سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون

ڪهاڻي؛ 2 3 4

صفحو :2

2- سلطان ۽ گدڙ*

 

هڪڙو گدڙ ڪنهن نيروٽيءَ جي دڪان ۾ ويو، کيس چيائين ته: مونکي نير جي ڪـُن ۾ مان هڪڙي قـٌُٻي ڏيار.نيروٽيءَ گدڙ کي خوش ڪرڻ لاءِ کيس ڪـُن مان هڪڙي ٽٻي ڏياري. گدڙ پنهنجي بدن جو رنگ مٽيل ڏسي سرهو ٿيو. پوءِ ڪنن ۾ ڦولهڙيون وجهي، ٻين گدڙن وٽ آيو ۽ ساڻن صلاح ڪري پاڻ کيُ ”سلطان“جو لقب ڏيئي، تلاءَ جي ڪپ تي، هڪڙي وڏي سقـُڪل ڇيڻي تي چڙهي ويهي رهيو. ايتري ۾ ٻڪرين جو هڪڙو ڌڻ انهيءَ تلاءَ تي پاڻي پيڻ لاءِ آيو. گدڙ ڪاوڙ ۾ سيٽجي ٻڪرين کي پاڻي پيئڻ کان روڪيو ۽ چيائين ته: پهريائين منهنجي ساراهه ڪريو، پوءِ ڀلي پاڻي پيئو. انهيءَ تي ٻڪرين، گدڙ جي ساراهه ڪندي چيو ته:

”چنڻ دا چبوترا، چنڻ ونائين،
ڪـن وچ هيري مـوتي، ساڳيا سلطان ٻيٺاهين.“

 (يعني”جنهن جاءِ تي تون ويٺو آهين سو چندن جهڙو آهي، منجهانئس چندن جي خوشبوءِ پيئي اچي، وري ڪنن ۾هيرا موتي پيل اٿئي ته ڄڻ ساڳيو سلطان ويٺو آهين.“)

گدڙ پنهنجي ساراهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ٻڪرين کي پاڻي پيئڻ جي موڪل ڏنائين. اهڙيءَ طرح وري ٻيا ڌڻ اچڻ لڳا. ڍڳيون، مينهون، اُٺ وغيره، جي پڻ گدڙ جي ساڳيءَ طرح ساراهه ڪندا، پاڻي پيئندا روانا ٿيا. پڇاڙيءَ ۾ هڪڙي پوڙهي رِڍَ سهڪندي سهڪندي تلاءُ تي آئي. رِڍَ کي هئي سخت اُڃ، تنهن يڪدم کڻي پاڻيءَ ۾منهن هنيو. انهيءَ تي گدڙ هڪل ڪري چيس ته: پهريائين منهنجي ساراهه ڪر، پوءِ پاڻي پيءُ! رِڍَ چيس ته: ماما! ڏاڍي اُڃ لڳي اٿم، موڪل ڏينم ته پهرين پاڻي پيان، پوءِ تنهنجي ساراهه ڪنديس. تنهن تي گدڙ کيس پاڻي پيئڻ جي موڪل ڏني. رِڍ- پاڻي پي ڍؤ ڪيو، ۽ اڳتي هلي هڪڙي وڻ جي ڀر ۾ بيهي سندس ساراهه ڪرڻ لڳي ته:

 

”ڇائي دا چبوترا، ڇائي ونائين،

ڪـــــــن تيڏي وچ ڦولهڙيان، ســــاڳيا گـدڙ ٻيٺاهين.“

اهو ٻڌڻ سان گدڙ سڙي پچي ويو ۽ رِڍَ تي حملو ڪيائين. رِڍ- گدڙ کي ڪاوڙ ۾ ڏسي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ته، کيس شڪاري ڪتا ڏسڻ ۾ آيا. سو گدڙ کي رڙ ڪري  چيائين ته: ماما گدڙ! هو ته ڏس تنهنجو پيرو کنيو پيا اچن. گدڙ جو شڪاري ڪتن کي ڏٺو، سو وايون بطال ٿي ويس. ۽ جهنگ منهن ڪري وٺي ڀڳو ۽ وري ڪڏهن پاڻ کي سلطان نه سڏايائين.

 

vvv

vv

v
 

3- سياڻي گداڙي*

 

ڪنهن جهنگ ۾ هڪڙو شينهن پاڻي جي دُٻي تي غار ٺاهي اچي ويهي رهيو. جهنگ جا جانور پاڻي پيئڻ لاءِ سـِـڪي مـُـئا هئا. انهيءَ جهنگ ۾هڪڙو گدڙ ۽ گداڙي رهندا هئا، تن کي به اچي اُڃ تپايو. نيٺ گدڙ، گداڙيءَ کي چيو ته: مان ٽي سؤ ڪوڙ ٺاهيا آهن، ڪو نه ڪو ڪوڙ هڻي، پاڻي پي اينداسين. گداڙي هن سان گڏ  تلاءُ ڏانهن هلڻ لڳي. جڏهن ڪجهه اڳڀرو ويا ته گدڙ چيو ته: ڀلو ٿيئي! هڪ سؤ ڪوڙ ته وسري ويو اٿم. وري ڪجهه اڳتي ويا ته گدڙ چيو ته: هڪ سؤ ٻيو به وسري ويو. گداڙي چيو ته: پرواهه ناهي باقي هڪ سؤ ڪوڙ به ڪافي آهن. جڏهن اڃا به ويجها ٿيا، تڏهن گدڙ، گداڙيءَ کي ٻڌايو ته: سڀ ڪوڙ وسري ويا آهن،هل ته موٽي هلون. گداڙيءَ چيو: هاڻي مان هڪڙو ڪوڙ ٿي ٺاهيان، هل ته آزمايون.

جڏهن تلاءُ جي ويجهو آيا تڏهن گداڙي رڙ ڪئي ته: شينهن شير خدا جا! اسان جو فيصلو ڪر. شينهن دل ۾ چيو، شڪار ته گهر ويٺي آيو آهي.... پر سندن ڳالهه ته ٻڌان. سو هنن کي چيائين: توهان جو ڪهڙو فيصلو آهي؟ گداڙي ٻڌايو ته: اسان جا پنج ٻچا آهن، گدڙ چوي ٿو ته ٽي مون کي ڏي، ۽ ٻه تون کڻ! مان چوان ٿي ٽي مون کي ملن، ڇو ته ڄڻيا مون آهن. شينهن خيال ڪيو ته ڇو نه انهن سان گڏ سندن گور تي وڃان، پنج اُهي ۽ ٻه هي، ستئي کائي موج ڪريان. سو هنن کي چيائين ته: مان اوهان جو فيصلو ٻچا ڏسي پوءِ ڪندس. گدڙ ۽ گداڙيءَ اها ڳالهه قبول ڪئي، ۽ شينهن جي اڳيان ٿي هلڻ لڳا. هلڻ وقت گداڙيءَ گدڙ کي چيو ته: گدڙ، هلون ته هـُـنهين ٿا، ڇونه ڪجهه پاڻي ڍُڪ پيو هلون؟ گدڙ ۽ گداڙي پاڻي پي ڍؤ ڪيو، پوءِ شينهن سان گڏ هليا ۽ اچي پنهنجي گور تي بيٺا. گدڙ چيو ته: مان ٻچا ڪڍي ٿو اچان. جڏهن گدڙ اندر ويو ۽ دير ڪيائين، تڏهن گداڙيءَ چيو ته: مان جهٽ پٽ ڪڍي ٿي اچان. ائين چئي اها به اندر ويئي ۽ وري نه موٽي. تڏهن شينهن کين سڏ ڪيو. گداڙيءَ اندران جواب ڏنو ته: شينهن شير خدا جا! تون موٽي وڃ، اسين پاڻ ۾ ٺهي ويا آهيون. نيٺ شينهن ويچارو ارمان ڪندو هليو ويو.

 ”شينهن شير خدا جا! اسان جو فيصلو ڪر.“


 

 

4- چالاڪ گدڙ*

 

هڪڙو هو گدڙ، جنهن جي عادت هوندي هئي ته جهنگ ۾ ڪنهن گهاٽي ٻوٽي جي پٺيان لڪي ويهي رهندو هو، ۽ جڏهن اتان ڪا به عورت ماني کڻي لنگهندي هئي، ته ان کان کسي کائي ويندو هو.هڪڙي ڏينهن،هڪڙي مائي پنهنجي مڙس جي ماني کنيو پئي ويئي ته اوچتو گدڙ جي نظر به وڃي ان تي پيئي. هو هريل ته اڳيئي هو، سو جهٽ وڃي اڳ ورتائينس ۽ هڪل ڪري چيائينس ته: شينهن شير خدا جو اچي ٿو، کيس ڏاڍي بک لڳي آهي، سو کيس ماني ڏي ته کائي. عورت ويچاري ڊڄي ويئي ۽ مانيءَ جي کاري لاهي کڻي گدڙ جي اڳيان رکيائين. گدڙ کائي ڍؤ ڪيو. ان بعد مائيءَ کي چيائين ته: هاڻي منهنجي پڇ کي وٺي ٻٽي ڇڪيون ڏي ته منهنجي ماني هضم ٿئي، ائين ڪرڻ بعد مس مس ويچاري مائي جي وڃي جند ڇٽي، ۽ مڙس جي مار کان ڊڄندي ڊڄندي وڃي مڙس وٽ پهتي.

مڙسس کي اڳ ۾ ئي هـَـرن جي تڪليف ۽ بک ڇتو ڪري ڇڏيو هو، سو زال جي ڳالهه ٻڌي ويتر چڙ وٺي ويس، ۽ هن تي ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن کي عجب به لڳو ته گدڙ جي ايڏي من مستي! ان خارن ۾ هو رات جو به دير سان گهر آيو ۽ صبح جو سويل ئي هـَرن تي هليو ويو ۽ زال کي چيائين ته: اڄ ڪجهه سوير ڀرو ڪو ٻيو دڳ وٺي ماني کڻي اچجانءِ، ڏسون ته گدڙ ڇا ٿو ڪري.

ٻئي ڏينهن ٻن پهرن جو مائي ماني پچائي، ٻيو رستو وٺي اٿي هلي. اڃان وڏي جهنگ ۾ مس پهتي، ته گدڙ به اچي اڳ ورتس، چئي: تو اڄ هي رستو ڪيئن ورتو آهي، بادشاهه کي بک مارڻ جي خيال کان؟ لاهه هيٺ ماني ته ڪريانءِ نه پورو. گدڙ، ماني کاڌي، بعد ۾ مائيءَ کان ماني هضم ڪرائي پوءِ جند ڇڏيس. مائي اها سربستي ڳالهه وڃي پنهنجي مڙس کي ٻڌائي. مڙسس چيس: چڱو، هاڻي انهيءَ سان سڀاڻي مان پاڻهي پڄندس. تون سڀاڻي سويرو منهنجا ڪپڙا پائي هـَـرن تي اچجانءِ ۽ مان دير سان تنهنجا ڪپڙا پائي، ماني کڻي ايندس. ڏسان ته اهو گيدي گدڙ مون کان ڪيئن ٿو ماني ڦري.

ٻئي ڏينهن مائي پرهه ڦٽيءَ جي وقت ئي پنهنجي مڙس جا ڪپڙا پائي، هرن تي آئي، ۽ مڙسس زنانا ڪپڙا پهري، ماني کڻي، هڪڙو چڱو موچارو ڏنڊو پنهنجي ڪپڙن اندران لڪائي، اُٿي هليو. جڏهن گهاٽي جهنگ ۾ پهتو، تڏهن گدڙ اچي اڳ جهليس. مڙس به بنان ڪنهن چـُـون چـَـران جي ماني کڻي ڏنيس. گدڙ ماني کائي، مڙس کي چيو ته: هاڻي کاڌو هضم ڪراءِ. ان تي هاريءَ، پنهنجو هڪ هٿ سندس پڇ ۾ مضبوط جهلي، ٻئي هٿ سان پنهنجي ڪپڙن اندران لڪل ڏنڊو ڪڍي، اچي ڪٽڻ بيٺس. چئي: روز روز پاڻ کي شينهن شير خدا جو سڏائي، عورتن کان ماني کسي کائي ويندو هئين، هاڻي ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين؟ ائين چئي، پڇ کان مضبوط جهلي، وري اچي ڏنڊن جو وسڪارو ڪرايائينس. گدڙ گهڻوئي پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اڳيان هو به مضبوط ۽ سگهارو مڙس هو، سو ڪٿي ٿو ڇڏيس. آخر گدڙ ڏنڊا کائي وڃي اڳئين جهان ۾ پهتو.

 

vvv

vv

v


 

* هن آکاڻيءَ جون ٽي روايتون، وچولي (حيدرآباد شهر) مان ممتاز مرزا کان، ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان الله بچائي کان ۽ اُتر (تعلقي اوٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان مليون.

* هيءَ آکاڻي اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان ملي.

* هيءَ آکاڻي اُتر(تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان ”شور“ خانپوري کان ملي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org