سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناقبا

باب: -

صفحو :7

 

 

مناقبو نبي صلعم جو: کجور جي ککيءَ وارو[1]

 

اُٿي الله ياد ڪر، ٻانها! ٻيون سڀ وسار،

ڇڏ غفلت کي، گوندر هڏ مَ گهار،

لاهه مڙيئي خطرا، ولها وهم وسار،

جن کي حب نبيءَ ڪريم جي، محبت من موچار،

ڏونگر سي ڏورينديون، جلب جن تؤن جار،

لائون لهندين هوت سان، وڃي منجهه وڻڪار،

ڪين رساڻي ڪيچ ڏي، ڪا قاصداڻي ڪار،

اوريو اور عجيب سان، گڏيو گڏ گذار،

ڇا کؤن ويڳاڻو وتين، جکين ڀڻو جار،

ساٿي سُتن کؤن لنگهي، ڪالهه ويا ڪاهيار،

هل هنئينِ سان هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار،

”وَ الــّذ يِن جاهَد وافِي سَبِيل الله“ نظر اُت نهار،

چئو صلواتون نبيءَ ڪريم تي، ڪر موچاري ڪار،

پيغام جي پرين جا، نيئي پهچائيندئي پار.

مناقبا ۽ معجزا، پيغام سندا پرين،

هڪڙي راحت روح کي، ٻي اڌر اکڙين،

هڪ ڏينهن حضرت ويٺا هئا، سٿ ۾ صحابن،

پاڻ پٽاندر چنڊ جي، ٻيا تابع جئن تارن،

پهي پينار آئيو، منجهان مفلسن،

بکيو ڏکيو ڏٻرو، هئو ماندو مريضن،

پهرڻ پراڻو گهڻو، ليڙون ٿيون لڏن.

اُڀو سائل سڏ ڪري، پني کان پرين،

ته خاصا خير ڏياريو، سرور! سوالين،

آءٌ عيالي آهيان، منجهان مسڪيننن.

تڏهن اُتو بيبي عائشہ کي، پاٻوهٻي پرين:

بيبي! ڪي قوت لڀي، جو ڏجي مسڪينن؟

اٿي بيبيءَ گهر ڏوريو، جا هئي مادر مؤمنن،

ڪين لڌائين گهر منجهان، جو ڏجي ڪارڻ تن،

تڏهن سرور سواليءَ کي چيو، محبت رکي من:

هينئر وري وڃ پوئتي، وهلو ڏانهن وطن،

هڙ نڪي هنجهه ڪي، نڪي منجهه گهرن،

کڻي قرض هوند ڏجي، پر رتي تان نه رکن،

مولـٖـي پنهنجي مهرسان، جيڪي ڏنو ڏيهه ڌنين،

سا سڀ ملڪيت تو سندي، ڪيا قول پرين.

سواليءَ سرور کي چيو، اُڀو سان ادين،

ڪيئن وران آءٌ پوئتي، وارث! منهنجو ڏور وطن،

طفل منهنجا قوت لئي، ٿا مانيءَ لاءِ مرن،

اجهو اوڍر آهيــٖـن، ٿاهر ٿوب ٿڪن،

ڇنو ڇپر ڇانو تون، مَنهنۡ محتاجن،

تو ڌاران ڪير اچي، لهي ڪَر ڪَلهَن،

همہ تنهنجي هٿ ۾، ڏنو ڏيهه ڌڻين.

تڏهن اُتو بيبيءَ عائشہ کي، ٻيهر محبوبن:

اُٿي بيبي ڏس گهر ۾ جنهن مان ڏيئي ٻَن،

ڪين لڌائين گهر مان جنهن مان پينار پرچن،

مگر گگي لڌي هيڪڙي، بيبيءَ لاءِ بکين،

جا سرور سواليءَ کي ڏني، حضرت ساڻ هٿن.

اِعۡرابي لڏي پوءِ، وريو ڏونهه وطن،

اِعۡرابي عيال سان، وڃي رنو رت ورن،

هَي هَي! ڏٺم حال جو، سندو سپيرين،

فقر فاقهو سڄڻين، لنگهڻ لاهوتن.

ڏري ِ تن جي ڏک ۾، ڏونگر هوند پون،

پوءِ ڪري ککي وات ۾، چوريئون ساڻ چپن،

ته منجهانئُس ماکي وهي، ٻيو نڱيو کير چون،

ماکيءَ جي محفوظ ٿي، ٿا کِليو کير پِين،

سا ککي تحففو طريقت جو، ٿا ساهه سينءَ سانڍن.

هڪ ڏينهن احتجاج عورت کي پيو، طلب طعام چون،

سا ککي ڪڍيائين گهر مان، جا ويڙهيل منجهه وٿن،

منجهانئس مٽجي ماڻڪ ٿيو، تنهن جي قيمت ڪير ڪَهن!

سو املهه عورت هٿ ڪري، ويئي وٽ وينجهارن،

صبر صرافن آئيو، ٿا هاتڪ حيرت ڪن،

ڪيائون قيمت تنهن سندي، سؤ ستر هزار مُهرن.

ڳڻي ڳڻيان ڪيترا، سندا ڳڻ سپرين،

جن جو سَمـٖـي سان سٻيڻپو، سي مِر مُهاڻيون مرڪن،

ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين، رس رهاڻيون ڪن،

سَمـٖـي ڄائي سک ٿيو، لٿا ڏک ڏيهن،

اهڙا معجزا نبيءَ ڪريم جا، لک ڪروڙين جون،

چئو صلوات حضرت نبيءَ ڪريم تي، لک دائم مدائن،

”اَللــّـهمّ- صّل عليٰ سيـّـد نا محمـّـد صَلــُّـوا عليہ تسليما“ چون،

ويندا سي ايمان سان ڪلمون جي پڙهن.

لااِلہ الاالله محمد رسول الله

 

مناقبو نبي ﷺ جو: ڪتي وارو[2]

(چيل سيد صالح شاهه جو[3])

 

راوي روايت ٿو ڪري، ابن عباسا،

ته حاضر هئس حضور ۾، منجهه تنهن مڪانا،

ساڻن صحبت ٿي ڪيم، ويٺي ورونهۡا،

ته اچي اصحابي هيڪرو، پَريئون ٿيو پيدا،

پڌر تنهن جي پِنيءَ تي، ٿي رت ڪيا ريلا،

تنهن اچي اصحابي عرض ڪيو، التماس اڳيا،

ته، ڪُتـٖـي ڪافر جي در اُتي، مون کي ڏاڙهيو ڏاڍايا،

تان وارث چيس، ويهه تون، ڪر صبر ساعت ڪا.

سو ماٺ ڪري مجلس ۾، ويٺو وٽ ورياما،

ته اچي اصحابي ٻيو، پريئون ٿيو پيدا،

ڏُ وارن ڏاٺون ٿي ڏٺيون، تنهن کي تماما،

تنهن اچي اصحابيءَ ڪئي، فائق فريادا،

ته، ڪُتـٖـي ڪافر جي در تي، مون ڏاڙهيو ڏاڍايا،

وٺيو هليو واٽ، ٿي آيس احمدا،

پُري منهنجي پنيءَ ڏانهن، وڌائين واتا،

پَٽي مانهۡه پنيءَ مان،ڪڍيائين قصدا.

تڏهن سيـّـد صحابين کي چيو، مرسل مصطفيٰ،

ته ڀڄي ڪتي کي وڃي، تڪا ڪريو تڪرارا.

ست ڄڻا سنبري هليا، جابر جوانا،

سي ويڙهي ڪتي کي آيا، چؤطرف چوڌارا،

سو ڪوڪ ڪري اچي ڪريو، مهندا محمـّـدا،

ته اچي پيس پيش تنهنجي، سرور سام سچا!

مرسل! مون کي موت کان، باريءَ لڳ بچا،

جو تون ٻڏن تي ٻاجهو ڪرين، ٿَڪن تي ٿورا،

حضرت! منهنجي حال تي، ڪر تون ٻهڳڻ ٻاجه ڪا.

تڏهن چيو سيـّـد تنهن کي، موٽي محمـّـدا،

ته، سگ ساڱهه ڇڏي، ٿئين مگر مستانا،

ڪيئن اوڳا! اصحابن کي ڏنا، تو اهنج ايذانا،

چي، نڪي سگ ساڱهه ڇڏي، مَ ٿيو مستانا،

پر قادر انهيءَ ڪار لئي، مون کي موليٰ مُڪو آ،

ته چَٻـٖـي چَڪن سين چورن کي، پٽي ڪج پرزا،

سو چار ِي چورن تي ٿيس، آڳي جي اَمرا،

گهَٽ مديني جا گهيمس، ڏٺم اڱڻ اوتارا،

ته گڏجي گِلاخور ڪو، نااهل نِڪارا،

پوءِ ڏٺم ٻِٽ ٻه ڄڻا، جي ڪن احمق اِهانتا،

ڪئي ٿي تنهنجي يارن جي، گلا غيتا،

تڏهن پٽي پنيون تن جون، ڪڍيم قصد منجها،

مڄيم خالق پنهنجو، رازق رحمانا،

مڃيم تنهنجي مصطفيٰ، رهبر رسالتا،

هاڻي حڪم تنهنجو، جيڪا ڪرين سا.

حضرت ڦري نهاريو، ٻهڳڻ بنهي ڏانهۡه:

ڏسو ڪُتي ڪهڙو ڪَهيو، ڪُلي ڪلاما.

تان چي: صادق ڪُتي سچ اُتو، دانَهه دُ رستا،

اها اسان کان پيئي، سَهَو سردارا!

يا حضرتا! ٿا ڪريون، توبهه تماما.

تڏهن مرسل ڪيا مِهر سين، تن جا عفو عصيانا.

ته اچو اوراهون اٿي، تان مت ڏيانوَ موڳا!

ڪيئن سَهُن سي اسين، جي وجهن وير وِلها،

جتي ڪوڏ ڪچهريون ٿينديون، مڙندا مارڪا،

اُتي تڙجي تماچن سين، ٿيندا ڌار، ڌِڪيا،

ڪيئن کڻندا ڪنڌ رسول ايڳان، جت مومن مرڪندا،

ڪيئن ڪو مائٽ ڪنهن جو، مربي عزيزا،

ڪُڌائي ڪري تنهن سان، وجهي وير وِلها،

ته ڪاوڙ ٿيدني تنهن تي، تتي تاءُ منها،

سو ڪيئن نه رنجبو رسول خدا جو، ڏنهن رهزن رافضا.

فرمايو رسول خدا جي، موٽي مصطفيٰ،

ته، جيڪي يارن ڏانهن اسان جي، رکن مومن محبتا،

اهي هوندا شال حضور ۾، ميوا ماڻيندا،

حورون جنت جاڳهون، تن کي ڏاج ڏبا،

ميوا، مانيون، مصريون، وٽون سي وٺندا،

منجهه ڪچهري ڪريم جي، مومن مرڪندا.

هي سڀ ڪرم ڪرامتون، نرمل نور سندا،

”صالح شاهه“ سيـّـد جو، ٿئي عالم اولادا،

منجهه پرهيز پڌرو ٿئي، عارف علاما،

چئو صلواتون حضرت رسول ڪريم تي، لکين درودا،

ويندا سي ايمان سين، جي ڪلمون چون مُها.

لااِلہ اِلاالله محمد رسول الله

 

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: ڪتي وارو[4]

(چيل فقير محمد ماڇي جو[5])

 

”الله ربـّـي جَل َّ جَلالَہ“ قادر قيـّوما،

وحد واحد ريءَ، ٻي هئي ڪانڪا،

نڪو ارض سماءُ هو، نه ڪرسي لوح قلما،

نڪي مَلَڪ جن َّ ديوَ، پريون، نڪي نبيـّـا،

سج چنڊ ڪتيون ڪين ها، نڪي شجر جانورا،

مولـٖـي ٻاجهُون مورهين، نڪا ٻي شيَئا،

آدم ڪين اوپائيو، جوڙ نه جهانا،

اول نور نبيءَ جو، پرور ڪيو پيدا،

مهنادر مڙني مرسلين، مٺو معشوقا،

ڪي د ِن درياهن ۾ ڪيس، يارور ياقوتا،

تار ٖي ۾ تڪرار هو، ظاهر باطونا،

ڪِي قدر ڪتابن ۾، ٻي سڌ صاحب کي آ،

ڳُجهه ڳُجهائي ڳالهه جي، ڪنهين ڪل نه ڪا،

انگ اندامين نور جي، سڀ حڪمت حڪيما،

ڏنا نبين کي، قادر ڪتابا،

’توريت‘ حضرت موسيٰ کي، ’نجيل‘ کي عيسيٰ،

دست ٿيو دائود جي، ظاهر ’زبورا‘،

منجهان قوت حضرت موسيٰ جي، هو يهودي شخصا،

نالو انهيءَ مرد جو، ’قرن‘ چون ٿا،

سهر ولايت شام جو، سلڪن سڪونتا،

پڙهندو هو توريت، انجيل ۽ ظاهر زبورا،

تنهن ۾ تعريفون هيون، جي اڳيان پيغمبرا،

پر ظاهرتن ۾ زور هئي، صفت سردارا،

سڀڪنهن نبيءَ ٿي ڪئي، منقبت محبا،

ڪيو آدم صفي الله ٿي، پڻ هيءُ مذڪورا،

ته نوري نرمل نور آهي، مُونهۡين مان پيدا،

سو سهي سنجرندو، حاڪم ٿيندو عالم علوما،

ڪڪر ڪرامت جو ڌڻي، ابر عنايتا،

ورنہ وسندو، وسَنهۡن ڪندو، رحمتون ريلا،

سڪر ٿيندو، ڏُڪر ويندو، مال لٽيندو، ڏکين ڏک لهندا،

اجهو ٿيندو عربي، ڪفيل قيامتا.

چيو حضرت موسيٰ، چام ڄمندو، عرش

ويندو، ڪلمون چوندو، مٿس پاڻ خدا،

نصيحت ڪندو، طيّب پڙهندو، ٻهڳڻ ٻڌندو، دين جي دستارا،

دين ٿيندو، ڪفر ويندو، لُچُ. لڏيندو، بدو بهشت منجها،

ماڻهو مڙهندا، تابع ٿيندا، پاڪ پڙهندا سڀئي صلواتا،

لهي ويندا ڪُل تؤن، عيب عصيانا.

چيو حضرت عيسيٰ ٿي، جو جيئرو جانڪيتان:

ولد ٿيندو وير ولايت، ڪندو شفاعت، توري نعمت، گوهر غنيا،

شمس اڀرندو شماع ٿيندو، اوجر ڏيندو، ويندي اوندهه اکين مٿا،

اهو توشو تار جو، ٻي ڪنڌي مور نه ڪا.

دُ رس چيو هو دائود ٿي، جوآهه پانہ پيغمبرا،

ايندو وقت اهڙو، اوندهه اندوها،

سمجهه نڪو سيڙهو سنڌو، نڪي لڄ شرما،

ڪانگ وهندا باغ ۾، ويندي بلبل بستانا،

نيڪ ويندا نڪري، ٿيندي سُڃ صحيحا،

سو ڪَڄيندو ڪيچ ڌڻي، عيب عاصين جا،

اسين درستن دوست جي، آهيون در ماندا،

اهڙيون تعريفون پيو روز ڪهي قرنا،

ڪتو انهيءَ ’قرن‘ جو، هو سگ شناخت سان،

سو ٻڌندو هو صفتون، ڪن ڏيئي ڪلبا،

سو وجهلي ۽ واڪا ڪري، ڪتو ڪنواٽا،

آهون رڙيون ڪري، ڪوچڪ ڪين ويرا،

دانهون ڪري، درد مؤن، الله کي عرضا،

ته مالڪ منهنجا مون ڌڻي، ڏيهن ڏاتارا،

مون کي مارج ڪين ڪي، جيان جانڪيتا،

توه چمان قدم ڪريم جا، جو مٺو محمـّـدا،

ڏٺي ڏيهه ڌڻيءَ جي، من ٿين عيب عفا،

پوءِ ڪيئي د ِن لنگهي ويا، وچ تي ورهيه گهڻا،

مَڪي چائو مصطفيٰ، حضرت حبيبا،

شام ملڪ ۾ سوجهرو ٿيو، شافع جو شمعا،

آڳ اُجهاڻي ڪفر جي، ٿيا فنا فرارا،

عالم ۾ اظهار ٿيو، نوري نيثانا،

پوءِ دانهن ڪري در تي، ڪريو قرن جو ڪلبا،

تڏ قرن ڏٺو تنهن ڪلب ڏي، نهاري نظرا،

ته ڪتي کي اڄ ڪوهه ٿيو، جو ڪڇي نه ڪوچڪا،

تڏهن ڪتي ڳالهايو قرن سان، ڪري نوڙت نيازا،

ته آندو مون کي تو کڻي، پنهنجي ڌارڻ لاءِ،

کائي کاڄ تنهنجا، ٿيس بلوغا، ڏٺم تنهنجي گهر

کي، ٿي چونڪي چوڌارا،

جيڪو عدو تنهنجو، مون ٿي سڃاتو صحيحا،

پٽيندو هئس ما ان جو، چنبڙي چڪن سان،

ڪيم ڏوهه ڌڻيءَ جو، بديون بسيارا،

تو پڙهي ٿي ڪتاب ۾، صفت سردارا،

اهو ڄائو ڄام آهي منجهه مڪي مبارڪا،

مون کي تون موڪل ڏي، رخصت ساڻ رضا،

ته ڏسان روءِ رسول جي، مان احمد اکين سان،

پاڙي پاڪ رسول جي، وڃي مان مران،

آجو عيبن کؤن ٿيان، جي ڪيم ڪرت ڪچا.

پوءِ قرن ڏني تنهن ڪلب کي، موڪل ان مهلا،

هليو حبيبن ڏي، رمي راهه مٿا،

ڊُڪـٖـي ۽ ڊوڙ ٖي گهڻو، ترسي تل نه ڪا،

هن کي سمر سڪ جو، ٻي طعامي طلب نه ڪا،

ڪاڏي لڙي ڪين ڪي، ڪري نه ارمانا،

ٽي مهينا پنڌ هئو، مڪو شام ڪنا،

پهتو پنجن ڏينهن ۾، ماڻي منزلا،

مڪي مبارڪ شهر جونن، گهمي گهر گهٽِون سيرا،

ملڪڻ ڪارڻ محبت جي، ڪري وس وڏا،

ڄائي ڄام کي ٿيا هئا، پنج ورهيه پورا،

رهبر راند ڪندو وتي، ٻهڳڻ ٻارن سان،

گهوٽ آيو ٿي گهر ڏانهن، راند ڪندو رونشا،

تڏهن ڪتي ڏٺو ڪريم کي، جو آيو ٿي اڳيا،

اچي قدمن تي ڪريو، نوڙائي نرڙا،

دانهون ڪري درد مؤن، ڦاٽي فريادا،

گِر ِي گوهر جي اڳيان، ڪيون ٿي ڪلبا،

ٻڌائي ٻهڳڻ کي، حقيقت هرڪا،

ته سچا رسول رب جا، مٺا محبوبا،

جيڪا جُوءِ جهان جي، ڪئي قادر قدرتا،

تن سڀني ۾ آءٌ، بڇڙو ڪمينا،

گڏ نه کائي مورهين، ماني ڪو مون سان،

وجهي ڳت ڳچيءَ ۾، ٻڌنم در ٻهرا،

اڇلي وجهن ٽُڪري، مون کي مانيءَ مان،

تڏهن ڄاتم دل ۾، ڪري قياسا،

ته منهنجو هٿ حرام آهي، جيڪو ماسمٿا،

کل خرابيءَ جهڙي پشم پليتا،

منهنجو بت بتال گهڻو، ناهي ساهه صفا،

ڏسي تڪيو تنهنجو، آيس تو اڳيا،

پيس پناري تنهنجي، مان ڀڄي ڀَؤ ڪنا،

تون معشوق موليٰ جو، دوست دلربا،

منهنجي محشر ۾ ڪجان، پارت پيغمبرا!

رازا رکندو تنهنجي، رضا رحمانا.ڱ

تڏهن دليؤن دلاسا ڏنا، سگ کي سردارا،

ته ڪتا منهنجي تو مڃي، برحق بيعتا،

آءٌ کميندس تنهنجون، خطائون خدشا،

ڪندس قادر کي گهڻي، سک تنهنجي سپارتا،

تڏهن دلاسي دوستن جي، ٿيو ڪتو خوشنودا،

سڪ منجهئون سگ ڪري پيو، رسيو رحلتا،

دم ڏيئي دلشا ٿيو، داخل درگاها،

تڏهن گوهر غم ۾، ٿيو سچو سردارا،

مولـٖـي مڪا چار ڄڻا، مثل مخلوقا،

تن دفن ڪيوڪوچڪ کي، ڏيئي تنهن ڪفنا،

’جنـّـت المعلـّۡيٰ‘ مقام ۾، پڙهي نرمل نمازا،

”ماڇي“ چئي ملائڪ هئا، جن ڪيو دفنا،

اهڙي مهر موليٰ جي، پنهنجي محب مٿا،

”فقير محمد“ کي حب هاشمي، وڏو ويساها،

قادر ڏينهن قيام جي، توريندو تورا،

امت جي احمد ڪندو، شافع شفاعتا،

ميڙي ۾ محشر جي، مومن مَرڪندا،

جن پڙهيو ڪلمون دل سان، تن ڪهڙي پرواها،

چئو صلوات نبيءَ شفيع تي، دائم درودا،

ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي ڪهندا.

لااِلہ اِلاالله محمد رسول الله

 

 

منافعو نبي ﷺ جو: بهگڙ وارو[6]

(چيل فقير محمد ماڇي جو[7])

 

راوي روايت ٿو ڪري ’ابو هُريرا‘:

ته ڪتاب ”هنئة الاسرار“ ۾ لکن ڳالهه اها،

ته مديني ماڳَ ۾ هئو هڪ بگهڙ بيمار،

ڪندو ذئبُ زيان هو، رڍون روزمرا،

گهڻا ٻڪر ٻڪريون، گڏهه ۽ گابا،

کائي لَحۡمُ لُڌو ٿيو، مچي متارا،

مِرونءَ کي تنهن ماس مؤن آڙيو استخوانا،

هڏو هبيت جهڙو، نڙيءَ ۾ نيثا،

سُڪي ٿيو سنهڙو مرون مرض ڪنا،

ماس نه کائي مُورهين، پٻئي آب نه اُڃ ڪنا،

منٿون مِرُن کي ڪري، هزارين حيلا،

ڪريو منهنجي مرض جي، داور لڳا دوا،

ڪري ڪرم ڪڍي وٺون، هٿن ساڻ هڏا،

نه ته مون کي ماري ڇڏيو، هن جڏائي جيڻا،

آجو ٿيان ايذاءَ کؤن، ضـُفت ڪيس ضعيفا.

تڏهن ڦاڙيندڙ في الحال سي مِڙي مُچ ٿيا،

بگهڙ جي بيان تي، ٿيا ڪُلئي ڪُڙم ڪٺا،

چيائونس، موليٰ ري مڙن جي، ناهي درد دوا،

اسان کي علاج جي، طرح نه توفيقا،

ڪر صدا صاحب کي، جو مڙني جو موليٰ،

ته ڪرئي پنهنجي ڪرم سان، آگو علاجا.

ٻوڌي ٻڙهه لڳي ويو، سُسي سوز ڪنا،

وڃي ستو ڪنهن ورک جي، هلي سو هيٺا،

ٿورو قر ٿُڙ کان، پري سو پَنها،

گِري ۽ گُونگَٽَ ڪري، ناهر ننڊ نه ڪا،

ستي اُن گسي سَور ۾، ٻاٽي پَهر ٿيا،

ته اچي نڪتو اوچتو، ڪيڏانهون ڪرها،

ڏسي ڇانوَ ڇَڻي پيو، ويٺو وڻ هيٺا،

کڻي ساهه سُڌير ٿيو جُمقلُ جقميعتا،

گونگٽ ٻڌي گُرگ جا، اُٿيو اُٺ اُتا،

نزديڪ ناهر جي اچي، قابو ٿيو ڪرها،

جمل جلديءَ سان پڇيو، ذئب ڪنا ذڪرا،

ته ناهر تون اڄ ننڊ ۾، سُتين ڪنهن سببا؟

ڪُوڪَٽ ڪڄاڙو ڪرين، ڪهڙي اهنج ادا!

تڏهن ڪيائين اُٺ سان، هلي حاليتا،

ته هڏو کاڌي ماس مؤن، لڳم نريءَ ۾ نوڪا،

گهڻي سختي سور ڪئي، تنهن ۾ اي توڏا!

مرڪب ويجهو موت جي، ٿيس ڪرهل قريبا،

ڦڪي مون ڏَس فرق جي، معاف ٿئي مرضا،

تڏ نيڙي ناهر جي اَچي، اُٺ ڪئي امائنتا،

ته گهڻا ذئب! زيان ڪيا، تو مال ماڻهن جا،

قادر ان قصاص جي ڪئي توتي تڪيلفا،

دارون انهيءَ درد جو، ڪن ماڻهو معالجا،

سي دائم دشمن تنهنجا، تو تن سان وير وڌا،

چوان توکي ڳالهڙي، سا پڻ سڻيجاه:

ته مرد مديني ۾ اٿئي، نبي نور خدا،

هر دل حامي هاشمي، اڙين آڌارا،

ٻڏن کي ٻانهون ڏَئِي، ڪڍي قريشا،

سڄن سڀڪنهن سپرين، احمد عزيزا،

هلي وڃ حبيب وٽ، لڪي لوڪ ڪنا،

جڏهن پهچين پرين وٽ، اٽڪل ساڻ ادا!

سچيءَ دل سادات کي، ڪج سجدو سلاما،

مڃج محمـّـد ڪارڻي، آڻي اعتبارا،

ڪج تون عرض ادب سين، نمي نيازا،

ته ڪندءِ شفاعت شافعي، احمد ادويا.

پوءِ هليو حبيبن ڏهون، گس وڍي گُرگا،

لِڪندو ڇپندو لوڪ کڀن، پاسو ڏئي پنها،

محمـّـد وٽ ماڻهو هئا، اَپر انسانا،

نزديڪ ناهر کي ڏٺو، ماڻهن ان مهلا،

ڪن تراريون تبرون، ڪن ترت کنيون تفنگا،

ڪن کنيا لڪڙ لٺيون، ڪن سٽي کنيا سوٽا،

مارڻ ڪارڻ مرونءَ جي، ڪن اُلرون انبوها،

پوءِ مرسل مرونءَ ڏي ڏٺو، کڻي ناز ڀريا نيڻا،

محمـّـد منع تن کي، ڪئي قريشا،

ته متان چئو مِرونءَ کي، گرگ ڪندو گويا،

مطلب مرونءَ جو ٻڌو، ذئب ڏيئي ذهنا.

پوءِ صبر ۾ سڀئي رهيا، ڪَيُن محب منعا،

داخل ٿيو درگاهه ۾، مسند محمـّـدا،

ڪري قدمن تي پيو، مرسل جي مهندا،

پوءِ محمـّـد مرونءَ کي پڇيو، محبن مذڪورا،

ته ڪهڙي ڏک ڏٻرو ٿئين، تون مرون مَلولا؟

تڏهن بگهڙ باتيون بيان ڪيون، اڳيئون عجيبا،

ته مون کي کاڌي کاڄ مؤن، لڳو هڏو حبيبا،

اهنج انهيءَ عذاب ۾، ٿو مران محبوبا،

ڪريو مون کي مصطفيٰ دانہ دوست! دعا،

درد دک دفع ٿئي، اَهُکو آزارا.

تڏهن چيس رسول رب ّ جي، عالم اماما،

ته ڪيا ڪِيس ڪبير تو، جيئرا جانورا،

مال مسڪينن جا گرگ ڪيئه غضبا،

تڏهن هيءَ توتي وڌي، مولـٖـي مصيبتا،

ساکئون سچي ڪر دل سان، عهد انجاما،

ته مور نه ڪنهن مخلوق جو، ڪرين ذئب! زيانا،

ته ڪرئي پنهنجي ڪرم سان، آگو علاجا.

تڏهن اڳيئون احمد ڄام جي، سچو ڪيو سخنا،

ته سچا رسول رب ّ جا، مٺا محبوبا!

ڪندس ڪنهن جو ڪين ڪي، ذرو زيانا،

تو وٽ هوندس، چونڪي ڏيندس، سدائين سيـّـدا،

دائم تنهنجي در تي، هوندس هميشا.

تڏهن نظر ناهر تي ڪيو، نرمل نور خدا،

ته نڪري پيو نڙيءَ مؤن، هڏو حڪمت سان،

نڪتس هڏو، جيءَ مڀن جڏو، فسق ڦڏو، ويس وسوسا،

پڇ لٽڪائي، ڦيريون پائي، نيڻ نمائي، مهندان محبوبا،

ڳڻ ڳائي، لوڪ سڻائي، سر گهمائي مٿئون معشوقا،

ٽيهه ورهيه حبيب وٽ، هيو حياتا،

لب نه لائي لحم کي، نڪو ٻيو طعاما،

آب نه پئي اُڃ کان، اصلئون اشربا،

عمر شوق شفيع جي، چونڪي چوڌارا،

نزم حرم حبيب جي، اوڪاري عدوا،

دشمن کي دهشت سان، ڏاڙهي پيو ڏورا،

سڄي عمر سجاڳ هو، نوم نه ڪئي ننهرا،

ويل مماتي مصطفيٰ، شافي ڪيس شفا،

مرون منجهئون ماڻهو ٿيو، مرڻ جي مهلا،

مقبرو موليٰ ڪيس، جنت البقيع ۾ جاءِ.

مرونءَ سان ”ماڇي“ چئي، مولـٖـي ڪئي مهرا،

پارئون حُب حبيب جي، ايڏو احسانا،

”فقير محمد“ چئي ڪڍو دغا دوراڪتا،

ڪفر ڪلمان قلب مؤ، مَٺائي مَڪرا،

مڃو محمـّـد ڪارڻي، ٻيا امر اگي جا،

چئو صلواتون نبيءَ شفيع تي دائم درودا،

ويندا سي، ايمان سان، ڪلمون جي ڪهندا.

لااِلا اِلا الله محمد رسول الله

 

مناقبو نبي صلعم جو: ڳيري وارو[8]

(چيل سارنگ پنهور جو[9])

 

اَلله جل ّ جلالہ صاحب ساراهن،

مالڪ ملڪن جو ڌڻي، آگو عالمن،

”جامع المعجزات“ ۾، ان پر ٿا لکن،

هڪڙي ڏينهن حبيب هو، احمد سان عربن،

مديني جي مسجد ۾، ويٺي وعظ ڪين،

پکي هڪ پيدا ٿيو، حاضر حبيبن،

اچي ڳيرو اوچتو، ڳِريو اُتي قدمن،

ڏڪيو اڳئيون ڏاتار جي، لرزيو منجهه لڱن،

ريٻاري رحيم جي، لِڪو منجهه لٽن،

عجب اصحابن کي ٿيو، حيرت منجهه هِنئين،

پانَوَ پکيءَ کؤن پڇيو، پاٻوهي پرين،

ته ڏسي سڌ سِگهو سور جي، جا مام تنهنجي من،

ڳيري ات ڳالهائيو، اڳيئون عجيبن،

ته سُڻو سڌ سور جي، ڪامل! ڪجو ڪن،

وير! ويٺو هوس وڻ ۾، ٻهڳڻ ساڻ ٻچن،

ڪيو ڪوڙي هيٺ سي، تاتيم ٿي طفلن،

چوڌاري چُونۡ چُون ڪيو، چُوڻي لئي چنبرن،

تان اڏامي هليس هاشمي! طعامي ڪارڻ تن،

جانب! اِنهيءَ جوءِ ۾، چونڊيم ٿي چوڻن،

باڪا! پيس باز جي، ور وسيلا ولهن،

سختي لڳم ساهه جي، ٿيو حال جان هيڻن،

حق حجازي هوت آهه، مرڻ مخلوقن،

پر مران انهيءَ مامري، جلان ۾ جشن،

ته ايندا اولاڪا اڳتئون، سختيون صغيرن،

ووءِ ووءِ، بنا وارثن، اهي نڌر ڪيئن نپجن؟

تيلانهون تنهنجي تڏي، آيس ضامن ضعيفن!

تڏ ڪئي قريشي ڪارڻي، نظر جان نيڻن،

باز ڏٺائون برجن تي، مٿئون منارن،

ٻوليون ٻولين پاڻ ۾، لاتيون لک لنون،

ڏٺئون ڏمرجي تنهن باز کي، احمد سان اکڙين،

شاهه چيو شهباز کي، ڪر نصيحت ڪن:

ڇڏ ته ويچارو ڇٽي، هَنيو جو هولن.

تڏهن باز بيان ڪيو، سڻايو کي سڄڻن،

ته، ڳيرو ڪڍيم قوت لاءِ وڏي ساڻ هنرن،

آيس شاهه! شڪار تي، وٺي شهبازن،

پر گهڙي ويو سو ويڙهه ۾، وارث منجهه وڻن،

لڪيو ٿي لامن ۾، ڇپيو منجهه ڇاڙهن،

اٿي ڀڳو ڀؤ کؤن، اڏامي ڏنہ عرشن،

اچي لڪو آهي احمدا، ڪامل! سندءِ ڪپڙن،

سو ڪڍي ڏيو ڪارڻي، باڪا بُکوين.

تڏ بهرور چيو باز کي، موٽي محبوبن:

ته هڪڙو مرض ماريو، ٻيو ڦٽيو فراقن،

سورن اڳي ئي ساڙيو، ٻيو دٻايو دردن،

تنهن سام نه ڏيندو سيـّـد اي پَر نه پيغمبرن،

وٺ ته توکي ماهه ڏيان، وڍي مؤن وجَهن،

مٺو ماهه پکيءَ جو، ڦڪو ماهه ماڙهن:

پر منهنجو مٺو مصطفيٰ، ڪنئرو ماهه ڪهن،

اتي احمد ڄام کي، چيو پَر ۾ پکيئڙن،

وڍي سو ڏاتار ڏيو، بچون کؤن بکن،

تڏ ظاهر زُري کي چيو، اتي اصحابن،

وٺ ته توکي ڏهوڻو ڏيون، لاهي لحم لڱن،

چي: ڪنهن جو وٺندس ڪين ڪي، سوا سپيرين،

تڏهن رکِي جا رخسار تي، ڪاتي ڪريمن،

وڍڻ لڳا ماهه کي، مَن پکيئڙن پرچن،

سڙيا اصحابي سوز ۾، پچن جان پتنگن،

ڏونگر سڀ ڏڪي ويا، افسوس ڪيو عرشن،

مَلڪن ۾ ماتام پيو، هَي هَي ڪئي حورن،

”پنهور“ چئي تنهن پر لئي، نت نت نيڻ ٽمن،

چلي ڳيرو، باز جي، ويو منجهه چنبن،

تڏهن پکين پڌري ڳالهه ڪئي، اُڀا ٿي ادبن:

اسين ملائڪ آهيون، منجهان مقربن،

آءٌ ملڪ ميڪائيل آهيان، هو جبرئيل چون،

مولـٖـي اسان کي موڪليو، ڌرئون ڏيهه ڌنين،

ته ڏسو رحم رسول جو، پنهنجي سان اکين،

تڏهن هلياسين آن ڏنهن، مفخـّـر مرسلن!

سچو آهين سيـّـدا! سچو منجهه سچن،

آهيو وسيلا واهرو، ڇپر ڇانوَ ڇورن،

”سارنگ“ چئي سر گهوريان، خنده منجهه خوشين،

ويندا سي ايمان سان، جي ڪلمون پاڪ پڙهن.

لا اِلا الا الله محمد رسول الله

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: طوطي وارو[10]

(چيل يار محمد مهاڻي جو[11])

 

ساراهيان سچو ڌڻي، آگو عليما،

جڳائي تنهن صاحب کي، سڀڪا ساراها،

ڪريان قصي جي ڳالهڙي، ماهيت مذڪورا،

سدا بلبل نه ٻولي، سدا باغن نه بهارا،

سدا جوڀن نه جواني، آخر ڪُل فَنا،

پڙهو صلوات رسول ڪريم تي، هردم هميشا.

سرور هليو ساٿ سان، مٺو محمـّـدا،

دور هو هڪرو وڏو درختا،

اچي ان وڻ هيٺان لنگهيو مصطفيٰ،

وڻ منجهان آواز ٿيو اهڙي طريقا:

عربي! تون ڀلي آهين، ڌُڻيل دوست خدا،

سڄڻ! تنهنجي سڪ ۾ ٿو ڦاٽان فراقا،

احمد! انهن جي ملڻ لاءِ هئس ماندو مشتاقا،

پرور لڳا پوريون ڪريو، آسون اميدا.

فرمايو اُت فضل سان، مرسل محمـّـدا:

مون کي تنهنجي حال جي، ناهي خبر ڪا،

هاڻي اُڏري اچ اسان ڏي، محبت رکي موهيا!

تڏهين طوطي عرض ڪيو، مهندان محمـّـدا:

اُڏري اچان اوهان ڏي، آهيان بيوس بيمارا،

کنڀ نه اٿم بندن تي، آهيان ٻٻيري جي مثلا،

شفا ڪريو مون مٿي، سهڻا سردارا!

ڪيس نظر نبيءَ ڪريم جي، مٺي مصطفيٰ.

حڪم ساڻ الله جي، ٿس پَر پيدا،

اڳوڻي کان اڳرو ٿيو، سَڌو سؤ ڀيرا.

اُڏريو ان وڻ مان، ڪري طوطو تنوارا،

ڪِريو اچي قدمن تي، ڪوڏُئون قبلي جاءِ،

هٿ چُميو پير چُمي، مٺي محمـّـد جا.

حضرت پڇيو طوطي کان، مڙيوئي مذڪورا:

ڪرحال، توکي هن وڻ ۾، ٿيا ڪيترا سال سڄا؟

طوطي ڪيو نبيءَ ڪريم سان، هن پر مذڪورا:

ته هو يهودي هڪڙو، بيحد بي ايمانا،

کڻايئين کوهه هن جاءِ تي، ڪيئي سال سڄا،

ڪئين خزانا خرچ ٿيا، بنيا ڪوٽ ڪفر جا،

محل ماڙيون رتل راڻيون، ڪندو هو سيرا،

وڻ رکيائين هر طرح، ٻيا باغ ۽ بنگلا،

ان وقت ۾ هو حياتي، منهنجو ننڍو ڀاءُ،

ويندا هئاسين ان باغ ۾، کائون ميوا موجودا،

ڪئين ڏينهڙا ڪيترا، گذريا سال سڄا،

ڦنگهه نه رهيم بدن تي، ٿيس ٻٻيري جي مثلا،

پوءِ بيوس رهيس اُن جاءِ تي اجها احمدا!

هڪ ڏينهن منهنجي ڀاءُ کي، هنيو ڪان ماريءَ مردودا،

اڏري آيو هن وڻ ۾، ڪري ٻولي ٻِهارا،

مون پڇيو ان کان، اهڙي طريقا:

ڏرمائين ڏک کان، ڪڄاڙي لئي طوطا!

چيائين مون کي پنهنجي خبر هن طريقا:

مون کي قهري ڪان هنيو، ماريءَ مردودا.

سڻي ڳالهه ڀاءُ جي، ڀيڙو ٿيس ڀَريا،

ڳل ڳراٽيون پاتم، ڇاتيءَ لائي ڀاءُ،

مون پنهنجو وس ۾، وڏا حيلا ڪيا،

ڏک لڳو ڀاءُ جو، مو سوين سُور سَٺا،

ڏک لڳو ڀاءُ جو، جلي ويا جيرا،

ٻولي ڪري ٻاٻِيهي، ڇڏيو دار دنيا.

جا وڻي رب کي، سٺي سهڻي سا،

ڪوڙيءَ هن دنيا تي، ڪونهي باور بقاء،

نڪي ڏسي ٿو پيڙهيون، نڪي نوان نشانا،

اهي آءٌ ساريان ٿو ڏينهڙا، مٺا محمـّـدا!

مون مٿي ٻاجهه ڪريو، خاوند لڳ خدا،

تڏهين فرمايو فضل سان مٺي محمـّـدا:

قادر انهيءَ ڪم لاءِ، مون کي مڪو آهه،

ڏک ڏکويل لاهجي، ڪجي مِهر مسڪينا،

ايڏا پکيءَ سان، واحد وڙ ڪيا.

اهڙا معجزانبيءَ ڪريم کان، ڪروڙين پدما،

يا رب ”يار محمد“ جي، ڪر اوکي آسانا،

سوکي ڪر سڪرات مون، ڪلمي ساڻ پساها،

چئو صلواتون سرور تي، جو مٺو محمـّـدا،

ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهندا.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله


[1] . جون ٽي روايتون مليون. هڪ وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان گل محمد آزاد کان، ٻي يار محمد مهاڻي جي قلمي نسخي تان ورتل ۽ ٽي رائچند (تعلقي مٺي) کان ملي. شاعر جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

[2] . هن مناقبي جي هڪ روايت اُتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان ملي، جا هڪ قلمي نسخي 1334 هجري تان ۽ ٻي روايت (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان يار محمد مهاڻي جي قلمي نسخي تان ورتل آهن.

[3] . سوانج عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

[4] . هن مناقبي جي روايت اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

[5] . سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشہ ص 47.

[6] . هن مناقبي جي روايت اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد ان ”آصف“ کان ملي.

[7] . سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشہ ص 47

[8] . هن مناقبي جون ٽي روايتون اتر مان غلام نبي (تعلقو ڏوڪري) ۽ عبدالرزاق (تعلقو روهڙي) کان، ۽ لاڙ مان عبدالله گندي (تعلقو ٺٽو) کان مليون. عبدالرزاق کان پهتل روايت موجب ’افضل مهيسر‘ جو چيل آهي. ان ۾ هيءَ مصرع موجود آهي: ”افضل چوي احمدا! ڇٽان کان ڇهين“ ۽ عبدالله گندري جي روايت موجب ’غلام محمد بگائي، جو چيل آهي. جنهن ۾ ان جي مشهور مصرع موجود آهي: ”چوي غلام محمد نالي غلامن“.

[9] . سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

[10] . هن مناقبي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان يار محمد مهاڻي جي قلمي نسخي تان ورتل آهي.

[11] . يار محمد مهاڻو ڳوٺ کوکر تعلقي ٽنڊي الهيار ضلعي حيدرآباد جو ويٺل آهي. اندازا 1918ع ڌاري ڄائو. مولودن جي شغل ٻڌڻ جو شوقين آهي، بعضي مولودين سان گڏ شغل ۾ به حصو وٺندو آهي. ڪيترائي مولود، مداحون ۽ معجزا کيس ياد آهن، ۽ وٽس قلمبند ٿيل آهن. پاڻ به ڪجه معجزا ۽ مناقبا چيا اٿس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org