سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :43

مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[10]

کڻي وڃ ته خوش ٿئي، هاڙهي ۾ بلوچ،

سگهو وڃ پهچ، مهل انهيءَ ”موريو“ چوي.

 (موريو کٽي)

 

کڻي وڃ = ويس. هاڙهو = مدينو.

بلوچ = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[11]

اوٺي چڙهيا اُٺ تي، پهري پوشاڪون،

مهارون مردن هٿ ۾، توڏي ڪيون تڻڪون،

اُٺ جون آري ڄام کي، وڃي ڪنين پيون ڪڻڪون،

پوءِ ٻيهر هي ٻهڪون، ميان تون متان ڪرين!

 (الهه ورايو ماڇي)

 

اوٺي حضرت امام حسن﷤ ۽ حضرت

امام حسين﷤ ڏنهن اشارو.

اُٺ = حضورﷺ جن ڏانهن اشارو.

مهارون = وارن مبارڪن جون چڳون.

آري ڄام = الله تعاليٰ. ڪڻڪون = اُٺن

واريون رڙيون. ميان = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[12]

اعليٰ شان اُٺ جو، عرش ۾ آهي،

ميرچڙهيا ميي تي، واڳون ورائي،

سوارن کان به سهڻو، ڪوڏ ڪرهل آهي،

سو سالڪ سڻائي، ماهيت هن مذڪور جي.

 

اُٺ = حضورﷺ جن ڏانهن اشارو.

مير = امام سڳورا. ميو = حضورﷺ جن

ڏانهن اشارو. واڳون = وارن جون چڳون.

سوار = امام سڳورا ڪرهل = حضورﷺجن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

بهشتي ميوا:

        چون ٿا ته مديني ۾ هڪڙا ٻه واپاري امام صاحبن کي کائڻ لاءِ ميوو آڻي ڏيندا هئا. جي ڪنهن سبب کان ڳچ وقت مديني ۾ نه آيا، تڏهن امام صاحبن پنهنجي والد حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ جواب ڏنو ته ڪنهن ضروري سبب کان نه آيا آهن. ايتري ۾ الله تعاليٰ جي حڪم سان جبرائيل هڪڙي واپاريءَ جي شڪل ۾ بهشت جا ميوا کڻي آڻي امام صاحبن کي ڏنا جي کائي ڏاڍا خوش ٿيا. هنن جي خوش ٿيڻ تي جبرائيل وري به بهشتي ميوا کين ڏئي ويو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[13]

جامو جامي تي ڪري، اچي ڪيائين اظهار،

بانڪبن هن سان بهاري ڪئي، نه هين خبر چار،

هو به موٽيو پٺ تي، نه هئس پورو طعام تيار،

پوءِ ڪيائين بيشڪ بيمار، مهل تنهين ”موريو“ چئي.

 (موريو)

 

ڪيائين = جبرائيل ڏانهن اشارو.

بانڪا = حضرت امام حسن﷤ ۽ حضرت

امام حسين﷤، طعام = ميوا.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

حضورﷺ جن جي امام صاحبن لاءِ محبت:

        هڪ ڀيري حضورﷺ جن حضرت امام حسن﷤ کي چپن تي چُمي ڏني ۽ حضرت امام حسين﷤ کي گَلي تي. حضرت امام حسين حضورﷺ جن کان پڇيو ته ڇو ادا کي چپن تي چميوَ ۽ مون کي ڳچيءَ تي؟ حضورﷺ جن فرمايو ته: بابا! ڪو وقت ايندو جو حضرت امام حسن﷤ کي دشمن زهر ڏيندا، ان لاءِ کيس چپن تي چمي ڏني اٿم ته زهر ڪرو نه لڳيس ۽ دشمن توکي شهيد ڪندا ان ڪري توکي ڳچيءَ تي مٺي ڏني اٿم ته تلوار جو ايذاءُ نه ٿئي. توهين ٻئي منهنجو ئي جگر آهيو ۽ مون لاءِ ٻئي هڪ جهڙا آهيو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[14]

سڏي هنن کي سَٿ مان، ڏني هئي چندن چَس،

تن مان هڪڙو ڪامل ڪاوڙجي اُٿيو، ته هجي جانب توکي جَس،

جي مون مان اٿئي ڪَس، ته مور نه ايندوسئين ”موريو“ چوي.

 (موريو)

 

هنن = حضرت امام حسن﷤۽ حضرت امام

حسين﷤ ڏانهن اشارو. چندن = حضورﷺ جن.

چس = چمي. ڪامل = حضرت امام حسين﷤

ڏانهن اشارو. جانب = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

پنجتني چادر:

        چون ٿا ته هڪڙي ڏينهن حضرت امام حسن﷤ ۽ حضرت امام حسين﷤ ٻئي راند ڪندي گم ٿي ويا. گهر ۾ بيبي فاطمه گهڻو انتظار ڪيو پر جڏهن ڳچ وقت گذريو تڏهن حضورﷺ جن کين ڳولڻ لاءِ نڪتا. امام صاحب مديني کان ٻاهر هڪڙي کجيءَ جي وڻ هيٺ وڃي سمهي پيا. حضورﷺ جن اتي پهتا ته ڏسن ته وڻ جي پاڇي ۾ آرامي آهن. پاڻ ڪجهه وقت ترسيا پر ڏٺائون ته اهو پاڇو مٿان نه لٿو. جڏهن جاڳيا تڏهن حضورﷺ جن کي ٻڌايائون ته اسان ماني کاڌي آهي باقي اُڃ لڳي اٿئون، حضورﷺ جن پنهنجي زبان مبارڪ کين چوسائي ته سندين اُڃ لهي وئي.

       چون ٿا ته جڏهن امام صاحب کجيءَ جي هيٺ آيا ته اتي کين بک لڳي. جبرائيل الله تعاليٰ جي حڪم سان کين بهشتي طعام کارائي ويو. جڏهن سجاڳ ٿيا ته حضورﷺ جن زبان مبارڪ چوسائي سندين اُڃ لاٿي. اتي حضورﷺ جن کي جو ڪجهه وقت لڳو ته حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ ۽ بيبي فاطمه﷤ به ڳوليندي اتي اچي نڪتا. چون ٿا ته جڏهن پنج ئي سڳورا گڏ ٿيا تڏهن الله تعاليٰ جي حڪم سان جبرائيل مٿن چادر نازل ڪئي جا ’پنجتني چادر‘ (آيت تطهير) سڏجي ٿي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[15]

روئي رات نهاريان، ڪي آرڻ آديسين،

ڪونه ڏسان ٿي ڪاڪ ۾، ڪو ڪيچي منجهه ڪکن،

ڦاٽي ٿو فراق ۾، منهنجو هيئڙو لاءِ هوتين،

”الهه بخش“ چئي عجيبن، الائي ڪهڙو سفر سنڀائيو.

 (الهه بخش)

 

نهاريان = بيبي فاطمه ڏانهن اشارو.

ڪاڪ = حويلي مبارڪ. هوت = حضرت

امام حسين﷤. ڪيچي = حضرت امام

حسن﷤ ۽ حضرت امام حسين﷤

 

مراد:  هڪڙي ڏينهن حضرت امام سڳورا راند ڪندي پري انڪري ويا. جڏهن ڳچ وقت ٿيو ته بيبي فاطمه کي سندن موٽي نه اچڻ جو فڪر ٿيو.

 

[16]

عمر مُڪي هئي مارئي، پرت منجهان پهنوار،

وسيلي وينگس ٿي پئي، نازڪ هوءَ نار،

ته منَ مارو مون قبول ڪن، دليئون سا درڪار،

جڏهن ملي منڌ مارن کي، تڏهن سرهي ٿي سنگار،

وَڌِ خوشي ٿي وار، بر ٿر ”بهاول“ چوي.

 (بهاول)

 

عمر = الله تعاليٰ. مارئي = ماني.

ڪيچي = امام سڳورا. مارو = امام سڳورن

ڏانهن اشارو. وينگس، نار، منڌ،

سنگهار = ماني ڏانهن اشارو.

 

مراد:  امام سڳورا جڏهن راند ڪندي، مديني کان ٻاهر نڪتا ته کين بک لڳي، جبرائيل کين بهشتي طعام کارايو جوکائي خوش ٿي کجيءَ جي وڻ هيٺان سمهي پيا.

 

[17]

ڪنور ڪماڻا ڪاڪ جا، پيا ”جانڻ“ چئي جهرڪي،

پيتائون پُر ٿيا، تازي ڪنهن تالاب مان صنوبر سُرڪي،

چنبيلي چرڪي، نيلوفر نوان ڪيا.

 (جانڻ خانپوري)

 

ڪنور = حضرت امام حسن﷤ ۽ حضرت امام حسين﷤.

تالاب = حضورﷺ جن جو وات مبارڪ.

چنبيلي = حضورﷺ جن جي زبان مبارڪ.

نيلوفر = حضرت امام حسن﷤ ۽ حضرت امام حسين ﷤.

 

مراد:  حضرت امام حسن﷤ ۽ حضرت امام حسين﷤ سجاڳ ٿيا ته کين سخت اُڃ لڳي جنهن ۾ سندن چپ خشڪ ٿي ويا. حضورﷺ جن پنهنجي زبان مبارڪ کين چوسائي ته سندس اُڃ لهي وئي.

 

[18]

جهنُا ڪيا ”جانڻ“ چئي، لاکيڻا ڪنهن لونجهه،

ڏنائون هي، ڪڍي ٻاهر ڪونج،

لٿي ملوڪن منجهه، انهيءَ کاڻِ ”کٽي“ چئي.

 (ملان جانڻ کٽي)

 

لاکيڻا = حضرت امام حسن﷤ ۽ حضرت

امام حسين﷤. ڪونچ زبان مبارڪ.

ملوڪ = حضرت امام حسن﷤ ۽ حضرت

امام حسين﷤. مونجهه = اُڃ.

 

مراد:  حضورﷺ جن امام سڳورن کي زبان مبارڪ چوسائي ته سندن اُڃ لهي وئي.

 

[19]

هن جون سرتيون ۽ ساهيڙيون، لڏي ويون لس،

هڪڙي وينگس ويهي رهي، سٺا جاچي سرس،

اڳ ته لڪندي هئي اَنهير کان، ڪري وڏائي وس،

ڏٺي مڱيندي مس ڏينهن انهيءَ ”ڏيرو“ چئي

 (محمد فقير ڏيرو)

 

سرتيون ۽ ساهيڙيون = ڇانئون.

وينگس = هڪ ڇانو. سٺا = امامن سڳورن

ڏانهن اشارو. انهير = چنڊ. مڱيندو = سج.

 

مراد:  امامن سڳورن تانکجيءَ جي ڇانوَ نه لٿي جيستائين پاڻ اتي هئا.

 

[20]

ڏاچين کي ته ڏاوڻ هئا، پر هن جون گوريون هيون گوَ،

پر هڪڙي پوراف رهي پوئتي، سا ٿي سڀن ۾ شهزور،

”محمد“ چوي مورَ، پي ورتا چسڪا چندن جا.

 (محمد فقير ڏيرو)

 

ڏاچيون = کجيون. گوريون = ڇانئون.

پوراف = هڪڙيءَ ڇانوَ. چندن = امام سڳورا.

 

مراد:  حضرت امام حسن﷤ ۽ حضرت امام حسين﷤ جي راند ڪندي جيستائين ستا رهيا تيستائين ڇانوَ اڳتي نه چري پر اتيئي بيٺي رهي.

 

[21]

هلي تي هنگلاج ڏي، سامي ڪري سُنگ،

هڪ ويهي رهيو واٽ تي، ٻڌي لاهوتي لُنگ،

پوءِ جوڳي گهڻو ئي جُنگ، پر هليو نه هنگلاج ڏي.

 

سامي = پاڇولا. هڪ = پاڇي ڏانهن اشارو.

هنگلاج = شام جي وقت اوڀر طرف.

 

مراد:  امامن سڳورن جي مٿان وڻ جو پاڇو بيهي رهيو، ٻيا پاڇولا سڀ هلي ويا پر اهو پاڇو بيٺو رهيو ۽ پنهنجي وڃڻ واري طرف نه ويو.

 

[22]

ڪڙمي قائم پنهنجي نار تي، هردم هوشيار چون،

جوڳ مُٽي ٿو جائي، پر جڏهن پورا پهر ٿين،

هڪ ڏينهن برسات ڏئي بيهي رهيو، اُهو ڏاهو ڏاند چون،

چمڪا ڏٺا هئائين چشمن جا، آندو پرور پاڻي پٽن،

وهندي ڏٺا هئا ويچاري، پوءِ جلد گڏيو جوڙن،

اها سالڪ ڳالهه سلن، انهيءَ قصي جي ”قادربخش“ چوي.

 (قادر بخش)

 

ڪڙمي = سج جو پاڇو. جوڳ = الهندي يا

اڀرندي ڏانهن هلڻ. پورا پهر = ٻنپهرن جو

وقت. برسات = امام سڳورن جي مجلس.

ڏاهو ڏاند = پاڇو. چمڪا = نور جا تجلا.

ڏٺا هئائين = جبرائيل ڏانهن اشارو.

چشما = پنجتن پاڪ. پاڻي = پنجتني چادر

جو پاڇو. ويچارو = کجيءَ جي وڻ واري پاڇي

ڏانهن اشارو. جوڙا = سج جا ٻيا پاڇا.

 

مراد:  امام سڳورا کجيءَ جي وڻ هيٺان سمهي پيا ته وڻ جو پاڇو امامن سڳورن تان تيستائين نه لٿو جيستائين پاڻ اتي موجود هئا. سندس وڃڻ کان پوءِ اهو پاڇو وڃي ٻين پاڇن سان مليو. انهيءَ هنڌ تي پنجتن پاڪ جي مٿان جبرائيل چادر (آيت تطهير) آندي.

 

[23]

سوڍن سان صلح ڪيائين، هو ته ڀاءُ سندو مومل،

ڪيئين ڪچهريون ڪڏ مان، ”محمد“ چوي ان مهل،

جڏهن هليا ڪاڪ مٿي ڪامل، تڏهن پاڻ به پيو پنڌ ۾.

 (محمد فقير ڏيرو)

 

سوڍا = امام سڳورا. ڀاءُ پاڇو.

موڪل = کجي. ڪاڪ = گهر.

ڪامل = امام سڳورا.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[24]

ڪڏهن ٻڌيسين ڪانڪا، ڪا عملدار سان اڏي.

جاءِ انهيءَ جائي ٿي، تنهن تونگر سان تاڏي،

گڙي وئي گاڏي، جڏهن ڪونه ڏٺا هوئين ”قادربخش“ چئي.

 (قادر بخش)

 

عملدار = سج. تونگر = سج.

گاڏي = اها ڇانوَ جا امامن سڳورن جي مٿان

هڻي. ڪونه ڏٺائين = پنجتن پاڪ ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[25]

ٻيا سڀ وريا، هو وريوئي ڪين،

مڃي امرالله جو، بيٺو سرزمين،

ترنگن کي تعظيم، ملي مهل تنهن ”موريو“ چوي.

 (مورو)

 

ٻيا سڀ = وڻن جا پاڇا هو = حضرت امام

 حسين رضه جي مٿان وڻ واري پاڇي ڏانهن اشارو.

 

مراد:  حضرت امام حسن﷤ ۽ حضرت امام حسين﷤ راند ڪندي هڪ وڻ هيٺ سمهي پيا. ٻيا وڻن جا پاڇا ته سج لڙڻ سبب لڙي ويا، مگر انهيءَ وڻ وارو پاڇو امامن سڳورن مٿان بيٺو رهيو.

[26]

ڪڏهن وڃي ڪينڪي، پر مانجهي ڇڏي ويس مور،

هن ڀي ملڪ ۾ پنهنجن جي، وڃي ٽلي ورتي ٽور.

پوءِ ڪري ڪوتڪ تور، هن قضي جي ”قادربخش“ چئي.

 (قادر بخش)

 

مانجهي = امام سڳورا. هن = وڻ جي پاڇي

ڏانهن اشارو. پنهنجا = ٻين پاڇن ڏانهن اشارو.

 

مراد:  جيستائين امام سڳورا روانا نه ٿيا تيستائين وڻ جو پاڇو مٿائن ڇانوَ ڪري بيهي رهيو.

 

[27]

ڍولئي آندي ڍٽ ڏانهن، سوکڙي سائي،

خاصي ”خدابخش“ چوي، عجيبن ڏانهن آئي،

ساعت اهائي، جو سومرن ۽ سنڌ پيو.

 (خدا بخش)

 

ڍولئي = جبرائيل. سوکڙي = پنجتني چادر

ڏانهن اشارو. عجيبن = پنجتن پاڪ.

سومرا = پنجتن ۽ ٻيا اصحاب.

 

مراد:  جبرائيل پنجتني چادر (آيت تطهير) آڻي پنجتن جو شان بلند ڪيو.

 

[28]

مينهن بيٺي آهي مُنيءَ تي، وَڇون وييون ولهار،

هڪڙي وڇ بيهي رهي، وير ڏسي وينجهار،

محل انهيءَ ”ماڻڪ“ چئي، ٿي گلن مٿان گلزار،

اهڙو رب ستار، جو مليون ٻئي واڌايون وڇ کي.

 (ماڻڪ لغاري)

 

مينهن = کيتي. وڇون = ٽارين جون ڇانئون.

وڇ = ٽاريءَ جي ڇانوَ (جا امامن جي مٿان هئي).

وير = حضرت امام حسن﷤ ۽ حضرت

امام حسين﷤. ٻه واڌايون = ڪڙي پنجتن گڏ

ٿيڻ جي ۽ ٻي چادر جي لهڻ جي.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[29]

وير ته انهيءَ ويڙهيءَ ۾، ويا سونهن ڀريا سلطان،

موجود ٿيا ملوڪ اُتي، پرين سي پهلوان،

هاتنگ انهيءَ هنڌ تي، ٻيا ڇڏيا بات بيان،

اتي ”الهه بخش“ چوي، ٿين آگي جا احسان،

پوءِ خوش ٿيڙا خان، جڏهن آئي منڌ ملوڪن ڏنهون.

 (الهه بخش)

 

وير = حضرت امام حسن﷤ ۽ حضرت حسين﷤

ملوڪ = حضورﷺ جن، حضرت علي ڪرم الله

وجهه﷤ ۽ خاتون جنت. هاتنگ = وڻ ٻيا بات

بيان ڇڏڻ = پنهنجي ڇانوَ ٻئي پاسي نه ڪرڻ.

من- پنجتني چادر. خان = پنجتن پاڪ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

الله تعاليٰ جي نگهباني ۾:

        هڪ دفعي امام سڳورن پئي راند ڪئي. ته حضورﷺ جن امامن جي وارن مبارڪن مان دز پئي ڇنڊي. ان وقت وحي نازل ٿيو. جنهن چيو ته سائين! هن وقت شهزادن تي مٽيءَ جي دز به سهي نٿا سگهون. مگر جڏهن ڪربلا جي ميدان ۾ مٿن تيرن جو وسڪارو ٿيندو، تڏهن اتي ڪير هوندو؟ تڏهن حضورﷺ جن فرمايو ته اتي الله تعاليٰ جي حوالي ۽ نظر ۾ هوندا. ائين فرمائي ڏکوئيندي امامن کي ڳلي لاتائون.

 

[30]

مارئي مارن کان، ڇني ڪيائين ڌار،

وهم وڏو ٿيو وير کي، جو رُنو زاروزار،

”سرهو“ چئي سرڪار، جو اعليٰ آهي الله جي.

 (سرهو)

 

مارئي = مٽي. مارو = وار.

وير = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

حضرت امام حسين﷤ لاءِ حضرت عمر﷤ جو پيار:

        چون ٿا ته حضرت عمر﷤ جي فرزند کي حضرت امام حسين﷤ ننڍپڻ ۾ ”ٻانهي جو پٽ“ ڪري سڏيو، تنهنڪري هن وڃي پنهنجي والد حضرت عمر﷤ کي دانهن ڏني. حضرت عمر﷤ کيس چيو ته تون موٽي حضرت امام حسين﷤ کان اهي اکر لکائي اچ. حڪم مڃي هو حضرت امام حسين﷤ کان لکائي آيو. پوءِ حضرت عمر﷤ کيس پيار ڪري فرمايو ته هي انهيءَ ڇوڪر جا اکر آهن، جيڪو حضورﷺ جن جو جگر آهي، اهو ئي توکي قيامت ۾ به ڪم ايندو.

 

[31]

ٻڌي لفظ لاهوتيءَ جا، اچي پيش ڪيائين پڳدار،

چيائين: هڪدم وڃي هوت وٽان، وٺي آ نازڪ تون نروار،

انهن جي آڻن لاءِ، ڏنس سواري سردار،

گهر ڪئي وڃي گهوٽن جي، جاءِ انهيءَ جهونجهار،

پاڻ پنهنجي هٿن سان، ڏنس معافي چاڙهي منٺار،

کڻي آيو خوشيءَ مان، اهي ڪامل قربدار،

چوڻو ڏنائين چاهه مان، ڀاڪر پاتائين ڀوتار،

هاڻي ڏيو وير ڪري ويچار، ته آندئين ڪهڙا عجيب عمر چئي؟

 (محمد عمر سومرو)

 

لاهوتي = حضرت امام حسين﷤.

پڳدار = حضرت عمر﷤.

جهونجهار = حضرت عمر﷤ جو پٽ.

اهي ڪامل قربدار = ”ٻانهي جا پٽ“

لفظن ڏانهن اشارو. ڀوتار = حضرت عمر﷤.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

امام حسن جي شهادت:

        حضرت علي﷤ جي وفات بعد حضرت امام حسن﷤ خلافت جو اعلان ڪيو ۽ ماڻهو سندس بيعت ڪري رهيا هئا ته امير معاويه اها خبر ٻڌي سندس خلاف لڙائي ڪئي. نيٺ صلح ٿيو پر هميشه انهيءَ خيال ۾ هو ته ڪنهن طرح حضرت امام حسن﷤ کي مارايان. انهيءَ لاءِ سندس اهليه بيبي جعده کي لک درم رشوت ڏئي پاڻ سان ملايو ته هوءَ حضرت امام حسن﷤ کي زهر ڏئي انهيءَ لالچ تي جعده امام حسن کي زهر ڏنو. زهر جو اثر وڌندو ويو ۽ پاڻ ستيتاليهن ورهين جي عمر ۾ شهادت پاتائين.

       چون ٿا ته زهر حضرت امام حسن﷤ سان ڳالهايو هو پر پاڻ رضا رب جي سمجهي خوشيءَ سان شهادت جو پيالو پيتائين.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[32]

مومل جي ملڪ ۾ هئي، هيبت وڏي هاڪ،

ڪيئي ناٿ نوائي ڇڏيائين، جيڪي ٿيس پئي مٿئون مرد مشتاق،

معلوم نه هيو مينڌري کي ته ڪندي مُنڌ مذاق،

سومل مومل سان ملي، ڪامڻ هئي ته قزاق،

ائين هو امر ”اميربخش“ چئي، لکيو پرور پاڪ،

پوءِ ڇڏي ڪاڪ، مئٽو اوطاق، ڍوليو ويو ڍٽ ڏي.

 (امير بخش کٽي)

 

مومل = زهر جي پڙي. مينڌرو = حضرت

امام حسن﷤. منڌ = زهر جي پڙي.

سومل = بيبي جعده. ڪامڻ = جعده. ڪاڪ = دنيا

ڍٽ = دارالبقاءُ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[33]

سسئي پنهل کي، بيٺي سڏ ڪري،

منهنجي آءُ نه اوڏو، ٿي مان ۾ باهه ٻري،

پنهل به سسئي ۾ وڌا قابو هٿ ڪري،

قضا ڪيئن ٽري، اَمر اِلاهي آئيو.

 

سسئي = زهر جي پڙي. پنهل = حضرت امام حسن﷤

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[34]

تڙي هئي توڙ کئون، توڙئون هيءَ تڙي،

عشق جي الله ڏنهون، اچي اُنگهه اَڙي،

ساميءَ جي صحبت جي، لڳي جيءَ جڙي،

پوءِ قابو تڙ ڪڙي، جتِ هيڪل ٿيڙي هوت ري.

 

تڙي = بيبي جعده ڏانهن اشارو.

عشق = زهر. سامي = حضرت امام حسن﷤.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[35]

ساراهيان سچو ڌڻي، خالق خلقڻهار،

مالڪ وٽ محبوب جي، هئي پرينءَ جي پچار،

سودو اهو سهج مان، وَڻجون هوَئين واپار،

اچي پرياڻ پورو ٿيو، انهيءَ انجام، سندو اقرار،

صاحب هو سڏايو، تنهن ڪم جو ڪارمدار،

وڃ وهي تون وير وٽ، وڃي ڪر پنهنجي پر پهنوار،

هلي اچي حاضر ٿيو، اهو دخل وٽ دلدار،

مونکي مالڪ موڪليو، تو دانهن جي دربار،

حڪم حاڪم جو ٿيو، هاڻي مون تي ناهه ميار،

مون ٻڌائڻ ڪم ”ٻروچ“ چئي، پوءِ اڳتي تو اختيار،

اها ٻولي ٻيجل جي ٻڌي، ٿيو سو خوش کنگهار،

هو جوان وڏو جهونجهار، جنهن کلي ورتو خوشيءَ سان.

 (جاڙو خان مري)

 

محبوب = حضرت امام حسن﷤.

ڪارمدار = زهر. دانهن = حضرت امام حسن﷤.

ٻيجل = زهر. گنگهار = حضرت امام حسن﷤.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[36]

سهڻي سمجهي سالڪا، پُرجهي پائج پير،

هاڻي مون لئون دير، ڪامل ٿيندٰ ڪانڪا.

 

سالڪ = حضرت امام حسن﷤.

مون = زهر ڏانهن اشارو.

ڪامل = حضرت امام حسن﷤.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[37]

ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب رب سبحان،

اصلي الست کان، توکي مليل آهي مان،

ٻڌان پيو ”ٻروچ“ چئي، تنهن شاهي شان،

مون کان مُڙي لنگهجان، تون آهين سوڍو سرت سجان،

هليس حڪم ساڻ، هاڻي پر ڪندس پنهنجي.

 

مون = زهر ڏانهن اشار.

تون = حضرت امام حسن﷤ ڏانهن اشارو.

 

مراد:  چون ٿا ته زهر حضرت امام حسن﷤ کي ٻڌايو ته آءٌ زهر آهيان پر الله تعاليٰ جي رضا سمجهي قبول ڪيائين.

 

[38]

آريءَ اُتاهين اُماڻيو، آيو وٽ پنهل،

تنهن کان خان به پڇيو خبرون، کڻي وڌس ٻک ٻاروچل،

اها هئي ڪيچ ڌڻيءَ جي ڪل، تڏهن ويو راند ماري ”محمد“ چئي.

(محمد خان ڏيرو)

 

آري = الله تعاليٰ. پنهل = حضرت امام حسن﷤.

اماڻيو = زهر ڏانهن اشارو.

خان = حضرت امام حسن﷤.

ڪيچ ڌڻي = الله تعاليٰ.

 

مراد:  حضرت امام حسن﷤ زهر جي سببان شهادت حاصل ڪئي. جڏهن الله تعاليٰ جي مرضي نه هجي ها ته زهر پنهنجو اثر ڪري نه سگهي ها.

 

ڪربلا جو واقعو:

        امير معاويه جي مرڻ کان پوءِ يزيد ماڻهن کي بيعت لاءِ گهرايو. ماڻهن لالچ ۾ اچي ان کي پنهنجو حاڪم ڪري مڃيو مگر بني هاشم ۽ ٻين ڪن مسلمانن هن جي بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪيو. يزيد کي ٻئي ڪنهن جو به ايترو خيال ڪونه ٿيو، باقي حضرت امام حسين﷤ کان ڊنو تنهنڪري هن مديني جي حاڪم وليد کي لکيائين ته اهو حضرت امام حسين﷤ کان بيعت وٺي نه ته ڪنهن طرح سان قتل ڪيو وڃي. حضرت امام حسين﷤ مــديني کـــي غير محفوظ سمجهي پنهنجي اهل بيت سان گڏ مڪي معظمه ڏانهن روانو ٿيو مگر اتي به مخالفت ڏٺائين انهيءَ ڪري ڪوفي وڃڻ جو ارادو ڪيائين، ڇاڪاڻ ته اتي جي ماڻهن کيس پاڻ وٽ اچي رهڻ لاءِ خط لکيا هئا. حضرت امام حسين ﷤ ڪوفي پهچڻ کان اڳ پنهنجي سؤٽ حضرت ابو مسلم کي ڪوفي موڪليو ته ماڻهن کان وفاداريءَ جو واعدو وٺي. حضرت ابو مسلم﷤ اتي پهتو ته ماڻهن سندس شاندار استقبال ڪيو ۽ ارڙهن هزارن بيعت ڪئي، تڏهن حضرت ابو مسلم﷤ حضرت امام حسين﷤ کي ڪوفي اچڻ ۽ خلافت سنڀالڻ لاءِ لکيو. يزيد کي اها خبر پئي ته ڪوفي جي ماڻهن بيعت ڪئي آهي. تنهنڪر اتي عبيدالله بن زياد کي گورنر ڪري موڪليائين. هن اتي پهچي حضرت امام حسين﷤ جي محبن تي ظلم ۽ سختي شروع ڪئي ۽ حضرت ابو مسلم اها حالت ڏسي هاني نالي هڪڙي شخص وٽ وڃي رهيو ته عبيدالله ان تي به سختي ڪئي. نيٺ حضرت ابو مسلم طوعه جي مڪان ۾ وڃي پناهه ورتي. جڏهن اتي به دشمنن مڪان کي گهيرو ڪيو تڏهن حضرت ابو مسلم اگهاڙي تلوار کڻي بهادريءَ سان دشمنن جو مقابلو ڪيو پر نيٺ شهيد ٿيو.

        هوڏانهن حضرت امام حسين﷤ جو ڪوفي وڃڻ لاءِ مڪي مان روانو ٿي چڪو هو ۽ کيس حضرت ابو مسلم﷤ جي شهادت جي خبر پئي ان وقت پاڻ اچي ڪوفي جي سرحد وٽ پهتو هو ته کيس حر نالي سپهه سالار، هڪ هزار لشڪر سان هو تنهن حضرت امام حسين﷤ کي اچي روڪيو جو ابن زياد جي حڪم سان آيو هو. لاچار پاڻ واپس ٿي ڪربلا جي سرزمين تي پهتو ته اتي به عمر سعد چار هزار لشڪر وٺي پهتو. حضرت امام حسين﷤ کي ٻڌايو ته اسين لڙائي جي غرض سان نه آيا آهيون. تنهنڪري اسان کي مڪي معظمه وڃڻ جي اجازت ملي، پر عمر سعد ابن زياد کان حضرت امام حسين﷤ جي مڪي وڃڻ جي اجازت گهري پر ابن زياد نه رڳو اجازت نه ڏني پر پاڻ اهو حڪم ڏنائين ته جيستائين حضرت امام حسين﷤ يزيد جي بيعت نه ڪري تيستائين فرات نديءَ جو پاڻي به انهن لاءِ بند ڪيو وڃي ۽ آخر ۾ شمر جي معرفت حضرت امام حسين﷤ لاءِ حڪم ڏنائين ته جيڪڏهن يزيد جي بيعت نه ڪري ته سندس ساٿين کي قتل ڪيو وڃي. حضرت امام حسين﷤ شهيد ٿيڻ قبوليو پر يزيد جي بيعت نه ڪيائين ۽ پاڻ اهلبيت سان مشورو ڪري خيما قائم ڪري خندق کوٽائي ته دشمن پٺيان نه حملو ڪري.

        ابن زياد شمر کي هزارين لشڪر ڏيئي، وڙهڻ لاءِ موڪليو جنهن حضرت امام حسين﷤ کان ٻيو ڀيرو بيعت طلب ڪئي مگر حضرت امام حسين﷤ انڪار ڪيو ۽ لڙائي شروع ٿي وئي. حضرت امام حسين﷤ سان ٻاهتر ماڻهن جي فوج هئي جيڪا هزارين دشمنن سان وڙهي شهيد ٿيندي وئي. ابن زياد جي پاران آيل حر سلار پنهنجي فوج مان نڪري اچي حضرت امام حسين﷤ جي ساٿين سان گڏيو ۽ بهادريءَ سان وڙهي شهيد ٿيو. ان وقت حضرت امام حسين﷤ جي ساٿين سان گڏيو ۽ بهادريءَ سان وڙهي شهيد ٿيو. ان وقت حضرت امام حسين﷤ پنهنجي نياڻي شهزادي قاسم جي نڪاح ۾ ڏني. نڪاح بعد شهزادي قاسم پنهنجي حرم کي رضا تي راضي رهڻ جي نصيحت ڪري وڃي جنگ جي ميدان تي پهتو ۽ ڪئين دشمن ماري پوءِ شهيد ٿيو. جڏهن سڀ ساٿي شهيد ٿي ويا تڏهن حضرت امام حسين﷤ خيمي ۾ وڃي بيمار فرزند حضرت امام زين العابدين سان ڪي ڳالهيون ٻوليون ڪيون ۽ آخر ۾ اهلحرم کي صبر ۽ رضا جون نصيحتون فرمائي ميدان جنگ ۾ هزارين زخم سهي ڪيترن دشمنن کي قتل ڪيو. نيٺ ضعيف ٿي گهوڙي تان لهي زمين تي ويٺا ۽ شمر تلوار کڻي اچي سندس ويجهو ٿيو. ان کان ڏينهن ۽ وقت پڇيائين جنهن جواب ڏنو ته جمعي جي ڏينهن ۽ نماز جو وقت آهي تڏهن حضرت امام حسين﷤ فرمايو ته مون کي مهلت ڏي ته آءٌ الله تعاليٰ جو فرض ادا ڪري وٺان، ائين چئي پاڻ نماز شروع ڪيائين ۽ هڪڙي رڪعت پڙهي ٻيءَ جي سجدي ۾ هو ته شمر کيس شهيد ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org