سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناقبا

باب: -

صفحو :9

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: لاڏاڻي وارو[1]

(چيل محمد حسن جو[2])

 

ساراهيان سچو ڌڻي، آگو عليما،

جڳائي تنهن صاحب کي، سڀڪا ساراها،

مولـٖـي پنهنجي نُور مان، مُڪو محمـّدا،

”وما اَر سَلناَڪَ اِلا ّ رَحمة لـّلعالقمِين“ تنهنجي وصفا،

ڪري ڪير سگهندو، تنهن جي تعريفا،

آهي ڪتابن ۾، اهڙي پچارا،

ته هو مرض نبيءَ ڪريم کي، ڏاڍو ڏاڍايا،

ايندو ه تپ جهيڻو، وچينءَ جي وقتا،

هئا گهر بيي عائشہ جي، سچا سرادرا،

سيرانديءَ نبيءَ ڪريم جي، هئي ويٺي فاطمتا،

تان آيو مَلڪ موت جو، منجهه ويس انسانا،

هٿ هنيائين در اُتي، ڪري آوازا،

”السـَّلامُ عَلَيڪَ يا رسول الله“ اُتائين مُنها،

مون کي موڪل ڏيو، تان ڪريان زيارتا،

ڏنو جواب تنهن کي، بيبيءَ فاطمتا،

ته، فرحت ڪر، فهميدو ٿي، صبر ساعتڪا،

آهي نبي ڪريم کي، اکين آراما،

صبر ساعت ڪري، ڪيائين دانهن درد منجها،

حڪم نه هلـٖـي حاڪمـٖـين، ڪو زور جُرائتا،

پريان آيس پنڌ ڪري، ڇڏي پنهنجو وطنا،

اٿم سڪ سردار جي، مون کي ملايو محمـّدا.

تڏ ڪاوڙجي ڪست مان، چيو بيبيءَ فاطما:

چڇو ٿو حجتون رکين، تون اعرابي شخصا!

آهي عُذر نبي ڪريم کي، بيماريءَ اثرا.

ڳالهائيندي ائين، گذري نه ويرم ڪا،

ته جاڳيو رسول رب ّ جو، نرمل ننڊ منجها،

سڻي حقيقت حال جي، چيو سچي سردارا:

اما! اِهو اعرابي ناهي، جو اُڀو در منهدا،

هي اُهو شخص آهي، جو ڪندو ڪُل فنا،

وجهي وڇوڙو وچ ۾، وڏو فراقا،

جو رنون جويون ڪري، ۽ ڇورا يتيما،

ٻيءَ پٽن کان ڌار ڪري، ڌيءَ ڪنان ماء،

ڪونه ڪري ڪو ڪقلهن تي، اما! هيءُ ترسا،

هنڌ حويليون حجرا، ڪري خالي ڪيئن خانا،

اڄ اسان ڏي موڪليو آهي مُلڪ جي موليٰ،

آيو وٺڻ آهي سو، اسان جو ارواحا.

اها سڻندي ڳالهڙي، بيبيءَ فاطمتا،

روئي رت ورنو، ڳاڙي ڳل ڳوڙها،

چي، ڪيئن لڏيندين ڪارڻي، اَجها اُمت جا!

ڪيئن لڏيندين ڪارڻي، جڏهن جياپا!

تو سوا سپرين، ڪهرا واءَ ورندا؟

ڳجهه اندر جون ڳالهڙيون، سلينديس ڪنهن سان!

تڏهن فرمايو فضل سان، مِٺي محمـّدا:

اما! صبر ڪر، صابر ٿيءُ، مٿي رب ّ رضا،

”اِن َّ الله مَع الصبِرينَ“ فرمايو خدا،

موڪل ڏيو ملائڪ کي، اچي اسان مهندا.

تڏهن ڏني موڪل ملائڪ کي، بيبيءَ فاطمتا،

پانهه پيهي آئيو، ٿي مرد جي مثلا،

دادلي جي درٻار ۾، اُڀيوسين ادبا،

هٿ چميو پير چمي، مٺي محمـّد جا،

ورتي موڪل مير کان، سندي روح قبضا،

سڌاري روح سـّد جو، هليو ڏونہ سماءُ،

”اِنا الله و اِنا اِليہ راجعون“، هليو هو هِتا،

هوتن هالاڻو ڪيو، ڇڏي دار دنيا،

مديني ۾ ماتام ٿيو، ڪاري قياما،

سج سُهائو ڇڏيو، ٿي اوندهه اَپارا،

جنـــَّن ۾ جوش پيو، مَلڪن ماتاما،

ڏونگر انهيءَ ڏيهه جا، ڪڙهي ٿيا ڪارا،

واهن وهڻ ڇڏيو، اُڀي ويا درياهه،

مڇين پِٽيو پاڻيءَ ۾، پکين منجهه هوا،

کير نه ڏنائون ٻٽڙن کي، ڪيا مِرن مامرا.

موليٰ ”محمد حسن“ کي، ڪر جنــّت نصيبا،

چئو صلواتون نبيءَ ڪريم تي، لک لک درودا،

هوندا سي ايمان سان، ڪلمون جي چوندا.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

 

 

(ج) اصحابن سڳورن جا مناقبا

 

 

مناقبو پنجن تنن جو[3]

(چيل پانڌي آريسر جو[4])

اُٿي ساراهه ڪر ڪريم جي، ٻيون ڏيئي ٻَن،

ڪڍي ڪپت قلب مان، آجو ٿي عيبن،

ڪندئي ڪاغذ اڳيان، جي لکيا ڪاتبن،

هُج سدائين حُب ۾، ورنَهه جي وعدن،

پڙهه مداحون محمـّد جون، محبت رکي من،

مهاجر ٿي ملڪ ڇڏي، وڃي ويهه وٽن.

هيءَ حڪايت هڪڙي، سڻ گوش ڏيئي ڪَن،

”خير الامانس“ ڪتاب ۾، راوي روايت ڪن،

ته، حضرت آدم بيبي حوا، هئا، منجهه بهشتن،

گهميا ڦريا بهشت ۾، چوڏس چوپاسن،

هوندا هئا مشغول، منجهه صاحب جي صفتن،

سدا وصف صاحب جي، هو ٿا حيرت ڪن.

سائي پاسي حضرت آدم جي، هو نور منجهه ڳلن،

جنهن جلوي ٿي جهلڪاريا، تاب انهيءَ تجلن،

ستر حورن جو هو، بيبيءَ حوا کي حُسن،

ٻئي ڀلا بهشت ۾، جئن چنڊ تارا چمڪن،

چون اسان جهرو ڪونه، هوندو منجهه عرشن.

هڪ ڏينهن ٻئي ڄڻا، ويٺا ويچار ڪن،

ڪيڏي سونهن اسان کي، ڏني ڏيهه ڌڻين!

ڏسون ڪونه اکين سان، ڪو منجهان ملوڪن،

جوڙ جيس نه پانهنجو، نه ٿيو منجهه ڏسين،

مالڪ اسان کي ڪرايو، سارو سير اَڀَن،

ست زمينون آسمان، گهمياسين گسن،

پر اهڙو حُسن نه ڪٿي، نڪو منجهه حورن،

سونهن اسان جڙي آهه، نڪا منجهه ملڪن.

تڏهن حڪم ٿيو جبرئيل کي، آگي جي طرفن،

ته،وڃي ڏيکار قدرت منهنجي هنان آڳاهن،

مَر ته ڏسن ڪم قدرت جا، عجب منجهه پون.

پوءِ جبرئيل در کوليو، جنت فردوسن،

محل هو موتين جَڙيو، چوڪٺ يعقوتن،

تخت هو قيمتي، جنهن پايا مرجانن،

هيري لعل جواهر سان، زمرد زود سونهن،

قصر ڪافوري قيمتي، سج کان وڌ ورن،

هئي عورت هڪڙي ڀلي کان به ڀلن،

ويٺل هئي تخت تي، سان جوهر جمالن،

سونو تاج مٿي تي، جوهر جنسارن،

هئس هار ڪنڌ ۾، چمڪي جئن چنڊن،

جنهن ٿي جهلڪارا ڪيا، شمع جئن شعلن،

دُر موتي دلفريب، گوهر گوش ڪنن،

ٻرن مثال ٻر ٻر ڪيو، لعلون جيئن لڏن.

جڏهن آدم عجب اهڙو، ڏٺو سان اکڙين،

جهلي تاب نه سگهيو، ڪِريو ڀونءِ ڀَرن،

ويو نڪري وس کان، هوش حواسن،

ويو تنهن کان وسري، حوا جو به حسن.

جڏهن آئِي سرت سَرير، ۾، موليٰ جي محبن،

تڏهن پڇيائون جبرئلي کان، اهڙي اهڃاڻن:

ڪير ويٺل آهي تخت تي، جلوي جهلڪارن.

تڏهن جبرئيل جواب ڏنو، اڳيان عجيبن،

ته، عورت ويٺل تخت تي، جوهر جمالن،

بيبي فاطمہ زهرا، جا مهندار مڙن عورتن،

تاج مٿي تي اُن جي، سونن سان برجن،

والد اُن جو محمـّد، ايندو ملڪ عربن،

ڪائنات قريشيءَ ۾، سراجاً منيرن،

پُٺ تنهنجيءَ مان پيدا ٿيندو، وسيلو ولهن،

ٿيندو نبيءَ نور مان، آڌار اُمتين،

هار جنهن جي ڪنڌ ۾، گلي بند گوشن،

حَسن حُسين پٽ تنهن، ناز ڀريا نازن،

والد علي تن جو، سهڻن شهزادن،

نالا نوري قبيلي ۾، ظاهر زينتن،

محمـّد، علي، فاطمہ، حسن، حسين سڻن،

هرهڪ نالي سان نالو گڏيو، الله عالمن،

جي، آءٌ محمود آهيان، هي محمـّد معشوقن،

آءٌ اعليٰ اهيان، هي علي اسرارن،

آءٌ فاطر آهيان، هي فاطمہ زهرن،

آءٌ محسن آهيان، هي اهي هوت حسن،

آءٌ احسان ٿو ڪريان، حسين حامي هيڻن.

جبرئيل چيو آدم کي، ڏس لکيو ڇا قلمن!

لفظ لکيل قبي ۾،۽ نالا نور پرين،

هاڻي ڪريان ظاهر اسمن کي، محبت رکي من،

ڇو ته اصل گهر آدم جو، آهي خطي خطائن،

من ڪڏهين گوکي، هي نالا ڪتب اچن،

پڙهج تون پرت مان، مشڪل جي وقتن،

محابي موچارن جي، قبوليت منجهه اچن.

تان ڪي جُڳ گذريا، لکين لک ورهين،

قضا ڪم ڪرايو، هاديءَ جي حڪمتن،

تان کاڌو اڌ داڻو ڪڻڪ جو، پيو منجهه ڏکن،

ڏسو دادلا درن تان، طالب ٿيا تڙجن،

آدم حوا، جدا ٿيا، باغئون بستانن،

پنهنجا دوست پاڻ هئا، جي لالڻ لوڌجن.

هڪ هليو مشرق ڏنهن، ٻيو محب مغربن،

ٿين سودا فراق ۾، ٿي رُنا رت وارن،

تان هڪ ڏينهن ياد آئيا، نالا پنجن تنن،

ته جبرئيل جي چيا، سي اکر ياد ڪجن.

پوءِ کنيا هٿ پنهنجا آدم، آگي جي طرفن،

ته، خاطي آهيان ڏٻرو، آءٌ ڏوهارين،

محباي محمـّد، علي، فاطمہ، حسين حسن،

معاف ڪر مالڪ تون، ڪميون کان ڪوجهن،

پرور! تو پاڪ ڪيا، پيارا پنجتن،

ور وسيلا واهر تون، آهين ٿوب ٿَڪن.

تڏهن ترت توبهه قبول ٿي، وسيلي وريامن،

آدم حوا گڏيا، لٿا گوندر غريبن،

ڏک لهي سک ٿيا، ڪيا مانڊاڻا مينهن،

وڄون وسڻ ائيون، ٿيا گل ڦل مٿي گاهن،

سرها ٿيا سک ويٺا، ميڙا ڪيا مَلڪن،

لحظي ۾ لهي ويا، جي سڪيا سؤ سالن،

اُمتي نبي ڪريم جا، ڇٽا کان ڇيهن،

جن کي حب هنئين ۾، خاصي خليلن،

مرڪندا ميڙي محمـّد ڪريم جي، قيامت جي ڏينهن.

اُڪنڊ ”آريسر“ کي، جهڙ جئن نيڻ جهِمن،

پسان پڃڙو ”پانڌي“ چئي، پساهه پوءِ پڄن.

چئو صلواتون نبيءَ ڪريم تي، لک لک درودن،

ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهن.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

 

 

مناقبو حضرت عمر رضه جو: ابو شهم کي سزا ڏيڻ وارو[5]

(چيل پانڌي آريسر جو[6])

 

ساراهيان سبحان کي، جنهن جي وڏي واکاڻا،

جنهن اڏي اڏيا، ڪيترا، اُڀ آسمانا،

اول آخر، ظاهر باطن، محمـّد معشوقا،

”اشرف التواريخ“ ۾، اهي ذڪر اذڪارا،

ابن بعاس ٿو ڪري، هن پر روايتا،

وقت خلافت امير عمر جي، عدل انصافا.

هڪ ڏينهن مسجد نبويءَ ۾، ويٺل هو عمر شاهه،

ويٺي تنهن وعظ ڪيو، منجهه مسجد محرابا،

حاضر هئا ان وقت ۾، يار اصحابا،

تان آئي عورت هڪڙي،م يهودين منجها،

هئس ڪِڪو ڪڇ تي، جو هو کير پياڪا،

اچي تنهن عرض ڪيو، وڏي اوازا:

حاڪم آهين ملڪ جو، ڪر عادل! انصافا،

هي پٽ تنهنجي پٽ جو، آهي توهان جونسلا،

والد هن جو ”ابو شهم“، تنهنجو پوٽو پيارا،

صغير ٻار ٿڻن تي، ڪريان آءٌ ڪيڏانہ؟

تان چيائين عورت کي، ڪر سارو احوالا،

اول کان آخر تائين، ڪرين ڪوڙ متا.

تڏهن قسم کڻي ڳالهه ڪئي، عورت ان ويرا،

ته، هڪ ڏينهن ويس ٿي باغ کان، پنهنجي ڪم ڪار،

تان ابو شهم گڏيم، جو توهان جو پسرا،

هو گرفتار نشي ۾، ڏاڍو خمارا،

تنهن مون سان زوري ڪئي، نشي جي سببا،

تنهن مان هيءُ ٻار ٿيو، مثل معصوما.

اها سڻندي ڳالهڙي، ڪاوڙيو ڪست منجها،

ابن عباس کي پاڻ سان، وٺي هوت هليا،

هلي گهر پنهنجي، آِو عمر اميرا،

ڪڙو کڙڪائي پڇيائون، آهي ابو شهما؟

اندران آواز آئيو، اهڙي طريقا،

ته ابو شهم آيو آهي، هن وقت ٻهرا،

ڏاڍو بکايل آهي، ٿو کائي طعاما.

ٻڌي اندر هلي آئيو، ابن الخطابا،

اچي چياِن پٽ کي، ڪاوڙجي ڪست مان:

کائي پٽ خوش ٿيءُ، اٿئي پڇاڙيءَ وقتا.

اها سڻندي ڳالهڙي، ڊنو ابو شهما،

ڏڪي ويو ڏيل ۾، منجهه پنهنجي قلبا،

ٿِڙڪي ٿاٻڙي اُٿيو، ابو شهم ان ويرا،

پڇيائين پٽ کان، حقيقت حالا،

ته قصو هن عورت جو، سچو يا ڪوڙا؟

تڏهن فائق جي فرمائڻ تي، وراڻيو شهما:

ته، ڪوڙ ڪري ٿي ڪينڪي، آهي سچي عورتا،

هڪ ڏينهن يهودين ڪئي، منهنجي دعوتا،

ان دعوت ۾ مون کي، پياريئون شرابا،

سبب نشي شراب جي، ٿي خاطيءَ کان خطا،

ڏوهه ڏوهاريءَ کان ٿيو، سڻ بابا سڳورا!

هاڻي سچيءَ دل سان، ٿو ڪراين توبہ تنوارا،

والد! واسطي الله جي، ڪر مهر مسڪينا،

تڏهن چيو چاڳلي کي، سچي دوست خدا،

ته، توبه انهيءَ طريقي، نه معاف ڪري موليٰ.

جهٽ ڏئي جهلي ٻانهن کان، هليا هوت اتا،

اچي مسجد نبويءَ ۾، ڪيائون حاضر پسرا،

پوءِ ابوشهم وينتيون ڪيون، اُڀي ان ويلا،

ته، مون کي بچاءِ بادشاهه، خواري سنديءَ خلقا،

ڏيو امان معافي، ڪريو رحم هڪ ڀيرا.

”واشهد عذابها طائفہ ً من المومنين“ آگي جو امرا.

پوءِ ڪوٺائي گڏ ڪيئو، ماڻهو مديني جا،

کڻي بيهاريائون خلق اڳيان، کي ابوشهما،

پٽ پيارا سچ چئو، مر سڻي سڀ خلقا،

تڏهن پٽ چيو پيءُ کي، سچ سچ احوالا:

جيڪي عروت ڳالهائيو، سو ڪين ڪيائين ڪوڙا،

خطا هن خاطيءَ جي، ڪامل بخش ڪرما.

پوءِ حڪم ڪيائون افلح کي، جو سندن غلاما،

جو زرخريد ورتل هو، ٻانهو دربانا،

لاهي وٺ ابوشهم جي، لڱن تان ڪپڙا،

حڪم آهي هايءَ جو، هڻينس سؤ دُرا.

شريعت سڳوري محمـّدي، قول قرانا،

متان تون ڪو ڪرين، ابوشهم تي قياسا،

ڏاڍا هنينس هٿن سان، دُرا زور منجها.

نوڪر سڻي حڪم کي، ويوڪنبي منجهه قلبا،

ويو نڪري وس کان، سڻي حاڪم جو حڪما،

چي، اهڙو ڪم مون نه ٿيندو، حاذق! هرگزا.

تڏهن امير چيو افلح کي، نِڪر نوڪر ناڪارا!

ڪهڙي قدرت منهنجي، ۽ مون کي مجالا،

هلڻ فرض حق تي، لکيو قرآن مجيدا.

تڏهن افلح عاجز ٿي، ڏئي اوڇنگارا،

رنو ڏاڍي زور سان، سو افلح غريبا،

اچي لاٿائين لڱن تان ابوشهم جي ڪپڙا،

لهرائي لالڻ جا، ڪيائين لڱ پڻ اگهاڙا،

جيڪا خلق حاضر هئي، روئڻ سڀ لڳا،

اوڇنگار هئي، مجلس ۾، ٿي رنا اصحابا،

عادل عدالت جو ڌڻي، ٿي رنو رت ريلا،

حڪمجيڪي رب جا، تن تي هئا محڪما،

الله راضي رسول ئي، محشر جي ماڳا،

آءٌ تنهنيج لاءِ ٿو، ڪڙهان پٽڙا پيارا!

متان ڏينهن قيام جي، اچن اولانڀا،

توتي رب راضي ٿئي، قيامت ڏينها.

حاني افلح اٿ! جلدي جوشم منجها:

متان ڪرين اسان جو، بلڪل راءُ ريا،

وڍي ابوشهم کي، بيهار منجهه ميدانا،

هڻ درا ابوشهم کي، سؤ عدد پورا.

حڪم حاڪ جو مڃي، اٿيو افلح غلاما،

سَتَر ساري سرير تي، هنيائين درا،

تڏ پاڻي گهريو پيءُ کان، ابوشهم ان ويرا،

چي، ڏاڍي اُساٽ اندر ۾، ڪيو اُڃ آزارا،

جي پُٽ صبر ڪر ڪا، ساعت گهڙي ديرا،

”وسَقاهُم ربــّهم، شراباً طهُورا“ پيئندين پاڪيزا،

حورن در کوليا، آهن جنــّت فردوسا،

پاڻي حوض ڪوثر مان ڀريئون پيالا،

وري امر افلح کي، ڪيو سچي دوست خدا،

اٿي افلح پورا ڪر، سؤ عدد ڳاڻيٽي جا.

جڏهن اسي درن جي لڳي، ليکي شمارا،

تڏهن الواع جو ڪيو، سمر سامانا،

الوداع جو ڪيائون، پيءُ کي سلاما،

تڏهن پيءُ چيو پٽ کي، عمر امينا،

اي پٽ! پيغمبر ڪريم کي، جڏهن پهچين پيارا!

گڏبو توکي ڪارڻي، منجهه بهشت بازارا،

عرض پيش عجيبن کي، ڪج نِوڙي نيازا،

ته ڇڏي آِس هيڪلو، بابو دار دنيا،

بابو قرآن پڙهي ٿو، مڇي حڪم احڪاما،

وري افلح کي چيائون، چست چاهه منجها،

تهڪر پورا پهلوان تون، باقي جي عددا.

سؤ جڏهن پورو ٿيو، ته ڏسو قدرت قادرا،

روئندي ماءُ آئي، ڪندي دانهون فراقا،

ته عيوض ڀريان، حج ڪريان، ڪري پنڌ پيرن سان،

معافي ڏي مهر سان، تون فائق فاروقا!

روئندي رهي رت ڦڙا، بيبي ڀلي جا،

پوءِ ابوشهم ڪري پيو، ويو اڏامي ارواحا،

روح رسو رب ّ کي، داور جي درگاهه،

”اِنــّا لِلــّہ وَ اِنــَّا عَلَيہ ِ راجِعُون“ قادر جي قضا.

اچي امر عمر اُبٺو، مٿان  لاشي لطيفا،

رکيائين سر جوٽ تي، جاني پٽ جگرا،

جي ڀل ته پيءُ قربان ٿئي، توتان سؤ ڀيرا،

جنهن جو پٽ قربان ٿيو، مٿان راهه خدا،

ڀلي واکاڻ ڀلن جي ڪجي، تن پرين پچارا.

”عِند ذ ِ ڪر الذا ڪرين تنز ّل الــّرحمت“ آهي رب جي رحمتا.

موليٰ مرهين موممنن، جي عاشق احمد جا،

عيب ”آريسر“ جا، ڍويلا ڍڪ ڪجا،

پڃرو پسي ”پانڌي“ چوي، مران ملڪ عربا،

چئو صلواتون ڪريم تي، سنجهي صبوحا،

ويندا سي ايمان سان، جي ڪلمون پاڪ پڙهندا.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

 

مناقبو حضرت عليءَ جو: حسينن جي خيرات وارو[7]

ساراهيان سچو ڌني، جاڳو عليما،

هو ڪافر هڪڙو، نالي         ’ناتر‘ نانءٌ،

رکي دغ دل ۾، آيو مديني شهرا،

ايندي گڏيس گَس ۾، اڳيان حضرت علي شاهه،

چيائين پنهنجي دل ۾، ڪري مصلحت مردودا،

ته ڪريان سوال حضرت عليءَ کي، اهڙي طريقا،

ته وٺان ٻانهن حضرت حسن جي، ڪارڻ لڳ خدا،

هوس ڪُلهي تي ڪوڏيو، حضرت حسن شاهه.

تڏهن سڏ ڪري چيائين، اي سخي شهنشاهه!

ڏيو نالي الله جي، اهو ننڍڙو معصوما.

تڏهن لاٿو ڪلهي تان ڪوڏيو، حضرت حسن شجاع،

وٺي هٿ امام حسنجو، چيو حضرت علي شاهه،

ته، پرتو آهين رب ّ کي، منهنجا موچارا.

تڏهن سائل صدا هنئي، موٽي مردودا،

ته، ڏيو نالي الله جي، ٻيو ننڍڙو صغيرا.

تڏهن موٽي ناتر کي چيو، حضرت علي شاهه،

ته، ٻيو امام حسين گُهر، ڪنان بيبيءَ فاطمتا،

تڏهن وٺي حضرت حسن کي، هليو ڏنهه بيبي فاطمتا،

اچي بيٺو در تي، هنئي سئن صدا،

ته، بيبي! بخش تون پٽڙو، مون کي نانءُ خدا.

تڏهن مهندان ناتر کي چيو، بيبيءَ بتولا،

ته، مون پڻ پٽڙو توکي، ڏنو نام خدا،

تڏهن سڏ ڪري حضرت عليءَ کي، چيو بيبي بتولا،

ته، سگهو وڃ تون سيگهه مان، وٽ مير محمـّد شاهه،

تڏهن حضرت علي هلي آئيو، مهندا محمّدا،

سڀ سُڻايائين ڳالهڙي، جيڪا گذري سا،

تڏهن هليو حبيب رب ّ جو، وٺي اصحابا،

اچي ڏڍائون در تي، ٻئي محب موچارا،

تڏهن اڳيان ناتر کي چيو، سچي صديقا،

ته،ڇڏ تون پچر حسنين جي، وٺ موتي ماڻڪا.

۽ پڻ ناتر کي چيو، مِٺي محمـّدا،

ته به ڪين مڃي ڳالهڙي، مُٺلمردودا،

پوءِ سَڏڪري، ڏنائين ناتر کي ٻئي شهزادا،

وري ناتر کي چيو، مِٺي ممـّدا،

ته، ڪج نه نالي رب ّ جي، هنن پاڪن کي ايذاء،

تڏهن وجهي ڳراٽي امانن، چيو اُتي احمدا،

ته، پرتا آهيو رب ّ کي، اکين ٺار ابا!

جڏهن شهر مديني کان، ٿيا نڪري نروارا،

اتي ظالم ظلم هلايو، مٿي معصوما.

ٿو ڊڪائي ڊوه سان، هڻيو ترت تماچا،

جهڙيءَ طرح ڀائرن ڪيا هئا، يوسف سان ظلما،

تڏ دانهون ڪري عجز مان، چيو امام حسينا:

هاڻي ٿڪجي پيو آهيان، ادا منهنجا ڀاءُ!

ڦٽجي پير پيا آهن، هاڻي ڪيئن ڪريان؟

هلڻ جي طاقت ناهي ڪا، ذرو زيادا.

تڏن وجهي ڳراٽي ڀاءُ کي، چيو امام حسن شاهه،

ته، مڃ رضا رب ّ جي، اکين ٺار ادا!

لکيا آهن لوح ۾، ڏکڙا پنهنجي لاءِ،

نه ته ڪٿي نانو مصطفيٰ ۽ پياري پنهنجي ماءُ،

ڪٿي بابو مرتضيٰ، حضرت علي شاهه.

ڇڄي ٻئي ڇانگئون اچي، آهيون، ويـــٖـرين ور پيا،

اڳيان ناتر کي چيو، حضرت امام حسن شاهه،

ته، ملڪ تنهنجو ڪيترو، آهي پنڌ پَريا؟

جي، مُلڪ منهنجو ڏور ٿيو، هتان ٽي سؤ ڪوهن جا.

هڪڙو ڪوهه ڪيو اٿئون، اوهين جلدي ٿڪجي پيا!

سڻي ڳالهه ناتر جي، ٿيا گهوٽ غمناڪا.

لُڙڪ لال اکين مان، ڳاڙهيائون ڳوڙها،

ته حڪم ٿيو مقلڪن کي، واحد جي پارا،

ته وڃي سوڙهو ڪري زمين کي، ويڙهي جئن ورقا،

ته ڏسن شهر ناتر جو، بئي حسنين سڳورا،

آين ڏسڻ ۾ اوڏڙو، ناتر سندو شهرا،

ڏسندي شهر پنهنجو، لڳس ڏاڍو عجبا،

ته، وڏا جادوگر آهيو، توهين نينگر ٻئي ننڍڙا.

وري ناتر کي چيو، امام حسن شاهه،

نه ته پسند آهي الله کي، نڪي ناني نبيــّـا،

تو ظالم ظلم رسايو گهڻو، اسان کي ايذاءُ،

اُت پئي مهر الله کي، رحمت رحيما،

پوءِ رسيا شهر ناتر جي، ڪيائون هزاريــٖـن حمدا،

وٺي آيو وريامن کي، اڳيان اميرا،

مهندان  امير جي ڪيو، ناتر بيانا،

ته، ڏسڳو رحمتون رب ّ جون، مٿي اماما،

ملڪ مدينو ڏور ٿيو، پنهنجي شهر ڪنا،

سي ڇني آيس ڇوهه مان، منجهه اڄوڪي ڏينها،

سچا آهن سڀ پَرئــٖـن، اهل مديني جا،

سچو محمــّـد ڪارڻي،سچا اصحابا،

پڙهو ڪلمون ڪوڏ مان، ٿيو مومن يقينا.

پوءِ پڙهيو ڪلمون ڪوڏ مان، پڻ تنهن اميرا،

۽ مڃي دين محمــّــدي، سڀن آندو ايمانا،

فتح مند فائق ٿيا، ساڻ آڳي احسانا،

پوءِ وري وريا پوئتي، ڪين خير خدا،

ساٿ سلامت آئيا، ٻئي مديني کي ٻهرا،

ماءُ ملي معصومن کي، ٿيا شاديون شڪرانا.

جئن پُٽ بيبي کي مليا، تئن ميلئــٖـين مون محمـّـدا،

اهڙا وڙ واحد جا، مِٺن محبوبن سان،

اٿم شوق حسينن جو، هادي هر وقتا،

جيئري جمال تن جو، مون کي پرور پاڪ پساءِ،

پيراندي تن پرين ِ جي، مون پرور پاڪ پساءِ،

مداحي مسڪين کي، ڪر نعمت نصيبا،

ويندا سي ايمان سان ڪلمون جي ڪهندا.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

مناقبو حضرت علي عه جو: رستم سان مقابلي وارو[8]

(چيل جانب جمالي جو[9])

 

سوالي آهيان سيــّـدا! تُرهو منهنجو تار،

لهر اُڪاريو لطف سين، ٿيو پنجتن منهنجي پار،

آءٌ معجزو چوان ٿو مشڪلڪشا جو، ٿئي عالم ۾ اظهار،

خيبر فته فائق ڪيو، ڪاٽي سڀ ڪفار،

ڪيئي ميدان مرتضيٰ ملهايا، آيو محمـّـد وٽ مهندار،

راڻو مليو رسول کي، جنهنجو پرين ساڻ پيار،

راضي مٿس رسول ٿيو، اومت جو آڌار:

آفرين شاهه علي توکي، تون ڪامل جوان قنڌار،

رستم راڻو رند تون، مُلڪن جو مختار.

نرمل نهاري نبيءَ ڏي، ٿيو علي شاهه عرضدار:

اُهو رستم پساءِ رسول تون، جنهن جو نام ٿيو نروار،

آءٌ به ملان تنهن مرد کي، جنهن کي سَگهه ڏني سردار،

پسون قو ّت، زور ڪيترو، ڏنو اٿس ڏاتار.

وٺي مرضي مشڪلڪشا جي، ڪئي پيغمبر پڪار،

ته، آءٌ رستم نڪري، توکي ساريو حيدر ِ ڪرار،

اچي امل علي شاهه سان، تو سان گهوٽ ڪندو گفتار.

ساعت انهيءَ سمونڊ ۾، ٿي ڇولين جي ڇڇڪار،

ستين سڏ ٽمائيندو آيو، ورنَہ اڳيانوار،

روئي مليو رسول کي، نيڻ ٽمائي نار،

ته معافي ڏيو مرسلا، جا دير ڪيم دلدار!

منهنجو مڪان مٽيءَ ۾، مٿان جَر وهيو جالار،

هوس ستن سمونڊن وچ ۾، جن کي ڪنڌي ناهه ڪنار،

سڏ اوهان جي سمنڊ سُڪاريو، ويو پاڻي ڇڏي پاتار،

تڏهن حاضر ٿيس حبيب اڳيان، داتا! تو درٻار.

مرتضيٰ ان کي مرحبا ڪئي، خان ڪيس کيڪار،

پهلوانن پاڻ ۾، گويا ڪئي گفتار،

تڏهن جبرئيل جلد مان، ڪيائين سلام مٿي سردار،

جنـّـت مان جبرئيل آندو، گولو رُڪ سندو رهدار،

سؤ مڻ تور تنهن جي، مثل تنهين مقدار،

ملائڪ رکيو ميدان ۾ محمـّـد اڳيان نروار:

راضي رب ّ اوهان تي، هيءَ ڪسرت مَڪي ڪلتار،

مشڪلڪشا ملهه موليٰ جو، سلام چيا سرڪار،

رستم ملهه مصطفيٰ جو، ڀلي ڪسرت ڪن قربدار،

اڻ سُونهن جي اڳيان، تون سونهون ٿي سردار.

سورهيه صحيح سنڀريا، موڪل ڏنن مهندار،

ڪيا پهلوانن سندرا پاڻ ۾، ٿيڙا ترت تيار،

مرد بيٺا ميدان ۾، نڪري ٿيا نروار،

خاوند در کولايا خوشِءَ مان، خالق خلقڻهار:

هاڻي معافي ڏيو مصطفيٰ، ڇڏيو تسبيح جي تنوار،

هاڻي ڏسو معجزو مَلهن جو، عجب هيءَ اسرار.

مڙي اچي موجود ٿيا، حورون مَلڪ هزار،

ڪيو منهن محبوبن ڏي، پيا ڏسن سهڻن جو سينگار،

تڏهن مرسل پنهنجي مَلهه کي، ڪيو احمد هيئن اشار:

راهو رُڪ اڃلاءِ رستم تون، آهي اول تو اختيار،

پسي رب ّ رنگ اوهان جو، ڏيهه سندو ڏاتار،

وچ ۾ امين الله موڪليو، مَلڪ اسان ڏي مختار.

ست ڪوٽ ڦريل هئا، سورهين کي، چوقبلا چوڌار،

تڏهن کنيو رستم گولو رُڪ جو، حڪم موجب هيڪار،

پڙهي بسم الله اُڇلايائين، ڪندو ويو ڪڙڪار،

سڀ چيري ساعت ۾، ُڇي ڪريو مٿي ڪنار،

موٽائي ملائڪ آندو، رکيائين عليءَ اڳيان اظهار،

مليو وارو موليٰ جي ملهه کي، جو قو ّت جو ڪر ّار،

حيدر گولو هٿ ۾ ڪيو مُٺ ِ اندر مهندار،

تڏهن پيو لرزو لوڪ ۾، ٿيا ڌرتيءَ تي ڌڌڪار،

پڙهي الحمد عليءَ شاهه اُڇلايو، ويوڪندو ڪوٽن مان ڪڙڪار،

ويو پُٺ ۾ ملائڪ موليٰ جو، مليو امين کي اخيار،

آخر نظر کان ويس نڪري، گولو ٿي ويو غار،

وؤڙيندي وندر ۾، ويو وقت لنگهي وينجهار،

موٽي ملائڪ ظاهر ٿيو، ڪري ٽئين ڏينهن ٽِمڪار،

هٿين خالي مليو حبيب کي، پڙهي صلوات مٿي سردار:

يا محمـّـد مصطفيٰ! مون وؤڙي سڀ وڻڪار،

ستن زمينن آسمانن کان وڌ، سگهه ڏنيم ستـّـار،

هلايم هنر پانهنجا، مون حيلا ڪيا هزار،

ويو راهون ڪندو رڻن مان، تکا ڪندو تجلار،

پسڻ کان پري ويو، گولو ٿي ويو غار.

تڏهن آواز مليو الست مان، تون موٽي وڃ مختار،

پڄي پڄندين ڪين ڪي، ساري سڀ ڄمار،

حد نه حيدر جي طاقت کي، جا ڏني خالق خلقڻهار.

مرشد ”جماليءَ“ جو مشڪلڪشا، ڏک لاهيندو ڏاتار،

اڙين جو آڌار، اچي محمـّـد ٿيندو مصطفيٰ.

 

مناقبو حضرت علي عه جو: بيرالعلم وارو[10]

(چيل احمد خان شاهه جو[11])

 

وصف واجب رب ّ کي، ان جي ڪجي صفت وثنا،

جو خدا خاوند ڪل جو آهي رازق ربـّـنا،

جا پسين ٿو پِرٿِڻي، سان سڀ سنديس قدرت ڪنا،

بي ستو عرش ۽ فَلڪ جي ڏس بنائي اُن بِنا،

اُن جي قدرت ساڻ پيدا ڪرسي ولوح و قلم.

 

ڪُل ّ عالم کان اڳي ڪيئين نور پيغمبر ڪريم،

ان جي نازل نور کان شمس و قمر عمرش ِ عظيم،

مرتبو معراج جو ان کي ڏنو راحم رحيم،

هو سدا جبرئيل خدتم ۾ سندس خادم خديم،

مهڙ مڙني مرسلين، سرخيل سو شافعاُمم.

 

سڀ صحاب ان جا سڳورا تن ۾ چيدا چار يار،

افضل صديق اڪبر ياور ِ آن يار غار،

فائق ِ فاروق فاضل قاتل ِ قوم ِ ڪفار،

شاهه عثمان يار سويم، جهارم حيدر ِ ڪردار،

مصطفيٰ مرسل مٺي جا مِڙ مشر ّف محترم.

 

مرتضيٰ جو مربو معلوم مرسل ڄام کي،

ان جي عز ّت جو نه اطلاع آهه و عام کي،

جنهن جي جرئت ۽ جبر اوجر ڏنو اسلام کي،

ٿا نمن نو کنڊ تنهين نرمل سندي نت نام کي،

ڪيو ڌڻي دارين ۾ ان جو سدا اُوچو عَلم.

 

پنجتن جي پاڻ پرور ڪئي صفت قرآن ۾،

سورة اهل بيت ڏس تنهن جي شرف ۽ شان ۾،

ان سوا ”اَفد يت مُلڪِي“ مرڪ ان جي مان ۾،

دائما جبرئيل تابع تن جي نت فرمان ۾،

تن جي تهنيت اندر ’ڪترس‘ قبوليو سوز و غم.

 

هر زمان حسنين جي راضي رضائن تي رسول،

جان تن پنهنجي کان پيارا ٿي رکيا حضرت بتول،

مرتضيٰ جا ٻئي منو ّر نور حق سر تن نزول،

جيڪا خواهش هئي خدا جي سا ڪيئون برسر قبول.

سر جڳٽ تن جو صدر ڪونين تي پاتئون قدم.

 

فتح پاران حق ّ جي حاصل ٿي سيـّـد کي سدا،

سو محمـّـد مصطفيٰ نرمل نبي نور الهديٰ،

ڪئي روايت جعفر طيـّـار اَولئون ابتدا،

پوءِ عظيم الدين اردو ۾ ڪڍيس مقصد مُدعا،

اُن لکي اردو ۾، مون نروار ڪئي سنڌي نظم.

 

ڪنهن ڏهاڙي مصطفيٰ سردار جملي انبيا،

سڀ صحابي پاڻ سين همراهه حضرت جن ڪيا،

سير صحرا جو ڪنڌ مڙ ملڪ تان ايندا ويا،

تان ڪنهين وڻڪار وندر ۾ اچي وارد ٿيا،

ڪيئون اتي منزل، لڳا خيما ٻيا گياليون گلم.

 

هو نه اُت ڪو آب، لشڪر کي لڳي پاڻيءَ جي پياس،

مُنهن ڪري مڙني نهاريو آب نڪري آسپاس،

حاضرين حضرت اڳيان ڪيو، باادب هي التماس:

حضرتا! پاڻي نه هت، ۽ آهي لشڪر بي قياس،

ٿيو اَتاڳو اُڃ ڪنان، دميو سگهي ٿو ڪونه دم.

 

تڏ سڏي صفدر کي حضرت هئن چيو، حيدر علي!

ڇوڙ دلدل، ٿي سوار ۽ وڃ ڪٿانهون يا ولي!

آڻ پاڻي لاءِ لشڪر، ج هتي آيو هلي،

شير حق سنڀري چڙهيو دلدل مٿي چاهئون چلي،

ٿيو وڃي وارد ڪنهين وڻڪار ۾ ولاهُمم.

 

تان نظر ناگاهه هڪ اڙٻنگهه ڏيرو آئيو،

قصد مان ڪوپي ڪڍي ڪيڪان اُن ڏي ڪاهيو،

هڪ برهمڻ اُت ڏٺئين، بيٺو هو جيڻو پائيو،

بت اڳيان ٿو بندگي ڪافر ڪري، ڪنڌ نائيو،

ان طرح نابين نرڄي جو ڏٺائين هرڪو ڪم.

 

مرتضيٰ ان کي چيو، اي لعنتي احمق لعين!

بت پرستيءَ مان پِٽيا! ڪجهه پهچندئي مقصود ڪين،

مڃ خدا، رک ان جي محبت، ياد ڪر حق باليقين،

جنهن جي قدرت ساڻ پيدا ڪل ٿيا عرش و زمين،

مڃ محمـّـد ڪارڻي، سِک دين جي راهه و رسم.

 

ڪر هلي حضرت جي زيارت آءٌ تون اسلام ۾،

عمر باقي ڪر تصرف تون خدا جي نام ۾،

تان سڀان روز جزا آزاد ٿئين آرام ۾،

چو ٿو پاڻهي پاڻ کي دوزخ جي آڻين دام ۾،

ڇڏ ڪفر جي واٽ ڪوڙي تون رباني راهه رم.

 

انچيو، آن جي اچڻ جي پيئي اڄ پٽ ۾ خبر،

تنهن ڪري سڀ لوڪ اسان جو ويو ڀڄي گم ٿي گبر،

سال ٽي سؤ عمر منهنجي آهي اي شير ِ ببر!

آهي عورت منهنجي مون سر تي، ڪريو ڪو دم صبر،

ٿو پڇان ان کان اوهان جو دين ۽ پنهنجو ڌرم.

 

ان مڃيو جي دين آن جو، تان ڪيو مون ڀي قبول،

جي اسان جي ويا ڇڏي ماڻهو مِڙئي قوم ِ جَهُول،

سڀ مڃيندا رب ّ کي ۽ مصطفيٰ رب جو رسول،

ريءَ رضامندي انهيءَ جي دين آن جي ۾ دخول،

ڪونه رکندو ڪو اسان مان، هي سڻو گفتو سندم.

 

پوءِ علي المرتضيٰ آندو سو حضرت جي حضور،

سر حقيقت حال ان جو سڀ ڪيئين ظاهر ظهور،

چيو رسول الله ان کي، اي ڪَٽا ڪافر ڪفور!

مڃ خدا ۽ مصطفيٰ، ڇڏ بت پرستي بي شعور!

تان سڀان روز جزا خوشحال خندان هوئين خُرم.

 

تان ته عورت جو عذر آندو مُٺــٖـي ملحد مڪار،

موٽي مرسل چيو اسان جي ڪر نظر سا آڻي نار،

تان آڻي عورت ڪيائين پيش نرمل نامدار،

چيس مرسل مير، ڪر راهه ِ خدا تون اختيار،

مڃ خدا ۽ مصطفيٰ، ڇڏ ڪفر، ڪر عقل و فهم.

 

مير مرسل کي ڏنو جادوگرڻ جوڙي جواب،

مان نه مڃيان ڪا نصيحت،ڳالهه ٻڌ منهنجي جناب!

ڦُوڪ هڪ سان مان بنايان شينهن اجگر بي حساب،

آ مناسب وڃ هتان هليو وٺي لشڪر شتاب،

نه ته مري بي موت لشڪر تنهنجو ٿيندو ڪالعدم.

 

تڏ محمــّـد مصطفيٰ سرور سچي عالي تبار،

سڏ ڪري لشڪر ۾ پنهنجي چوڪيا اصحاب يار،

ڪير ڪوپو اڄ اوهان مان هي ڪندو ڪم اختيار؟

سو سڻي سڏ سعد ۽ مالڪ ٿيا ترنئون تيار،

مير کان موڪل وٺي جُنبي جوانن ڪيو جَزم.

 

جان وڃي راوت رسيا ان کوهه جي ڀر پلس پر،

تان پري آين نطر ديدهه بلا ۽ شينهن نر،

سي صهابن تي ڳَجِي آيا گُڙي جئن ڪر ڪڪر،

هاتڪن هنئين ضرف تن تي جئن ڏڪي جسم و جگر،

ڀئو کان پئي ڀُون تي ڀڳا، ڪو ات دمي سگهيا نه دم.

 

شينهن اڙدها ٻئي ڀڄي سي کوهه ۾لٽ پٽ لڪا،

هاتڪن جي هڪل سين ٿي چُور پيا چِوٽا چڪا،

سعد، مالڪ ٻئي پٺيءَ تن جي ڀڳا تڪڙا تکا،

کوهه جي ڀر تي بيهي ٺوڪي پهڻ ڪيائون ٺڪا،

دونهن ڌڳي کوهان نِڱيو جنهن جي تماميت نه تم.

 

دونهون ڌڳندي کوهه مان ٿيو شور ۽ غوغا تمام،

ٿل زمينون ٿرٿرايا، ڪر قيامت تي قيام،

آيو هڪ آواز تان، موٽي وڃو پنهنجي مقام،

نا ته انهيءَ وقت پيئندا موت جو اي مرد! جام،

سر انهيءَ ساعت اوهان جي ڪاٽجي ٿيندا قلم.

 

سو سڻي آواز گهوڙن تان لٿا ٻهڳڻ ٻَئي،

واڳون گهوڙن جون وٽي هڪ ورت تن قابو ڪئي،

سعد کي مالڪ چيو هاڻي اندر وئون تون لهي،

جا حقيقت هوئي سا سڀ صاف آ سمجهي سهي،

هڪ مٿو مالڪ جهليو ٻيو سعد ورتو سرگرم.

 

سعيد سورهيه سنڀري اڙٻنگ امالڪ ويو اندر،

ورت تان وچ کان وڍيو ۽ سعد جو اُت ڪپيو سر،

مڙهه انهيءَ مومن سندو وڍجي اچي پِيڙو ٻهر،

منهن پِٽي مالڪ رُنو چي، ڏس قضا جو ٿيو قهر،

ڪيا وڏا وسواس ويچاري رکيا قادر تي ڪم.

 

سعد جو مالڪ کٽي کڻي مڙهه آيو حضرت جي حضور،

چيائين، يار مرسل مٺا! هي ڏس قضا آهه ڪيو ڪلور.

پاڻ پڻ غمگين ٿيا، پهتو صحابن سوز سور،

مصطفيٰ چيو، مومنا اِن پر الاهي هو امور،

سڀ رهو راضي رضا تي ٻيو نه نيو غوطو ۽ غم.

 

هئا انهيءَ حالت اندر تان آيو جودئون جبرئيل،

چيائين يا مرسل محمــّـد، خاص خاوند جا خليل،

سؤ سلام ۽ رحمتون آن تي مُڪيون رب ّ الجليل،

هاڻ هن حالت ۾ هرگز ڪين ٿيو عاجز عليل،

دل کي ڌيرج ڏي دلاسو، دور رک درد و آلم.

 

ٿي اچي ان کوهه ۾ اوندهه اوهان کي جا نظر،

پر تِري ۾ تنهن جي آهي روز روشن سربسر،

آهه ڪشادي جاءِ بستي دار خاصي خوبتر،

جاءِ اِيءَ جنـّـن جي آهي، جنهن ۾ نت خوف و خطر،

اِن مڪان جو يا محمــّـد نام اَبِر ُ العَلَم.

 

اُت ويو انسان جيڪو ڪونه وريو سو وري،

سوَ سڌون سورهيه رکي ويا سي رهيا ماڳئو مري،

پر مگر ان قوم تي حشمت آ عالب حيدري،

اَئين علي المرتضيٰ کي اِذن بخشيو اَنوري!

تان رسي راوت رُلائي رهزنن کي در رزم.

 

سو علي المرتضيٰ آهي زبردست و جوان،

ڪئين دسـٖـي جنهن ديو ماريا پٽ وڌائين پهلوان،

’عمر‘ ’انتر‘ ’الڪمہ‘ ماريئين مڙئي هڪڙي مڪان،

فاتح خير السـّـلاسل نامور تنهن جو نيشان،

بت پرستيءَ جي بهادر رڻ رلائي سڀ رقم.

 

يا محمــّد! مرتضيٰ کي اَئين ڪريو ترتئون تيار،

تان ڪري بيرالعلم ۾ شومتين کي شرمسار،

مصطفيٰ چيو، اي علي! ان پر آ حڪم ِ ڪردگار،

مرتضيٰ چئي محربا ٿيو جهٽ مٿي دُلدل سوار،

سيف سورهيه هڪڙي هٿ، ٻئي هٿ مبارڪ ڪيو علَم.

 

قصد مان ڪاهي رسيو، بيرالعلم تي توتراب،

بادشاهه جنــّن جو نالي ’رعد‘ هو والا خطاب،

تنهن مٿي موليٰ عليءَ جو ترت پيو تابش ۽ تاب،

ميڙي لشڪر تنهن مُٺي هڪ جاءِ گڏ ڪيو بي حساب،

جِن ّ، پريون، ديوَ، هرهڪ تي هئس جاري حڪم.

 

پنهنجي لشڪر کي چيئين، صفدر اچي ٿو اڄ سَٽٻي،

ٿي ڪروڙين قوم ائين لحظي اندر ويندؤ لَٽــٖـي،

مارجو تنهن کي مَ ڪي، جئرو ڪڻس جهلجو جهَٽــٖـي،

عاقبت ان ڏســيـي، پوءِ سر سندس ڇڏجو ڪٽــٖـي،

مُلڪ ۾ ٿو مرتضيٰ مانجهي سڏائي محتشم.

 

هو اڃا ان گفتگو ۾ تان هنئي حيدر هڪل،

جنهن جي هيبت سين سڀئي لرزيا بحر واديون جلب،

شير هٿ شمشير، مَٽجي آيو منجهه ميدان اُومل،

رعد چيو ’تيهور‘ کي، ٿي مڙس، اٿئي هاڻي مهل!

مرتضيٰ سين ٿي مقابل، شومتي! آڻي شرم.

 

تان پِٽيو تيهور سنڀري اڙدها تي ٿيو سوار،

جن ّ عالم ۾ پِٽيل هو پهلوان ِ نامدار،

گز ستر قَد اُن ڪتي جو، آندو شاعر منجهه سمار،

نانگ واسينگ دست چهبڪ جي بجا ڪيئين آشڪار،

سامهون ٿِي سردار کي ٿي چيو نڀاڳي نافهم.

 

جن ّ عالم ۾ جبر پڌرو مان آهيان پهلوان،

هرطرف تيهور منهنجو شہ! اٿئي نالو نشان،

موت ڪارڻ مير آندئي پاڻ کي منجهه هن مڪان،

پر حياتي تنهنجي پروي ٿي جڪس هاڻي جوان،

بيهه بهادر پڙ ۾ پنهنجا هاڻ جهل ڪوپا قدم.

 

ايئن چئي حملو عليءَ تي ڪيو نڀاڳي نابڪار،

هٿ کڻي حيدر هنيس شهزور ضرب ِ ذوالفقار،

ڌڙ لڳس ڌرتيءَ وڃي پنڌ ڪوهه تي ڪريس ڪپار،

جيئن پِٽئــٖـي هو پاڻ ڀانيو، خارجي تيئن ٿيو خوار،

ويو جهنم ۾ جلي ابليس دل اهل ِ ستم.

 

اتان ڪُڏي ’ڪرتلس‘ آيو جذب ۽ جولان ۾،

سور وانگي سو سُڄي ملحد آيو ميدان ۾،

ٿي پٽئي ٻوليون ڪيون پيو شومتي شوغان ۾،

شير جي شمشير جو ڌڪ جلد پهتس جان ۾،

ٿيو سڄو ساڪن سقر جو، توڙ تائين آيس نُرم.

 

پوءِ هڪ ’سمرات‘ سوئر قصد مان آيو ڪُڏي،

ايندي اسد الله تي هٿ واري ڪيئين حملو هُڏي،

هٿ سان حيدر جي ڪريو، ڪُن ۾ ويس ٻيڙي ٻُڏي،

هرطرف پيئي هڪل لشڪر سمورو ويو لُڏي،

منهن پيا موذين کي سي جي ظالمن ڪيا هئا ظلم.

 

شير جي شمشير کان پيو منجهه شريرن شور شر،

هڪڙي سر حيدر علي ڪوپي ڀڳن قو ّت ڪَمر،

پهلوان پيغمبري تن جو نهوڙيو سڀ نگر،

سنگ سڀ سورهيه چوان موليٰ علي جهڙو مگر،

سر زمين سو آنڪو جهڙس بهادر باحشم.

 

جيڪو اوري آئيو اُسري سو رکيو صفدر سَٽـٖـي،

ڪئين بهادر تنهن پڇ ڄايا ڪئين رکيا ڪوپي ڪَٽـٖـي،

جو تڻي آيو طبل سان سو رکيئين جهٽ ڏيئي جهَٽـٖـي،

تنهن دلاور دين جي ڪئين لوڙھ ۾ ڇڏيا لَٽـٖـي ،

ڪير واري وير جيڪو ڪنڌ ڪڍي سو اُت قلم.

 

رعد جو ’راهل‘ پسر هو پرس بيحد پهلوان ،

منهن مثل مهتاب مورت جلووه گر صاحب سجان،

پيءُ چيو پٽ اُسر اڙٻنگ ڏانهن هن مقتل مڪان ،

ٿي مقابل شاھ سين جو شير هق شاهه ِ سجان،

پڙ ۾ پئي پوري تون ڪر، ورنہ سين ويرين جي رقم.

 

اُن ڪشي قصدئون ڪمر هرهڪ ٻڌو ساري هٿيار،

تنگ تازيءَ جو تَڻي ٿيو سيگھ مان سنڀري سوار،

ٿي مقابل مير کي چيئين يا ولي والا تيارا!

مين سين تنهنجي مرتضيٰ! ڪنهن پر نه هلندي ڪارزار،

ڇڏ خلل ۽ خرخسو پٺتي هٽا پنهنجو قم.

 

مير چيو، مون کي ٿو ترس توتي اي جوان!

نوجوان! توکي ڏسي ٿي منهنجي دل پڻ مهربان،

يا ته تيئن ٿيندين تلف، جيئن ماريا ٻيا هن مڪان،

جي اچين اسلام ۾، تان تون لهين امن و امان،

روز محشر ۾ صبح توسين رباني ٿئي رحم.

 

سو سڻي راهل ڪيو حيدر مٿي حملو شتاب،

سٽ ڏيئي صفدر جهليو ڀيڙي هٿن ۾ بوتراب،

پوءِ رکيو راهل تي تنهن دم شير حق تابش ۽ تاب،

چيائين مڃ موليٰ ۽ مرسل شافع روز ِ حساب،

تانٿئين آزاد راهل تون ڪنان رنج والم.

 

حڪم حق جي سين ڪندس، سر رعد جو تن کان جدا،

سڀ سپہ نوڪر سندس هڪ ضرب ۾ ٿيندا زدا،

سلطنت سڀ جو ڪندس سالار توکي سرمُدا،

مِڙ مسلـّـم صاحب هن ملڪ جي ٿينديئي سدا،

جيڪو عالم ديو جت، سڀ تي سندئي هلندو حڪم.

 

روح مان راهل پڙهي ڪلمون ڪيو اختيار دين،

ٿيو محمـّـد مير جو تابع اُهو تهدل يقين،

تڏ ڏسي هي رنگ لرزش ۾ پيو لُوئر لعين،

سور انهيءَ ۾ سڙي ويو شومتي اهل سجين،

چيائين، ڏس راهل ڪيو فرزند منهنجي ڪيڏو ڪم.

 

حڪم لشڪر کي ڏنئين، آهيو اوهين عالم اَڀار،

چؤ طرف ويڙهي ولي الله سين ڪريو ڪارزار،

تڏ مڙي مولا عليءَ کي ڪيائون جوگرد و غبار،

تان تَپي شير خدا پڙ ۾ اَڀي ڪيئي پُڪار،

جوان جابر جنگ جو اُت آندو اسد الله عزم.

 

مرتضيٰ مانجهي ٿيو دلدل مٿي صفدر سروار،

۽ فلڪ تي ڪئي مَلڪ اهڙي طرح پڌري پڪار،

”لافتاح اِلا علي لاسيف اِلا ّ ذُو الفِقار“،

ڪئين پيادا پَٽ وڌائين، ڪئين سَٽيا سورهيه سوار،

ڪي ڀڳا ڀئو کان دمي سگهيا، اتي هڪڙو نه دم.

 

ٿو لکي راوي ته ستر ڏينهن ڪئي جونجهار جنگ،

وِير ويرين جاوڍي سر ڪئي زمين هئي سرخ رنگ،

ڪُن ۾ ڪفارن کي نيئي ڪيو نهوڙي تنهن نسنگ،

سر شريرن جو تپائي تاب سين ڪيئين وقت تنگ،

جن تڙين ٿي طبل ڪيا تن جو ڀڳو بانڪي ڀرم.

 

ساري سڀڪنهن وقت ۾ نرمل گذاري ٿي نماز،

ڪو قضا ڪڏهين نه ڪيائين وقت، اهڙو رب ّ جو راز،

وقت فرضن ذوالفقار ايديہ بنيا ٿي ٿي دراز،

جيڪو اوڏو آيو ان کي، ٿي گهڙيو گردن فراز،

سو ڳهيو ڳاريو ڇڏيئن هڪ دم ۾ ڪريو او هضم.

 

هيءَ حقيقت رعد کي معلوم ڪيائون ان مهل،

هن طرح طاعت خدا جي ٿو ڪري او مردل مل،

سڀ پڙهي ٿو وقت پورا تاڪ در جنگ و جدل،

دانهن ان جي سان ڌٻي ڌرتي پئي جنبش جبل،

جنهن سين جهيڙي جي نه ڪنهن جي ٿي هلي حشمت حشم.

 

ان سان جادوگر جي جرئت ڪان ٿي هرگز هلـٖـي،

مڙ سندئي لشڪر مڃائي تنهن کنـٖـي سان نيو کُلـٖـي،

رعد رهزن رخ مَٽي بدبخت تن کي چيو، بَلـٖـي!

ايڏ اَئين عالم، نه هبڪڙي پُرس کي سگهيا پَلـٖـي!

هي ولها! ڪنهن ويڻ جو هرگز نه اٿيان غم وهم!

 

نوَ لکو لشڪر اوهان جو اَن کي اڄ هڪڙي جوان،

مات ڪيو ماري مڙن کي پرس پِڙ ۾ پهلوان،

سڀ ٻڌي ٻوليون ڪندا، چونداڪي اهڙان بي ايمان!

خوار ٿيندا خلق ۾ ويندؤ سندوَ نالو نيشان،

مُور اِن مرجات جو مرتد نه اَٿيان ڪو مرم.

 

ائين چئي گهوڙو گهرائي ٿيو تڙيل ترتئون تيار،

زود پائي زين ۽ هس ڦس ڪري ٻڌئين هٿيار،

هئا ٻه سر گهوڙي انهيءَ جا ۽ اکيون عبرت سين چار،

تنهن تي تابش تاب مان سنڀري سُڃو سو ٿيو سوار،

جيڪي جادوگر هئا سي سڀ رکيائين در حڪم.

 

ساحرن کي چيائين سٿي آڙاهه سو اُٿياريو،

هُنر اهڙي سين ڪو هڪ ٻارڻ ٻُٽا اَئين ٻاريو،

وير جا وير ويري منجهس جلدي جلائي ماريو،

ساحرن ڪو سحر ساري ورق اهڙو ورايو،

چؤ طرف ٿيو آڳ جو آڙاهه آتش ڪيو ازم.

 

شير جي شمشير آتش کي ڪيو زودئون زوال،

ايئن اُٿي شمشير مان آتش حقي ان وقت حال،

جيڪو پائي پير تنهن کي مُنهن بچائن ٿيو محال،

دم هزاري ديو هڪ دم ۾ پچي ٿيا پائمال،

ان جي انڌوڪار ڪيو افلاڪ سين حملو حجم.

 

ڪوه سارو دونهن ٿيو لحظئون لڳي لَہ لاٽ ڪي،

تنهن ڇڀي ڄيري جي ويندي تان فلڪ واٽ ڪي،

سو پسي احوال اصحابن ٿي مهندئون ماٺ ڪي،

ان اندوهه کي دل ته هڪ هڪ جي ڇُلي ڇونڇاٽ ڪي،

جيئون جڪس ويري ولي الله جي آتش ڪيا عدم.

 

مصطفيٰ مهندان اچي اظهار اصحابن ڪيو،

دونهن هيڏو کوهه مان بُونڀا ڪري ٻاهر پيو،

جڪس ويرين جو ولي الله سين واقعو ٿيو،

موت جو بادل ولي الله کي ويڙهي ويو،

سڀ صحابي سوز ۾ دلگير ٿيا در غم الم.

 

تڏ محمـّـد مصطفيٰ ان پر قريشي ڪيو ڪلام:

آهي حيدر ساڻ حامي رهنما رب ّ الانام،

ايئن چئي اٿيا اتان سالار عالم ذوالڪرام،

سڀ صحابي پاڻ سين همراهه ڪيائون خاص و عام،

ڪاهي آيا کوهه تي مقبول حق جا  محترم.

 

منهن مبارڪ کوهه ۾ پائي چيائون، يا علي!

آهيو ڪنهن حاجت اندر ۽ چئو ته ڇا حالت هلي؟

سڏ سُڻي سردار جو ورندي ۾ فرمايو ولي:

سڀ پرئين آهيان سلامت مير محبوبي جَلي!

آهي جنــّـن ساڻ منهنجي جنگ يا خيرالامم!

 

سو سڻي آواز سرهو ٿيو سچو خيرالوريٰ،

سڀ صحابن ڪيو شڪر بادست داران مصطفيٰ،

اُت علي المرتضيٰ ماري مدعي معدوم ڪيا،

ڌڙ ڌڙن تي ڍير ريلي رڻ ۾ دريا رت وهيا؛

شير موليٰ پير کوڙي کيل سين ڪيائون ختم.

 

’رعد‘ کي لشڪر ڀڄي ڪئي دانهن ۽ فرياد داد،

چيائونس اڌ لشڪر جو فاني ٿي ويو منجهه هن مفاس،

رعد سڻندي ڪاهي گهوڙو آيو بي دين بدنهاد،

هو علي المرتضيٰ جابر جبر اندر جهاد،

تنهن جي ڪجهه تابش ڪنا دانَهه نه دهليو هڪڙو دم.

 

هئا ٻه سر گهوڙي انهيءَ جي جا به ماڻهوءَ جي مثال،

۽ ٻه هاٿي جي مثل اهڙي طرح سر جي شڪال،

هٿ ۾ چهبڪ جي بجاءِ ڪيو ازدها خريد خصال،

سامهون ٿيو شير کي سنڀري اچي شومي شغال،

ازدها جي وات ملن ڪيا اُلَنڀا پُر گرم.

 

ٿي کنوڻ وانگر کني مان شاهه جي نروار نار،

جنهن جلائي ازدها ان جي کي ڪيو ڪارا اڱار،

کوهه مان دونهون ڌڳي ٻاهر نِڱيو سو آشڪار،

رعد مٽجي ٿيو بصورت مست هاٿي جي مڪار،

شاهه ڄاتو تان جهليان هن کي هٿن سين در حڪم.

 

پيو علي ان جي پٺيان تان رعد ٿيو شينهن جي شڪل،

تان به مَٽجي مرتضيٰ تنهن تي هنئين حيدر هڪل،

تان وري عفريت جي مورت ٿيو مٽجي ان مهل،

گرز هڪ سؤ مڻ جو هٿ ۾ تنهن کنيو خارج خجل،

سامهون ٿيو شاهه کي سو شومتي اهل ِ ستم.

 

جُلههَ سين جلي مجهان حيدر هنيس ترتئون ترار،

گرز گهوڙي سوار مان ٻِسَٽ لنگهي ٿيو آرپار،

مُنهن اچي ڌرتي ۾ کوڙيو اهڙو زودئون ذوالفقار،

جي نه هوند جبرئيل جهليس تان ڪيائين اهڙي ڪار،

جا مڇي هئي هيٺ ڌرتي سا ڪپي هوند ڪيئين قل.

 

رڙ ڪري سو رعد ڌرتيءَ تي پيو ڍرڪي ڊهِي،

ٿيو سڃو ساڪن سقر جو شومتي سڙيل سَهي،

جيڪو لشڪر لعنتيءَ جو تنهن ڏٺي تابش تَئي،

دين مرسل جو مڃي هڪ هڪ اُڀو ڪلمون ڪَهي،

چيائو علي! ڏي امن اڳتي، نانءُ رب جي ڪر رحم.

 

شاهه جن دلشاد ٿي ٻهڳڻ نِڱيا کوهان ٻهر،

پاڻ سين’راهل‘ وٺي ۽ سعد جو آندائون سر،

ٿيا محمــّـد مير جي حاضر اچي خدمت اندر،

سڀ مليا اصحاب يارن کي لٿا خوف و خطر،

سڀني شڪرانا ڪيا ۽ چيائون ڪيا قادر ڪرم.

 

سعد جي سر کي ملائي ڌڙ سين مهرئون مصطفيٰ،

”قُم با ِ ذِنِ الله“ چيو، مقبول ڪئي داور دعا،

سعد جن ڪلمو پڙهي ان وقت جلديءَ سين جيا،

پَس ته وڙ واحد وڏا ڪامل قريشيءَ سين ڪيا،

ايڏا احمد ڄام تي ڪيا رهنما پنهنجا رحم.

 

ديوَ، پريون ، جِن ّ ان وقت هئا عالم اَپار،

مڙني مرسل مير جو ڪيو دين دل سين اختيار،

مڙس ۽ عورت برهمڻ ٻئي جي هئا قوم ِ ڪفار،

ساڻ ساري قوم چئي ڪلمون صحابي ٿيا سچار،

بانيت نَعلَين نرمل جا چمن جا باچشم.

 

روح سان راهل چمي پيزار پرين جي پَڻي،

ساري لشڪر سين مڃئين اسلام بانيــّـت گهني،

رحم سين ٿيا تنهن تي راضي دين دنيا جا ڌڻي،

بادشاهي رعد جي راهل کي بخشيئون سڀ کڻي،

تخت والي مُلڪ مالڪ ٿيو، هليس هرجا حڪم.

 

۽ چيو راهل کي مرسل مور ڌرتيءَ کان ٻَهار،

آئين ڪِجا ڪنهن آدمي کي ڪونه آسيب و آزار،

سو قبولي روح سين راهل ڏنو قول و قرار،

مير موٽي ٿيا مديني پار سي ترتئون تيار،

ٿيا اچي وارد وطن ۾ بادشاهه بيت الحرم.

 

شڪر موليٰ جنهن ته تخشي فتح مرسل ڄام کي،

۽ ڏنئين عِز ّت اَپر نرمل نبيءَ جي نام کي،

ڏيندو محشر اُمتين آڌار خاص و عام کي،

سهسين صلواتون مٿس روز ِ صبح ۽ شام کي،

جنهن تي پرور پاڻ چيو صلــّـوا عليہ وسلم.

 

جيڪو مرسل مير جو آ اُمتي ايمان سان،

شاهه سڻندي صفت شامل ٿيندو شڪران سان،

ڏسج تن جي پرت جنهن کي هوندي جڙيل جان سان،

۽ ٻيا احمق ٻڌي شامل ٿيندا شيطان سان،

چوندا اباطل بات ڪنهن ڪيور رافضي هي ڪوڙو ڪم.

 

شاهه جي تعريف چوندي رافضي ڪنهن کي چوڻ،

ڪيائين ڪافر پاڻ کي لازم ٿيس دوزخ پوڻ،

ان ڳنڌيو ڳهلي حياتي ۾ سقر جو ڪو سَوَڻ،

چئن پنجن جي صفت جنهن ٿي سڻڻ واجب نِوَڻ،

شڪ رکي سو شومتي خاطر ۾ نــٖـي جو خيال خم.

 

حيدر ۽ حسنين زهرا پنجتن اطهر اَمُل،

چئو ته اُن جي وصف کان ڪنهن کي پيغمبر ڪئي اَپَل؟

جن جي ڪئي تعريف موليٰ ۽ نبي شاهه ِ رُسل،

ٻيا صفت يارن جي ٻڌندي ڀولڙا ٿا ڏين بُل،

پنجتن اولاد اطهر يار ياور ذوالڪرم.

 

ڪو ڪنهين کي يار ڪوٺي توڻي ڪجهه ڪمذات هوءِ،

پر گِلا ان جي اڳيان اُن جي بُري بدبات هوءِ،

ٻآر اڀرو تان به مائٽ لاءِ هڪ سوغات هوءِ،

دمبدم مائٽ کي فرزندن جي تاي تات هوءِ،

ولد والد جو خدا ڪيو جان هڪ جامون جسم.

 

اڄ ته اڪثر اُمـــّتي اهڙي چلن ٿا چال کي،

ڪي صحابن کي سِٺيندا ڪي سِٺيندا آل کي،

ڪيئن نه اُوءَ اَوکي لڳي لولاڪ صاحب لال کي؟

ويا وڃڻ کي سي ولها هئي هئي تني جي حال کي!

جي گهريا خاوند سي در دو جهان اعليٰ اُتم.

 

پوءِ شڪايت پنهنجي يارن جي ٻڌي ڪِيئن مصطفيٰ؟

جن جي مرسل مير سين نِت هئي سد مِهر و وفا،

شاهه سر صدقا ڏنئون ۽ پڻ ڪيئون جانيون فدا،

امــّتين اهڙن مٿي ڪنهن پر ڪندو شافع شفا؟

في السـّـقر في النــّار ٿيندا سڀ ڪڙهي سي ڪالعدم.

 

يا محمــّـد مصطفيٰ اي عالمن جا آسرا!

مِهر مان مسڪين تي ڪو ڪر نظر خيرالوريٰ!

پَهرائي پينار کي، ڪو دان ڏي پنهنجي درا،

حضرتا! هيڻن جا حامي آهيو هردوسرا،

مدح وان تي مير! رب ّ جي نانءُ ڪو لطف و ڪرم.

 

جيڪي مشڪل منهنجا سي سڀ احمدا! آسان ڪر،

ٽار حاڪم جي هلان دشمن مڙني تالان ڪر،

زور بازرو جي سندم جرئت وڏي سي جوان ڪر،

خانمان منهنجو سو عز ّت ساڻ تون بامان ڪر،

ڪين ٿيان محتاج ڪنهن جو ڪنهن ڪَٽــٖـي ۾ پئي نه ڪم.

آهي نِت ”احمد علي“ کي تنهنجي تار ِي ۾ تڳا،

احمدا! عاصي اسين آهيون سندءِ لڙهه ۾ لڳا،

ٻيو نه ساريو ڪو وسيلو سوٽ ۽ ڀائر سڳا،

رحم سين پهراءِ مون کي پاڻ رحمت جا وڳا،

ساڻ ڪلمي شال دنيا مان پڄايون پويون دم.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله


[1] . هن مناقبي جون ٻه روايتون مليون، هڪ روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان يار محمد مهاڻي جي قلمي نسخي تان ورتل آهي ۽ ٻي لاڙ (تعلقي ٺٽي) مان عبدالله گندري کان ملي.

[2] . سوانح عمريءَ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

[3] . هن مناقبي جون ٻه روايتون وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار)مان مليون. هڪ ولي محمد طاهرزادي کان ۽ ٻي يار محمد مهاڻي جي قلمي نسخي تان ورتل آهي.

[4] . سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 23.

[5] . هن مناقبي جون ٻه رويتون وچولي (تعلقي ٽنڊي اليهار) مان مليون. هڪ ولي محمد طاهرزادي کان، ۽ ٻي يار محمد مهاڻي جي قلمي نسخي تان ورتل آهي.

[6] . سوانح عمريڙ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 23.

[7] . هن مناقبي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي نسخي تان ورتل آهي. شاعر جو نالو معلوم ٿي نه سگهيو آهي.

[8] . هن مناقبي جي روايت اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

[9] . جانب خان جمالي، گهنڊ تڙ (نوابشاهه جي اوڀر ۾) جو ويٺل آهي. 1880ع ڌاري ڄائو. سندس بيت ۽ ڪافيون مشهور آهن.

[10] . هن مناقبي جي روايت لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان محمد طالب لوهار کان ملي، جنهن محروم حاجي الياس کٽي ويٺل ماتيل کان ٻڌي قلمبند ڪئي.

[11] . سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org