سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون

ڪهاڻي؛ 19 20 21

صفحو :08

19- گدڙ ۽ ڪتا*

هڪڙو گدڙ هميشه لڪي ڇپي، ڀر پاسي وارن پوکيل فصلن مان کاڌي جهڙيون شيون کائي ڍؤ ڪري، مـَـواڙيو پيو گهمندو هو. سندس گـِـنات وارا ڳوٺائي گدڙ ان تي ڏاڍا خار پيا کائيندا هئا، ۽ پاڻ ۾ پيا خبرچار ڪندا هئا ته ڏسو ته اسين هيتري جان جاکوڙن ۾ وجهيو، رات ڏينهن پورهئي کي لڳا پيا آهيون ته به اسان جي پاندي پوري ڪانهي، ۽ هيءُ بنا ڪنهن ڪم ڪار ڪرڻ جي هميشه مـَـواڙيو گهمي! ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟

آخرڪار، هڪ دفعي گدڙن پاڻ ۾ پئنچات گڏ ڪئي، ۽ ان ۾ هن کي به گهرائي پڇيائون ته: ادا، ڳالهه ته ٻڌاءِ ته ڪهڙو سبب آهي جو اسين رات ڏينهن پيا ڳهون ته به پاندي پوري ڪانهي، ۽ تون هميشه بنا ڪم ڪار جي ائين گمهين ته به سدائين کايو پيئو مواڙيو وتين. ان تي گدڙ جواب ڏنو ته: ڀائرو! اوهان کي شايد اها خبر ڪانه آهي ته آءٌ بادشاهه وٽ وڃي ڪمدار بيٺو آهيان، جنهنڪري هن مون کي سمورن فصلن تان وار وانجهي ڪرڻ ۽ کائڻ پيئڻ جي لکيل پاس ڏيئي ڇڏي آهي. ان ڪري ڌڻيءَ جي مهربانيءَ سان ڏاڍو سٺو ۽ خوش وقت پيو گذاريان.

اهو ٻڌي، ڪن سڌڙين گدڙن هن کي چيو ته: ادا! اسين به تنهنجا غريب ڀائر آهيون،اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، جو تون اسان جو ڀاءُ، ايڏي وڏي عهدي تي وڃي ٿيو آهين. جيڪڏهن اڄ اسان کي به وٺي هلي پنهنجي حد مان گهمائي ڦيرائي اچين ۽ کارائي پياري اچين ته ڪهڙي نه هوند سٺي ڳالهه ٿي پوي. ان تي گدڙ وراڻين ته: ڀائرو! اُها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. سانجهيءَ ٻارن ٻچن سميت سڀئي تيار رهجو ته هلي ڪا موج وٺائي اچانوَ.

رات جو گدڙن جي سڄي ٽولي هن سان گڏجي، اچي ڀرپاسي وارين واڙين ۽ بيٺل فصلن ۾ ڪاهي پيئي ۽ ٻنيون کائڻ ۽ ڀيلڻ لڳي. هاري ناري به روزانو پنهنجي فصلن جو ٿيل نقصان ڏسي ڏاڍا خار کائيندا هئا، ۽ گدڙن کي مارڻ لاءِ وجهه پيا ڳوليندا هئا. اڄ جو اوچتو هيڏي ساري ڪٽڪ کي پنهنجي فصلن ۾ ڏٺائون،سو يڪدم ڪتن جون لوڌون وٺي، لڪي ڇپي اوچتوئي اوچتو اچي مٿن ڪڙڪيا. گدڙن جو ڪتن جي اوچتي مصيبت ڏٺي، سو وٺي ڀڳا.... اڳيان پاس وارو گدڙ ۽ پويان ٻيا. ڀڄندي ڀڄندي، جڏهن ڪتن کان ڳچ پنڌ نڪري آيا ۽ حواس جاءِ آين، تڏهن ٻين گدڙن، دعوتو گدڙ کي بيهاري چيو ته: ماما! هنن کي پاس ته ڏيکارين ها! جواب ڏنئين ته: ادا! آءٌ پاس ڪنهن کي ڏيکاريان..... هيءَ فوج ئي اڻپڙهيلن جي آهي!

 

 

vvv

vv

v

 


 

 

20-گدڙ ۽ گهيٽو*

ڪنهن ماڻهوءَ هڪ گهيٽو ڌاريو، جو ڳوٺ جي ماڻهن سان هري مـِـري ويو هو. سڀڪو کيس پيار مان هٿڙا گهمائي، ڪجهه نه ڪجهه کاڌي پيتي لاءِ پيو ڏيندو هو. گهيٽو به کائي پي مـَـهوڙ ٿي پيو هو، سو روزانو صبح جو گهران نڪرندو هو ۽ شام جو موٽي ايندو هو.

هڪڙي ڏينهن اهو گهيٽو، جيئن گهران نڪتو تيئن کڻي جهنگ منهن ڪيائين، ۽ هڪ گهاٽي جهنگ ۾ اچي نڪتو. ان جهنگ ۾ هڪ گدڙ رهندو هو، جنهن سان سندس ملاقات ٿي. خبرچار ڪندي ٻئي ڄڻا دوست ٿي ويا ۽ گڏجي رهڻ لڳا. گدڙ ڀرواري تلاءَ مان مڇيون ماري پيٽ ڀريندو هو ۽ گهيٽو ٻيلي مان وڃي پنهنجو قوت حاصل ڪندو هو. اهڙيءَ ريت هنن کي ڪافي ڏينهن گذري ويا.

هڪڙي ڏهاڙي گهيٽي، گدڙ کي چيوته: ماما گدڙ! بدن ۾ جـُـون پئجي ويون آهن، ٻه ٽي ته ڪڍي وٺ، گدڙ گهيٽي جي وارن کي هٿ گهمايو ته کيس حلوي جون ذريون ذريون ڏسجڻ ۾ آيون. انهيءَ تي گهيٽي کان پڇيائين ته: ماما گهيٽا! ڪر خبر، تون روز ڪيڏانهن گهمڻ ويندو آهين، ۽ هي جـُـون توکي ڪٿان پيون؟ گهيٽي جواب ڏنس ته: آءٌ روز فلاڻي ٻيلي ۾ ويندو آهيان، اتي هڪ ڏائڻ جو گهر آهي، جڏهن گهر جي دروازي جي ويجهو پهچندو آهيان، تڌهن ڊوڙي ڊوڙي دروازي کي زور سان ٽـَـڪر هڻندو آهيان. ان تي گهر مان آواز ايندوآهي ته: ڪير؟ پوءِ آءٌ چوندو آهيان ”گهيٽو، ببر بيٽو، ڏائي سڱ سان ڏهه ڏائڻيون ماري.“ منهنجي ايتري چوڻ تي ڏائڻ اُڏامي ويندي آهي، ۽ دروازوکلي پوندو آهي. پوءِ آءٌ اندر وڃي جيڪي ڪجهه کاڌي جو سامان پيل هوندو آهي، سو کائي ڏاڍو رَڄُ ڪندو آهيان. گهيٽي جي اها ڳالهه ٻڌي، گدڙ جو وات پاڻي ٿي پيو، سو هن کي چيائين:يار! اهو گهر مون کي به ڏيکار ته سهي! گهيٽي، گدڙ کي پارپتا ڏيئي سمجهايو ته جيئن آءٌ چوندو آهيان، تيئن تون وڃي چئو، ڏس، متان ڀلجي وڃين ۽ ڏائڻ جا موچڙا کائين!

ٻئي ڏينهن گدڙ، گهيٽي وارن پارن تي اتي ويو ۽ ڏائڻ جي دروازي تي اچي ٽڪر هنيو. اندران آواز آيو ته: ڪير؟ گدڙ چيو: ”گهيٽو، ببر بيٽو، ڏائي سڱ سان ڏهه ڏائڻيون ماري.“ اهو آواز ٻڌي، ڏائڻ دروازو کولي ٻاهر آئي ۽ گدڙ کي ڪن مان جهلي، رسي سان ٻڌي ڇڏيائين.

گهيٽي سارو ڏينهن گدڙ جو انتظار ڪيو، پر هو نه موٽيو. گهيٽي سوچيو ته شايد گدڙ جو خير ڪونهي، سو ٻئي ڏينهن صبح سان اچي ڏائڻ جي گهر وٽ پهتو، ۽ دروازي کي زور سان ٽڪر هنيائين. اندران آواز آيو ته: ڪير؟ گهيٽي جواب ڏنو ته: ”گهيٽو، ببر بيٽو، ڏائي سڱ سان ڏهه ڏائڻيون ماري.“ ايترو ٻڌي، ڏائڻ اُڏامي ويئي ۽ دروازو کلي پيو. گهيٽو اڃا گهر ۾ گهڙيو ته گدڙ کي رسي ۾ ٻڌل ڏٺائين. اڳتي هليو ته مٺائي جي ڀريل ٿالهيءَ تي نظر پيس. پوءِ ته سڌو هليو ويو مٺائي جي ٿالهيءَ ڏانهن ۽ وڃي کائڻ بيٺو. گدڙ، گهيٽي کي مٺائي کائيندي ڏسي چيو ته: ماما گهيٽا! مون کي ڇوڙ ته آءٌ به ٻه ٽي گرهه هڻان، ڪالهوڪو بک ۾ پيو پاهه ٿيان. مگر گهيٽي هن جي ڳالهه ڏانهن ڪوبه خيال نه ڪيو، ۽ جڏهن کائي ڍؤ ڪيائين، تڏهن اچي گدڙ کي ڇوڙيائين، جو ويچارو اچي اوگهه سوگهه تي بيٺو ۽ ٿالهي چٽي صاف ڪيائين. پوءِ ته ٻئي گڏجي، ڏائڻ جي گهران نڪتا.

هلندي هلندي، گدڙ دل ۾ خيال ڪيو ته گهيٽي کان کاڌي جو بدلو وٺڻ گهرجي. سو ڇا ڪيائين جو پاڻي پيئڻ جو بهانو ڪري، جنهن تلاءَ تان مڇيون ماريندو هو، گهيٽي کي به ان تلاءَ تي وٺي آيو ۽ جنهن پاسي گهڻي گپ هئي، ان طرف گهيٽي کي پاڻي پيئڻ لاءِ چيائين، ۽ پاڻ سولي گهيڙ تان پاڻي پيئڻ لڳو.گهيٽو جيئن گپ ۾ گهڙيو، تيئن چڪڻ سبب ويو وڌيڪ قابو ٿيندو. گدڙ، گهيٽي کي ڦاٿل ڏسي، ڪنهن ماڻهوءَ جي ڳولا ۾ نڪتو. اڳتي هليو ته ڏٺائين ته ڪي هاري هر پيا ڪاهين، سو وڌي انهن وٽ آيو ۽ کين چيائين ته: يار! هڪڙو شڪار هٿ ڪيو اٿم، جي اڌ مون کي ڏيو ته توهان کي هلي ڏيکاريان. هارين هن کي اڌ ڏيڻو ڪيو ۽ ساڻس گڏجي انهيءَ تلاءَ تي آيا. گهيٽي کي ڦاٿل ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. جڏهن گهيٽي جي ويجهو پهتا ۽ کيس ٿلهو متارو ڏٺائون، تڏهن گدڙ کي چيائون ته: زور لايون اسين ۽ اڌ ڏيون توکي، ماٺ ڪري هليو وڃ ته ڪير ڏسي نه وٺئي. اڌ وٺڻ هليو آهين! ائين چئي، گهيٽي کي ڪڍڻ لاءِ زور لاتائون. انهيءَ تي گدڙ چين ته واعدو ڪري ڦرو ٿا، پر گهيٽو جي منهنجو دوست هوندو ته توهان کان ڪڏهن به نه نڪرندو. هارين گهڻئي زور لاتا، پر گهيٽو جيئن پوءِ تيئن ويو ٿي وڌيڪ ڦاسندو. آخر جڏهن زور لائي لائي ٿڪا، تڏهن گدڙ کي چيائون ته: تنهنجي پتيءَ جو اڌ توکي ڏينداسون، تون ڀلي پنهنجي دوست کي چئو ته گپ مان نڪري. ان تي گدڙ چيو ته: اوهين زور لايو، گهيٽو جي منهنجو دوست هوندو ته گپ مان نڪري ايندو. ان کان پوءِ، هارين ٿوروئي زور لاتوته گهيٽو گپ مان نڪري آيو، ۽ پوءِ ان کي ڪاهي سڀئي گڏجي نار تي آيا. اُتي پهچي، گهيٽي کي دسي ڪهڻ لاءِ سنبريا ۽

گدڙ کي جواب ڏنائون ته: تون پنهنجو گس وٺ، اڌ وري ڇا جو! گدڙ چين ته: جي ائين ٿا ڪريو ته گهيٽو به جي منهنجو دوست هوندو ته اوهان کان ڪڏهن به ڪونه ڪـُـسندو. هارين گهڻئي وس ڪيا، پر گهيٽو نه ڪـُـٺو سو نه ڪـُـٺو. آخر لاچار ٿي گدڙ کي اڌ ڏيڻو ڪيائون ۽ پوءِ گدڙ جي چوڻ تي گهيٽي تي ڪاتي وهايائون ته گهيٽو ڪـُـسي پيو. پوءِ ته گهيٽي کي کـَـلي، وڍي ٽـُـڪرٽـُـڪر ڪري، کڻي ديڳ ۾ وڌائون. جڏهن رجهي تيار ٿيو، تڏهن گدڙ کي چيائون ته: هاڻي ڀڄ، هتي تنهنجو ڪهڙو ڪم! ڇا جو حصو حصو ڪري رلي رهيو آهين؟ گدڙ ڏٺو ته هاڻي هنن سان پڄي ڪونه سگهبو، سو ڇا ڪيائين جو ڍير تان پراڻيون پراڻيون اڳڙيون چونڊي، پڇ سان ويڙهي، پاسو وٺي ديڳ واريءَ باهه مان ٻاري، وٺي ڀڳو ۽ وڃي ڪانن جي دَن ۾ پيو. پوءِ ڇا ڪانا، ڇا باهه! دَن کي هڪدم باهه وڪوڙي ويئي. گدڙ ڊوڙي هارين وٽ آيو ۽ کين چيائين ته: يار! وارو ڪريو، دَن کي اچي باهه لڳي آهي. هارين جا باهه ڏٺي، سو وسائڻ لاءِ اُٿي ڀڳا، تيسين گدڙ ديڳ جو ڍڪ لاهي مزي سان ويهي گوشت کائي، جتان آيو هو اوڏانهن هليو ويو. هاري باهه وسائي نار تي اچي ڏسن ته ديڳ ۾ ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آهن. پوءِ ته منهن مٿو پٽي ماٺ ڪري ويهي رهيا.

 

 

vvv

vv

v

 


 

21-گدڙ ۽ رڍ*

هڪڙو گدڙ، شام جو کڏ جي ڪنار ڏيو پئي آيو. ڇا ڏسي ته هڪڙي رڍ ڌُٻڻ ۾ گتي پيئي آهي، دل ۾ خيال آيس: شڪار ته واهه جو آهي، پر ڪا ٽـَل ڪري هٿ ڪجي، ڇو ته آهي ڌُٻڻ، متان زور نه ڦٻي،سو لڳو سوچڻ. آخر دل ۾ آيس ته هتان اهڙو ڇال ڏيان جو وڃي رڍ جي ڀر ۾ پوان، ۽ پوءِ سڄي رات رڍ کي کائي ڪريان ڍؤ! جڏهن سموري رڍ کائي ڇڏيندس ته زور به گهڻو ئي ٿيندم ۽ پهرئين ٽپي سان ٻاهر نڪري ايندس. ائين رٿي وٺي جا بولاٽي کاڌائين ته رڍ کان به ٻه وکون اڳتي وڃي ڌٻڻ ۾ گتو. ڏاڍا زور ڏنائين، پر ٻيو ٿيو ڀلو. آخر جڏهن زور لائي لائي ٿڪو، تڏهن رڍ کان پڇيائين ته: ناني رڍ! ڪر خبر، تنهنجا واهرو وراند يا نه؟ رڍ چيو: واه جو ورندا. گدڙ پڇيو: ڪيڏيءَ مهل؟ رڍ چيو ته: جڏهن ريڍار، رڍن کي واڙ ۾ وجهڻ وقت ڳڻيندو، ته آءٌ هڪڙي کـُٽل هونديس، پوءِ منهنجي ڳولا لاءِ پوئين پيرين ورندو. گدڙ پڇيو ته: ٻيو ساڻس ڪير هوندو؟ رڍ وراڻيو: ٻيو ساڻس اهو راڱو ڪتو هوندو، جيڪو رڍن جو چوڪيدار آهي. ڪتي جو نالو ٻڌي، گدڙ ٺڙٺپ ورندي ڏني ته: جي اهو راڱو ڪتو به ساڻس گڏجي آيو، ته پوءِ گند به گهڻوئي ٿيندو.

 


 

* هن آکاڻيءَ جون ست روايتون، لاڙ (تعلقي گوني) مان احمد خان ”اختر“ کان، وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان، اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان “ آصف ” کان، ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان ”معمور“ يوسفاڻيءَ ۽ الهه بچائي ساند کان، (تعلقي ڇاڇري) مان واحد ڏني نهڙيي ۽ محمد مانجهيءَ کان مليون.

* هن آکاڻيءَ جو مدار وچولي مان غلام نبي شوري (تعلقو حيدرآباد) ۽ محمدرحيم هڱورجي (تعلقو سڪرنڊ) کان، ۽ اُتر مان علي انور (تعلقو ڪڪڙ) ۽ محبت علي پنهور (تعلقو دادو) کان مليل روايتن تي آهي.

* هيءَ آکاڻي وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهر زادي کان ملي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org