سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون

ڪهاڻي؛13 14 15

صفحو :06

13- گدڙ ۽ شينهن*

هڪڙو هو گدڙ، جو تمام ڪمزور ٿي ويو هو، جنهنڪري شڪار ڪري ڪونه سگهندو هو. خيال ڪيائين ته اهڙي ڪا اٽڪل ڪجي، جو سولائيءَ سان پيٽ گذر ڪري سگهجي. نيٺ هڪڙي اٽڪل سجهي آيس. سو اتان اٿي، هڪڙي شينهن جي آستان تي آيو، ۽ پاسو وٺي لڪي ويهي رهيو. جڏهن ڏٺائين ته شينهن نڪري ويو آهي ۽ سندس زال اڪيلي ويٺي آهي، تڏهن اتي اچي شينهڻ کي چيائين ته: مامي شينهڻ! ڪر خبر، مامو شينهن ڪٿي؟ منهنجا ٻه ٽي ڏوڪڙ اٿس، جن لاءِ پنڌ پيو آهيان. اڄ کاڌي لاءِ ڪي ڪين هيم. شينهڻ چيس ته: ابا! مامهين ته ٻاهر نڪري ويو آهي، گهر اچڻ تي تنهنجي پئسن جي يادگيري ڏيارينديسانس، باقي توکي ڪجهه کاڌي لاءِ گهرجي ته هن پيل شڪار مان ڪجهه کڻي وڃي کاءُ. گدڙ جي خدا ٻڌي، سو پيل شڪار مان کائي چڙهه ڪري، موٽي پنهنجي مڪان تي آيو. جڏهن شينهن شڪار تان واپس آيو، تڏهن شينهڻ کي ڳالهه ئي وسري ويئي ۽ وري به ٻئي ڏينهن شينهن شڪار تي هليو ويو. گدڙ به روزانو ساڳي پئسن جي ڳالهه ڪري، شينهڻ کان پيل شڪار وٺي کائيندو رهيو.

هڪڙي ڏينهن شينهن جي اچڻ تي، شينهڻ کي گدڙ واري ڳالهه ياد آئي، سو سمورو قصو کيس ٻڌايائين. انهيءَ تي شينهن کي ڪاوڙ وٺي ويئي ۽  چيائين ته: گدڙ رڳو ڪوڙ ڪري توکان شڪار وٺيو وڃي. اڄ آءٌ لڪي ٿو ويهان،

 

 

”مامي شينهڻ! مامو شينهن ڪٿي؟ اڄ قرض اوڳاڙڻ آيو آهيانس“ .

 

 

جنهن وقت گدڙ اچي، تنهن وقت تون ساڳي ڳالهه ڪري، کيس شڪار کائڻ لاءِ چئجانءِ. ائين چئي، شينهن پاسو وٺي لڪي ويهي رهيو.

دستور موجب جڏهن گدڙ آيو، تڏهن شينهڻ سان ساڳي ڳالهه ڪيائين. شينهڻ به چيس ته: ابا! مون کي ته ڳالهه ئي وسريو وڃي. چڱو، هي شڪار پيو آهي، کڻي وڃي کاءُ. گدڙ اڳيئي هريل هو، سو جيئن گوشت کڻڻ لاءِ اڳتي وڌيو، تيئن شينهن به ٽپ ڏيئي ٻاهر نڪتو. گدڙ جو شينهن کي ڏٺو، سو وٺي ڀڳو ۽ شينهن به پٺيان ڪاهي پيس. گدڙ ڀڄندو ڀڄندو وڃي ٿوهر جي هڪڙي وڻ ۾ لڪـو، پـر شـينـهـن پٺ نه ڇڏيس ۽ اچي پهتس. پوءِ امالڪ ٿوهر جي وڻ ۾ گهڙي، گدڙ جي ٽنگ ۾ چڪ وڌائين، پر هن چالاڪي ڪري چيو ته: شينهن ڪو انڌو آهي، جو ٿوهر جي ڪاٺيءَ ۾ چڪ وڌو اٿس، اجهو ٿو مري. اهو ٻڌي شينهن، گدڙ جي ٽنگ مان وات ڪڍي، ٿوهر جي ٽاريءَ ۾ چڪ وڌو. اتي گدڙ وٺي دانهون ڪيون ته: گهوڙا، شينهن ماري ٿو! شينهن به ٽاريءَ کي گدڙ جي ٽنگ سمجهي، چڱيءَ طرح چـَـٻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ٿوهر جي ٽاري زهر واري هئي، تنهنڪري شينهن تي زهر چڙهي ويو ۽ مري ويو. ان کان پوءِ، گدڙ ڇا ڪيو جو شينهن جي کل لاهي، پنهنجي مٿان وجهي واپس شينهڻ ڏانهن تڪڙو تڪڙو هليو آيو، ۽ اچي چيائينس ته: گدڙ کي ماري آيو آهيان، هاڻي ڪڏهن به ڪونه ايندو.

گدڙ اهڙيءَ  طرح پاڻ کي شينهن سڏائي، شينهن جي ٻچن ۽ ماديءَ سان گڏ رهڻ لڳو. گدڙ ڏهاڙي رڍ، ڇيلو، ڳجهه، ڪڪڙ وغيره ماري، هنن وٽ کڻي ايندو هو، جو هنن کي پوروئي ڪونه پوندو هو ۽ اڌ بکيا، اڌ ڍاوا گذاريندا هئا.

ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ، شينهڻ جي ٻچن مان جيڪو هڪ اک کان

ڪاڻو هو، سو چوڻ لڳو ته: هيءُ پنهنجو پيءُ نه آهي، بلڪ ڪو ٻيو جانور آهي، ڇاڪاڻ ته شينهن هجي ها ته پاڻ بک ڪونه مرون ها. ٻين گهڻوئي چيو ته هيءُ پنهنجو ساڳيو اَبو آهي، پر اهو ٻچو هڪ ڪري بيٺو. نيٺ فيصلو ڪيائون ته سڀئي گڏجي شڪار تي هلون، پوءِ پاڻهي پتو پئجي ويندو. اهو خيال ڪري، سڀئي شڪار تي سنبريا. گدڙ اٽڪل ڪري چيو ته: مان پوڙهو آهيان ڀڄي ڪونه سگهندس. آءٌ ڪنهن لانگهي تي ويهي ٿو رهان، توهين شڪار کي پريان وٺي ڊوڙائجو ته آءٌ جهٽ هڻي ماري وجهندس. شينهن جي ٻچن اها ڳالهه قبول ڪئي. پوءِ ٿورو پرڀرو وٺي اٺن جي هڪ وَڳَ کي ڦيرو ڏيئي، گدڙ ڏانهن ورايائون. گدڙ اٽڪل ڪري لنگهه وٽ ترڪڻ ڪري ڇڏي هئي. ٻيا ته سڀ اُٺ لنگهي ويا پر باقي هڪڙي پوڙهي ڏاچيِ، جا پٺيان پئي آئي، سا تـِـرڪي ڪـِـري پئي. گدڙ ٽپ ڏيئي اُن جي مٿان چڙهي ويهي رهيو ۽ وٺي شينهن کي مدد لاءِ واڪا ڪيائين. ايتري ۾ شينهن به پهچي ويا، ۽ اُٺ کي ماري، گوشت جا حصا ڪري، پاڻ ۾ ورهائي کنيائون ۽ باقي اوجهري گدڙ کي ڏيئي، چيائون ته: ابا، تون هيءَ کڻي اچ، اسين هلون ٿا. گدڙ جيئن اوجهريءَ کي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، تيئن اُها هن جي مٿان اچي ويئي. ڪيتري به ڪوشش ڪيائين پر اها پاڻ تان لاهي نه سگهيو، ۽ لاچار ٿي اوجهريءَ جي هيٺان پئجي رهيو. جڏهن گهڻي دير ٿي ويئي، تڏهن شينهن خبرچار وٺڻ آيا ته ڏسون ابو ڪهڙي حال ۾ آهي ۽ ڇو دير ڪئي اٿس. اهو خيال ڪري جڏهن اُتي آيا، ته ڏسن ته گدڙ اوجهريءَ جي هيٺان اچي ويو آهي. اهو حال ڏسي هنن گدڙ تان اوجهري لاٿي ته ڪاوڙ ۾ ڀرجي چيائين ته: توهان قهر ڪري ڇڏيو.... مون ته ڳجهون ٿي ڦاسايون، هاڻي سڀ اُڏامي ويون، هاڻي اوجهري کڻو ته ڳوٺ هلون. پوءِ شينهن اوجهري کنئي ۽ سڀئي گڏجي ڳوٺ آيا.

اهڙيءَ طرح ڪافي وقت گذري ويو، پر ڪاڻي شينهن ڪڏهن به اها ڳالهه قبول نه ڪئي ته هيءَ ڪو اسان جو پيءُ آهي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، وري گدڙ جي آزمودي وٺڻ لاءِ هڪڙي کوهه تي آيا. شينهن ته هڪٻئي پٺيان اک ڇنڀ ۾ کوهه مٿان ٽپا ڏيئي ويا، پر جڏهن گدڙ جو وارو آيو، تڏهن چيائين ته: توهين اکيون پوريو. آءٌ پيرسن آهيان متان ٽپو ڏيندي ڪا اوگهڙ نه ظاهر ٿئي. اهو ٻڌي، ٻين شينهن ٻئي اکيون حجاب کان کڻي پوريون، پر ڪاڻي شينهن اٽڪل ڪري ڪاڻيءَ اک کي پوري ڇڏيو، ۽ سڄيءَ اک سان پئي ڏٺائين. گدڙ ڇا ڪيو جو ٽپو ڏيڻ بدران، کوهه جي چوڌاري ڦيرو ڏيئي، سامهين وڃي، وٺي ڪيائين:  ”هين.“

انهيءَ تي ڪاڻي کي خاطري ٿي ويئي ته هيءُ اسان جو پيءُ نه آهي، پر گدڙ آهي. پوءِ ٻين سڀني ڀائرن کي چيائين ته: هيءُ گدڙ آهي، پنهنجو پيءُ نه آهي، پر ٻيا ڀائر يقين ڪري چڪا هئا ته هيءُ اسان جو پيءُ آهي. ڪاڻي چيو ته: جيڪڏهن هيءُ پنهنجو پيءُ آهي ته گجڪار ٿا ڪريون، ڏسون ته سڀڪو گجڪار ڪيئن ٿو ڪري. اها رٿ قبول ڪري، سڀني شينهن وٺي گجگوڙ ڪئي. گدڙ ڏٺو ته هاڻي اٽڪل ڪانه هلندي ۽ ڀڄڻ ڀلو آهي، سو شينهن کي چيائين ته: مان ٿورو پرڀرو وڃي گجگوڙ ڪندس، متان توهين منهنجي ڏهڪاءُ واري گجڪار ٻڌي، دهلجي نه وڃو. اها ڳالهه ٻڌي، ٿورو پرڀرو وڃي، وٺي گدڙ واري ”ڪوا، ڪوا“ ڪرڻ لڳو. انهيءَ تي سڀني کي پڪ ٿي ته هي گدڙ، گدڙ جو پٽ آهي، پوءِ وٺي پٺيان لڳس. گدڙ جو ڏٺو ته هاڻي ٿو موت اچي، سو سڌو ڳوٺ ڏانهن ڀڄڻ لڳو. اڳيان گدڙ، پويان شينهن جا ٻچا. ڳوٺ جي ڪتن جو گدڙ کي ڏٺو، سي هن ڏانهن وڌيا. اتي گدڙ لاءِ هڪ طرف باهه ته ٻئي طرف پاڻي ٿي پيو، هاڻي ڇا ڪري؟ نيٺ اٽڪل ڪري پاڻمرادو چيائين ته: اچو ٻچا اچو! مون جيڪي ڪتا ٿي چيا، سي هي آهن. ڪتن جو ڏٺو ته مار، شينهن پيا اچن، تن وٺي پويان پير ڪيا ۽ وڃي گهرن ۾ گهڙيا. ڳوٺ جي ماڻهن جو شينهن جا ٻچا ايندا ڏٺا، سي يڪدم بندوقون کڻي تيار ٿي ويا ۽ جيئن شينهن جا ٻچا ويجها آيا، تيئن کين هڪ هڪ ڌڪ سان پورو ڪري ڇڏيائون. ايتري ۾ شينهڻ به ٻچن جي پويان ڀڄندي اچي پهتي، ان کي به اتي ئي ختم ڪري ڇڏيائون. گدڙ به ميدان صاف ڏسي وٺي پويان پير ڪيا، ۽ انهيءَ مهل ساڳئي جهنگ ۾ اچي دم پٽيائين.

 

vvv

 

 

14- گدڙ، بگهڙ ۽ اُٺ*

ڪنهن قافلي مان، هڪڙو اُٺ ٿڪجي، هلڻ کان چـُـور ٿي پيو، ۽ قافلي وارا ان کي اتي ئي جهنگل ۾ ڇڏي هليا ويا. اُٺ جهنگل ۾ چـَـري ڪيو ڍؤ، ۽ کيس اچي اُڃ لڳي، سو پاڻيءَ جي ڳولا لاءِ هيڏانهن هوڏانهن جهوتون ڏيڻ ۽ ڦيريون پائڻ لڳو. اتفاق سان هڪڙو گدڙ اتان اچي لنگهيو. اُٺ کي جهوتن ۾ ڏسي، کانئس خبر چار پڇيائين ته: ادا اُٺ! ڪهڙين ڦيرين ۾ اچي ويو آهين؟ اُٺ چيو ته: يار! اڄ ڏهون ڏينهن آهي، اُڃ کان ساهه ٿو وڃي، ڪا واهر ڪر. گدڙ چيس ته: پاڻيءَ جو ڏس ڏيئين ٿو، پر هڪڙو شرط آهي ته تون مون کي پنهنجيءَ زبان ۾ هڪڙو چڪ هڻڻ ڏيندين. اُٺ اهو شرط قبول ڪيو.

گدڙ، اُٺ کي هڪ ويجهڙي تلاءُ تي وٺي آيو، جتي هن پاڻي پي ڍؤ ڪيو، گدڙ، اُٺ کي چيو ته: هاڻي پنهنجو وعدو پار. اُٺ چيس ته: ڳهيلا! جي مون کي پاڻي نه ملي ها ته آءٌ پڪ مري وڃان ها، ۽ پوءِ تون مون کي ڍؤ ڪري پيو کائين ها، هاڻي ڇا جو وعدو، ڇا جي ڳالهه! ڀڄي پري ٿيءُ..... ڪو شاهد به اٿئي؟ گدڙ خيال ڪيو ته ڪئي ته مورکپائي اٿم، پر ڪوشش ڪري ڏسان، من ڪو شاهد ملي وڃي. سو ٿورو اڳڀرو هليو ته پريان هڪڙو بگهڙ ويندو ڏٺائين، ان کي هڪل ڪري چيائين ته: ماما بگهڙ ٿورو ترس. بگهڙ بيهي رهيو. گدڙ اُن کي سموري حقيقت ٻڌائي، ۽ چيائينس ته: آءٌ هلي ٿو اُٺ کي دڙڪو دهمان ڪريان، ۽

 

”ماما! جن ڪوڙيون شاهديون ڏنيو، سي اڃا به مٿي ٽنگيل ڏٺاسون“ .

تون هلي شاهدي ڏي ته برابر آءٌ به اُتان اچي لنگهائو ٿيو هوس ۽ توکي گدڙ سان زبان ۾ چڪ هڻائڻ جو وعدو ڪندي ٻڌو هوم، هاڻي جي چڪ هڻڻ ڏيندين ته واه، نه ته اسين ٿا اوناڙون ڪريون، پوءِ جيڪي به جهنگ ۾ جانور هوندا، سي سڀ اچي ڪٺا ٿيندا، ۽ توکي ٻيرو ٻيرو ڪري کائي ڇڏيندا. اها صلاح ڪري، گدڙ ۽ بگهڙ اچي اُٺ کي هيسايو. اُٺ لاچار ٿي، زبان ۾ چڪ هڻائڻ قبول ڪيو، ۽ گدڙ کي چيو ته: ڀلا، اچي چڪ هڻ. گدڙ ڏٺو بگهڙ ڏانهن، ۽ ان کي چيائين ته: ماما! تنهنجي هوندي آءٌ ڪهڙو چڪ هڻان. اچ، تون ئي کڻي چڪ هڻينس. بگهڙ اُتاولو ٿي، جهڙو اُٺ جي ٻاهر نڪتل زبان ۾ چڪ ٿي وڌو، تهڙو اُٺ  جهڙپ ڏيئي، ڪنڌ ۾ چڪ وجهي، کڻي مٿي ٽنگيس. اتي بگهڙ، گدڙ کي رڙ ڪري چيو ته: ڀاڻيجا گدڙ! وارو ڪر، هاڻي ته سر ٿو وڃي. انهيءَ تي گدڙ وراڻيو ته: اڙي ماما! جن ڪوڙيون شاهديون ڏنيون، سي اڃا به گهڻو مٿي ٽنگيل ڏٺاسون. ائين چئي، ڊپ کان وٺي جهنگ منهن ڪيائين.

 

 

vvv

vv

v


 

 

15- گدڙ ۽ مـُـئل اُٺ*

هڪڙي گدڙ، هڪڙو مئل اُٺ ڏٺو، ۽ ويٺو ان کي کائڻ. اُٺ جو ڇؤڙو تمام سخت هو، سو اُن کي پٽڻ لاءِ، هن ڏاڍي محنت ڪئي، نيٺ وڃي هڪڙي هنڌان، هڪڙو سوراخ ٺاهيائين، ۽ اُن ۾ اندر گهڙي اوجهري ۽ آنڊا کائڻ لڳو. ٿوريءَ دير بعد،  ڍونڍ تي ڳجهون به اچي ويجهيون ٿيون، پر گدڙ کين اُٺ جي ويجهو اچڻ ئي نه ڏئي، جنهنڪري ڳجهون به تمام پري نه، پر ويجهو ٿي ويهي رهيون، ۽ گدڙ به پهريدار بنيو بيٺو هو. آخر اهو تڪرار هلندي هلندي، اچي انهيءَ حد تائين پهتو، جو گدڙ، اُٺ جي پيٽ وارو سمورو مال کائي خلاص ڪري ڇڏيو، ۽ پوءِ ويچار ڪيائين ته هاڻي ڪهڙيءَ طرح ڳجهن کي جهلجي. سو اُٺ کان ٿورو پري وڃي لڪي ويٺو. گدڙ کي ويندو ڏسي، ڳجهون به اُٺ کي ويجهو اچڻ لڳيون، ۽ نيٺ گدڙ جي ڪيل پيٽ واري سوراخ مان، هڪ هڪ ٿي اندر گهڙي ويون. گدڙ جڏهن اهو رنگ ڏٺو، تڏهن سـَـرَن جي هڪڙي ٻـُـٿ سان سوراخ جو مـُـنهن بند ڪري ڇڏيائين.

سوراخ بند ڪري، پوءِ اُن مئل اُٺ مٿان ويهي اوناڙيون ڪرڻ لڳو. گدڙ جو آواز ٻڌي، اندر ويل ڳجهون ڀڙڪو کائي وٺي اُڏاڻيون ته اُٺ به اُڏامڻ لڳو، ۽ گدڙ مٿس ويٺو رهيو. اهڙيءَ طرح ڳجهون ڳچ وقت زور لائي، وري بيهي رهيون، ته اُٺ به آهستي آهستي اچي زمين تي پيو. گدڙ ٽپ ڏيئي لهي وڃي ٻين گدڙن کي وٺي آيو، ۽ چوڻ لڳو ته: هلو، هلي منهنجو جهاز ڏسو. اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي

 

گدڙن کي وٺي اچي انهيءَ مئل اُٺ مٿان چاڙهيائين، ۽ پوءِ وٺي اوناڙيون ڪرڻ لڳو. ڳجهون اهو آواز ٻڌي، وٺي مٿي اُڏاڻيون، ۽ گدڙ به سڀ مٿي ويٺا رهيا. جڏهن اُٺ گد تمام مٿي چڙهي ويو، تڏهن هڪڙي گدڙ، آهستي آهستي ڪري، اُن سوراخ ۾ پيل سـَـرَن جي ٻـُـٿ کي کڻي ڇڪيو، ۽ ٿوري زور لائڻ سان ٻـُـٿ، سوراخ مان نڪري وڃي هيٺ ڪـِـريو. ڳجهن جو سوراخ کليل ڏٺو، سي هڪ هڪ ٿي، اُن مان نڪرڻ لڳيون. ٿوري ئي وقت اندر سڀ ڳجهون نڪري ويون، ۽ اُهو مئل اُٺ تيزيءَ سان هيٺ ڪـِـرڻ لڳو. اهو ڏسي گدڙن، جهاز جي مالڪ گدڙ کي چيو ته: يار! جهاز کي روڪ، نه ته هڙئي ٿا هيٺ ڪــِـرون. تڏهـن گــدڙ جـواب ڏنـو ته: يـارو! هاڻي جهاز روڪي ڪونه سگـهبـو، ڇـو جـو اوهان اُن جا کنڀ ڀڃي ڇڏيا آهن، سو ڪٿي ٿو بيهي! بس پوءِ ته سڀني گدڙن جون رڙيون پونديون آيون، تان جو اُٺ اچي پـَـٽ تي ڦهڪو ڪيو، ۽ انهيءَ ڌڪ کان سڀ گدڙ مري ويا.

 

vvv

vv

v


 

* هن آکاڻيءَ جو مدار چئن روايتن تي آهي، جن مان ٽي وچولي مان محمد رحيم هڱورجي (تعلقو سڪرنڊ)، ولي محمد طاهرزادي (تعلقو ٽنڊوالهيار)، عبدالمجيد (تعلقو سنجهورو) کان، ۽ هڪ ٿرپارڪر (تعلقو عمرڪوٽ) مان محمد عمر  ”معمور“  يوسفاڻيءَ کان مليون.

* هن آکاڻيءَ جو مدار، وچولي مان ولي محمدطاهرزادي (تعلقو ٽنڊوالهيار)، ۽ خان محمد لغاري (تعلقو سنجهورو)، ۽ ٿرپارڪر (تعلقو ڇاڇرو) مان واحد ڏني نهڙيي کان مليل ٽن روايتن تي آهي..

* هن آکاڻيءَ جو مدار، ٿرپارڪر مان محمدعمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ) ۽ واحد ڏني  نهڙيي (تعلقو ڇاڇرو) کان ۽ وچولي (تعلقي سنجهوري) مان عبدالمجيد کان مليل ٽن روايتن تي آهي..

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org