سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناقبا

باب: -

صفحو :13

 

مناقبو حسنين جو:

نبي ﷺ جي ڪلهن تي چڙهڻ وارو[1]

(چيل فقير محمد ماڇيءَ جو[2])

 

راوي روايت ٿو ڪري، ڪتابن ڪنا،

ته آيو گهر بيبي فاطمہ جي، مٺو محمــّدا،

ڪين ڏٺائين امام حسن حسين، پرين پيارا،

پڇيو بيبي فاطمہ کان مرسل محمــّدا!

اما! ڪيڏنهن ويا آهن، منهنجا پرين پيارا؟

آڻي آب اکين ۾، چيو بيبي فاطمتا:

ابا! اُٺ گهريائون اسان ڪنان، راند ڪرڻ لاءِ،

سو اُٺ نه موجود اسان وٽ، جو ڏيون انهن کا.

تنهن تان ڪاورجي ڪست مان، هتان ٻئي هليا،

مٿان سج اچي مُڙيو، تن جي ڪل نه پيم ڪا،

اُڇيا هوندا آب ري، بکيا معصوما.

تڏهن فرمايو فضل سان، مٺي محمــّدا:

تون ماٺ ڪري ويهه بيبي فاطما!

آڻي توکي ٿا ڏيون، تنهنجا پرين پيارا،

پوءِ ليو رسول رب ّ جو، ساڻس حضرت صديقا،

ڪي قدر ڪيائون پنڌ جو، تان پرهه ٿي پيدا،

پيزار پرين جا هئا، قدم پٽ لڳا،

کڻي پير پرين جا، هليو مٺو محمـّدا،

جڏهن ويجها آيا ان وڻ کي، جتي حسينين هئا ستا،

نظر پئي نبي ڪريم تي، سندي حسن شاه:

اٿاريائين پنهنجي ڀاءُ کي، جو امام حسينا،

ادا! اٿ جاڳا تون، آيو نانو نبيــّا.

جاڳندي پيو جوش ۾، ڳاڙي ڳل ڳوڙها،

چي، هلنداسون ڪينڪي، اُٺ وٺڻ ڌارا.

تڏهن فرمايو فضل سان، مٺي محمـّدا:

ڪريو ماٺ معصوم! ته ڏيان اُٺ اوهان.

پوءِ لاٿائين دستا پانهنجو، ڏنئين کي حضرت صديقا،

وار مبارڪ پنهنجا، ڇوڙي تنهن ڇڏيا،

هڪڙو چاڙهيائين هڪ ڪلي تي، ٻيو ٻئي مٿان،

چِيري چَڳون وارن جون، ڪري ڏنائين مهارا،

ڪري اَهل اُٺ جي، هليو مرسل مصطفيٰ،

تڏهن سرها ٿيا سرير ۾، ٻئي محب معصوما،

وري وريا پوئتي، ڪَيُن خير خدا،

ساٿ سلامت آئيو، موٽي مديني ٻهرا،

اُڀِي هئي در تي، بيبي فاطمتا،

ڏسي حال حضرت جو، ڪيائين دانهن درد منجها:

ڪيئن سهون وڇوڙا، اسين امامن سندا؟

تڏهن فرمايو فضلسان مٺي محمـّدا!

هڏ نه ڇڏينس ڪڏهن، ههڙا هوت هٿا،

هوندس همراهيءَ ۾، ساڻن هميشه هر جاءِ.

اهڙا پيارا پيغمبر کي، هئا ٻئي معصوما.

سي لاکيڻا لڏي ويا، ڀينر ڀنڀورا،

لڏيو رسول رب ّ جو، نرمل نور هليٰ،

ڀڳيون حجتون تن جون جن جا وارث ڪل ويا،

”ماڇي“ چوي معجزا، سڻو امامن سندا،

”فقير محمد صلواتون نبيءَ ڪريم تي، دائم درودا،

ويندا سي ايمان سان ڪلمون جي پڙهندا.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

 

 

 

 

مناقبو حسنين جو: اکرن پچائڻ وارو[3]

(چيل پير محمد اشرف شاهه ڪامارائي جو[4])

 

هيءُ مناقبو حسنين جو، پڻ سڻيجاه:

ويٺا هئا مڪتب ۾، ٻئي شهزادا،

ڦرهيون لکي تيار ڪيئون، ڪنهن جا اکر موچارا؟

ڪري مناظرو پاڻ ۾، هليا ٻئي ڀلارا،

اچي پڇئون پيءُ ڪنان، جو علي حيدر شاهه،

ته، بابا! ڪو بيان ڏي، ڪنهن جا اکر موچارا؟

ڏيئي تعظيمون تن کي، چيو مانجهيءَ مرتضيٰ:

وڃي پڇو پنهنجي ماءُ کان، جا بيبي بتوالا.

اچي پڇيئون پنهنجي ماءُ، بيبيءَ فاطمہ کا،

ڏيئي تعظيمون تن کي، چيو بيبيءَ مهر منجها،

ته، وڃي پڇو ناني نبيءَ کان جا عالَم اماما.

اچي پڇيئون حبيب کان، ته ڪنهن جا اکر موچارا؟

ڏيئي تعظيمون تن کي ٿيو منتظر ڏهون موليٰ،

ته، ڪريو ساعت صبر هيڪڙي، نينگرا اوهين ننڍڙا!

هاڻي وڃان ٿو حضور ۾، داور جي درگاها.

تان الاهي آواز آيو، ههڙي طريقا:

ته، ڇني وٺو هن صوف کي، جو مويو مَلُوڪا،

ٻئي ڦرهيون گڏ ڪري، اڇليو کي صوفا،

جنهن جي ڦرهيءَ تي ڪرندو، هيءُ صوفا،

اکر هوندا تنهن جا، موتين موچارا.

تڏهن ٻئي فرهيون گڏ ڪري اڇليائيون صوفا،

سو اِذن ساڻ الله جي، ڇڄي ٿيو ٻه ٽڪرا.

ايڏيون تعظيمون تن کي، ڏنيون ڏاتارا!

جڏهن ٻاروتن ۾ هئا، ٻئي طرح طريقا،

تڏهن عرش کان آئيو، جبرئيل کڻي ٻه وڳا،

هڪڙو سائو سبز گهڻو، ٻيو ڳارهو ڳاڙهايا،

تڏهن پڇيائون جبرئيل کان، ڏي حقيقت حالا؟

تان جبرئيل جواب ڪيو، اُڀي منجهه ادبا!

ته، هڪ شهيد ٿيندو شمشير سان، ٻيو زهر جي سببا.

سڻي انهيءَ ڳالهه کي، عجب منجهه پيا،

وري پڇيائون جبرئيل کان، قيل و مقالا،

ته، قضيو امامن جو ٿيندو، جيئري ڪين اسان پڄاڻا؟

جان شاهه شجاع هوندو حياتيءَ، مانجهي مرتضيٰ؟

ڪي هوندي بيبي بتولا جيئري، مادر سندن ما5:

ڪير روئندو امامن لاءِ، اسان پڄاڻا؟

چيو جبرئيل جلد مان، محمــّد کا اڳيا:

ڪربلا ۾ ڪوس ٿئي، ٿيندا شير شهيدا،

اُڀن ۾ اوسارينديون، جورون ۽ مَلَڪا،

جن ّ، ديو،پکي پکڻ، ڪندا ماڻهو ماتاما،

هسن مير حسين لئي، پئــٖـي عرشن ۾ اوڇنگارا.

پڻ آهي ڪتابن ۾، اهڙي پچارا،

ته جاڳيو وارث دين جو، امام زين العابدا،

وٺي هليو لشڪر کي، وٽ روضي رسالا،

روضي مهندان رسول جي ڪيائين فريادا:

اي نانا نبي ڌنيءَ جا، عالم اماما!

ڏي ڪا مدد يتيمن کي، اَجهي تو آيا،

ناهي ڪيو ٻيو هنن جو، ڌڻي ريءَ آڌارا.

جن کي سَؤ سَڪَرُن ڏنا، سچي سڪ منجها،

”اشرف“ امامن کي، ٿو ساري سڪ مان،

چئو صلواتون نبيءَ ڪريم تي، هردم هميشاه،

ويندا سڀ ايمان سان، ڪلمون جي چوندا.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

 

 

(د) ولين جا مناقبا

 

مناقبو بادشاهه پير رحه جو: مريد جي مدد ڪرڻ وارو[5]

 

ساراهيان سچو ڌڻي، ٻيو سندس رسولا،

پَرور پنهنجي نور مان، ڪيو پاڻ ڌڻي پيدا،

مشرق معرب وجود ۾، ٿيو ارض ۽ سماء،

حضرت جي حضور ۾، ٿيا عالم انعاما.

 

منجهان شرف شفيع جي، ٿيو گل گوهر گلزارا،

جو اولاد مير حسن جو، نالي غوث الاعظما،

پنجن تنن جي پُٺ مان، ڪيو پرور سو پيدا.

چوان مناقبو تنهن مير جو، سو پڻ سڻيجاه،

ڪتاب ’تذڪرة الا ولياء‘ ۾، هي آهي روايتا،

ته، هو شخص هيڪڙو، ڪو مريدن منجها،

نه سڃاڻندو هو ستــّـار کي، نڪو رسولا،

مڇيندو هو محي الدين کي، وڏي ويساها،

جڏهن وقت وفات جو، آيس قريبا،

تڏهن مائٽ ڇڏي منزلون، هليو ڏنهن عقبيٰ.

جان ڪانڌي قبر ۾، رکي تنهن آئيا،

تان آئيا مَلَڪ الله جا، نالي نامزدا،

منڪر نڪير نالا تن جا، ظاهر ظهورا،

محڪم پڇيئون اُن مريد کان، جُودئون جوابا،

اٿياري چيائون ان کي، اهڙا الفاظا:

”مَن رَبــُّبِيــَّـڪَ وَمَا د ِينُڪَ“ آهي عبارتا،

ته ڪهڙو الله ۽ رسول تنهنجو ۽ ڪهڙو سندءِ دِينا؟

تڏهن مهندان مَلڪن کي، ڏنئين ههڙو جوابا،

ته، خبر مون کي خالق جي، ڪڏهن ڪانهي ڪا،

نه پڇيم نبي پنهنجو، پغيمبرن منجها،

آهيان وڏي پير جو گولو غلاما،

تڏهن مَلڪ موٽي ويا، ڌڻيءَ جي درگاه،

چي، يا رب ّ! بندو تنهنجو، آهي مرد مخلوقا،

نڪي مڃي ٿو توکي، نڪي رسولا،

قدرت مڃي ٿو ڪينڪي، هيڏي حڪمتا،

آهي مريد پيران پير جو، يَڪدل يارانا.

تڏهن الاهي اَمُر ٿيو، آئيو آوازا،

ته، جاءِ ڏيوس جهنــّم ۾، ڌريوس دوزخا.

تڏهن ڏاڍا ڏمرجي هليا، جُنبي جوش منجها،

ڪاهي آيا قبر تي، ڏٺائون ڏورا،

تان مٿي ڏانهن ميــّت جي، آهي ويٺو ورياما،

تڏهن مَلڪن اچي مير جون، ڪيون ڪُرنشون ڪوڏ منجها.

تڏهن اڳيان عارف اُتو اُن کي، ظاهر ظهورا،

ته، هيءُ نٿو سڃاڻي صاحب کي، ته آءٌ ٿو سڃاڻا،

۽ پڻ سڃاتم سچي رسول کي، جو سچو سردارا.

تڏهن مَلڪ موٽي ويا، ڌنيءَ جي درگاهه،

ته ’سيـّـد عبدالقادر‘ قبر ۾، آهي ويٺوليا، و

۽ جرئت جاءِ اُن جي، نه ٿئي اسان کي اڳيا.

تڏهن فائق فرمايو فرشتن کي، ڏاڍي ڏمر منجهه،

ته، جاءِ ڏيوس جهنـّم ۾، ۽ درئون دوزخا،

۽ سگها وڃي تنهن شخص کي، ڪريو بيحد ڀُلڪارا.

تڏهن ڏاڍا ڏمرجي هليا، موجب فرمانا،

ڪاهي آيا قبر تي، اُنهي ساعت في الحالا،

حضرت اُٺي هٿن سين، کسيا گرز تن سندا،

ڳالهايائين تني ساڻ، اهڙي طريقا:

جي سچي سندم مريد کي، ڪندا ايڏو ايذاءُ،

ته ڪندس آهه عشق جي، جُنبي جوش منجها،

ويندي لذت بهشت جي، دهشت دوزخا،

۽ عرش ڪُرسِي آسمان کي، ڪندس آءُ فنا.

پسي پِرتو پير جو، ٿيا هاتڪ حيرانا،

وڃي ڪيائون واحد سين، اِيءُ مڙوئي مذڪورا:

گرز کي ٿو اسان جا، ڇڪيو ڇوهه منجها،

۽ سو حجت رکي ٿو ايڏي، سيــّد سردارا.

تڏهين فائق فرمايو فضل سين، موٽي مهر منجها،

ته، رکو رضا پِير جي، سين ادب اَندازا،

اِيءُ آهي معشوق منهنجو، سچو عارف اويلا،

اُو متان اُجهائي باهه کي، ۽ منجهان  جنــّت عمارتا،

مون سين اُن جي گهڻي آهي، دوستي دعويٰ.

تڏهن مَلڪن اچي مير جي، رکي سڀ رضا،

ٻانهون ٻڌن ٻانهن جئن، جيڪا چوي سا،

تڏهن مير چيو مريد کي، هينئر آڻ ويساها،

مڃ مُنز َّہ مون ڌڻيءَ، جو پَرور پاتشاهه،

مڃ محمــّد عربي، جو سچو سردارا.

تڏهن مڃيائين وحدانيت جي، رسالا رسولا،

اُنهيءَ وقت الله، جا ڪيا شاهه شڪرانا،

مڙني مَلڪن مبارڪون ڏنيون کيرون خوشيءَ منجها،

پلءِ لڳي تنهن پِير جي، ڇُٽو ڇيهن کا،

محل ماڙيون سونَ جون، ورتئين بهشت منجها،

ميوا ماکيون کير جون، ٻيون پڻ نعمتون نصيبا،

حورون هزارين ڪيتريون، جي جڙيون جنسارا.

اَهڙا حضرت پير جا، آهين لکين مناقبا،

جيڪي سَگ سدا پيران پير جا، سي ڇُٽن سُورن کا،

جهلي دامن دستگير جي، لَڪيون اُڪرندا،

وڏا طالع تن جا، جن سان آگي احسانا،

ويندا سي ايمان سين، ڪلمون جي چوندا.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

 

مناقبو بادشاهه پير رحه جو: فقير وارو[6]

چيل ڏني جو[7])

 

ساراهيان سچو ڌڻي، قادر سندو قدرت،

جنهن جوڙي راس جهان ڪيو، هاديءَ سان حڪمت،

عرش ڪرسي آسمان، سُڻ زمينان ست،

باريءَ بهشت بنائيا، بيحد سان برڪت،

داتا دستگير تي، آهي رب ّ سندي رحمت،

هڪ ڏينهن آڳي عدالت، ظاهر ڪئي ٿي تخت تي.

 

ظاهر اڳيئو تخت جي، هئي ڪچهري قائم،

الاهي اسرار جو، مٺو مير هيو محرم،

صاحب جو ثقلين ۾، هلي ڪُل حڪم،

ايڏو راض رحم، پرور رکيو پير تي.

 

هڪ پَهس اچي پيدا ٿيو، فائق وٽ فقير،

ڇيلو ڀولو تنهن سان، هو طرح انهيءَ تصوير،

هن ڀي رنگ روپ وڏا ڪيا، جان اڳيئون ماهه منير،

ڏس جو تنهن کي ڏات ڏني، ٿئي ٿو عالمگير،

واهر آهي وير، ميران مريدن جي.

 

صاف صفحو هو سُهڻو تنهين ماڳ مڪان،

در دروازا سونَ جا، هئس طاق وڏا طوُلان،

تنهن ۾ دولت دُرس هئي، خاصا خوب خزان،

گوهر گداگر کي، اِيئن فرمايو فرمان:

وڃ تون پيهي اتهين، منجهان جُود جوان!

کڻي مُهرون موٽ تون، اندر ڪمي ڪان،

سُڌ سار ڏي سجان، انهيءَ تان اسرار جي.

 

چيلي ڀولــٖـي کي ٻَڌي، درس پيٺو هو ۾ دَر،

ويو ٿي خال خوشيءَ سان، ڪيو اُليل اندر،

مرد اهو مستان ٿيو، جنهن ذري کنئي نازو.

وڃي ڪنهن ٻئي ڏيهه تي، زوري ٿيو ظاهر،

ماندو تنهين ماڳ ٿيو، ويچارو ويتر،

هن کي گهوٽ گهرايو گهر، ڪنهن مصلحت واسي.

 

جُڙي اچــٖـي جوان کي، ثابت ڪان صلاح،

وتي وؤڙيندو گهڻو، ويجهي لهي نه واهه،

موٽ محمــّد ماهه! ڪا موڙهل جي ماڙَ ٿئي.

 

راوت پــٖـير رڪيب ۾، جان پسڻ سان پايو،

چُٽڪيو وانگي واءُ جي، تير وڏي تايو،

مالڪ مغرب ملڪ ۾، هاديءَ هلايو،

اڳيئون شاهي شهر هو، جو باريءَ بنايو،

اتي پهچايو؛ سمنڊ تنهن کي سيگهه ۾.

 

اتي پهچائي ڪري، سمنڊ سڌاڻو،

هو مقلڪ الله جو، هو عرشين اڏاڻُ،

شڪر تنهنبرجاءِ ڪيو، پسي جڳ سو جڳاڻو،

ٿيو سَرهو سياڻو، لٿس ڏک ”ڏنو“ چئي.

 

پر جو شاهه شهر جو، تنهن ڪيو وير وصال،

تنهن کي ڄائو ڪونه هو، ڪو جو ٻالڪ ٻال،

مڙني اميرن پاڻ ۾، رکيو خاصو هيءُ خيال،

ڪير وهاريو تخت تي، ڏيون ڪنهن کي مُلڪ محال،

اُت انهن احوال، ٿي ڳڻي ڳڻيو پاڻ ۾.

 

تن ۾ وڏو وزير هو، سڀني جو سردار،

صاف سخن تنهن هيءُ چيو، عاقل تان اظهار،

اُٿي وقت صبوح جي، جاري ڦرو جار،

سڀ ڪو ٻاهر نڪري، هجي جيڪو مڙد منيار،

اُتي اُڏايو باز کي، جا ٿي مينگهه ملهار،

جنهن جي مٿي تي وهي، سو ٿئي ملڪ سندو مختار،

جنهن تي آگــٖـي جو اختيار، وهندو سرتنهين جي سارڌو.

 

جا مالڪ آڇي سَٽ سا مصلحت مڃان،

اُٿي وقت صبوح جي، ٿيا چلي ڏنہ چوغان،

پانَوَ آيا پِڙ ۾، لکين جُنگ جوان،

تن ۾ سورهيه ڪيترا، خاصا هئڙا خان،

همه گڏ هزار هئا، شاهي جن جا شان،

اهي ماڻهو کڻي آئيا، توڙي نينگر هئا نادان،

ديمن پُڄي بس ڪئي، ڪَل پوي ٿي ڪانه،

دوڙيو تِت درويش سو، ٻُڌي بات بيان،

هيءُ به ساري سبحان، اچي قابل بيٺو ڪُنڊ ۾.

 

اَلاهر اُڏايو، بانڪن آڻي باز،

سو تان ماڳ مٿي ويو، پري دُور دراز،

لميو لامارا ڏئي، ڪري وڏو ڪَرڙاز،

اهو تن ارشاد ٿيس، آگــٖـي ڏنهون آواز،

وڃي ويهه فقير تي، جنهن جو اعليٰ آهه انداز،

ويٺو گداگر تي اچي، ڀيرو ڪري باز،

کميون ڪري نياز، ويٺو آ وينجهر مٿي.

 

سرس رکيائون سون، سڄڻ سر سينگار،

هيرا لعل لڱن تي، جَڙيائونس جَوهار،

عطر مشڪ عنبير جا، ٿيا هنڌ تنهين هٻڪار،

ڪامل ڪيا قيمتي، هاتڪ هٿ هٿيار،

خاصا خدمت ۾ ٿيا، حاضر لک هزار،

چاڙهيائونس چوڏول ۾، سرس ڪري سينگار،

وڍي آيا وير کي، جوڙي سڀ جنسار،

ايڏي سگهه ستار، هن کي ترت وهاريائون تخت تي.

 

جنهن ڏينهن ويٺو تخت تي، لڳي نغاري چوٽ،

تنهن جي تابَش تاءُ کؤن، ڪنبيا مڙئي ڪوت،

ٻيا ڀِي ملڪ مطيع ٿيا، جي هوا اڳ اَموٽ،

وزيرن وڏيون ڪيون، گهورون مٿان گهوٽ،

آڌر ڪل تي اوٽ، پاکَر آهي پير جي.

 

هيون اڳئين شاهه جون مُنڌون وانگر ماهه،

چوڙا ٻيڙآ چاهه سان، ٿيون وسي وڳا ڪن واهه،

شمع جان شهزاديون هيون، ڏنين اعليٰ جوت الله،

بدن تني جا باغ بهار هئا، نازڪ گل نگاهه،

گهوٽ اُهي سڀ گهريون، وجهي نر نڪاح،

نَو لَکا هار ڳچين ۾، سروان ڪل صلاح،

سونا ڦُل هٿن ۾، اتان گهورون ڪن شاهه،

چي، ڀلي آئين ڪانڌ تون، باري بيپرواهه،

تن من صدقي ساهه، انهن قابل تئون قربان ڪيا.

 

گوليون گجرون جي هيون، دايون ساڻ د ماڪ،

تن جي جسم جان جي، هاذق ڪن ٿا هاڪ،

هڻن نيزا نينهن جا، چئو سر وجهن چاڪ،

ڏهه ڏهه ڏقنڀيو ڏينهن ۾، مارين ٿيون مشتاق،

پرور ڌني پاڪ، تن جا عزم ايڏائي ڪيا.

 

پوءِ آلو دو عيشن ۾، ٿو طرحين کائي طعام،

شَڪر شِير شراب جا، جُنگ پئي ٿو ڄام،

پلنگ پٿرڻيون پَٽ جا، پڻ جوڙي طوُل تمام،

طنبيلا تريلن جا، تارزي تيز تمام،

اُٿي سي امراءَ ڪن، صبح سنجهه سلام،

تنهن غازي وٽ غلام، اچي هزارين حاضر ٿيا.

 

بنگال جايون جوڙ سان، نوان باغ بهار،

تن ۾ جمع گل گلن جو، ڪيو پاڪ ڌڻي پروار،

ڀَتر، ڀڀنا بَهوت، ٻيا کهنيا کٽڻهار،

اَورنگ، عِشق پيچ عجاب، ازهار ٿيا اِظهار:

نرگس، نازبو، نيلوفر، ٻيون ڪيلائي قطار،

سورج، سيم، سنياسي، سوسن، جائِن ڪيا جنسار،

چنبل، چئن تلسي، طمتر، ناصر نافرمان نظار،

اشرفي، عباسي، ڪيتڪي، ڪرنو، نورنگ ٿيا نروار،

موهن، ميندي، محرم، مجنون، تڪما، هيٿم تت هزار،

غنچا، گلا، سري، سڪيلا، ڪئي سپنن خوش خُنڪار،

گونٽا، گل جال سنڀالو، پارس، پست سهيو سالار،

سنبل، بخمل، برجڪ، بيلان، جعرفان مور ملهار،

ريحان، رسالواتون، شفتالو، نقشن، دونر دَنوار،

دائودي، دوپهري، آلُو، ليمان، انب، انار،

چمن، چنبيلون، رتن، رتيلو، پَس پُسين جا پار،

چئنرو، لوهيڙو، خيال، زنگالي، بازيگر ڪيا بيلار،

ورقئون، حاڪم، طرحين طوطا، گل جي انوگر انار،

نسترن، عقيل، سفيدي، غاليچن چڱا چمڪار،

زري، زردالُو، ترنگ طريلا، پنيا باڪاسي بلغار،

ياسمين، چلولو چمچو، ٻِا سر سُهيل سچار،

تاج مُکي، بادام بهاريو، گل سودي پاڪ يپار،

نارنج حمائل ڏس هزار، بنفشو ڪيچ ڪچنار،

بَسنت، بئفا، طور تمامي، ڪچنالو ڪئي ڪلتار،

ڪرنا، ڪيسو، سِڻي، ڪپاهو، لال گلالن ڪئي گفتار،

سَرنهه، عَطُر نرينيا، هو ڦول ٽڙيا ڦلڪار،

جعفر، موتيو، چاندڪ، چمپا، صوبو، مهتاب،

قدوسي، ڪيو ڪلتار،

ڳڻي ڳڻيندو ڪيترو، شاعر منجهه شمار،

بنگلا تنهين باغ ۾ هئا، سونَ چِٽيا چوڌار،

ننهن ۾ ويهي ٿو بادشاهه، درس ڪري ديدار،

منجهئون شوق شڪار، ٿو شاهه شرابن جا ڪري.

 

شهزادا تنهن شاهه جا، اهي درسد ٿيا دلبند،

چيدا ڄاوا ڄاڻيل، تنهن فائق کي فرزند،

بالا بخت سڪندري، اُحي اَربيلا ارجمند،

صاحب رب ّ صَمد، عجائب ايڏا ڪيا.

 

سڀ ڪنهن رکي پانهنجي، ثابوتي سرڪار،

ٿا وڃن شوق شڪار، تُريُن تازين تي چڙهي.

 

هڪ ڏينهن هلي آئيو، هاتڪ منجهه حَرمن،

جَڙيائون سڀ جان تي، هيرا لعل لکن،

صحبت تِن سان شاهه ڪئي، محبت مٿي ماڙن،

ٻڌي آواز ان جو، شور ڪيو شَمعُن،

بئي جا حاجت نه حسن، جو آڏو اچڻ اِن جي.

 

اچي اتان يپدا ٿيو، اربيلو ارواح،

ڏٺائون ڏاتار کي، جاءِ تنهين جاڳاهه،

ڪچهري قائم هئي، صاحب وٽ سپاهه،

ڇيلو ڀولو هنڌ تنهين، ڏٺا هاڙهي سي همراهه،

دل اندر دلگير ٿيو، ٿي آڳي کي آگاهه،

ميان! تو رنگ ساعت جو ڪيو، تنهن ۾ ڇوڙيئي ملڪ متاهه،

هاڻي فضل گُهر فتاح، ته هِت هُت آسودو رهين.

 

ڇيلي ڀولي کي وٺي اُسريو اَلاهر،

اهڙا مناقبا مير جا، سوين ڪيا سرور،

عاصي تنهين آسري، سَوين آهن اڪابر،

تون نه ڇڏيندين ڪارڻي،  مالڪ! ڏينهن محشر،

سڀ جو ارواح اندر، آجو عيبن کؤن ڪرين.

 

آجو عيبن کؤن ڪرين، سونهارا سلطان،

ميران! مريدن کي دهرا بخشين دان،

سدا توتي سيـّدا، آهي راض وڏو رحمان،

ڪُل عاصين کي ايمان، قادر ڪلمي سان ڏئي.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

 

 

 

 

مناقبو بايزيد بسطامي جو:

ڪافرن جي سوالن جا جواب ڏيڻ وارو[8]

(چيل محمد جو[9])

 

ڪريان حمد حڪيم کي، وصف واکاڻا،

جنهن مڪو مرسل ڪارڻي، حضرت محمـّدا،

آهي جنهن جي اُمت کي، اَپر اعزازا،

جي ٿا پڙهن ڪلمون ڪوڏ سين، سنجهي صبوحا،

آگي ان جا مرتبا، وڏا وڌايا.

ساري هن حڪايت کي، صحيح سڻيجاه:

شيخ شعيب ”ڪتاب حزيني“ ۾، آهي لِکِي سا،

آهن جنهن ۾ نصيحتون، اپر موعظتا.

ته، ’بايزيد بسطامي‘ فرمائيو، پنهنجيءَ زبانا،

جو هو سلطان عارفن جو، وليــّن منجها،

ته هوس ڏينهن هيڪڙي، مشغول سين موليٰ،

مُونِس هوس ذڪر ۽ فڪر ۾، مُتَلذ ّ ذ محفوظا،

تان ٿيو مون کي، هڪ غيبي آواز،

ته، وڃي شهر ”شمعان“ ۾، ٿيو حاضر هيڪاندا،

عيد منجهه رهبانن جي، جي آهن يهودا نصرا،

اسان شان شوڪت اَنهنجو، ڪيو اوچو عُلويٰ.

تڏهن پناهه پنيم رب ّ کان، اُن وِسوِسي ڪنا.

جڏهن پيئي راتڙيي، آيم ننڊ نيڻنئا،

تان پڻ هاتف آواز ڪيو، مون تي بيهارا،

ڪيائينم ان ڳالهه جو، موٽي تاڪيدا.

جڏهن جاڳيس ننڊ منجهان، سين اڊڪي اپارا،

تان سڏ ٿيم غيب منجهارا ،

”لاباس َ عليڪ“ ڪر مَ ڪو خطرا،

تون آهين نزد اسان جي، منجهه درجي اولياء،

پڻ آهين ڌُئل اسان جو، تون آبرارن منجهاـ

تڏهن اٿي هليس اوڏهم، آندم امرِ بَجا،

ٿيس حاضر شهر ”شعبان” ۾، منجهه عِيد رَهبانا،

سي هئا پنج سئو ماڻهن جا، حاضر هيڪاندا،

تان سردار سندن آئيو ٿي ان ويرا،

مڙي ويٺا وَٽِ سي، سُڻڻ ڪَلاما.

تان نه ڪري ڳالهه ڪا، ڪَر پين لَگاما،

چيو سڀني تنهن کي، ڪوهه نه ڳالهائين اسان سان؟

اسين تنهنجي قول مان، پَسوُن هدايتا،

پڻ علم ڪري تنهنجي، وٺون نصيحتا،

تان جي مون کي جهليو مُڙس هيڪڙي، جو محمدي آهه،

آهي امت منجهان محمد ڪريم جي، ڀلو اولياء،

تحقيق آئبو آهي اَنهنجي دين جو، وٺڻ امتحانا،

آهي ويٺو اَن وٽ ۾، مخفي طريقاـ

تڏهين چيائون تنهن کي، ته او ڏيکار اسان کا،

ته ڪُهِي ڪريون تنهن کي اسو آجو في الحالا،

چي مَ ڪُهو تنهن کي، ري دليل بُرهه انا،

آهيم ارادو ايهم، ته پرکيون تنهن کا ،

پڇون مسئلا تنهن کان، ڪري سڀ سُوالا،

جان ڏنائين جواب تن جا، تا ڇڏينداسين تنهن کا،آ

۽ جان عاجز ٿيو جواب ۾، تان ڪُهي تنهن ڇڏجا،

ماڻهو ٿئي امتحان ڪري، گھڻو عزيزا،

پڻ ٿئي خوار خلق ۾، امتحان جي سباـ

تان چي، ڪَر تيئن، جيئن اچنئي مصلحتا،

اسين اياسون ان لاءِ ته،  وٺون  فائدا.

اُٿي وڏيرو اُبٺو، ڪيائين سڏ صحيحا:

يا محمدي آهي قسم آن کي، اي مرد مقبولا:

اُٿي اُڀيو پيرن ڀر، ته پَسهونُ اوهان کاـ

تڏهن اُٿي اڀيو پريندي، منجهه تنهن جماعتا،

تقديس تسبيح رب جي، آندئين امر بجا،

چيو سردار جماعت جي، اي محمدي سونهارا!

آءُ پڇان مسئلا آن ڪئنا، آئين ڏيو جوابا؛

جان ڏنا جواب اسن کي، ان مسئلن سندا،

تان تابع ٿينداسين اوهان جا، مڃينداسين دينا،

۽ جان عاجز ٿيا جواب ۾، تان اسين آن کي ڪُهندا،

تڏهن ڀلي ’بايزيد‘ فرمايو، مِڙي ماڻهن کا،

ته، پڇيو ’معقول‘ ۽ ’منقول‘ ڪنا، جيڪي اسان کا،

الله ڪندو اسان سين، تنهن ۾ ٻِيلِيپِا،

آو آهي مَعِين اسان سين، مولو مختارا.

تڏهن پڇيائين سوال تنهن ڪنا، وڏيري وچا،

سا آهي سٺ سوالن جي، جي هتي بيان ٿيا،

جي، خبر ڏيو مون کي هيڪڙي جي، جنهن جو ٻيو نه آه،

پڻ ٽيو نه آهه، جن جو، سي ڪهڙا ٻه ٽولا؟

۽ پڻ ٽي ٽول اُو ڪهڙا، جن سن چوٿين چيز نه آه،

پڻ چار سڻاءِ اسان کي، جن جو پنجون نه آ پيدا؟

پڻ ڇهون نه آهي جن ۾، پنج اُو ڪهڙا؟

پڻ سَت سڻاءِ اسان کي، اَٺون جن ۾ نه آه؟

پڻ اَٺ اُو ڪهڙا، نائون جن جو نه آه؟

پڻ نَو ٽول اُو ڪهڙا، جن ۾ ڏهون مور نه آه؟

پڻ پورا ڏهه ٽول ڪهڙا، ۽ ڪهڙا اِڪارها؟

پڻ ٻارهن ۽ تيرهن جو ڪريو بيانا،

پڻ ڪهڙي آهي قوم سا، ڪيو جن ڪُوڙا؟

تان داخل ٿيندا جنت ۾، تنهن پڄاڻا؟

۽ جواب ڏيو تنهن قوم جو، جن سچي ڪئي صحيا،

تان داخل ٿيندا ڄيري ۾، انهيءَ سبب ڪنا،

۽ ڪهڙو مڪان روح جو، جُسي ۾ آه؟

۽ معنيٰ ”والذ اريٰت ذرو ا“ جي اسان سڻائجاه،

۽ پڻ ”فَالحٰمِدات و ِقرا“ ۽ فَالجرٰيٰت

يُسر=ا‘ ۽ فالمقسمات اُمر =ا.“

۽ پڻ اُو شيءَ ڪهڙي، جا ر ِي روح کڻي پساه؟

۽ پڻ چوڏهن ٽول ڪهڙا، جن ڳالهايو ساڻ خدا؟

پڻ جو نازل نه ٿيو اُڀَن ڪنا، نه اُڀريو ڀونئا،

سو آهي ٽول ڪهڙو، ڪريو بياناـ

۽ چار آهن ڪهڙا، جي نه جنڻن ڪنا اِنسانا؟

نه پيءَ جي پُٺِ ڪنا، نه ماءُ جي پيٽاـ

پڻ پهرين هاريو رت ڪهڙو، مٿي زمينا؟

۽ ڪهڙي شيءَ سا، جا خلقي پاڻ خدا ،

تنهان پوءِ وٺتائين تنهن کي، ڪري بيع بها،

پڻ خلقي ڪهڙيءَ شيءَ کي، ڪيائين زبونا؟

پڻ خلقڻا پوءِ خداءِ ڪئي، وڏي ڪهڙي شيئا؟

پڻ پيدا ڪري ڪهڙي ٽول کي، پڇيائين ٻين ڪنا؟

پڻ ڀَليون عورتون ڪهڙيون، ۽ ڪهڙا ڀلا وهٽا؟

پڻ طامته جون ڪهڙي ٽول کي، ڪريو بياناـ

پڻ پڇون ٿا تنهن وڻ ڪنا، ٻارهن ڏار جنهن جاـ

پڻ آهن سڀ ڪنهن ڏار ۾، پن ٽيهه سڄا،

پَني پَني ۾ پنج مکڙيون، سڄيون هون صحيا،

ٻَه هون ِ تن منجهان سڄ ۾، ٽي پاڇٻي منجهارا،

ڪهڙي ٽول طواف ڪيو، ري روح بيت الله؟

زادَ هَاالله شرفا وڪرما وتعضيماـ

واجب نه هئي فضيت تنهن تي، معين اُن ويرا،

پڻ انبياءَ آهين ڪيترا، ۽ رسول ڪيترا؟

پڻ رنگ، مزو جن چئن ٽولن جو، آهي مختلفا،

۽ اصل سندن هيڪڙو، اَو چار  آهن ڪهڙا؟

۽ پڻ نَفِبير، قِطمِير، فتيل، ڪريو بياناـ

۽ ’سنُد‘ لَبَدَ‘ طمَ جي، معنيٰ ڪريو اداـ

۽ پُڻ ڪتو چوي ڪوهه ٿو، منجهه پنهنجي آواز؟

پڻ گڏهه، ڍگو، گھوڙو، اُٺ ۽ پڻ مورا،

سي  ڪوهه ٿا چون آواز ۾، ڪهڙي تسبيحا؟

۽ پڻ بلبل ڪهڙي تسبيح ٿي پڙهي، ۽پڻ ڏيڏرا؟

۽ ’ڏنڊ‘ جي آواز ۾، ڪهڙو ڪلاما؟

۽ پڻ آيو وحي جنهن ڏونهن، جي نه جن نه انسانا،

نڪي مَلڪَ سٻي، اَو ڪريو بياناـ

۽ ڪٿي آهي رات تنهن وقت ۾، جڏهن اُڀري ڏينها؟

۽ ڪٿي آهي ڏينهن تنهن وقت ۾، جڏهن اچي راتا؟

اِيءُ چئي ماٺ ڪئي، رئيس نصارا

تڏهن پڇو ’اَبو يزيد‘ ڀلي، هن پر تنيهن کا،

ته ڪو آهي مسئلو پڇڻو، ٻيو باقي بقايا؟

تان چي، بس، باقي نه رهيو، ڪو مون ڪَن سوالا؟

تڏهن فرمايو ’ابويزد‘ تن کي، مِٺو ڪري ڳالهاـ

ته جي ڏيون آن کي مڙئي، جواب مسئلن جا،

ته ڪي آئين  آڻيندا ايمان الله تي، ۽ محمد رسولا؟

تان آن‘ه چئي مڙني، ڪيا گھڻا اقرارـ

تڏهن دعا گھري ڌڻئَ ڪنا، تنه ڀلي اوليا:

”اللهمُ اَنت َ الشاهِد ُ عَليٰ مَايقوُ لوُنَ

و َنت َالمُستعان و َعليَڪَ التڪلان“ـ

”اي ڌڻيم! تون شاهدن آهين تنهن تي، جيڪي چون ٿا،

تون ٿي ٻيلي اسان سين، پنهنجي فضلا،

آهيم تڪيو تنهنجو، فضل ۽ ڪرما“ـ

اِيءُ چئي جواب ۾، ڪيائين شروعاتا،

چي، پهريون سڻو جواب هيڪڙي جو، سو آهي هيڪا الله،

نه آهي شريڪ تنهن سين، نه ڪو وزيراءَ،

”و َهوُ َ الله ُ الواحِد ُ القَهار ُ“ سڻي ڪَن ِ ڪِجاه.

پڻ سڻو جواب ٻن جو، جن جو ٽيون نه آه.

اَو آهن ڏينهن ۽ رات، ٻئي مخلوقاـ

پڻ عرش ڪرسي، قلم سين، اَو آهين ڪتاب ڀلا،

توريت حضرت موسيٰ، انجيل حضرت عيسيٰ،

زبُور حضرت دائود ۽ فرقان مير محمد شاهه.

ڇهون ناهه جن جو،سي پنج وقت نمازاءَ،

پڻ ستون ناهه جن ڇَهن جو، سي آهن اياما،

”ولقدَ خَلَقَناَ  السمٰو َات ِ و َالا َرض َو َ

ما بيَنهُمَا فِي سِتـــّة ايــّام،“ قادر ڪَلاما.

پڻ آهين زمينون ستئي، صحيح سڻجياه،

”اَلــَّذي خَلَق سَبع سَمو ات و َّ مِنِ الارض

مِثلُهُن َّ“ فرمايو خدا.

پڻ اَٺ حامل عرش جا، نائون ناهه پيدا،

سي کڻندا ڏينهن قيام جي، عرش عظيم کا.

”وَ يَحمِل عَرش رَ بِـّڪ فَوقَهُم يَو مَئِذه ثَمانِيةَ“ آگو ٿو فرماءِ.

پڻ نَوَ شخص پڌرا، جن ڪيو فسادا،

جي قتل لاءِ حضرت صالح جي، ٿيا هيڪاندا،

لڪي ويٺا رات کي ڪي مصلحتا،

”تِسعَةَ رَهط ً يـــُّـغسِدُونَ فِي الارَض وَلا يُصلِحُونَ“ اتان پروڙجان.

پڻ ڏهه روزا حاجين تي، آهين واجبا:

جڏهن ڪندا حج، عُمرو،ٻئي هيڪاندا،

قدرت نه هونين اُٺ، ڍڳي، ٻڪريءَ جي، ته ڪرين سو ذيحا،

تڏهن تن شخصن کي، واجب ڏهه روزا،

ٽي رکندا آڳاٽا حج ڪنا، ست بعد فراغتا،

هيڪاندا رکندا، هيڪ نه چائز آه،

ڪندا پورا ڏهه سي، سڻس سهي ڪجاه،

”فَصِبامُ ثَلثَة اِيــَّام في الحَج وَسَبعَة،

اِذار جعتُم تِلڪَ عَشَر ةً ڪَامِلَة ءٌ“ اتي ايءَ معني.

پڻ ٻارهن مهينا پڌرا، آهين مشهورا:

”اِن َّ عِد َّ ة الشــَّهُر عِندَ الله اثنا عَشَر شَهر ً فِ ڪتاب الله“.

پڻ تيرهن ٽول سي جي، ڏٺا حضرت يوسفا:

پڻ اِڪاره ڀارَ پنهنجا، پُن والد ماسِياءِ،

ڏٺائين خواب ۾، ته ڪيائون مون سجدا،

چاليهن ورهين پڄاڻا خواب سو، ٿيو تحقيقا،

”انــّي رَاَيت اَحَدَ عَ شرَ ڪَو ڪَبــّـاو َّ الشــَّـمس وقلقَمَرَ رَاَيتُهُم لـِي ساجِد ينَ“ شاهد قرآنا.

جنهن قوم ڪوڙ ڪيو، سي ڀائر حضرت يوسف جا،

جي نه وسهيا حضرت يعقوب کي، جو نبــّي خدا،

ٿيا داخل جنــّت ۾، بّسين ڏوهه خدا.

پڻ داخل ٿيا چيري ۾، سبب سچ جي يهود نمارا،

نصارن مڃيو حضرت عيسيٰ کي، يهودن موسيٰ کا،

پر نه مڃيائون محمـّد ڪريم کي، ٿيا دوزخي بڇڙا،

”وَ قالَت اليَهودُ ليسَت اَلنــّـصاريٰ عَليٰ

شيءِ و َّ قالَتِ النــَّصاريٰ لَيسَت اليهُودُ عقليٰ شيءِ”

پڻ پَڇيائوَ مَڪان روح جو، منجهه ڪَن جي ماڳا،

مُنهن جهڙي ماڻهوءَ جي، آهي صورتا،

۽ معنيٰ ذرا يت زَروا جي، سي آهن واو موچارا.

ٿا لڳن چئ طرفن، راحت ارواحا،

”حمِلت وفرا سي، آهن ڪَڪر تحقيقا،

۽ ”جاريات يُسر ّا“ سي، آهين مَلڪ سونهارا،

مقرر آهين رزق تي، سندي مخلوقا؛

ڪنا رات براد جي، تان بي براد سِينئا.

پڻ جو تول رصي روح پساهه کڻي، سا آه زمينا،

هيڪڙو کڻي اونهاري، ٻيو سياري صهيحا.۽ چوڏهن تول جن ڳالهايو رب ّ سين، سي سَت اُڀ ۽ سَت زمينا،

جڏهن پڇيو رب ّ عالمن جي، چوڏهن ٽولفئا،

ته، آن، مڃيو حڪم منهنجو رضاسين يا جَبَر ّا ۽ زورا؟

تان جي، اسان مڃيو رضا ۽ رغبت سين، اي آگا اسان جا!

”و قَالَهَاو لِلارَض النتِيا طوعاً اَو ڪَرَ هاً قالَتا اَتَينا

طائِعِين“ اتان پروڙجا.

قبر جا هلي پنهنجي صاحب سين، سا مڇي حضرت يونسا،

جنهن ڳِهي نِيو پيٽ ۾، کي ڀلي نبي خدا.

جو ٽول نه اُلٿو اَڀن ڪنا، نه اُڀريو ڀُنيئا،

سو هو پگهر گهوڙي جو، جو آيو حضرت سليمان ڏانهن.

بيبي بلقليسا موڪليو، پائي شيشي منجهارا،

پڻ سوال ڪيانو جن چئن ٽولن جو، جي نه جن  َّ نه انسانا،

نڪي پيءَ جي پُٽ ڪنا، نه ماءُ جي پيٽا،

سو گهيٽو حضرت اسماعيل جو، ۽ اُٺ حضرت صالحا،

ٿيو حضرت آدم ڏاڏو سڀن جو، ماءُ بيبي حوا،

پڻ هاريو پهرين رت زمين تي، سندو هابيلا،

جهلي ڪُٺو قابيل تنهن کي، ناحق حمد ڪنا،

ستاويهون آگي ڪيڙو، مومنن کي مقابل جنــّتا،

پڻ مال وٺتائين تن جا، خلقڻ پڄاڻا،

”اِن َّ الله اشتريٰ مِن المؤمنين اقنفُسَهُم،

و اَمو الَهُم بانءَ لَهُم الجَنــَّةَ آگي ڪرم ڪيا،

اٺاويهون آوازن ۾ بڇڙو گهڻو، آواز گڏهه جو آه،

اِن َّ اَنڪَر الا صوات لصَوت الحُمِير“ آگو ٿو فرما3،

پڻ سوال ڪيانو وڏي ٽول ڪنا، خلقيو جو خدا،

سو آهي مڪر عورتن جو، وڏو عظيما،

”ان َّ ڪِيدَ ڪُن َّ عَظيم“ فرمايو موليٰ،

پڻ پڇيانوق تنهن شِءِ ڪنا، جا خلقي پاڻ خدا،

پوءِ پڇيو پاڪ ڌڻيءَ، ته هي ڪهڙي شيءِ آه،

سا هئي عصا حضرت موسيٰ جي، جو ڪليم الله،

”و ماتلڪَ بيمِينڪ يامُوسيٰ قالق هي،

عُصلي اَتَوَ ڪــَّاءُ وَ آهُش ُّ بِهاعَليٰ غُنَي“ ان پر سوالا،

۽ پڻ ڀليون عورتن ۾ سي پڻ سڻيجاه،

بيبي فاطمة زهرا ۽ خديجة الڪبرا ۽ عائشة الحُميرا ۽ بيبي حوا،

۽ بيبي عائشہ ۽ بيبي مريم، جا ڌيءَ عمرانا،

پڻ ڀلا بحر زمين تي، سي سيحُن جيحُن نانءُ،

سيحُن آهي سنڌ ۾، جيحون منجهه بلخا،

ٽيو دجلة، فرات، چوٿون، پنجون نيل مصرا،

دجلة درياءَ بغداد جو، فرات ڪوفي شهرا.

پڻ ڀلا وهٽن منجهان، آهين سي گهوڙا.

پڻ ڀلو جبلن ۾ آهي، جبل طور سينا.

پن ڀلو مهينن ۾ آهه، مهينو سندو رمضانا،

”شَهرُ رَمَضان الــّذي اُنزل فية اِلقُرآنُ فرمايو خدا،

پڻ ڀلي سڀني راتين ۾، آهي ليلَةُ الَقَدرا،

”لِيلَة القَدر خَير مِــّن اَلف شَهر“ اِتان پروڙجا،

پڻ طامة نالو قيام جو، سي سڻي صحيح ڪجاه،

پڻ وڻ عبارت ورهيه ڪنا، سو پڻ ياد ڪجاه،

ٻارنهن ڏار تنهن جا، سي ٻارهن مهينا پورا،

پڻ بَنا آهين ٽيهه، سڀڪنهن مهيني جا،

پڻ مکڙيون سڀڪنهن ڏينهن ۾، سي پنج وقت نمازا،

ٻه تن منجهان سڀڪنهن ڏينهن ۾، آهين طُهر ۽ عصرا،

۽ ٽي آهن پاڇي ۾، مغرب، عِشا ۽ صبحا،

پڻ ري روح حج ڪيو، سا ٻيڙي حضرت نوحا،

جا ڪعبي ڌاري طوفان ۾، ڦري ست ڀيرا،

پڻ هيڪڙو لک چوويهه هزار نبين جا، آهن مشهورا،

ٽي سو تيرهن رسول ها، سي سِکي صحي ڪجاه،

پڻ پڇو ٿا چئن ٽولن ڪنا، جن جو رنگ مختلفا،

پڻ مزو مختلف جن جو، آهين هيڪرو اصلا،

سي آهن وات ۽ اکيون اُنف ۽ اذنا،

آهي کارو پاڻي اکين جو، ۽ ڪڙو ڪَنن کا،

پڙو ڪِنو پاڻ نڪ جو، پڻ مِٺي لُعابا،

پڻ نَقِير قِطمِير فتيل جي، پڇيان جا معينٰ،

قطمير چئجي اَڇي کَل کي، جا ٿئي ککيءَ مٿا،

نقير چئجي کَڏ کي، جا پُٺ تي ککيءَ کي آه.

فتيل مُنهن جي پار ڏانهن، جا ٿي ککيءَ منجهارا.

پن سُند لَبَد چون اُن کي، جا ٿي رڍن ٻڪرين آ.

پڻ طَم ُّ چون اڳونن امتين کي، جي گذريا مهند هِنئا،

پڻ گڏهه تڏهن آواز ڪري، جڏهن ڏسي شيطانا،

”لَعنَة الله عَلَي الظــَّا لِمينَ” چئي اي الفاظا،

ته لعنت خدا جي تن شخصن اُتي،جي وتن ڪندا اظلما،

”سُبحان الله وَ بِحَمده “ ايءَ ڍڳــٖـي تسبيحا،

ته پاڪِي ڪَهـٖـي آواز ۾، هن پَر ڪلاما،

”وَيل لا ّ هل النــَّار مِن غَضَب الجَبــَّار“ سڻي ڪَن ڪِجاه،

ته ويل آهي دوزخين کي، کان غصمب جبــّارا.

گهوڙو ڪَهي آواز ۾، سو هن پر سڻيجاه،

”سُبحانَ حافظي اِذالَفــَّت اِلا بطالُ

بالا بطال و اشتَعلَتِ الــّر جال بالــّر جال“

ته پاڪي ڪريان رب ّ کي، جنهن ايڏي عظمت اه،

جو بچائي مون کي، جنگ جي ڏينها،

جيئن وڙهن بهادر بهادرن سين، مُڙس مُڙسنئا.

۽ مور چوي تسبيح ۾ ”اَلــّرَحمن علي العرش استَويٰ،

ته رحمان مالڪ عرش جو، جنهن وڏي عطمت آه،

اُٺ ڪهي دانهن ڪندي ”حَســَّ بِي الله وَڪَفيٰ با الله وَڪيلا،

ته بس آهي الله مون کي، پڻ ڪافي مون لاءِ.

”سُبحانَ الله، رب ّ اِلعرش، عمــَّايَصِفُونَ“ تِتر اِيءُ ڳالها3،

تهپاڪ آهي رب ّ عرش جو، ڪنا اسان جي صفتا.

”فَسُبحان الله حِين تُمسُون وَحِينَ تُصبِصُون“ اِيءُ بُلبل آوازا،

ته پاڪي آه الله کي، منجهه سنجهي صبوحا.

”سُبحان الله الِمَعبود فِي البراري ّ

والقفار سُبحان المَلِڪ“ اِيءُ ڏيڏر تسبيحا،

ته پاڪي آهي معبود کي، منجهه بَر ّ بيابانا.

۽ پاڪي ڪريان بادشاهه کي، جو جليل جبــّارا،

”سُبحان الله ِ حقَــًّــا النظر يا ابن آدم فِي

هذهُ الد ُّ نَيَا شَرقاً و َّ غَرباً مــَّاتريٰ فِيها اقحَد ًا يــَّبقيٰ“،

ته اي وياءُ حضرت آدم جا! ڪر نظر منجهه مشرق مغربا،

ته نه رهندو باقي هيڪڙو، ڪو فاني منجهه دنيا.

۽ پڻ پاڪي ڪريو رب ّ کي، جو هوندو هميشاه،

ڏيڏر ڏاڪ ڏيندي ان پر، ڪري نصيحتا.

پڻ وحي موڪليو، جنهن ڏونهه مولــٖـي مُلڪ خدا،

سو نڪي جن ّ انسان ڪو، نڪو ملائڪن منجها،

اُو آهي مَک ماکيءَ جي، سڻي ياد ڪجاه،

”و اَو حيٰ ربــُّڪ اِلي النــخقحل اقن اتــَّخذي مِن الجِبال بُيوتاً“ اِتان پرورجا،

پُڻ جڏهن اچي ڏينهن وري، تڏهن آگــٖـي جي علم ۾ هوءِ راا،

پُڻ ڪونه پروڙي تنهن کي، ڪو مَلڪ نه مُقر ّبا.

جڏهن جواب سڀن سوالن جا ٿيا تماما،

پُڻ تڏهن پڇيو قبايزيد“ ڀلـــٖـي، ته ڪو ٻيو آهي سوالا.

تان جي ناهه سوال مون ڪن، ڪو ٻيو اِن سوا.

تڏهن فرمايو ’بايزيد‘ ڀلــٖـي، ته ڏيو خبر مون کا،

ته ڪُنجي جا جنــّت جي، سو ڪهرو ٽول آه؟

تان ماٺ ڪئي وڏيري تن جي، نڪي سو ڳالهاءِ،

تڏهن هن چيو سڀن تنهن کي، اي وڏيرا اسانهجا!

ته توکي جواب هيڏن مسئلن جا بزرگ ڪيا عطا،

تون تان هيڪڙو جاوب ۾، ٿئين هيرانا!

تان چي آءٌ حيران نه آهيان، پر ڊڄان اَنهنجي ڊاءُ،

جو آئين رفيق مون سين جواب ۾، هرگز نه ٿيندا.

جڏهن ڪيائون اقرار گهڻا ته ٿينداسون رفيقا،

۽ ڪنداسون اطاعت انهنجي جيڪا ائين چَوندا.

تڏهن وڏيري چيو ته ڪُنجي، جنــّت جي هيءَ آهه:

”لا اِلہ اِلا ّ الله محمــّد ر ّسول الله“.

چيو تنهن جي پُٺِ ۾، سڀن ڪلمون شريفا،

وڌيا وڏي ويساهه ســٖـن، ٿيا محمــّدي مقبولا،

ڀڃي بُتخانا مڙئي، ڪيائون مسجدون مڪانا.

ڇِنا ٽقڳا ڪفر جا مڙني، جيڪي اُت هئا.

ايڏيون برڪتون اُمــّت سين محمــّد جي، ڪيون راحم رحمانا.

پڻ آيو آواز غيب منجهان، کي ڀلـــيـي بايزيدا،

ته اسان ڇنا انهنجي سببان، پنج سؤ ٽَڳن جا.

اي مرئي برڪتون ڪلمي شريف جون، سڻو مومنا،

تان ته جڏهن ڪافر ڪفر ۾، هئا ڪافر ورهن هزارا،

سي چوڻ ساڻ ڪلمي هيڪڙي، جنــّتي ٿيا.

تڏهن مومن ڄِڀ پنهنجي انهيءَ تي هيراءِ،

توهين چئو ڦِرندي چُرني ڪلمون ڪريما،

ته هُئــٖـي حياتيءَ ۾ رب ّ جي، مانَ محفوظا،

ڦن آگي فرمايو پنهنجي ڪتاب ۾، هن پر مذڪورا،

ته گهڻو چوڻ ڪلمي جو، آهي لا اِلہ اِلا الله،

اِيءُ ڪوٽ اهي عذاب ڪنا، سُڻي ياد ڪجاه،

پُڻ آهي بعضي صحابن ڪنا، هن پر مَنقُولا،

ته جو چئي لا اِلہ اِلا ّ الله سٻين قلب يقينا،

ڪري مدح تعظيم سين، ادب جي جِهتا،

ته مَرهي چار هزار گناهن جا، مهر سين موليٰ،

جي نه هُونِ تن جا، ايترا گناها،

ته پاڙي وارا تنهن جا، بخشجن تنهن سببا.

آهي ابن عباس ڪنا، هن پر روايتا،

ته چوويهه ساعتون رات ڏينهن ۾، آهين مقررا،

پڻ حروف ڪلمي ڪريم جا، چوويه ٿين ٿا،

ته حروف موجب گناهه ساعت جو، آگو ٿو بخشا3،

تڏهنجو پڙهندو رات ڏينهن ۾، هڪڙو مرتبا،

ته نه رهندو گناهه تنهن تي، باقي بقايا.

پَرپسجن مرتبا تن شخص جا، جي اُمــّـتي محمـّد جا،

ٿا پڙهن ڪلمون پرت سين، سنجهي صبوحا،

جان هوندا گنگهار سي، عاصيــّن منجها،

ته آگو بخشيندو پنهنجي مهر سين، تن جا گناها.

۽ جان هوندا مومن مُتـّقي، تان ٿيندو، تازو اِمانا،

وڌندا ويساهه ۾، سين طور يقينا،

تان ته چئو مومنا مڙئي، ڪلمون ڪريما،

ته لهو اوباهو عذاب ڪنا، رسو جنــّتا،

موليٰ ڪرين ”محمـّد“ کي، تن مومنن منجها،

جني ڪوڏ ڪلمي سين، راتو ۽ ڏينها،

پڻ مرڻ وقت منهنجا ڌڻي، ڪلمي ساڻ لڏاءِ.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله


[1] . هن مناقبي جي روايت وچولي )(تعلقي تنڊي الهيار) مان يار محمد مهاڻي جي قلمي نسخي تان ورتل آهي.

[2] . سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 47.

[3] . هن مناقبي جي روايت وچولي (تعلقي کپري) مان عبدالحڪيم کان ملي آهي.

[4] . سوانح عمريءَ لاءِ نو هاشيہ ص 20.

[5] . هن مناقبي جو متن ”مجموعہ مدحيات“ تان ورتل آهي. شاعر جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

[6] . هن مناقبي جي روايت اُتر (تعلقي ڏوڪري) مان غلام نبي کان ملي.

[7] . سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

[8] . هن مناقبي جو متن ڇپل ڪتابڙي ”مجموعہ مولود“ (بمبئي) کان ورتل آهي.

[9] . سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org