سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناقبا

باب: -

صفحو :6

 

مناقبو نبي ﷺ جو: قيصر شهنشاهه وارو[1]

(چيل خليفي غلام الله ڪلهوڙي جو[2])

 

ثنا صاحب کي جڳائي، سدا ساراها،

جو آڳاٽو عالم کان ٻيا پوءِ ٿيا پيدا،

مَلڪ، فَلڪ، عرش، ڪرسي، زمين زمانا،

ڪک، ڪِيوَل ڪانڪا، توڙئون نا تارا،

بر، بحر، جبل جوڙ نا اصلئون ابتدا،

هِيرَ، هوا هِتي نڪاح، باغ نه بهارا،

جن و انس جن جي، اکر نه اَعربا،

نڪو شعاع شمس جو، بوءِ نه بهشتا،

دوزخ دڙڪو ڪونه ڪو، الف نه آلاپا،

لامڪان لوح نا، قلم نا ڪِلڪا،

تڏهن سرور سهڻو، پرور ڪيو پيدا،

محابي محبوب جي، ٿيو هرڪو هويدا،

مان، تون مخلوق ٿياسين، تنهن جي طيفلا،

نه تان ڪهڙي ڪاڻ ڪريم کي، غني ناغرضا،

جي اُپائي اسرار ها، ڪوڙئين قسمن جا،

پر دلبر لاءِ دليئون ڪبا، آهن سهس سينگارا،

ته سدا سرهو سو هجي، محبت معشوقا،

تڏهن تنهن ڪارڻ ڪيائين، عجائب عجبا،

چارئي تنهن جي چوطرف، ٿيا ڏِيا ڏيهن جا،

هڪ ابوبڪر، عمر ٻيو، يون عثمان، عَلِيا،

حسن، حسين حمايتي، اصحابي اعليٰ.

هاڻي هن حڪايت جو، ڪيان نقل نروارا:

قناعت ۾ ڪريم جي، حيرت حيرانا،

آندم ’دليل احسان‘ مان، تنهن جو تفصيلا،

ڪيڏا بار برهه جا، ٿي سَٺا سڄڻيا،

دوست دوستن جا سهن، ارٺون ۽ اهنجا،

تان ڪڏهن گذريا ڪريم کي پنجويهه ڏينهن پورا،

فاقي ڪندي فائق کي، تصديع تڪليفا،

ڪي موجود ڪين ٿيو، جو ڪن قوت منجهه قلبا،

تڏهن ڪيائون دليل دل ۾، اِهو ايرادا،

ته وڃان بيبي فاطمة وٽ، ڪارڻ طلب طعاما،

متان ڪي موجود هجي، کِيَڻ خوراڪا،

حضرت علي آندو هجي، ڪو ڪري شڪارا.

تڏ هلي دروازي تي اچي، بيٺا ڀلارا،

ٽي ڀيرا سڏ ڪيائون، تان ٻڌو بيبيءَ آوازا،

آخر بيخبر ٿي ڪِريا، سڄڻ سونهارا،

ساعت پڄاڻان خاتون خيال ڪيو، دل ۾ دليلا،

ته ڪو سائل هئو در تي، نه لڌم تنهن جي ڪا خبرا،

تان اچي ڏٺائين ته ڪو پيو آهي، درويش بيهوشا،

ڏسي موٽي پوئتي، بيبي ڀلي سا.

تان آواز آيو الاهي، ته لهه خبر هن فقيرا،

هي نه آهي فقير ڪِي، مگر پيءُ تنهنجو عالم اماما.

ڏسي پوءِ راڙين ڪيون، بيبيءَ بلڪلا،

سؤ ڀيرا ساهه سا ڪَرَ ڪري قربانا،

چي، اي ابا! ڇا کؤن ٿئين بيهوش بيخبرا؟

تڏهن فرمايائون، فاقي سبب ٿِيس ناطاقتا،

چيائين مون کي معاف ڪريو، بيبيءَ اُتو، بابا!

اسان کي پڻ ٽيون فاقو آهي احمدا،

سبب جنهن جي اکين ۾، ٿيم انڌاري اصلا،

تڏهن نه سڃاتم سُپرين، سيد! تو صحيحا.

وري بورچيخاني ۾ ڏٺو دکندو دونهون دوُدا،

پر بيبي الي ٿي اسان ڪَنا، توڙئون طعاما،

وڃي ڏٺائون پاڻ، ديڳڙو آتش تان،

لاهي سرپوش ڏسن، ته آهن پاهڻن پرزا،

ٿا رجهن ديڳڙي ۾، طعام جي بدران،

تڏهن پڇائون بيبيءَ ڪنا، پاهڻن جي خبرا:

چي، ڪي ڏينهن گذريا آهن، امام حسن، حسينا،

جو ڪيا آهن فاقي سي، همہ حيرانا،

ڪارڻ دلاسي تن جي، اٿم چاڙهيا پَٿرا،

ته مانَ ڪن صبر ساعت، سڄڻ سونهارا،

ٿئي تسلي تن کي، خاطر خوش حالا.

جڏهن ٻڌو احوال هي، سرور سردارا،

تڏهن رسول هليو، صحرا ڏي صحيحا،

ته ڪري ڪمائي آڻيون، مزوري مورا،

جو فاقي فنا ڪيڙو، اهل اولادا،

پوءِ ويندي گڏين واٽ ۾، دنبيُنِ ڌنارا،

تنهن پڇيو پرينءَ کان، ته آن ڪٿي جو مردا؟

مزوريءَ لئي ملڪ مان، نڪتس ناگاها.

تان چيو ڌنار دوس کي، ته تون سڃاڻين سردارا؟

جي نبي نور جهان جو، عالم اماما،

ٿو ٻوجهي مديني ملڪ ۾، آڙين آڌارا.

پوءِ چيائون تنهن کي، ته تون پڇين ڇو پارا؟

چي، نذر لاءِ نبيءَ جي، ٿم باسيا بسيارا،

دُنبا، دنبيون ڪيترا، ڪارڻ ڪريما،

في سبيل الله ۾ ڏيندس ڏاتارا،

جي تون هلين همراهه ٿي، مديني ماڳا،

ته توکي تمام خوش ڪريان، ڏئي مِلڪ مالا.

تان چي، مَرضي تنهنجي، اُن ۾ منهنجو نڪو غرضا،

موڪل يا نه موڪل، تنهنجو اختيارا،

مگر مون کي ڏس ڪو، مزوريءَ ماڳا.

چي، ونءُ قيصر بادشاهه وٽ، اُت ٿي ڪم ڪثيرا،

حشمت لشڪر حشام ٿئي، بيحد بسيارا،

گوسفند، گهوڙا گهڻا، شتر نه شمارا،

ڪارخانو ڪِمام وڏو، توڙئون تماما،

چاليهه مرد ٿا ڪڍن ٻوڪو ٻيهارا،

تڏهن پِين ٿا پاڻي، مال اُٺ ۽ گهوڙا،

ڏهه کارڪون ٿيون ملن، هڪ هڪ مزورا،

اُتي ڪم ڪثير ٿئي، جي وڃين ورياما.

پوءِ ويو وير وڌي ڪري، اوڏانهن احمدا،

ڏٺا سي ڏيهه ڌڻيءَ چاليهه مرد سڄا،

جي ٿا ڇڪي ڪڍن ڇوهه مان، دلير سي دلوا،

پيارين ٿا گهوڙا، گوسفند، شتر شابا،

چيو تني کي چاڳلي، ته رکو مون کي منجهه ڪمڙا،

ڪيان مزوري اوهان سان، مان پڻ اي مردا!

چي، رخصت وٺ ساهه جي، اسان تان نه اِذنا.

پوءِ ڪنهن چيو بادشاهه کي ته ڪو مسافر مردا،

جو آهي نيڪ مرد طمعناڪ، سهڻي شالورا،

مزوريءَ لئي مرد سو، آ بيٺو بسيارا،

دَلوڪشيءَ جو دادلو، آ طالب تماما.

تڏ وصف ٻُڌي وريام جي، نڪتو بادشاها،

ڏسي شڪل شفيع جي، احسن اخلاقا،

پڇيائين پرينءَ کان، ته آئين ڪٿئون تون مردا؟

چي، آيس مديني ملڪ مان، لئي مزوريءَ مورا.

پوءِ قيصر چيو ڪريم کي، نه ڪر مزوري موُرا،

مون اُٺ، گهوڙا، گوسفند هِن باسيا بَهوُتا،

ڪارڻ نياز نبيءَ جي، خالص خيراتا،

تون وڃ همراهه هلي ڪري، تنهن سان تماما،

ته توکي اُجورو ايترو ڏسندس ڏاتارا،

جو هميشه نه ڪنين، مزوري مورا،

ساري عمر هوندين سکيو سريرا،

چي، آءٌ نه اصلي، قاصد ڪو اصلا،

جو پهچايان پرينءَ کي، اهڙا نيئي اشياء،

آهي مرضي تنهنجي مطلقئون مورا،

موڪل يا نه موڪل، ان ۾ منهنجو ناغرضا،

مون کي طلب مزوريءَ جي، اُجوري اصلا،

جي ڏئين اُجورو، ڪم ڏئين ته ڪريان سو ڪارا،

نه ته وڃان ڪنهن ٻئي طرف ڏي، ڪارڻ محنتا.

چي، مون مزور اڳي ڪيا، آهن اءن طرحا،

جو ڏهه ڏهه ڏيان کارڪون، هڪ هڪ هر روزا،

جي قبول تون ڪرين، اهڙو اجورا،

ته بيهاريان آءٌ توکي، سچ پچ صحيحا.

تڏهن فرمايو فائق، ته جي ٻوڪو ڪڍان مان تنها،

ته ڏئي اُجورو ڪيترو، قيصر بادشاهه؟

چي، تڏهن به ڏهه کارڪون، وڌ گهٽ نا اصلا.

تڏهن قبول ڪريم ڪيو، اهوئي اُجورا.

پوءِ وڃي انرئون موڪليو، بادشہ طعاما،

ته کائي خوب خوش ٿي، ڪري پوءِ ڪمڙا،

تڏهن ڏسي طعام تيار ٿيو، لئي کائڻ خليلا،

جو فاقي فائق کي ڪيو هو همہ حيرانا،

جڏهن کڻي لقمون، ٿي وڌو ۾ واتا،

ته آيو وحي واحد جو، هڪدم هيڪارا،

چي، اي نبي جهان جا، سڀني سردارا!

سلام صلواتون چيون، توتي تبارا،

چي، اي محبوب منهنجا آهين به عجيبا،

حسن، حسين حيران هِن، منجهه فاقي في الحالا،

تون هِت کائين خوشيءَ سان، طلب مان طعاما،

اهو لائق نه اصلي، احمد عجيبا!

هُت صاحبزادا سورن ۾، تون هِت کائين خليلا!

تڏهن آڻي آب اکين مان، ڪڍيو لقمو لطيفا،

اڇلي ڇڏي عربيءَ قصدئون ڪريما،

ته شڪر جو نه کاڌم اڃا، مورئون مطلقا،

نا ته ٿئي ها ميار مون مٿي، محبوبن جي مُورا.

پوءِ موٽي مرسل اٿيو، اتهون احمدا،

اچي دلوڪشيءَ جو دادلي، ڪيو ڪمرو شروعا،

جڏهن ڇڪي ٻوڪو ڇوهه مؤن، آندو اڌ وٽان،

تان ٿيو حڪم حڪيم جو، جوُدئون جبرئيلا،

ته ڇني ڇڏ تون ڇوهه مان، ٻوڪو ٻيهارا،

جو محب منهنجو ٿو ڪري، مزوري مورا،

سهان نه سڄڻ جي مٿان، توڙئون تڪليفا،

پر آهي آزمائش اُن ۾، محبن لئي موُرا.

پوءِ جڏهن جبرئيل ڇِنو، اچي ٻوڪو ٻيهارا،

تڏهن خبر پئي بادشاهه کي، ٿيو ڪاوڙ ۾ ڪارا،

ڏمرجي ڏمر مؤن، آيو اُن ويرا.

نالائق، نبيءَ کي ڏنا اُت ويڻا،

چي، ڪيئن ڪيرايئي کوهه ۾، دلو دُرستا؟

ضرورت هئي پاڻيءَ جي، بيحد بَهوُتا.

پر ڪيو شڪرانو شاهه ٿي، هردم هر وقتا،

ته جي تون رب! راضي ان ۾، ته مون کي آمنا،

اسين راضي اُن ۾، جنهن ۾ تنهنجي رضا.

آخر قيصر بادشہ، ڏني رخصت رسولا،

ته وڃي ٻئي هنڌ ڪَر تون، مزوري مورا،

اسان وٽ نه آهه ميان! تنهنجي ڪا طلبا،

تڏهن سرور سهڻو، هليو اُن هنڌا،

اچي ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي، رسيو رسولا،

اُتي ڏٺائين هڪڙو، حبشي هُشيارا،

جو ويٺو هو ڪرسيءَ تي، جا هُئي سون ورتا،

ماڻهن مزورن ميءَ جو، ڪيس ٿي ڪمڙا،

تڏهن چيائين تن کي، اي ميان مزورا!

مان کي مزوري ڪرڻ جو، آهي ايرادا.

چي، اچي ڪر اسان سان مزوري مردا!

تڏهن چيائين تن کي، مٿي هن شرطا،

ته ٽن ڪمن کي، جي ڪريو قبولا:

هڪ رخصت نماز جي، ٻي سمهڻ سهولتا،

جتي وڻيم اُي سمهان، ڪريو نا منعا،

يون سائل جي ڪري، مون کي سُوالا،

ته ڏيو مهلت مونکي، ڪريان تنهن ڪمڙا.

تڏهن ڪيا قبول سي، حبشي هِيءَ حالا،

پوءِ ڪيائون مزوري تنهن جي، وڏي صدق منجها،

تان جڏهن وقت شام جو، اچي ٿيو اوڏا،

تڏ وٺي مزوري مرد کان، ٿيا گوشي نشينا،

عبادت سان الله جي، مشغول محبوبا،

سبب اهنجن عيال جي، فاقي فقرا،

آهون احمد ٿي ڪيون، قصدئون ڪريما،

هڪ تصديع هوت کي، ٻي مسافري مورا،

ٽيون اولاڪو عيال جو، سِر تي صحيحا.

تڏهن حبشيءَ هيءُ ڪيو، فڪر في الحالا،

ڏسي نيڪي نبيءَ جي، ۽ مسافري موُرا،

ته ڪٿي سمهيو وڃي، هيءُ مسافرا،

تفحض ڪيائين تمام ني، بيحد بسيارا،

ته ڏٺائين ڳوليندي، گوشي نشينا،

عبادت الله جي سان، آهه مورئون مشغولا،

تڏهن ڪيون ڪُرنشيون ڪيتريون، حبشي هزارا،

اڳيؤن احمد ڄام جي، محمد موچارا،

هٿ چُمِي، پير چُمي، چوڏس چوڌارا،

چي، مون کي ڪر معاف، اي احسن اخلاقا!

خطا ڪيم خامي، توڙئون تقصيرا،

جو ڪرايم ڪم تو ڪنان، ميءَ جو موُرا،

ڀُلي نيڪ ڀلاري کي، ڏنم جور جفا.

اِئين ڪندي آئيو، وحي واحد کان:

ته هاڻي ڪر حال تون، احمد آڌارا،

ظاهر ذرو پرزو ڪر، هڪدم هيڪارا،

اڳيؤن هن حبشيءَ جي، منڍئون مذڪورا،

جو آڻيندو اسلام کي، ترت تو اڳا.

تڏهن موجب حڪم جي، ڪيو احمد احوالا،

سارو سلامت سڀ پرين مٿانئي موُرا.

حبشي ٻُڌي حيران ٿيو، آندائين ايمانا،

ڪلمون ڪَهي قرب مان، صدقئون صحيحا،

ٿيو داخل دين ۾، آڻي اسلاما،

قدمن تي ڪِري پيو، هڪدم هيڪارا.

تڏهن احمد ان کي، ڪيو ڀاڪر ۾ بغلا،

ڏئي تعظيم تنهن کي، رکيس نالو نبيا،

بانگو ’بلال‘ ڪري، شرفئون شفيعا.

ٿيو اصحاب احمد جو، بانگو ’بلالا‘،

ڪيو سڀ مال متاع تنهن، دل سان خيراتا،

منجهه واٽ الله جي، توڙئون تماما،

جيڪي باقي بچيو، سو کيائين همراها،

کڻي اُٺن تي آئيو، منجهه مديني شهرا،

تِهان پوءِ معلوم ٿيو، قيصر بادشاها،

ته آيو هو اسان وٽ، محمد مهندارا،

نبي نور جهان جو، اڙين آڌارا،

هلي مديني ملڪ مان، لئي مزوريءَ موُرا،

اچي ٿيو نوڪر هو، سو احمد اَمينا،

تڏهن ٿيو پشيمان پر ۾ همہ هيرانا،

ڪيائين سوال ستار کي، عجب افسوسا،

ته خطا ڪيم خداوند هيءَ، ايڏي عظيما،

بي ادبي بيحد ٿي، موليٰ! آ مون کان،

جو آيو عربي ڄام هو، مون وٽ مهندارا،

اَجهو، اوٽ اڙين جي، سڀني سردارا،

شڪر نه ڪيم شاهه جو، هَي هَي ٿم حيفا،

قدر نه سڃاتم ڪريم جو، جو ملڪن مختارا،

فيض نه پِرايم فائق مان، ڪيم ظلم زيانا،

لَپاٽ هنيم لطيف کي، مُنهن مبارڪ مٿا،

شل سُڪي ها هَٿ سندم، تنهن دم تڪرارا،

جو ٿيو سامهون سائينءَ جي، هَيلَ هيڪارا،

پيم ڪاڻِ ڪريم ڏنهن، هَي هَي ٿم حيفا،

شامت مون کي شرير ڪيو، بيحد بي بختا،

هوت وڃايم حُب ۾، هَٿ کؤن هيڪارا،

ڪهڙو حال ڪريم ڪندو، سائين ستارا،

هاڻي مون کي هيءُ ڀَلو، بيحد بسيارا،

ته هڪدم وڍيان هَٿ کي، ڪپي ڪاتيءَ سان،

جنهن سان هنيم حبيب کي، هٿ لوڏي لپاٽا،

طبق ۾ تنهن کي رکي، نيان نرمل اڳيا،

اُڇلايان احمد اڳيئون، سَي سو صحيحا،

معاف ڪرايان مير کان، خاطي خطايا،

پائي پاند ڳچيءَ ۾، پُڪاريان پريان،

سرچي مانَ سچو رسول، مُلڪن مختارا.

تڏهنکڻي ڪاتِي قصدکؤن، بلڪل بادشاها،

وڍيو هٿ هڪدم، تبرؤن تماما،

ڪپي ڪاوڙ کؤن وڌو، طبق ۾ توڙا،

هليو حضرت حبيب ڏي، مديني مَلڪا،

کڻي نذر نياز ڀي، سَوين سوغاتا،

جڏهن آيو مديني کي، ڪَهي قريبا،

تڏهن وحي ويام ڏي، آيو احمدا،

ته اي امام عالم جا! سڀني سردارا،

فرمائي فضل سين، ٿو قادر ڪريما،

ته وڍيو هٿ حضور ۾، ٿو اچي تو اڳيا،

قيصر بادشاهه روم جو، روئندو رسولا!

هَنئين جنهن هٿ سان، لعلڻ! لپاٽا،

تنهن کي معاف مون پرين، ڪر توڙئون تقصيرا،

خطا تنهن خاطيءَ جي، ڪر معاف محمدا،

آڻيندا ايمان کي، توتي تيارا.

جڏهن نزد نبيءَ جي، آئيو اُن ويرا،

ڪري سلام سيد کي، ٿيو ويجهو ورياما،

تان اُڇلي هٿ اڳيئون وڌو، قيصر قصد منجها،

چي، هي هٿ بدبخت مون، سوئي سردارا!

جنهن بي ادبي بيحد ڪئي، سائينءَ سان صحيحا،

مون کي مَٺو سو لڳو، ڪہڙو ڪَسارا،

وڻي سو وريام! نا، هرگز هر وَجها،

ساڙي سٽيان تنهن کي، ڪري قربانا،

توڙي مال متاع ڀي، اهل اولادا،

سڀئي سوَ سوَ ڀيرڙا، ڪريان قربانا،

گولو گولن جو هجان، ڪتو ۽ ڪلبا،

هَي هَي! مون کي حيف آ، ووءِ ووءِ واويلا!

سڃاتم نه سيدا! شان تو شرفا،

خبر خليل نا، مورئون مطلقا،

ته ڪو دوست آيو در تي، منهنجو محبوبا،

ڪرين معاف ڪريم تان، احمد اختيارا.

مشفق معافي پوءِ ڪئي، تنهن کي تقصيرا،

ڀيڙي ڀاڪر ۾ جهليو، محمد مهندارا،

تواضع تنهن کي ڪيو، مڙني مهندارا،

دعا تنهن کي دوست ڪئي، فائق سان فضلا،

ته اي الــٰہ عالم جا ڌڻي، سائينم سٻاجها!

هن بندي بيشڪ تنهنجي، آندو اسلاما،

داخل ٿيو دين ۾، آڻي ايمانا،

اُمي ٿيو اسان جو، داخل منجهه دنيا،

ڪر هدايت هن کي، لطفئون لطيفا،

بخش گناهه، ڀَلو ڪين، تنهن تبارا.

تڏهن دعا دلبر جي ڪئي، قادر قبولا،

قيصر پڙهيو ڪلمون، هڪدم هڪ ويرا،

پوءِ کڻي هٿ حبيب رکيس، ٻاجهئون ٻانهن مٿا،

ڦيڻو وڌائين فضل سين، تنهن کي تنهن ويرا،

تڏهن ٿيو درست دست تنهن ساڳيو صحيحا،

سالم سڄو سو ٿيو، اهڙو ئي اصلا،

جهڙو جوان اڳي هو، سربستو صحيحا،

عجب اهڙو معجزو، ڪيڙو ڪرياما.

احمد انهيءَ طرح ڪئي، محنت مزدورا،

حلال وَجَههُ جو حبيب ڪري، کاڌو خوراڪا،

توڙي فاقو فائق کي، هئو هڪ وارا،

تڏهن به طلب حلال جي، ڪئي ڪريما،

توڙي دادلو داور جو، هئو هردو سريٰ،

جنهن کي جهانن ٻنهي جي، هُئي وارثي واڳا،

اختيار احمد چام کي، هئو دنيا آخرتا،

جنهين لاءِ جهان ٿيو، توڙئون تيارا،

شرف تنهن جي شان جو، مَٿو نا موُرا،

عرش لتاڙي آسمان، ويو لامڪان لعلا،

ٿيو ذات هڪ وڃي، مولي سان موُرا،

اهڙو شان شفيع جو، اُتم ۽ اعليٰ،

مثل جنهن مان نه ڏسان، هِت هُت هويدا،

تنهن ڀي هوت حلال جي، ڪئي محنت مقتا،

ڪريان ها اُن وقت ۾، جيڪر جان فدا،

جڏهن جانب ٿي ڪيو، اهڙو جور و جفا،

سختي سردارن سهي ڪئي هَي هَي هلاڪتا،

اي نفس ناقص نگاهه ڪر، سست سَفيها!

جي وِرَءُ ويلي جي نه ملئي، ته ٿِين همہ حيرانا،

حرام کان نه هرگز ڪين، پاسو پرهيزا،

ڊڄي ڪر ڪو ڊاءُ ڀي، خالق جو خوفا،

طلب تمام حلال کي، ڪر وَجههُ هر ويلا،

توبهه ڪر تمام تون، سچ سچ صدق منجها،

ته لهين لذت لقاء جي، ذوق سندو ذڪرا،

الاهي اسرار جو، ماڻين مذڪورا،

رَس راحت راز کي، هردم حضورا،

رکين رب احد تون، مڙئي مسلمانا،

ڪنان قوُت حرام جي، اُمتي احمدا،

حُرمت حبيب ڪيم جي، دادلي دوسا،

جنهن کنيو بار بحال سو، عاصين جو اَصلا،

ڇڏيندو نه ڇَپر ۾، اڙين آڌارا،

اجهي جني آسري، آهه هرڪو هيڪارا،

هي گولو ”غلام الله“ آ، سگ تنهنجو صحيحا،

سائينم سٻاجها ڌڻي! سڻ عاصيءَ جو عرضا،

ڪرين قبر ڪريم وٽ، مديني ماڳا،

پيراندي پرينءَ رسول جي، هيجان شل هجان!

عرب جي امام کي ٿو ساري ساهه سَدا،

شل پُڄي آس اندر جي، مقصد مُرادا،

موُن جهڙو ملڪن ۾، نه آهي عاصي اصلا،

گناهن جي غير ۾، ٻڏل ٻيهارا،

ڪرم ساڻ ڪريم شل، بخشي بيڪارا،

ڪلمون ڪُلِني کي ڪرين، نوري نصيبا.

لاالـــٰـہ الاالله محمد رسول الله.

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: بکايل شخص وارو[3]

(چيل فقير محمد ماڇيءَ جو[4])

 

راوي روايت ٿو ڪري، اِبن عباسا،

ته آيو شخص هيڪڙو اصحابن منجها،

هئو تاجر مال جو بيحد بسيارا،

اڳيئون احمد ڄام جي، اچو ڪري عرضا،

ته سچا رسول رب جا، مرسل محبوبا!

ضامن ضعيفن جا، قيامت جي ڏينها،

مرسل! منهنجي گهر اچو، ڪريو شفقتا،

وٺو دعوت منهنجي، ڪري ڪو ڪرما،

ته ٿئي مال منهنجو، وَجَہُ حلالا،

ريءَ کاڌي شفيع جي، ناهي درستا،

دعوت ڏئي رسول کي، موٽي ويو گهر ڏانہ،

طرح طرح جا تيار ڪيئين، طعام تنهن ويرا،

مَٽ ماکين مصرين جا، ٿيا شيرين شربتا،

هنڌ هزارين ٺهيا، جايون جنسارا،

چؤرنگ چوڌاري اَڏيا، ڇانوَن ڇڻڪارا،

کستوري خوشبوءِ جي، ٿي هر هنڌ هٻڪارا.

جُنگ آيو اُن جاءِ تي، گهِڙي گهوٽ گهَرا،

اچي ويٺو کٽ تي، خاصو خير وريٰ،

ماڻهو سڀ مطيع ٿيا، جيڪي هئا گهَر جا،

هٿ ٻڌي ڪن حاضريون، اڳيئون عجيبا،

ڪن قربانيون ڪيتريون، گهورون گهوٽ مٿا،

آڻي حضرت کي ڏنئون، طعام تنهن ويرا،

هڪ خونچو پُلاءَ جو، خاص کِيڻ منجها،

ته آيو اُنهيءَ مهل ۾، هيڪڙو شخصا،

هئو بکايل بُک ۾، ڪفارن منجها،

اچي التماس ڪيائين، احمد جي اڳيا،

ته سچا رسول ربّ جا، مدني محبوبا!

آءٌ آزاري آهيان، مرسل! مريضا،

پيٽ نه ڀرجي منهنجو کاڌي کيڻ منجها،

بک نه لهي مون ڪنان، سارو ڏينهن کِيان،

ڪَيمَ دوائون درد جون، احمد! علاجا،

ڦڪي فرق نا ڪري، ويتر طعام کِيان،

ڪيو دوا هن درد جي، منهنجا محبوبا!

ته آڻيان ايمان تو مٿي، ڇُٽي کان مرضا.

تڏهن فرمايو حبيب خدا جي، انهيءَ مريضا،

ته لاهه غسل تون پانهنجو، آهين غليظا،

پاڪ ڪري اچ ڪپڙا، پنهنجي پرهيزا،

اچي کاءُ مون سان، هيءُ لقمو لذيذا.

امر سان احمد جي ڪيائين غسلا،

پاڪ جُسو ڪيائين پانهنجو، انگ جي پوشاڪا،

اڳيئون احمد ڄام جي، اچي سان ادبا،

پڙهي ’بسم الله الرحمٰن الرحيم‘ اچي کپيو خُبزوچا،

گڏ کاڌائين کومچو ماني محبوبن سان،

اڌ رڪيبيءَ ۾ هئو، اڃا انهيءَ طعام منجها،

ته هٿ ڪڍيائين طعام مؤن، اڳ حبيب ڪنا،

ٿيو ڍاوَل ڍؤ ۾، تنگي ويس تَن مان،

پڙهيائين ڪلمون نبيءَ شفيع تي، صلواتون صحيحا،

ڪفر ڪڍيائين قلب مؤن، فڪر فسادا،

ياري يقين سان رکي، دل ۾ دائما،

”ماڇي“ چئي مرسل جي، ٿيو شامل سان شرعا،

”ماڇي“ چئي ڏس مشرف ڪيا، مرسل ڪئين موڳا،

ڀَلو ڀلايون ٿو ڪري، احمد اڙين سان،

لَڪَ لنگهائي، بُکيا ڍائي، بديون بخشائي آگي جي اڳيا،

”فقير محمّد“ چئي، مرسل مڃو، مٺو محمّد مصطفيٰ،

ڪين وساريو ڪارڻي، خاصو دوست خدا،

آهي توشو تار جو، ٻي ڪنڌي مُور نه ڪا،

چئو صلواتون رسول ڪريم تي، دائم درودا،

ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي ڪهندا.

لا اِلله اِلا الله محمد رسول الله

 

 

مناقبو نبي صلعم جو: ديوَ وارو[5]

(چيل مخدوم غلام محمد بگائيءَ جو[6])

 

حامي حيدر ٿو چوي، مانجهي مُرتضيٰ:

ته جمع جانيئڙن سان هئس هڪ ڏينها،

ساڻن صحبت ٿي ڪيم، ويٺي ورونها،

ته مرد مسافر هيڪڙو، پيرسن ٿيو پيدا،

ڪُٻو شيخ ڪبير هو، ڪُهنو ڪسابا،

لُڏي هليو ٿي لَٺِ تي، نوڙيو نروارا،

اچي ڪيائين ادب سان، سهسين سلاما.

پڇيو پرئي مُڙس کؤن، مٺي ﷴ:

ڪير آهين، ڪٿان اچين، اي مسافر مَردا؟

گهڻا سنڀرين مال تون، سُڌ ڏي صحيحا.

تنهن شرح شافع سان ڪيو، بيهي بيانا،

ته دلبر! ديو آهيان، جانب جنْن منجها،

پوٽو عزازيل جو، آهيان، سڳو سردارا!

جڏهن عزازيل اُڀن مان، ٿي تڙيو تبارا،

وارث! اُنهيءَ وقت ۾، هئس جابر جوانا،

جڏهن حضرت هابيل کي، ٿي ڪُٺو قابيلا،

ڪامل! انهيءَ قضئي ۾، هئس حاضر حبيبا!

هئس هيڪاندو حضرت نوح سان، منجه طلب طوفانا،

حضرت ابراهيم اکين سان ڏٺم ڏينهن گهڻا،

اپرا اسمٰعيل سان ڪيم ريجهون رهنما!

هئم يارانو يعقوب سان، منهنجو مجازا،

ڪامل هئس ڪليم وٽ، اَڪثر اَياما،

دل هيم دائود سان، منهنجي مرغوبا،

صحبت سليمان سان، ٿيم نعمت نصيبا،

اُلفت عيسيٰ سان هئي مون کي محمْد!

مڙني مرسلن سان ڪيم ويهي ورونها،

تن سڀن کان مون سُئي، تنهنجي تعريفا،

سڀ سِڪندا هئا توکي، ساريندا صحيحا،

مشرق مغرب ملڪ جو، ڪيم سير سردارا،

بَر ٿَر بحر مڙيئي، ڪامل! ڪوهه قافا،

پکي پکڻ پرندا، جيڪي جانورا،

وڙهن روءِ زمين تي، جيڪي چَرند چوپايا،

سڀني صلواتون ٿي پڙهيون، توتي تڪرارا،

شرف تو شافع جهان جو، ڏٺم ڏينهن گهڻا،

سِڪ منهنجي ساهه کي، آهي محبت مجازا،

هاڻي اُمْتي حضرت نبيءَ ڪريم جو، مون کي ڪر موليٰ!

قادر رب ْ قبول ڪيا، سندم سوالا،

جيءَ گُهريا، مون کي موليٰ ملايا،

اوجاڳا اکين جا، منهنجا سڀئي صاب پيا،

هاڻي حضرت هاشمي! توتي آندم ايمانا،

پرين، توتي ٿ پڙهان، ڪلمون ڪريما،

سو مرد مسلمانءِ ٿيو، آندائين ايمانا،

داور اهڙي ديوَ سان، قادر ڪرم ڪيا،

ايڏيون ڪرم ڪرامتون، آهن نبيءَ نورسندا،

سو ڪيئن ڇڏيندو اُمتي، پيغمبر پنهنجا،

تن کي تِک تار مؤن، ڪاريندو اجمدا،

مرسل سندي مدح کان، ماٺ مور نه جُڳاءِ،

چوي ”غلام ﷴ“ نالي غلاما،

ڪلام سان قبول پوي، منهنجي مدح قبولا،

هجان حاضر حضور ۾، منجهه مجلس ﷴ،

جيئري من جاني ڏسان، جنهن تان جان فدا،

ڪلمي ساڻ ڪريم جي، شال! پُڄنم پساها،

ويندا سي ايمان سين، ڪلمون چون مُها.

لا اِلہ الا الله محمد رسول الله

 

 

مناقبو نبي صلعم جو: ٿنڀ وارو[7]

(چيل رمضان واڍي جو[8])

ڪريان مدح ٿو هيڪڙي، سا پڻ سڻيجاه،

آهي ڪتابن ۾، هيءَ سچي حديثا،

ته هئا، مڪْي معظم ۾، نبي نورهديٰ،

ڪنهن ڏينهن مسجد ۾ هئا، ويٺا ورياما،

تان ٿَنڀ کِليو ٽهڪ ڏيئي گهڻي خوشيءَ منجها،

پڇيو پرين ٿنڀ کؤن، جنهن ڪئي سچي سرو رسان:

يا نبي! هئس ننڍڙو، اڃا ڄائو زمين منجها،

مون سان ٻيو وڻ هئو، شامل شريڪا،

پاڙون اسان جون گڏي هيون، ٿڙ ڏاريون ڏار جدا،

هو وڻ هليو ٿي ڏنگو، جئن ڳاڌيءَ ڳن ڏنگا.

کِلي هن وڻ چيا، اهڙا الفاظا،

ته ڏنگو ٿيندين مون وانگيان، تان نانءَ نڪو وٺنداءِ،

جي سڌو ٿينين سهڻو، ته وڍي ويندءِ واڍا،

تڏهن مون چيو ان وڻ کي، مِٺو ڪري ڳالهاءُ،

ته ڏنگو ٿيڻ ڏيهه ۾، آهي غفلت گناها،

سڌو ٿيڻ ثناءَ ۾، آهي ثوايا.

پوءِ ڇڏي پچر هن وڻ جي، هليس سنئون سردارا! هو وڻ هليو ڏنگو ٿي، جئن ڪُٻو ڪمانا،

آءٌ حڪم ساڻ الله جي، ٿيس ٿلهو ٿنڀ مثلا،

پوءِ مرسل! اوهان موڪليو، واڍو وڻڪارا،

ڳولي وڻ ويڙهيون، اچي پيا مون مٿا،

اچي ڪپيائين مون ڪنا، جِت هئا سٖــي بيٺا،

پوءِ کڻي آيو اُٺ تي، مون کي سچا سردارا!

پئي سُڪين پَٽ تي، ڪي ڏينهن ڪيترا،

پوءِ ڪَپي ٽڪر چورس ڪري، ڪيائون اَٺاسا،

پوءِ ڪيائون مون ڪنا، آڻي مسجد هيٺا،

بيٺو هئس ڀَر جهليو، ساريءَ ڇت مٿان،

ڏهاري اوهان کي پيو ڏسان ۽ ٻيا سچا اصحابا،

قرآن ۽ قرئتون ٻڌان پيو، هزارين حديثا،

مون سان ڪرم ڪريم ڪيا، آگي احسانا،

هُو وڻ منهنجي فراق ۾، سُڪي ٿيو ٺوٺا،

واچ ڪيرايو وڻ کي، جِت هئا سي اُڀا،

اڄ پڻ انهيءَ ملڪ ۾، مُئو ڪافر منهن ڪارا،

اُن ماڻهو پنهنجا موڪليا، ڪرڻ ڪالين لاءِ،

ڪپيو ٽُڪيو ٽڪرا ڪيون، ڀَريون وڃن گڏها،

هو ُن ان ڪافر ساڻ، کامي منجهه کورا،

تڏهن ٿو کلان خوشيءَ مؤن، منهنجا سچا سردارا!

سرور جيڪي تو امر ۾، سي پڻ بهشت ماڻيندا،

بار تنهنجي دين جا، سر مٿي سهندا.

واهر ڪندو ”واڍي“ اُتي، اڳ ۾ احمدا،

چئو صلواتون رسول ڪريم تي، دم دم درودا،

وسن وير سوير جو، سنجهي صبوحا،

ويندا سي ايمان سين، ڪلمون جي ڪهندا.

لااِلہ اِلاالله محمد رسول الله


 


[1]   هن مناقبي جي روايت اُتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئيءَ کان ملي.

[2]   غلام الله ڪلهوڙو، ڳوٺ چؤڌري، تعلقي وارهه جو ويٺل هو. فارسيءَ جي ڪافي ڄاڻ هيس. سندس ڪلام جا ٽي ڪتاب ”يوسف زليخا“، ”نقش سليماني“ ۽ ”اخوان يوسف“ شايع ٿيل آٿهن. سيپٽمبر 1956ع ۾ وفات ڪيائين. وفات وقت سندس عمر هڪ سؤ ڏهه ورهيه هئي.

[3]   هن مناقبي جي روايت اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

[4]   سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 47.

[5] هن مناقبي جون اُترمان چار روايتون، غلام نبي ۽ غلام قادر(لاڙڪاڻو) عبدالرزاق (تعلقو روهڙي) ۽ غلام رسول جتوئي (تعلقو وارهه) کان مليون، پنجين روايت وچولي مان يار محمد مهاني (تعلقو ٽنڊو الهيار) جي قلمي نسختي تان ورتل آهي ۽ ڇهين روايت عبدالحڪيم پلي (تعلقو کپرو) کان ملي.

[6]  مخدوم غلام محمد بُگائي، ڳوٺ بُگا، تعلقي موري جو ويٺل هو، جو پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ عاشق رسول صلعم ٿي گذريو آهي. مخدوم صاحت جي ڄمڻ ۽ وفات جي سال توڙِ احوال ملي نه سگهيو آهي. باقي مختلف روايتن موجب ميان نور محمد ڪلهوڙي (1132هه- 1719ع- 1176 هه- 1753ع) جي زماني ۾ زندهه هو. نهايت پرهيزگار ۽ راست گو هو. جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙي، مشهور بزرگ مخدوم عبدالرحمان کي (1145هه- 1732ع) ۾ شهيد ڪرايو، تڏهن مخدوم ئي هو جنهن ميان کي سخت ننديو ۽ مخدوم صاحب جي شهايت جو واقعو منظوم ڪيو. سندس چيل مولود اڄ تائين سڄيءَ سنڌ ۾ ڳائبا آهن. سندس ڪالم ۾ نالي جي مصرع هميشه هن طرح هوندي آهي: چوي ”غلام محمدي“ نالي غلاما،

ويندا سي ايمان سين، جي ڪلمون چون مُها.

[7] . هن مناقبي جي روايت اتر (تعلقي شهدادڪوٽ) مان عبدالحق کان پهتل آهي.

[8]  . سوابح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org