروازي تي اچي هٿ هنيائين، ته اندران هڪ هندو عورت نڪري آئي، اُن کي چيائين ته مائي! هي اسان جو قرآن پاڪ آهي متان برسات ۾ ڀڄي پوي، سو اڄ رات مينهن بند ٿيڻ تائين پاڻ وٽ امانت طور رک صبح جو آءٌ اچي کڻندس. مائيءَ وڏيءَ حب مان اهو قرآن ورتو ۽ هڪڙي پينگهي ۾ پَٽ جي ڏور ٻڌي سڄي رات قرآن شريف جهولائيندي رهي.

        چون ٿا ته مائيءَ جو قرآن شريف جي عزت ڪئي ته الله تعاليٰ ان جي دل روشن ڪئي ۽ هوءَ جلد ئي پنهنجي مڙس سان گڏ مسلمان ٿي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[6]

هن مڻئي جو ملهه نه آهي، جنهن جي ساک به آهي سچي،

لُڏي لهرين وچ ۾، ويو بحرن کان به بچي،

ويا سي رمز ۾ رچي، جن رات وهائي ڏينهن ڪيو.

 

مڻيو = قرآن شريف. بحر = برسات.

اُهي = هندو عورت ۽ سندس مڙس ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[7]

نئون نياپو آئيو، راڻي وٽان رات،

لڌي سين ”لطيف“ چئي، ڪنان ڏاتر ڏات،

ڪانه پڇي ٿو ذات، جي آيا سي اگهيا.

(رسايو)

 

نئون نياپو = قرآن مجيد. راڻو = الله تعاليٰ.

جيڪي = الله تعاليٰ جي بندن ڏانهن اشارو.

 

مراد:  قرآن مجيد الله تعاليٰ وٽان نازل ٿيو آهي، ان جي حڪمن جي پيروي ڪهڙيءَ به ذات جو ٻانهو ڪري ٿو ته ڀلائيءَ کي رسي ٿو.

8- التحيات جو شرف

        دعا ”التحيات“ هر نماز ۾ پڙهي وڃي ٿي سا جيتوڻيڪ قرآن شريف ۾ آيل نه آهي ته به حضورﷺ جن جو معراج تي وڇڻ وقت الله تعاليٰ سان جيڪا سندين گفتگو ٿي سا حضورﷺ جن نماز ۾ پاڻ پڙهي ۽ مؤمنن کي پڙهڻ جو ارشاد ڪيائون. انهيءَ ڪري ان جو شرف ايترو ٿيو آهي جو هر نماز ۾ جيئن قرآن شريف جو سورة پڙهڻ ضروري آهي. تيئن حضورﷺ جن جي فرمان مطابق التحيات جو پڙهڻ به لازمي ٿيو آهي.

 

[1]

آهي حقيقت حق کان، نه آهي حق کان ڌار،

نڪي سُتي سيج تي، نڪي ڀيڙي ساڻ ڀتار،

اُن جا پورا ڏج پار، سالڪ مڙيئي سهڻا.

 

آهي حقيقت = التحيات ڏانهن اشارو.

سيج = قران شريف جي سورة.

ڀتار = قرآن شريف.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

9- ڪنڀار جي آوي ۽ ٻليءَ جا ٻچا

        چون ٿا ته هڪڙي ٻليءَ ڪنهن ڪنڀار جي دڪان ۾، هڪ ڪچي مَٽ ۾ وڃي پونگڙا ڄڻيا. ڪنڀار کي تهڪا سُڌ ئي ڪانه هئي، سو سڀ ٿانوَ انهيءَ مَٽ سميت آويءَ تي چاڙهي. اُن کي باهه ڏئي وڃي بي اونو ٿيو. ٻلي گهمي ڦري آئي ته باهه ڏسي پريشان ٿي آويءَ کي پئي ڦري. ٻئي ڇوٿين ڏينهن جڏهن آويءَ پڪي، تڏهن ڪنڀار اچي آوي کولي ٿانوَ ڪڍيا. جڏهن اُن مَٽ وٽ پهتو جنهن ۾ ٻليءَ جا ٻچا پيل هئا، ڏسي ته اُهو مٽ جهڙو هو تهڙو ئي پيو آهي. ٻليءَ جا ٻچا صحيح سلامت آهن. اهو نظارو ڏسي ڪنڀار کي ڏاڍو اچرج لڳو. ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته واقعي مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو آهي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[1]

ساراهيان سچو ڌڻي، سڻ صاحب رب سڌير!

سهڻيءَ کي سير گهڙڻ جي، اچي ٿي اُڪير،

گهُمرا ڏيئي گهٽين ۾، ڇڏيائين ميهر ساهڙ سير،

هنيو ٻانهن هلي ويئي، خوش ٿي پياري کير،

موٽِ ڏٺائين ماڳ تي، دونهان ڌنڌاگير،

ڏسي دور درياءَ جا، پيس چهڪَ اندر ۾ چير،

عرض ڪيئين ”آچر“ چئي، پلؤ اٿئي پير!

پار اُڪارج پاتڻي، داتا دستگير!

پن رکي تون پير، وارث بچائين وير کؤن.

(آچر)

 

سهڻي = ٻلي. سير = آوي. ميهر، ساهڙ = ٻچا.

درياءُ = باهه جو مچ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[2]

مارئي تن مارُن کي، ٿي ساريو سڏ ڪري،

هو ويا آهن ڪلاچيءَ جي ڪن ۾، تن کي ڦيرا ڏيو ڦري،

هاڻ اُها ماندي پيئي مري، تنهن کي مارو ميڙين منهنجا پرين!

 

مارئي = ٻلي. مارو = ٻچا.

ڪلاچيءَ جو ڪن = ڪنبر جي آوي.

 

مراد:  اُها ٻلي، جنهن ڪچي مٽ ۾ ٻچا ڄڻيا ۽ اهو مٽ وڃي آويءَ ۾ پيو، سا ٻچن لاءِ تانگهائڻ لڳي.

 

[3]

وِهاريائين وجود ۾، هئس جيءَ گهريا جي ئي،

سي جدا ٿيس جان کان، جانب هئا سي ئي،

ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، وڃي سوگها ٿي سڀيئي،

تن جي سُڌ ”سومار“ چئي، وڃي پرور کي پيئي،

آگي اُهوئي، کڻي گوهر گلو گل ڪيو.

(سومار سومرو)

 

وهاريائين = ٻلي ڏانهن اشارو.

جيءُ گهريا = ٻچن ڏانهن اشارو.

ڪلاچيءَ جو ڪُن = ڪنڀر جي آوي.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[4]

هاريءَ کي حرص ٿيو، خوب چاڙهيئين کيٽ،

پر جهان اتي پورو ڪري، ٻانڌي نه ڇڏيائين ٻيٽ،

لهر جي ”لاکو“ چئي، اتي به هئي اوٽ،

اوهيرن جي الوٽ، پر سلوڪيئن سُڪي ويو.

(لاکو)

 

هاري = ڪنڀر. کيٽ = آوي.

اوهيرا = باهه جا ڀڀڙ. سلو = هڪ مٽ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[5]

پوک جا هن ڪڙميءَ جي، جوڙي رب ستار،

مٽر مهري موڪ وڌائين، ٻيا چڻا وڌائين چوڌار،

جوَ به اتي جان وڌائين، ٻي ڪڻڪ وڌائين ڪلدار،

پوءِ ٿيا هيرا لعل هزار، پر هڪ ڪڻو نه آيس ڪم ۾.

 

پول = آوي. ڪرمي = ڪنڀر. مٽر، مهيري،

چڻا، جوَ ۽ ڪڻڪ = مختلف ٿانون ڏانهن اشارو.

هيرا، لعل = پڪل ٿانون ڏانهن اشارو.

ڪڻو = مٽ (جنهن ۾ ٻليءَ جا ٻچا هئا).

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[6]

شڪاريءَ شڪار لاءِ کڻي پهه پچايائين،

لغڙيون لاڙ ڪيون، ٻيا رڇ رکيائين،

وراڪي واري ٿي، جيئن پکي ڦاسايائين،

جڏهن ڦندا ڦوليائين، ته پکي نه آيو هڪڙو.

 

شڪاري = ڪنڀر. لغڙيون لاڙڪيون

۽ رڇ = دلا مٽ وغير. پکي = مٽ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[7]

جانب وڌا هئا جوءِ ۾، ڪرها قطاري،

جي پيو ساري سنڀاري، ته هڪڙو گؤنرو گسي ويو.

 

جانب = ڪنڀار. جوءِ = آوي. ڪرها = مٽ.

گونرو = مٽ. کسي وڃڻ = ڪچو رهجي وڃڻ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[8]

مومل تنهن ماڙيءَ ۾، آهي بازي بنائي،

گهوڙا ۽ گهوٽ ڇڏيئين، کريبن سان کائي،

منهن نه چڙهي مينڌري جي، ڪري ويئي سوڍي صفائي،

ڏئي گهٽين ۾ گهائي، گُجر اُتي ويئي گم ٿي.

 

مومل = باهه. ماڙي = آوي. کريب = باهه جو تؤ.

مينڌرو = مٽ. گجر = باهه.

 

مراد:  ڪنڀار جي آويءَ ۾ باهه ٻين سڀني ٿانون کي پچايو پر هڪڙي مٽ جي ويجهو به نه آئي، اهو مٽ جنهن ۾ ٻليءَ ٻچا ڄڻيا هئا اهو ڪچي جو ڪچو رهجي ويو.

 

[9]

سهڻيءَ وڌا هئا سير ۾، لوڪئون لڪائي،

هاڻ ڳجهه اندر جون ڳالهڙيون، پئي ڳڻي ۽ ڳائي،

هو ته ميهر ملهائي، ڪُڻڪي نڪتا ڪُن مان.

 

سهڻي = ٻلي. سير = آوي. هو = ٻچن ڏانهن

اشارو. ميهر = الله تعالي. ڪن = آوي (باهه).

 

مراد:  ٻليءَ پنهنجا ٻچا ڪچي مٽ ۾ لڪائي ڄڻيا، پر جڏهن مٽ باهه تي چڙهي چڪو، تڏهن ان جي ويجهو به نه آئي، پر رب جي قدرت سان ان کي ٻئي ٻچا صحيح سلامت اچي مليا.

 

[10]

ويٺا هئا وڳهه ڪوٽ ۾، دودو چنيسر،

اَلادين اچي ويو، کڻي سوگهو ڪيائين شهر،

جودان جنگ مچي وئي، ڌوڌو ٿيو ڏمچر،

هن به مار يسڀ مڃائيو، جيڪو لس هيو لشڪر،

تن ۾ بچيا ٻه ڄڻا، ٽيو ”ڏيرو“ چئي ڏونگر،

اها ڳالهه مشر، ٿي ملڪن ۾ ”محمد“ چئي.

(محمد فقير ڏيرو)

 

وڳهه ڪوٽ = آوي. دودو چنيسر = ٻلي جا ٻه ٻچا.

اَلادين = ڪنڀر. شهر = آوي. جنگ مچڻ = آوي

کي باهه ڏيڻ. لشڪر = آويءَ وارا ٿانو.

ڏونگر = مٽ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[11]

ڦٽيل فريادون ڪري، ڳجهه اندر ڳائي،

حقيقت منهنجي حال جي، هاديءَ کي آهي،

اهو ئي مارڻ وارو، ۽ اهو ئي بچائي،

پوءِ ميهر ملهائي، ڪڻڪي نڪتا ڪُن مان.

 

ڦٽيل = ٻلي ڏانهن اشاهرو. ميهر = الله تعاليٰ.

ڪُن = آوي.

 

مراد:  ٻلي آويءَ کي باهه ڏنل ڏسي مٽ ۾ ڄڻيل ٻچا ڇڏي هلي وئي، پر الله تعاليٰ جي حڪمت سان اهي باهه مان بچي نڪتا.

 

[12]

ساڌو ۽ سيفل جا، پيچ ويا پيئي،

ماڻهو مصر شهر جا، هئا ثابت سڀيئي،

ڪُن چريو ڪڙڪو ٿيو، وير وهي ويئي،

ويل اُنهيءَ ”واڍو“ چئي، هنن کي ڪل ڪانه پيئي،

ٽُلڪي ٽيئي، وڃي سامهون چڙهيا سير کان.

(واڍو)

 

ساڌو ۽ سيفل = ٻليءَ جا ٻه پونگڙا.

ماڻهو = ٿانون ڏانهن اشارو. مصر = اوي.

هنن = ٻليءَ جي پونگڙن ڏانهن اشارو.

ٽيئي = ٻه ٻليءَ جا پونگڙا ۽ هڪ مٽ

(جنهن ۾ ٻلي پونگڙا ڄڻيا هئا).

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[13]

وير ڏسي ويران ٿي، منڌ گهڻو مستان،

ٻيڙو آيو ٻار ۾، ۽ تار ۾ طوفان،

سوين ته آهن سير ۾، ناکئي جا نيشان،

سپون ٿو سمنڊ ڏئي، ٻيا موتي ۽ مَرجان،

سوال ڪئي سيد کي، جُنگ ڀليرا جوان!

صاحب رب سبحان، هن جو ٻيڙو ڪڍيو ٻار مان.

 

وير = باهه. منڌ = ٻلي. ٻيڙو = مٽ (جنهن

۾ ٻليءَ ٻچا چڻيا). ٻار = آوي. سوين = ٿانون

ڏانهن اشارو. ناکئو = باهه جو ڀڀڙ. سير = کورو.

سيد = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ٻليءَ جي بيواهه ٻچن کي الله تعاليٰ باهه مان بچايو.

10- نصوح جي توبهه

        چون ٿا ته ”نصوح“ نالي هڪ حڪم مردن جا ڪفن لاهيندو هو، انهيءَ ڪري اُن کي ”ڪفن چور“ چوندا هئا. هڪڙي مائيءَ نالي ”زهريٰ“ هن کي ڀاءُ ڪري سڏيندي هئي، تنهن هن کي گهرائي چيو ته مون ٻڌو آهي ته جيڪو به شخص مري ٿو ته تون اُن جو ڪفن لاهي وڪڻين ٿو. ان ڪري آءٌ پنهنجن ڪفن جا پئسا توکي اڳواٽ ڏئي ڇڏيان ٿي ته جيئن تون منهنجي مرڻ بعد منهنجي لاش جو بيحرمتي نه ڪرين. نصوح اُن وقت ته مائي کان پيسا وٺي ساڻس واعدو ڪيو، پر جڏهن اُها مائي گذاري وئي، تڏهن هن سوچيو ته ’مائي ته مري وئي هاڻي جي آءٌ سندس ڪفن لاهيندس ته مون کي معيار ڏيڻ وارو ڪير آهي؟ اهو خيال ڪري مائي جي قبر کوٽڻ لاءِ قبرستان ۾ آيو، پر مائيءَ به ان کي گمراهه ڪرڻ لاءِ چار قبرون ٺهرايون هيون جن مان هڪڙيءَ ۾ پنهنجي جنازي رکڻ جي وصيت ڪئي هئائين. نصوح چار تازيون قبرون ڏسي پهريائين ته وائڙو ٿيو، نيٺ ڍارئي کوٽيائين. انهن مان هڪڙيءَ ۾ مائيءَ جو لاش ڏٺائين، پوءِ مائيءَ جو ڪفن کوليائين ته ڏسي ته ان جي هڪ ڏند جي پاڙ ۾ هڪ نانگ چُهٽو پيو آهي. اِهو لقاءُ ڏسي هيءَ هيڪاري عجب ۾پيو. نيٺ مائيءَ کان ان جو سبب پڇيائين. مائيءَ جي زبانؤن آواز آيو ته آءٌ اجوري تي ڀرت جو ڪم ڪندي هيس. هڪ ڏينهن پراڻو ڌاڳو ڏندن سان ٿي ڇنم ته ڌاڳي جو ذرڙو ڏندن ۾ ڦاسي پيو. اڄ اُن پرائي ڌاڳي جي اها سزا ملي اٿم جو اهو نانگ ٿي چهٽو اٿم.

        اهو احوال ٻڌي، نصوح سوچڍيو ته پرائي ٿورڙي ڌاڳي جي هيتري سزا ملي آهي سو مون سان ته خبر ناهي ڪهڙي ويڌن ٿيندي! اِهو سوچي الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ سچي دل سان توبهه تائب ٿيو ۽ اُن ڏينهن کان وٺي وري ڪڏهن به چوري نه ڪيائين ۽ نيڪ ٻانهو ٿي گذارڻ لڳو.

 

[1]

نر ڪيا ها نار سان، اڳ ويهي انجام،

ڪينَ ته پاڙيائين پنهنجا، ڪيل قول ڪلام،

پوءِ ته پشيمان ٿيو، جڏهن منڌ سڻايس مام،

خيال ڇڏي ويس خام، مهل اُنهي ”موريو“ چئي.

(موريو کٽي)

 

نر = نصوح. نار، منڌ = مائي زهريٰ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[2]

مڱيل هيس جڏهين، تڏهين هيس پنهنجي وس،

آيس اڄ مان پرڻجي، ٿيس پرائي وس،

ڏاج ڏنل ناکسَ، جيڪو مون کي ماروئڙن ڏنو.

 

مڱيل = مائي زهريٰ جي زنده هئڻ ڏانهن اشارو.

پرڻجي = موت ڏانهن اشارو. ڏاج = ڪفن ڏانهن

اشارو. ماروئڙا = مٽ مائٽ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[3]

سمن ٻڌي سومري سان، مارئي هلي مير،

راڻو رهيو ئي ڪينڪي، جو هريو هو حمير،

حال ڏسي هير جو، رانجهو ٿيو فقير،

سوال پڇي صاحبان کان، موٽيو مرزان مير،

پنهون وڃي پيڪين پهتو، سسئي ٿي سڌير،

سڀني پيتو کير، عالم ئي آسودو ٿيو.

 

سومرو = نصوح. مارئي = مائي زهريٰ.

ملير = قمبر. راڻو = نصوح. هير = مائي

زهريٰ. رانجهو = نصوح. پنهون = نصوح.

پيڪا = الله تعاليٰ جا نيڪ بندا.

سسئي = مائي زهريٰ.

 

مراد:  نصوح، مائي زهريٰ جو ڪفن لاهڻ وقت ان جو اهڙو حال ڏسي توبهه تائب ٿي الله تعاليٰ جو نيڪ ٻانهو ٿيو.

 

[4]

مومل مينڌري لئي کڻي ماڙيون اڏايون چار،

سوڍو سوچيو ئي ڪينڪي، جنهن کي وڻيو ڪين واپار،

جڏهن ڏنس ڏس ڪنوار، تڏهن مري موچارو ٿيو.

 

مومل = مائي زهريٰ. مينڌرو = نصوح.

ماڙيون = قبرون. سوڍو = نصوح.

ڪنوار = مائي زهريٰ.

 

مراد:  مائي زهريٰ نصوح کي گهمراهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي لاءِ چار قبرون ٺهرائي هڪڙيءَ ۾ پنهنجي جنازي رکڻ جي وصيت ڪئي هئائين. پر جڏهن نصوح چارئي قبرون کوٽي هڪڙيءَ ۾ مائيءَ جي حالت ڏٺي تڏهن توبهه تائب ٿي نيڪ ٻانهو ٿيو.

 

[5]

منڌ اچي ماڙيءَ ۾، پڪڙي پهلوان،

نڪي هيس وَسونءَ ويجهڙي، نڪي ڄاڻ سڃاڻ،

سمجهي ”سرهو“ چوي، ڇڏيا وير وٿاڻ“

ڀو مئي ڇڏيا ڀاڻ، جيڪي ڏهاڙي هو ڏسندو.

(سرهو)

 

منڌ = مائي زهريٰ. ماڙي = قبر. پهلوان،

وير = نصوح. وٿاڻ = قبر ڏانهن اشارو.

ڀوميو = نصوح. ڀاڻ = قبرستان.

 

مراد:  نصوح، قبر ۾ مائيءَ زهريٰ جي حالت ڏسي اهو ڪفن لاهڻ جو ڌنڌو ئي ڇڏي ڏنو ۽ وري ڪڏهن به انهيءَ ڪم لاءِ قبرستان ۾ نه ويو.

11- ڀلارو مهينو

 

        سال جي ٻارهن مهينن ۾ الله تعاليٰ هڪڙو مهينو ڀلارو رمضان شريف ڪيو آهي، ان کي اهو شرف انهيءَ ڪري مليو آهي جو منجهس الله تعاليٰ جا نيڪ بندا روزا رکي پنهنجي گناهن جو بار هلڪو ڪندا آهن. انهيءَ مهيني جي ڏينهن ۾ چار جمعي جا ڏينهن وڌيڪ برڪت وارا آهن. جن ۾ روزيدارن کي الله تعاليٰ وٽان اجرت ۽ ثواب جا ڀال ملندا آهن. اها بخشش هر سال ايندي آهي.

 

[1]

ڪهي آيو ڪالهه، ساڳيو ساٿ ڌڻيءَ جو،

تن ۾ اُٺ اڀرو ڪونه ڪو، سڀ متارا متوال،

ريءَ پلاڻ پٺيءَ تي، اهي باري کڻن بار،

تن جي پيتين پروئي ناهه ڪو، ان ۾ لکين لکين جا لعل،

اهو سودو سال بسال، آڻائي آري ڄام ٿو.

 

ساٿ = رمضان شريفجا ڏينهن. اُٺ = روزو.

بار = گناهن ڏانهن اشارو. لعل = اجر.

آري ڄام = الله تعاليٰ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[2]

ڍولڻ آيا ڍٽ مان، ٽلي ٽيهه جوان،

سڀئي سڌر سٻرا، سڳورا سلطان،

چڱا چارئي تن منهنجا، اپر عاليشان،

مڃي ”مصراڻي“ چئي، ٿو تن کي جڳ جهان،

مرد آهي مهمان، ڍوليا ويندا وري ڍٽ تي.

(احمد خان مصراڻي)

 

ڍولڻ = رمضان مهيني جا ڏينهن.

ڍٽ = بارگاهه الاهي. جوان = ڏينهن.

چڱاچار = چئن جمعن ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

12- ڀلاري رات

        الله تعاليٰ راتيون سڀ چڱيون خلقيون آهن، مگر معراج واري رات جنهن ۾ الله تعاليٰ پنهنجي محبوب کي گهرايو، ان جهڙو شرف ٻيءَ ڪنهن به رات کي نه مليو آهي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[1]

خاوند سهڻيون خلقيون، پر هڪڙي لَهي هزار،

سهڻيون سڀيئي صورت واريون، پر هوءَ مورت منجهن موچار.

اُن جي قد ڪپار، ٻي خاوند خالقي ڪانه ڪا.

 

سهڻيون = راتيون. هوءِ = معراج واري

تار ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

13- الله تعاليٰ جي انسان تي ڀلائي

        چون ٿا ته هڪ دفعي شيطان، مخلوق جي ڪاروبار ۾ رخنو وجهڻ جو خيال ڪيو. انهيءَ لاءِ ڍڳي کي چيئين ته تو سڄي عمر وَهي وهي سور حاصل ڪيا آهن ڪجهه ته آرام به ڪر. ڍڳي اها صلاح ٻڌي، آرام ڪرڻ جو خيال ڪيو ۽ اڃا ويٺو ئي مس ته الله تعاليٰ مڇر کي پيدا ڪيو، جنهن اچي ڍڳي کي ڏنگ هنيا. ڍڳو ويهڻ کان لاچار ٿيو ۽ وري اٿي ڪم کي لڳي ويو. مڇر چيس ته مون کي الله تعاليٰ تولاءِ ئي پيدا ڪيو آهي جيڪڏهن تو آرام ڪرڻ جو خيال ڪيو ته توکي ڏنگ هڻندو رهندس. اهو ٻڌي ڍڳي بيهڻ ۽ آرام ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو ۽ ڪم کي لڳو رهيو ۽ مخلوق جو ڪاروبار ساڳئي دستور سان هلندو رهيو.

        مٿئين بياب بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[1]

مخلوق کي مهيم ڏيڻ جو، ٿيو خبيث کي خيال،

مصلحت ڏنائين مڳ کي، ٿي ااٿئي سورن منجهه سال،

ٻاونگير ٻڌڻ سان، ڪيا تال پخال،

پر باري کيس بڇايو، بيهودڙو بيحال،

پوءِ ”شيردل“ چڱي ڪري چال، مڳ بيٺو ماڳ تي.

(شير محمد شيرل)

 

مخلوق = دنيا سڄي. خبيث = شيطان. مڳ = ڍڳو.

ٻاونگير = ڍڳو. تال = ويهڻ جو ارادو. باري = الله تعاليٰ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

14- نيڪ اعمال

 

        ”ڪل نفس زائقته الموت“ هر شيءِ تي موت ضرور اچڻو آهي اسين روزمره اهو ڏسي رهيا آهيون. جيڪڏهن دنيا ۾ نيڪ اعمال ڪري هتان هلنداسون ته الله تعاليٰ آخرت ۾ موچارو ڪرڻ فرمائيندو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[1]

گاڏيءَ جي اچڻ جو، لڳي روز گهڙيال،

وٺي ٽڪيٽ پنهنجي، ساجهر تون سنڀال،

ايندي گاڏي اوچتي، جنهن جو خان رکج خيال،

چوکي سُڌار چال، تڏهن سرهو ٿيندين سير ۾.

 

گاڏي = موت ڏانهن اشارو. ٽڪيٽ = عملن

جو پروانو. سير = آخرت.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[2]

مرد هجين ها مينڌرا، دانهن ٿئين ها دلبر،

ڏٺو هوئي مڙس محلات ۾، ته ڪُهي ڪرينس ها ڪير،

وڙهين ها ويريءَ سان، وڏو رکي وير،

پوءِ توکي ”شير“ چون ها شير، مرد انهيءَ ميدان ۾.

(شير محمد شيرل)

 

مينڌرو = انسان. مڙس = نفس.

محلات = انساني جسم. ميدان = محشر.

 

مراد:  اِنسان جي جسم ۾ نفس آهي ان جي سڃاڻپ الله تعاليٰ جا نيڪ بندا ڪن ٿا. جيڪڏهن اهو بديءَ ڏانهن لاڙو ڪندڙ اهي ته اهي ان کي اجاين خواهشن کان موڙي چڱي راهه ڏي موٽائين ٿا. اهي ئي مرد مجاهد عاقبت ۾ موچارا ٿين ٿا.

 

[3]

سهڻي ويٺي آ سينگار ڪيو، مهراڻ جي منڌ تي،

جيڪا پار اُڪرڻ لاءِ پتڻ پچائي، سابه ڪامڻ اچي ڪُنڊ تي،

ملڪ ساروئي ”محرم“ ادا، سو به آ عورت جي اُڪنڊ تي.،

پوءِ ثابت انهيءَ سنڊ تي، سٻاجها سٽيندا اُڪري.

(محرم)

 

سهڻي = پل صراط. مهراڻ = دوزخ.

جيڪا = اِنسان ذات. عورت = پل صراط.

اُڪنڊ = خوف.

 

مراد:  چون ٿا ته قيامت جي ڏينهن انسان ذات کي پل صرات تان اڪرڻو آهي جيڪا دوزخ جي مٿان ٺهيل آهي. جيڪي الله تعاليٰ جا نيڪ ٻانها هوندا آهي اُڪري ويندا ۽ جيڪي بداعمال انسان هوندا اهي دوزخ ۾ ڪِري پوندا. شال الله تعاليٰ پنهنجو رحم ڪري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org