سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي

 باب:

صفحو :1

سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

مهاڳ

سنڌ جي ”لوڪ ادب“ کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز، سن 1955ع ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي سامهون رکي ويئي، جا 1956ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان جي عملي نگراني ۽ تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.

ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. انهيءِ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا ته ڏنل هدايتن موجب، ٻهراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري موڪلين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”سنڌي لغت آفيس“ سان گڏ ”لوڪ ادب“ جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي، ۽ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، ته مقامي طور گڏ ڪيل، توڙي ٻاهران آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف ڪري ڇپائڻ لائق بنائين.

پهريان ٻه سال، 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن ڳوٺن مان گهربل ڳالهيون هٿ ڪيون، ۽ مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اُتاريو، بنده ڪوشش ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري سڄاڻ سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون ۽ عام سنڌي ادب جي هر پهلوءَ کي سمجهڻ، ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ سعيي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري ايترو مواد گڏ ٿيو، جو ان جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت نموني طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي. ڪتابن جي تاليف جو سلسلو ٽئين سال 1959ع کان شروع ڪيو ويو.

هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:

پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جون عام ادب جون اهي جملي جنسون، جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ عام مقبول ۽ مروج آهن، تن کي لوڪ ادب جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري جنسون پڻ شامل آهن. مثلاً: مداحون، مولود، ٽيهه اکريون، قافيون وغيره. مگر جيئن ته اهي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهور آهن، انهيءَ ڪري انهن کي پڻ ”لوڪ ادب“ جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ سان، هن تجويز هيٺ گڏ ڪيل لوڪ ادب کي بعينه”فوڪ لور“ (Folk Lore) جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃان ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نه ڪئي آهي، جو اها خواص جي زندگي ۽ تمدن يا ”معياري ادب“ جو سرچشمو بنجي. سنڌي ادب جو مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي. انهيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اهو ئي آهي جيڪو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهي. انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي ”لوڪ ادب“ ۽ ”معياري ادب“ جي وچ ۾ حد فاصل قائم ڪري نٿي سگهجي.

ٻيو ته هن تجويز ذريعي ”لوڪ ادب“ جو سمورو مواد گڏ نه ٿي سگهيو آهي، جو ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي ذريعن جي ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ، ڄڻ اٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتين ماڻڪن کي ميڙڻ برابر ٿيندو، جو مشڪل آهي. البته جو ڪجهه مواد گڏ ٿي سگهيو آهي، سو لوڪ ادب جي هر جنس بابت مثالي مواد آهي. انهيءَ لحاظ سان تجويز هيٺ تاليف ڪيل ڪتاب اميد ته آئينده ڪوشش لاءِ نمايان نشان ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندا.

”لوڪ ادب تجويز“ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان پيش ٿي، مگر ان جي عملي سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي مخلصن جون ڪوششون شامل آهن. اول ته ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي ميمبرن کي جس جڳائي، جن هن تجويز کي سن 1956ع ۾ منظور ڪيو. ان بعد گهربل مواد گڏ ڪرڻ ۽ صاف ڪري، ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مسودا توڙي پريس ڪاپيون تيار ڪرڻ، ۽ ڪتابن کي ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانهن ٻيلي ٿيا آهن. هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۽ تعلقيوار ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي باهمت فردن، سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن، توڙي انهن مڙني دوستن جو حصو آهي، جن بنده لاءِ سگهڙن کي ڳولهي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهرين ڪرڻ ۾ پنهنجي طرفان هڙان وڙان مدد ڪئي.

مجموعي طرح سان هي ڪتاب لوڪ ادب سلسلي جو ٽيهون ڪتاب آهي. ان جو بنيادي مواد جولاءِ 1958ع تائين گڏ ٿيو ۽ سڄي مواد کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏيئي جون 1965ع ۾ ڪتاب جو مسودو تيار ڪيو ويو. هيءُ ڪتاب هن کان گهڻو اڳ ڇپجي وڃي ها، مگر بدقسمتيءَ سان لوڪ ادب تجويز کي بند ڪيو ويو ۽ هن ڪتاب جي اشاعت پڻ رُڪجي ويئي. 25 اپريل 1968ع تي سنڌي ادبي بورڊ جي صدر جناب مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ (تمغه پاڪستان) جي سفارش تي سنڌي ادبي بورڊ وري لوڪ ادب تجويز کي پايهء تڪميل تي پهچائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اِها ذميواري بندي کي سونپي. جون 1968ع کان ڪم شروع ڪيو ويو، پر چئن مهينن بعد وري بورڊ طرفان ڪم بند ڪرڻ جو اطلاع مليو. وري 18 جون 1969ع تي بورڊ، لوڪ ادب تجويز عمل ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جناب مخدوم صاحب جن کان خط پهتو ته دوباره ڪم شروع ڪيو وڃي. باوجود انهن تڪليفن جي جيڪي هڪ مخلص ڪارڪن کي پهچن ٿيون، ۽ جيڪي راقم کي پڻ ”لوڪ ادب“ جي خدمت ڪندي سهڻيون پيون آهن. بنده هيءُ ڳرو بار ٽيون ڀيرو پنهنجن ڪُلهن تي کنيو آهي. انهيءَ لاءِ ته سنڌي لوڪ ادب جي قيمتي سرمايي کي جيترو ٿي سگهي اوترو سهيڙي ان کي ضايع ٿيڻ کان بچائي، ۽ رٿيل پروگرام موجب ”لوڪ ادب“ جي چاليهن جلدن کي مڪمل ڪيو وڃي.

مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم ممتاز مرزا هن ڪتاب جي مواد کي اُتاري يڪجاءِ ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽ دوباره صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو، ۽ محترم محمد اسمٰعيل شيخ ان سڄي ڪم جي نگراني ڪئي ۽ ڪتاب جي مسودي تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ڪتاب جي سٽاءُ، ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده خود ذميوار آهي.

سنڌ يونيورسٽي                                                       خادم العلم

حيدرآباد سنڌ                                                  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

1972ع-10-12

باسمه تعاليٰ

ام للانسان ماتمنيٰ فالله الاخر والاوليٰ

مقدمه

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مشهور قصن مان ٻه عشقيه داستان، يعني ”سهڻي ۽ ميهار“ ۽ ”نوري ۽ ڄام تماچي“ شامل آهن. هنن ٻنهي داستانن جي ماحول ۾ پاڻيءَ کي دخل آهي: ”سهڻي ۽ ميهار“ دريائي داستان آهي، جنهن ۾ درياءَ جي ڪچي ۽ ٻيلي، ڪانهن ۽ مينهن، موج ۽ سير، ڪُن ۽ ڪڙڪي جي سمان سمايل آهي، ”نوري ۽ ڄام تماچي“ ڪينجهر ڍنڍ جو داستان آهي، جنهن ۾ ٻيڙين ۽ رڇن، مهاڻن ۽ مڇين، بِهَن ۽ لوڙهن جو دلڪش منظر موجود آهي. ٻنهي داستانن ۾ پاڻي وارو جز مشترڪ آهي، مگر ماحول مختلف آهي: هڪ داستان ۾ درياءَ جي دهشت آهي ته ٻئي ۾ ڍنڍ جي دلپذيري آهي. معنوي لحاظ سان هنن ٻنهي داستانن کي گڏي رکڻ ۾ ڪو جواز آهي ته فقط درياءَ ۽ ڍنڍ جي نسبت وارو آهي. ان کان سواءِ هنن ٻنهي داستانن جو تاريخي پس منظر توڙي بنيادي سٽاءَ نرالي آهي، جنهن تي اسان هيٺ قدري تفصيل سان روشني وجهنداسون.

سهڻي ۽ ميهار

”سهڻي ۽ ميهار“ جو سنڌي قصو نهايت آڳاٽو آهي، جنهن جي مشهوري گهڻو پوءِ دير سان پنجاب تائين پهتي، جتي جي شاعرن ان جي سٽاءَ ۾ ڦير گهير ڪري ان کي پنهنجي ماحول مطابق ڳايو: گَهڙي جي اهڃاڻ واري لحاظ سان سهڻيءَ کي ”ڪنڀار“ جي ڌيءَ ڪري ڀانيائون، ۽ ”هير – رانجها“ داستان ۾ رانجهي جي ”تخت هزاري جي سائين“ هجڻ واري خيال کان ”مهيوال“ کي به بادشاهزادو بنايائون. پوين پنجاهن سالن واري عرصي ۾ البت پنجاب جو ”سوهني – مهيوال“ وارو قصو ڇپيل ڪتابن ذريعي سنڌ ۾ مشهور ٿيو ۽ سنڌ جي ڪن شاعرن انهيءَ سٽاءَ مطابق پڻ هن قصي کي ڳايو: مثلاً پير بخش هن قصي کي سڌو سنئون پنجاب واري سٽاءَ موجب ڳايو، ۽ ڪن ٻين شاعرن پڻ سندن بيتن ۾ سهڻي يا سندس ماءُ جي ڪنڀارن سان تعلق ڏانهن اشارو ڪيو[1]. مگر هن پوئين دور ۾ سڀ کان وڏي غلط فهمي سنڌ جي پڙهيل طبقي ۾ ٿي، جن ”سهڻي ۽ ميهار“ واري قديم سنڌي قصي کان بيخبري سببان پنجاب واري قصي کي ئي ”سهڻي – ميهار“ جو قصو ڪري سمجهيو. مثلاً: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جهڙو لائق لکندڙ به باوجود ڪافي محنت ۽ کوجنا جي هن وڏي غلطي ۾ مبتلا ٿيو، جو پنجاب جي ”سوهني – مهيوال“ واري قصي کي حضرت شاهه عبدالطيف جي رسالي جي سُر سهڻي جو موضوع بڻايائين. [2] حالانڪ حضرت شاهه عبدالطيف ”سر سهڻي“ ۾ جنهن قصي جا اهڃاڻ ۽ اشارا آندا آهن سو خالص ”سهڻي ۽ ميهار“ وارو سنڌي داستان آهن. هيٺ اسان ”سهڻي ۽ ميهار“ واري قديم سنڌي قصي جي ٽاڻن ۽ اهڃاڻن ڏيڻ بعد ان کي پنجاب ۾ مشهور ٿيل ”سهڻي – مهيوال“ واري قصي جي ڀيٽ ڪري، انهن جي بنيادي فرق کي بيان ڪنداسون.

سهڻي ۽ ميهار جو حسب نسب

سهڻي ۽ ميهار جي حسب نسب بابت سنڌ جي عام مشهور روايت اها آهي ته سهڻي ذات جي ”سامٽي“ هئي ۽ ”جرڪت“ نالي ساميٽي جي ڌيءَ هئي. ميهار جو نالو ”ساهڙ“ هو ۽ ذات جو ”نڱامرو“ هو.[3] هڪ روايت موجب هو ”گنهور ڄام“ جو پٽ هو. انهن اهڃاڻن تي شير خان نالي سگهڙ جو هيٺيون مشهور بيت شاهد آهي ته:

 

دَلُو دمامن جو ڌڻي، هو وير وڏو ورنات

ميهر ذات نڱامترو هو، مينهن جي مصلحات

ٻيٽو گنهور ڄام جو، وير وڏي سان وات

سهڻي ذات جي سامٽي، جرڪت ٻيٽي ذات

ڪو ٻي بتائي بات، ته اڳيئون شاهد ڏيان شير خان چئي[4]

ڀٽائي صاحب جي بيتن ۾ پڻ ساهڙ کي ”ڄام“ جي لقب سان ياد ڪيو ويو آهي – مثلاً:

”ساريان ساهڙ ڄام کي ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن“

نڱامرن ڄامن جي ميرپور ساڪري ۾ ڪيٽي بندر واري علائقي ۾ سرداري هئي. نڱامرا 8 – صدي عيسوي کان وٺي اتي آباد هئا ۽ ويندي ڪلهوڙن جي دور تائين اُتي سندن سرداري قائم هئي.[5]

اتر سنڌ جي هڪ روايت موجب سهڻي ذات جي ”وهڻيتي“ هئي ۽ ”لال“ نالي کٽيءَ جي ڌيءُ هئي. پر ٻئي ڪنهن آڳاٽي سگهڙ تشريح ڪندي چيو ته سهڻي ذات جي ”وهڻيتي“ ڪا نه هئي. پر ڇاڪاڻ جو درياءَ جي وه يا وهڪري ۾ پئي انهيءَ ڪري کيس ”وهڻيتي“ سڏيائون:

ڏهه ڏهڙ، وهه ويهه، لوهئون لوهاڻو وهي
ساهڙ ذات لغامڙو، سهڻي ”لال“ کٽي جي ڌيءَ
ذات ٻنهي جي هيءَ، پر هو وهه کئون ”وهڻيتي“ سڏي.
سهڻي جي سڪ ۽ نينهن جو سبب

سنڌ جي عام مقبول ۽ مشهور قصي ۾، سهڻي جي سڪ ۽ محبت جو سبب اها کير جي سرڪي هئي، جيڪا ”چئن يارن“، چئن درويشن يا چئن پرهيزگارن بچائي هئي، ۽ جيڪا سهڻي کي ساهڙ جي هٿان ملي. انهن ڀلارن جي بچايل سرڪي سببان ساهڙ ۾ اها صورت ڏٺائين، جو مٿس ڇڪن ٿي پئي. ڪن روايتن موجب سهڻي سير تري ساهڙ وٽ انهيءَ لاءِ ويندي هئي ته من کيس انهن درويشن جو ديدار نصيب ٿئي. سهڻي جي هن سچي ۽ حقيقي سڪ، سنڌ جي داستان جو هڪ مکيه بلڪ مرڪزي جز آهي. هڪ روايت موجب اهي چار درويش غوث بهااؤلدين زڪريا، شيخ فريدالدين مسعود شڪر گنج، شيخ عثمان قلندر شهباز ۽ سيد جلال الدين بخاري هئا. انهن بزرگن جي ايامڪاريءَ وارو زمانو ڇهين صدي هجري جو آخر ۽ ستين صدي جو نصف اول آهي، جنهن مان پڻ سنڌ جي هن قصي جي اوسر ۽ ابتدا جو اهڃاڻ ملي ٿو.

سهڻي ۽ ميهار جي داستان وارو دور

ٻين داستانن وانگر سهڻي ۽ ميهار جي ڳالهه به هڪ داستان آهي: اهو ڪو تاريخي واقعو ڪونهي جنهن جو سن ۽ سال متعين ڪري سگهجي. البت هن داستان ۾ ڳالهين جا ڪي اهڙا ٽاڻا ۽ اُهڃاڻ موجود آهن، جن جي مدنظر هن داستان جي عمر ڪنهن حد تائين ڪٿي سگهجي ٿي. ان سلسلي ۾ هيٺيان اُهڃاڻ غور طلب آهن:

[1] پهريون ته سگهڙ شير خان جي مٿي ڏنل بيت موجب اهو زمانو ”دلو راءُ“ جو هو: ”دلو دمامن جو ڌڻي هو وير وڏو ورنات“. اندازي موجب دلو راءُ، عربن جي دور جي آخر ۽ سومرن جي دور جي شروعات ۾ اندازاً پنجين – ڇهين صدي هجري (11-12 صدي عيسوي) ڌاري ٿي گذريو.

[2] ٻيو ته سهڻي – ميهار جي داستان جو تعلق ”سنڌو درياءَ“ سان آهي، جنهن جي وهڪري بابت هن داستان جي روايتن ۾ ٻه خاص اهڃاڻ ملن ٿا. مٿي آندل بيت ۾ ڄاڻايل آهي ته:

”ڏهه ڏهڙ، وهه ويهه، لوهئون لوهاڻو وهي“

لوهاڻو درياءَ جنهن کي ”سهڻي وارو ڍورو“ يا ”سهڻي وارو درياءَ“ سڏين، تنهن جو پيٽ شهدادپور شهر کان اولهه لڳو لڳ ظاهر بيٺو آهي. ”لوهاڻو درياءَ“ عربن جي دور ۾ ويندي چوٿين صدي هجري تائين منصوره شهر لڳ (شهدادپور کان 7 ميل اوڀر طرف) وهندو هو، ۽ پوءِ ڦري اولهه طرف شهدادپور وٽان وهڻ لڳو، جنهن ڪري منصوره جو شهر پنجين يا ڇهين هجري ۾ ڦٽي ويو. سهڻي جي سمي بابت ٻيو اهڃاڻ اتر سنڌ ۾ اٻاوڙي ۽ ميرپور ماٿيلي طرفان درياءَ جي وهڪري وارين روايتن ۾ ملي ٿو. اتي جو هڪ عام مشهور بيت آهي ته:

اصل تڙ ”تڻوٽ“ هو، پوءِ کوه کڄي کارو
واڌا ڌڻي ”وڄڻوٽ“ جا وڌ جني وارو
کن ”کينجهو“ هو، سڄي ”ستيارو“
”ڏيٿري“ تي ڪوٽ هو، پتڻ پينگهارو
”کيروهي“ جي ڍنڍڙي، کٽائي سارو
سهڻي ۽ ميهار جو، تڏهن هو وارو
تنهن جو ساکي آهي قطب تارو[6]
 

هن بيت جي مختلف روايتن ۾ اُتر سنڌ جون آڳاٽيون بستيون بيان ٿيل آهن ۽ پڻ اهي اڳوڻا دريائي واهڙ ۽ وهڪرا ڳڻيل آهن. جيڪي بهاولپور کان مٿان قديم هاڪڙي درياءَ جو پاڻي آڻي ”اڀرنديين ناري“ ۾ ڀريندا هئا. انهن مان ڪي ڍورا هن پوئين ويجهي دور ۾ سنڌو درياءَ جي آب ڪلاڻيءَ جو پاڻي پڻ ”اڀرنديين ناري“ ۾ آڻيندا هئا.[7] ”تڻوٽ“ جو قديم تڙ يا کوهه (جيڪو ڏند ڪٿا موجب ديوَن کڻايو) اُٻاوڙي تعلقي جي سرحد لڳ جيسلمير جي حد ۾ آهي. ”وڄڻوٽ“ (ريتي اسٽيشن لڳ) اسلام کان اڳ واري دور جي بستي آهي جتان قديم آثار دستياب ٿيا آهن. ”ڏيٿري جي ڀٽ“ ۽ ”پينگهاري جي ڀٽ“ جي وچان قديم ”ريڻي درياءَ“ جو ڦٽل پيٽ آهي، راقم انهن ٻنهي ڀٽن تي واقع قديم بستين جو معائنو ڪيو ۽ اتان ”ٻڌ ڌرم“ جي دور جا آثار لڌا. بهرحال انهن بستين جي وَسٽا توڙي انهن دريائي ڍورن جا وهڪرا، قبل از اسلام کان وٺي 6 صدي هجري واري آڳاٽي دور سان تعلق رکن ٿا.

[3] ٽيون ته ڇُٽي پير ۽ سهڻي جي درياءَ جي وچ ۾ ملاقات ۽ گفتگو، سنڌ واري ڳالهه جو هڪ مکيه باب آهي. ڇٽو پير درويش هو ۽ درياءَ جي وچ سير ۾ مصلو وڇائي نماز پڙهندو هو. لوڪ ڪَٿا جي دائري کان ٻاهر جڏهن اسان تاريخي ماخذن ۾ ”ڇٽي پير“ جي تلاش ڪريون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي درويشن ۾ هڪ ڇٽو آمراڻي هو، جنهن جي درگاهه سيوهڻ ۾ آهي. روايت موجب هو ”دلوراءِ“ جو ڀاءُ هو، يعني پنجين يا ڇهين صدي هجري جو درويش هو. ٻيو درويش ”شاهه لال ڇٽو“ هو جيڪو مشهور ولي سيد جميل شاهه گرناري (جنهن جي مزار ”پير پَٺي“ تي آهي) جي خليفي وجيہ الدين بن فتح شاهه جي چئن پٽن مان سڀني کان ننڍو هو. مير علي شير قانع جي ڪتاب ”معيار سالڪان طريقت“ ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”شاهه لال ڇٽو (ڄمندي ڄام ۽ ڪرامت وارو هو). ٻاراڻي وهيءَ ۾ پاڻ کي پاڻيءَ ۾ وجهي لڪايائين“. سندس مزار ڪيترن ئي جاين تي جدا جدا ڀاڱن ۾ آهي. جتي به (پاڻي کان ٻاهر) سر کنيائين، اُتي سندس مزار ٺاهيائون.[8]. ”تحفته الڪرام“ ۾ ڄاڻايل آهي ته شاهه وجيہ الدين جو چوٿون پٽ ”شاهه لال ڇٽو“ هو جنهن جي مزار مُتعين ٿيل ناهي. سنڌ جي ڪيترن ئي ڀاڱن ۾ جتي به (پاڻيءَ مان ٻاهر) سر کنيائين اتي مزار ٺاهي اٿن. چون ٿا ته هُن پاڻ کي درياءَ ۾ وجهي پاڻ لڪايو. هن وقت سندس مشهور مزار اها آهي جيڪا ”تندسر“ جي ڪناري تي واقع آهي.[9]

هنن حوالن مان ظاهر آهي ته ”شاهه لال ڇٽو“ ساڳيو عوامي قصي وارو ”ڇٽو پير“ آهي، جنهن جي رهائش درياءَ ۾ هئي. شاهه لال ڇٽي جو پيءُ شاهه وجيہ الدين، سيد جميل شاهه گرناري جو وڏو خليفو ۽ همعصر هو. سيد جميل شاهه گرناري سومرن واري دور ۾ ٿي گذريو. هو سن 580هه ۾ ڄائو ۽ سن 642هه ۾ وفات ڪيائين.[10]: ان جي معنيٰ ته ”شاهه لال ڇٽو“ پڻ انهيءَ دور جو يعني ته ستين سنه جو هو. هن ٽاڻي مطابق سهڻي – ميهار وارو قصو دير ۾ دير ته به ستين سنه ۾ سومرن جي پوري وچين دور جو شمار ڪري سگهجي ٿو.

سهڻي – ميهار جا آثار

سهڻي - ميهار جو داستان درياءَ جي ڪنڌي – ٻيلي جو داستان آهي، انهيءَ ڪري سهڻي ۽ ميهار جا آثار به اڪثر سنڌو ندي جي قديم پيٽن ۽ ٻيٽن لڳ آهن. جيئن ته ”ڇٽو پير“ به هن داستان جي مکيه ڪردارن مان آهي، انهيءَ ڪري سهڻي جا ڪي ماڳ ۽ مقام ”ڇٽي پير“ جي درگاهن ۽ مقامن لڳ آهن. سنڌ اندر سهڻي، ميهار ۽ ڇٽي پير جي آثارن ۽ اهڃاڻن مان هيٺيان وڌيڪ مشهور معروف آهن.

(الف) سڀني کان وڌيڪ مشهور آثار ضلعي سانگهڙ جي ڀر پاسي شهدادپور لڳ ”لوهاڻي درياءَ“ جي قديم پيٽ جي ڀر پاسي سان آهن، جتي سهڻي، ميهار ۽ ڇٽي پير ٽنهي جا ماڳ مقام آهن. ”سهڻي“ جي قبر لوهاڻي درياءَ جي کاٻي (اڀرندينءَ) ڪنڌي لڳ آهي ۽ اهو مقام ”سهڻي جي مقام“ جي نالي سان مشهور آهي. چون ٿا ته: سهڻيءَ جي مقبري لاءِ ساهڙ پاڻ، ”سونَ چِڙيءَ“ جي ڀِڙي مان پڪيون سرون ڪڍي پاڏي تي کڻي آيو، ۽ مقبرو اچي ٻڌايائين. پوءِ ساهڙ پنهنجي حياتيءَ جا باقي ڏينهن پنهنجي اصلوڪي ڳوٺ (هاڻي شهدادپور) ۾ رهيو. سندس قبر شهر شهدادپور ۾ سيد الله اوڀائي شاهه جي پاڙي ۾ آهي.

هن پوئين دور ۾ سهڻي جو اهو مقبرو نواب شاهه ضلعي جي ڪليڪٽر مرحوم حاميد علي صاحب پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ ٺهرايو. سهڻيءَ جي قبر سنگ مر مر سان ٻڌل آهي، ۽ قبر جي مٿان چوٽي واري سنئين پٿر تي هيٺيون ڪتبو اُڪريل آهي:

”ته کر ڪينء سئي، جي سير نه گهڙي سهڻي

هت حياتي ڏينهڙا، هڏئين تان نه هئي

چُڪي تنهن چري ڪئي، جو ڏنس اُن ڏهي

سهڻيءَ کي سيد چئي، وڌو قرب ڪُهي

هنهين هوند مُئي، پر ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.

قبر سهڻي جوڙائي مسٽر حاميد علي آئي – سي – ايس“

سهڻي جي درگاهه تي جمعي رات فقير شاهه جو راڳ ڪندا آهن ۽ مولود شريف چوندا آهن. ڪجهه آڳاٽو قاضي ابراهيم فقير سندن اڳواڻ هو، هن وقت امام بخش فقير مقبري جو مجاور ۽ ڪنجي-دار آهي.

شهر ۾ ساهڙ جي قبر تي سيراندي واري پاسي کان حافظ رحه جو هيٺيون بيت اُڪريل آهي.

هر گز نميرد آنکه دلش زنده شد بعشق

ثبت است برجريدهء عالم دوام ما.

پيرانديءَ کان هيٺيون ڪتبو اُڪريل آهي:

”ڪنڌيءَ جهليو ڪانهن، عاشق اُڀو آنهون ڪري

تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن

درياءَ تو تي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي

مزار مقدس عاشق صادق ميهار عليه رحمت.

جوڙايل سيد مدد علي شاهه لڪياري موسوي حسيني“.[11]

ڇٽي پير جو مقام لوهاڻي درياءَ جي ساڄي (الهندين) ڪنڌيءَ تي هالا تعلقي جي حد ۾ ڄڻ درياءَ جي هڪ ٻيٽ تي آهي. مڪاني طور اُن کي ”شاهه ڇُٽي جو مقام“ ڪري سڏين. اهو مقام ڳوٺ بچل لڳ، سروي نمبر 270، ديهه ڪاڪا، تعلقي هالا ۾ آهي. ڇٽي پير تي ميڙو لڳي، جنهن هاڻي (1972ع) کان وڌيڪ زور ورتو آهي.

(ب) ڇٽو پير يا ”لال ڇٽو“ ، تنهن جو مقام تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڏکڻ ۾ ”جهول“ واري آڳاٽي جُوءِ ۾ آهي. جتان ”پَٽهيل ڍورو“ وهندو هو، ۽ جنهن جي ڪنڌي تي ڪنڊي جو وڻ بيٺل هو، جنهن کي ڀٽائي صاحب ”سر ڏهر“ ۾ ڳايو آهي. ”لال ڇٽي“ تي هر سال ميڙو لڳي.

(ج) ”سهڻي جو دڙو“، تعلقي بدين ۾ ”روپاهه ماڙي“ کان اٺ ميل کن اولهه طرف ۽ بدين کان 25 ميل کن ڏکڻ، ”ڳِٺي درياءَ“ واري ڍوري جي الهندين ڪنڌيءَ تي آهي.

(د) شيخ ڇٽي ۽ سهڻي جا ٻيا مشهور آثار ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آهن. شهر گهاري لڳ ”ڀنڀور واري درياءَ“ مان هڪ ”وَرُ“ (ڍورو) نڪري ٿو، جيڪو اڳوڻي ”خاناهه“ درياءَ جو پيٽ آهي. اهو ”خاناهه ڍورو“ اڳتي گهاري کان ڏکڻ، ڳوٺ ”راڄ ملڪ“ لڳ، ”ميران“ يا ”قدمن واري مقام“ کان اُلهندان لنگهي ٿو، جنهن تي (اڳتي اولهه طرف) ”ڦٽو ڪوٽ“ آهي. اتي هن ”ڍوري“ کي ”ڪوٽ وارو خاناهه“ ڪري سڏين.[12] اتي انهيءَ ڍوري تي ”شيخ ڇٽي جو مقام“ (گهاري کان اولهه ۽ ”لوڻ کاڻ“ کان ڏکڻ) آهي جتي ميڙو لڳي. انهيءَ مقام کان ڏکڻ طرف هن ڍوري کي ور وڪڙ آهن جيڪي ”سهڻي وارا ور“ سڏجن. چون ٿا ته سهڻي انهن ورن مان تري ميهار ڏي ويندي هئي. اتي سهڻي جي قبر پڻ آهي. ساهڙ ذات جو نڱامرو هو ۽ ميرپور ساڪري واري اراضي آڳاٽي وقت کان وٺي نڱامرن جي سرداري ۾ شامل هئي.


[1] ڏسو صفحو 195-232.

[2]  ڏسو ڊاڪٽر گربخشاڻي جو مرتب ڪيل ”شاهه جو رسالو“ جلد-2، ڪمشنر پريس ڪراچي 1923ع، ”سر سهڻي“.

[3]  عام روايتن ۾ ”نڱامڙو“، ”لگامڙو“ يا ”لگامڙو“ ڪري پڻ اچاريو وڃي ٿو.

[4] جدا جدا سگهڙن وٽ هي بيت جدا جدا نموني ۾ آهي، مثلاً:
سرتين سليتي سوهڻي، ٻيٽي جرڪت ذات
اوءِ بتايم بات، هاڻي سمجهي ڪو شير خان چئي.

سير گهڙي ٿي سوهڻي، سنج کنيو سوِ رات

سرتين ڏٺي سامٽي، جرڪس بيٺي جا ته

ساهڙ صحيح لنگهائين، مينهن جي مثلات

هن جي ڪا مَ، پڇائجان ٻي ذات، آهي شاهد شير خان چئي.

[5] نڱامرن ڄامن جي تفصيل لاءِ ڏسو لوڪ ادب سلسلي جي اڻٽيهين ڪتاب ”مشهور سنڌي قصا: سنڌ جا عشقيه داستان-1“ (سنڌي ادبي بورڊ، 1964ع) جو مقدمو، ص. 9-14.

[6] راوي سگهڙ صابر شر مرحوم پٽ فتح خان، ويٺل ٻيروٽا (3 ميل ريتي اسٽيشن کان ڏکڻ)، شاعر غمٽار مهر (ميرپور ماٿيلو) ۽ ٻيا. اتي جي سگهڙن وٽ هن بيت جون جدا جدا روايتون آهن. مثلاً:

جڏهن ”ڳوڙهيلو“ درياءَ هو، ”گهلو“ هو گهارو

واڌا ڌڻي ”وڄڻوٽ“ جا، وڌ جني وارو

خير ڳڙهه، کينجهو، ٽيو تڙ ستيارو

وهي تيڻ ”تڻوٽ“ تي، کوهه کڄي کارو

”ڏيٿري“ تي ڪوٽ هو، پتڻ پينگهارو

”کيروهي“ جي ڍنڍڙي، کٽائي سارو

وهڻيتيءَ وارو، هئي تڏهن منڌ ميهار سان.

جڏهن تڙ تڻوٽ هو، تڏهن کوهه کنيائون کارو

ڏيٿري مؤن ڍنڍ هئي، شهر هو پينگهارو

سهڻي ۽ ميهار جو، تڏهن هو وارو.

ڳوڙهيلو، ننڍي ريڻي، نهري ريڻي (وڏي)، ڏهرو، ريندڻ، وِڍُر وغيره آڳاٽا دريائي ڍورا آهن جن جا پيٽ اٻاوڙي، گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلي ۽ پني عاقل تعلقن ۾ ملن ٿا. ”وڄڻوٽ“ جا آثار ريتي اسٽيشن لڳ آهن ۽ تڻوٽ جو تڙ جيسلمير جي حد ۾ آهي. کارو کوهه، تڻوٽ جي هيٺيان ۽ ڪانڊيري کان اوڀر، بهاولپور جي حد ۾ آهي. خير ڳڙه تعلقي اٻاوڙي جي سرحد تي آهي. ”کينجهو“ ڏهرڪي کان اوڀر طرف (سهيڙ واهه جي پُڇڙي وٽ) ۽ ستيارو تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾ گابر جي تڙ ۽ ٻنڌڻي جي وچ تي آهي. ”ڏيٿري“ ياري لنڊ ۽ صاحب خان لنڊ ڳوٺن جي وچ تي آهي. کيروهي جي ڍنڍ، گلو دڙي کان لاڳيتي اوڀر طرف آهي. ”پينگهاري جي ڀٽ“ کي هاڻي ”دين شاهه جي ڀٽ“ ٿا سڏين جو ان تي سيد دين شاهه کي دفن ڪيائون.

[7] خان خدا بخش خان پتافي مرحوم، راقم کي ٻڌايو ته: آءٌ پنجن سالن جو هوس جو ڳوڙهيلو وهندو هو“. خدا بخش خان ستانوي سالن جي عمر ۾ سن 1964ع ۾ وفات ڪئي.

[8] ڏسو ڪتاب ”حديقته اولياءَ“ (سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1967ع) جي پڇاڙيءَ ۾ سيد عبدالهادي معروف به جميل شاهه گرناري جي سوانح بابت ڏنل اقتباس.

[9] ڏسو ڪتاب ”حديقته الاولياءَ“ (سنڌي ادبي بورڊ) 1967ع ص 259.

[10] ايضاً، ص ص 262-263.

[11] سيد مدد علي شاهه لڪياري (ويٺل هالاڻي، تعلقو ڪنڊيارو) ان وقت غالباً شهدادپور جو مختيار ڪار هو ۽ سندس ئي سعيي ۽ ڪوشش سان هي ڪم راس ٿيو.

[12] پوءِ اهو خاناهه ڍورو ”صالحاڻي گڊن“ جي ڳوٺ جي اڀرندي کان، هڱورن جي ڳوٺ جي اڀرندي کان، ڪڪرانڊ جي اُلهندي پاران (جتي هاڻي ”ليٽ“ وٽان نئون ”سم واهه“ ڪڍي آڻي خاناهه ۾ وڌو اٿن) ٿيندو، هيٺ ”چوئي وارا جت“ اتان وڃي (سمنڊ جي) ”کارڙي“ درياءَ ۾ پوي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org