سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناقبا

باب: -

صفحو :12

 

 

منقبو حضرت علي عه  جو: مقاتل ڪافر وارو[1]

(چيل علي محمد جو[2])

 

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب آهي، سجان،

مالڪ مُلڪن جو ڌڻي، رازق آءِ رحمان،

قادر ڪُن فيڪون مؤن، جوڙي راس جهان،

آڳي عرش اُپايو، زمين ۽ آسمان،

تنهن باريءَ جو بيان، ڪري ڪبو ڪيترو.

 

ڪري ڪَبي ڪيتري، هيءَ آڳي جي عبرت،

جنهن پيغمبر پيدا ڪيو، مڻئي مان محبت،

روشن ڪيو رسول کي، هاديءَ سان حڪمت،

چيدا چار يار خلقيا، باري سان برڪت،

رازق سان رحمت، پيدا پنجتن ڪيا.

 

جنگ ’بدر‘ جو مومنو، آهه اوهان اظهار،

شامل جنهن ۾ شرير هو، ’اَبوجهل‘ بدڪار،

ماريو هن ملعون کي، علي شي مڻيار،

هليو دنيا مؤون لعنتي، ڇڏي هيءَ دار،

وڃي وسايائين نار، دوزخ تنهن گهر ٿيو.

 

پُٽ تنهين کي هئو، نانوَ جنهين ’تقتال‘،

سو پڻ شُوم شرير هو، سڻو تنهن احوال،

شڪ نه آڻيو مومنو، ڪو اندر هن ڳالهه،

شڪ ڪندڙ اُتي لعنت، چيائون في الحال،

سڻو هيءَ مقابل، يارو! يقين سان.

 

ڀڳو تقتال ملحد، مڪــّـي شهر منجهائين،

نالو ’مقاتل‘ ڪافر جو، ڪنــٖـين ٻڌائين،

حشمت ۽ لشڪر جو، سؤنڪو سُئائين،

هيءُ به هليو اوڏهين، دانهن وٺي دانهين،

ائين اُنائين، ته نيئي ڀر وٺان بادشاهه جي.

 

ڀر وٺان بادشاهه جي، جنهن لائق گهڻو لشڪر،

مانَ اٽڪي مرتضيٰ سان، جنگ ڪري ڪافر،

هليو تنهن پرڏيهه، قابو ٻڌي ڪَمر،

لڳس ٻه مهنا سفر ۾، پورا پنڌ اندر،

نيٺ وڃي هُن ڀَر، لڌائين شهر ’قندور‘ جو.

 

ڪري پنڌ قندور جو، ڏٺائين اسرار،

بُرجن جي بنياد جو، درست ڏٺائين ديدار،

ٽي سؤ برج تنهين ۾، ٿو شاعر ڪري شمار،

هو هڪ هڪ برج تي، لشڪر هڪ هزار،

تن بُرجن تي بيشمار، لشڪر مڙيئي ٽي لک ٿيو.

 

ست قلعا تنهين ڪوٽ ۾، ڏاڍا ڏونگر کاءُ،

چوڌاري تنهن ڪوٽ جي، هو وڏو نيل درياءُ،

محڪم اهڙو مستقيم، ڪونه ٻُڌو ڪوٽاءُ،

اندر وڃڻ جو رستو، ڪونه هيو تنهن مُلاءُ،

ڪنهن جي مجالاءُ، جو چڙهي وڃي تنهن شاهه تي.

 

هيرا لعل هزار هئا، خزانن ڪمي ڪان،

چاليهه لک سوار، چاليهه لک پيدل ساڻ،

هو لشڪر تنهن جو ايترو، شرط وڏي سان شان،

هزارين هاٿي تنهن جا، سورهيه سان سامان،

بندوقان ۽ بانَ، هُيَڙا هزارن کؤن گهڻا.

 

بيحد تير تنهين وٽ، هئا ترارن جا تانَ،

سرواهيون سَنيُون گهڻو، نيزا مان نيشانَ،

بيحد بڙڇيون ڪتاتيون، هئا ڪرٽ وڏا تِن ڪانَ،

جهجها تنهن جوان وٽ، هئا پڙ ۽ پهلوانَ،

شاهي جن جا شانَ، هئا عجاب اهڙا.

 

عجاب رنگ عجب ڏٺائين، سندا عجب الله،

هو والي ولايت جو ڪيو، تنهن کي باري بيپرواهه،

تقتال اچي حاضر ٿيو، تنهن دانهه جي درگاهه،

روئي روبرو چيو، پانَوَ کي بادشاهه،

ته بيواهي جي ڪر واهه، آيس دانهن وٺي تنهنجي در تي.

 

دانهين تنهنجي در تي، اچي سورهيه ڪم سلام،

ٻُڌم ٻنهي ڪنن سان، نشر تنهنجو نام،

جي ڏٺم اُڙد تنهنجا، لشڪر هُل هشام،

دهل دمايا، نقارا، دفتر خاص و عام،

طرح طرح تمام، آهي حشمت تنهنجي بادشاهه.

 

بيحد بادشاهه اچن، ڪرڻ سورهيه وٽ سلام،

وڏا وڏا بادشاهه اچن، سندس جاءِ تي صحيح شام،

هوندا هئا حاضر حضور ۾، مانجهيءَ وٽ مدام،

ويهي ڪچهريءَ وچ ۾، ڪن سارهه صبح شام،

سوين ڪن سلام، ٿا سورهيه جن صفن ۾.

 

پڇو تنهن تقتال کؤن، پانَوَ بادشاهه،

ڪير آهين، ڪاڏنهن اچين، ديس ڪهڙي داناهه؟

وٺي دانهنَ آئين، سا سڻائج سهجاهه،

ڳالهه ٻڌائج پانهنجي، جا مون وڻي سان واهه،

ته ڪريان پوءِ صلاح، جيڪا وڻي تو جيءَ کي.

 

تڏهن ڳوڌي ڳالهه ڪڍي ويهي تت تتقال:

ٻُڌ ته ٻڌايان توکي، حاذق پنهنجو حال،

آهيان مڪــّـي جي شاهه جو، آءٌ وزير بحال،

پيءُ ڏاڏي پڙ ڏاڏي کؤن، آهي حاڪميءَ جو خيال،

نانءُ سندم تتقال، آهيان پُٽ ابوجهل جو.

 

ٿيو پيدا مڪي ۾ آهي، مير محمــّـد ڄام،

نبي سڏائي پاڻ کي، پر آهي جادوگر جام،

تنهن دُرنگو وڌو دين جو، آڻي مير مدام،

پڳائين بت اسان جا، وڃائي سندن نام،

اسان کؤن وڃائي وريام، ٿو پيءُ ڏاڏي جي پيروي.

 

ٻيو به تنهن سان هڪڙو، آهي شامل وڏو شاهه،

نانءُ جنهن جو مرتضيٰ، جو سندس برادر ڀاءُ،

هڪل ڪري ٿو هڪڙي، ڪڍي ڪفر جو ساهه،

تنهن ماريو پيءُ منهنجو، جنگ بدر ۾ آهه،

سو نيٺ ڪندءِ ڪاهه، اڄ سڀان تنهنجي مٿان.

 

اڄ سڀان تو وٽ، اِجهو سو ايندو،

اچي تنهنجي اُڙد ۾، سو اوچتو پوندو،

ڪڍي هن قلعي مؤن، توکي علي ماريندو،

مُنج تون مديني مُلڪ تي، ڪو پهلوان پنهنجو

جيڪو علي آڻيندو، تنهن کي جهجهاور انعام ڏي.

 

آڻي عليءَ کي جيئرو، يا ڪري اچيس قتلام،

ٻنهي طرح تنهن جو، رهي سهڻو نام،

جي آڻي جيئرو ان کي، ته ڪجانئس غلام،

وٺج وير پِيُن، جو تنهن کؤن صبح و شام،

جي ٿئي قتلام، ته ڇُٽي پوين ڇِيَن کؤن.

 

مون به ٻڌو آهي مڪي ۾ ته ڪو احمد مير،

بَت ڀڃي اسانهجا، ڪري دفن منير،

حضرت علي ڀاءُ ان جو، ٻُڌم ورنهه وير،

ماريا جنهن هزارين، ڪوڙين شاهه سڌير،

هاڻي ڪندس تدبير، پاڻهي تن جي قتل جي.

 

پوءِ ڏنائين جاءِ ان کي، خاصي ڪا اوطاق،

ڪامل ويٺو ڪرسيءَ تي، دانَهه سان ديماڪ،

آهين ماريل پنڌ جو، جسم ڪر تون چاق،

ڪر عيش آرام تون ڀي، خاصي ڪا خوراڪ،

جنهن لئي تون مشتاق، سو آڻي ڏيون مرتضيٰ.

 

حڪم ڪچهريءَ جو ڪيو، تنهن ملحد مُنهن ڪار،

مِڙيا تنهن وٽ ڪيترا، هزارين مُردار،

آڻي ٻِيڙو پان جو، حاضر ڪيئون هڪوار،

ڪيا ميلا مجلس جا، دانَهه دعويدار،

ڪري ڪير شمار، ڳڻڻ ڳاڻاٽو ناهه ڪو.

 

مِڙيا مير وزير اچي، سهسين پهلوان،

ويهي تن جي وچ ۾ ڪيو شاهه بيان،

مديني مان مرتضيٰ، جيڪو آڻي جوان،

ڌيءَ پرنايان اُن کي، موتي ڏيان مرجان،

بادشاهي بي پايان، ڏيانس اڌ تنهين مان.

 

ويٺو اُت وزير هو، جو ’ميڪد‘ مُنهن ڪار،

اُٿي خام کڙو ٿيو، لعنت جو لڳدار،

موڪل وٺي مقاتل کؤن، ترت ٿيو تيار،

هاٿي گهوڙا ڪيترا، ٻيو لشڪر ٻارهن هزار،

جوان ڪري جنسار، ساڻ ٿيا سورهيه سان.

 

نڪري شهر قندور کؤن، ٿيا رستي تي رهوار،

پنج مهينا پنڌ ڪري، آيا مديني کان ٻَهار،

جهنگ ڏسي اُت هڪڙو، لڻا اندر غار،

ٻُڌائون ته هتي ڪندو آهه، علي پاڻ شڪار،

هي ته ٿي اظهار، ٻڌو احوال احمد ڄام جو.

 

ويٺو مسجد ۾ هئو، مير محمــّـد ڄام،

فائق فرض پڙهي ٿيو، سيــّـڊ سر انجام،

چيو اصحابن کي تڏهن، موٽي وير وريام،

ڪير ڪندو اسانهجي، دعوت اڄ شام،

اُتو احمد ڄام، ته هجي هرڻ جو گوشت سان.

 

چُمي قدم ڪريم جا، ’ادهم‘ ٿيو تيار،

گهوٽ چڙهيو گهوڙي تي، موڪلائي مڻيار،

حاذق هليو جهنگ ڏي، جت هيا لڪل ڪفار،

اُن لڪي ڏٺو لشڪر اتهين لٿل بيشمار،

ويڙهي ويو چوڌار، ادهم کي اُڙد سو.

 

پانَوَ پڇيو تن کؤن، جي ماڻهو ڏٺائين،

ڪير آهيو، ڪاڏهون اچو؟ ائين چيائين،

ڏنو ميڪد تنهن کي، ورندو اُتائين،

پُڇون پار عليءَ جو، ڏَس علي سائين،

جي اٿئي ڪَل ڪائين ته ٻولــٖـي ٻڌاءِ اسان کي.

 

ٻولــٖـي ٻڌائي تن کي، ٿو ههڙي حقيقت،

اوهان جو ڪم ڪهڙو عليءَ ۾، ۽ ڪهڙي قرابت،

چي، عليءَ ڪاڻ اسان ڪيو، قندور منجهان ڪست،

وڍيون سِر عليءَ جو، آهي نِرتيون هي نيــّـت،

پوءِ هُو سمجهي حقيقت، ٿو وير ورندي ڏئي.

 

ڏني ورندي تن کي، سورهيه هيءُ اڳياءُ،

عليءَ جو اوهان کي اهي، ڊپ نڪو ڊاءُ،

علي شير الله جو، سورهيه شعاع،

ڪير وٺي نالو تنهن جو، طاقت ڪنهن کي آهه،

آهيان علي آنءُ، اچو سنڀري اوهان سڀئي.

 

ٻُڌي نانءُ عليءَ جو، موٽي چيو ميڪد،

آيو لي هيڪدو، جنهن لئي ڪيوسون پنڌ،

وٺو ويڙهي تنهن کي، متان ڪري ڪو ڦند،

ويو ويڙهي ادهم کي، سو لشڪر بيحد،

اي الله احمد! اُٺائج مون ايمان سين.

 

ايمان سين اُٺائين، پرين تون پَرور،

آهيان عاصي گهڻو، سار لهج سرور!

اي مير محمــّـد مصطفيٰ، تون مدد ڏي منو ّر،

ٿو عليءَ کي ادهم ساري، مهل تنهين هر هر،

اي علي شير انور! مدد ڪر منهنجا پرين.

 

وٺي نالو عليءَ جو، ڪڍيائين پوءِ ترار،

سنڀاري سبحان کي ۽ مير محمــّـد مڻيار،

ماري منافق وجهان، ٻه تڪ ڪري تڪرار،

ڪافر وڙهن وير سان، چوطرفئون چوڌار،

ڪيائين ڍونڍ اَپار، ماري ملحد ڪيترا.

 

ڪري هڪ هڪ وار سان، ڌڙ سسيءَ کؤن ڌار،

رليا رهزن ڪيترا، جئن وهاٽي نار،

ٻارهن هزارن مان ماريائين، ٻه سؤ هڪ هزار،

حاذق ڄڻي هڪڙي، قتل ڪيا ڪفار،

پوءِ جهلي هٿ هٿيار، دعا گهريائين داور کؤن.

 

هوڏهن ٻارنهن هزار، هڻي ڪيرايا پهلوان،

ادهم سنڀاريو الله کي ۽ رازق رحمان:

مارين جي مون ڌڻي، ته آگا ڏج ايمان،

شوقئو وساريان نَه شل، آءُ عليءَ جو نانءُ.

نيٺ سنڀاري سبحان ٿو راند ڪري تلوار جي.

 

اچين گهني کؤون گهڻا؛ سورهيه تي سپاهه،

هن به خان کني کي کنيو، وڄ تئن جئن واءُ،

ڪافر ماريائين ڪيترا، گهڻا ڪيائين گمراهه،

ٿيا ريلا رت جا، وهيا ڍورا ۽ درياهه،

ته به سورهيه کڻي نه ساهه، اڃا عاشق اڳتي.

 

گهڻو زور زخمي ٿيو، نيٺ ادهم جوان،

گهيرائين دعااُمت محمـّـد لئي، رازق کؤن رحمان:

موليٰ مرهين مون ڌڻي، اُمــّـت فضل ساڻ.

ٿو سِر ڏيان ناءُ عليءَ تي، آگا اُمت ڪاڻ،

سٻاجها سبحان بخش امت احمد ڄام جي!

 

صاحب سجدي ۾ ٿيو، سورهيه سر نِوائـٖـي،

ميڪد مُنهن ڪار هليو، کنو کِنوائــٖـي،

هڻي ڌڪ شهيد ڪيو، ڌڙ سسيءَ کؤن لاهي،

انهيءَ مهل به ادهم کي، ڪلمون ياد آهي،

پَٽ ۾ پيو آهي، ڌڙ تنهين جو ڌوڙ تي.

 

سِر چيو ٿي اتهين هر هر لا اِلہ اِلا الله،

ٿي نڪتو ڌڙ ڪنا ڪلمون، محمــّد رسول الله.

کڻي سِر نيزي تي، چيو ڪافر تَهين ماڳاءُ،

ته هلون هتئون پنڌ ڪري، متان اچي محمـّـد شاهه.

تيار روانا مٿي راهه، ڪري منهن قندور ڏي.

 

گهوڙو تنهن شاهه جو، رنو زاروزار،

ڏسي حال هوار جو، بيحد ٿيو بيزار،

هليو مديني هڪلي، تيزيءَ سان تڪرار،

مديني ۾ مصطفيٰ ٿو نهاري، ادهم سندا پار،

شام گذري سرشار، اڃا ادهم موٽيو ڪينڪي.

 

حيدر شاهه، حمير کؤن پاڻي طلب ڪيو،

سو پاڻي کڻي پاڻ سان اچي حاضر ٿيو،

پيتو پاڻي مرتضيٰ، پر گهڻو تلخ تکو،

اُڃ نه لٿي هڏهين، توڙيپاڻي4 کي پيتو،

پيس دل ۾ وسوس، ته خير ڪري خداءِ شل!

 

نڪري ٻاهر گهر کؤن، هليو مسجد ڏي،

پيس قطرا رت جا، مُنهن تي متواتر ٽــٖـي،

اُگهي مُنهن هٿ سان، پيو حيرت هـٖـي،

وڇي مسجد وچ ۾ چيو، حال مير محمــّـد کي:

ناهي خير ادهم ڏي، شايد ويو سو مارجي.

 

ويو ادهم مارجي. چيو مير محمــّـد ڄام،

رنو رسول رب ّ جي، ڦاري گريبانا،

وجهي خاڪ مٽي ۾، ماڻهن ڪيو ماتام،

علغلو غوغاءُ ٿيو، مديني منجهه مدام،

ٿا هارين جر جام، سڀئي ماڻهو شهر جا.

 

اُٿيا اصحابن سان پاڻ، نڪتا مسجد کاءُ،

رَئِي ڏٺائون آسمان تي، چوگردي چوطرفاء،

آيو گهوڙو اوچتو، احمد چام اڳياء،

ڪئي نظر نيڻن سان، ان تي نر نگاهه،

سامت آڻي ساهه، گهوڙو آيو هيڪلو.

 

ڪيو اشارن سان جنگ جو، گهوڙي سارو حال،

سمجهيو سردار تنهن جو، ساروئي خيال،

ٻڌايائون ماڻهن کي، سڄو قيل مقال،

ادهم جي موت جو، ٻُڌو تن احوال،

پٽن ۽ مائٽن جال، جَر ٿي هاريو ادهم لاءِ.

 

دانَهه چڙهيو دلدل تي، حذق ٿي هسوار،

کنئي خوشيءَ کان مرتضيٰ، زيرڪ ذوالفقار،

گهوڙو ادهم جو اڳ ۾، ٿيو دڳ و‎ٺي دڳدار،

پٺيان حضرت حيدر ٿيو، سروهيه سو سردار،

عازي پهتو وٽ غار، جِت هو لاش لائق جو.

 

لائق لاشي تي ڏٺو، وسندو مٿئون نور،

هزارين حوران ڏڍائين، مَلڪ اتي مخمور،

پيارين آب حوض ڪوثر جو ٿا، ڪن ڪون قصور،

ڏنو غسل لاش کي، مَلڪن ٿي معمور،

پهتو وڃي پورنور، حيدر انهيءَ وقت ۾.

 

السلام عليڪ، لاش چيو ڏسي حال سندم حيدر!

شيهد سجدي ۾ ڪيو، جنهن نالو ميڪد ڪافر،

هليو شهر قندور کان، ڪري قصد تنهنجي ڪر،

نثار ٿيس تو نانءُ تان، آءُ هتي صفدر!

ڪامل! ڪري قبر، پاڙهي نماز دفن ڪيوم.

 

پاڙهي نماز مَلڪن سين ٿي، حضرت علي امام،

کڻي قبر تيار ڪئي، مَلڪن تُرت تمام،

ڪري دفن تنهن سورهيه کي، حيدر ڪيو سهلام،

بيٺو گهوڙو قبر تي، ٿي مجاور لئي مدام،

پوءِ هليو حيدر ڄام، ڪاهي ڪفارن تي.

 

مديني ۾ مصطفيٰ ڪيو ادهم جو غم گهڻو،

چارئي پٽ عزيز سڀ، بلڪ ساري شهر رنو،

حسن مير حسين، حضرت وٽ، اچي حاضر ٿيو،

روئي روبرو مير محمـّـد چام جي، تن هي حال چيو:

ڪل ناهي ڪاڏي ويو، اڄ پيءُ اسان جو مرتضيٰ.

 

ٻڌي حقيقت هيءُ ٿيو، عجب احمد ڄام کي:

مالڪ منهنجا مون ڌني، آهي ڳجهه معلوم توکي

ڪر مطلع من کي، فائق سان فصل پنهنجي.

ٿيو حڪم جبرئيل کي، اُن طرف رب ّ جي:

وڃي هال چئو تون هي، سارو قصو ادهم جو.

 

جبرئيل جبــّار ڏهون، رسيو مٿي راهه،

چئي اسلام رب ّ جا، ڪئي حضرت کي آگاهه:

ڪري دفن ادهم کي، ويو سِر وٺڻ لئي شاهه،

مقڪم مقاتل ساڻ، جنهن کي ميڪد ماريو آهه،

ناهي حيدر کي ڊپ ڊاءُ، ملندو سلامت توسان اچي.

 

ٻڌي حقيقت هال جي، شڪر ڪيو مرسل،

ڏنو حڪم اصحابن کي، ڪئي تياري تنهن پل،

حضرت ابابڪر، عمر ، عثمان، تيار ٿيا تنهن مهل،

ارڙهن پٽ شاهه عليءَ جا، فرزانه فرزند مَل،

ٿيا حاضر منجهه هڪل، ٿي سوار گهوڙن تي.

 

ٿيا سوار گهوڙن تي، اصحاب اچي هزار،

چڙهيو مير محمــّد مصطفيٰ، هُل ٿيو چوڌار،

هي به هلن ٿا اوڏهين، جاڏي حيدر ٿيو هسوار.

پهتو نيل درياءَ تي، اچي حيدر ساڻ هٿيار،

گهميو چوطرف چوڌار، پر رستو ملي ڪينڪي.

 

تڏهن بيهي قلعي سامهون، حيدر هنيو نارو[3]،

پئي جنبش شهر ۾، ڪوٽ ڏڪيو سارو،

شايد چڙهيو لشڪر سان، حضرت محمــّـد موچارو،

پئي چؤپچؤ لعين ۾، ٿيو مقاتل مُنهن ڪارو،

ڪيو معلوم حال سارو، چڙهي قلعي جي مٿان.

 

چڙهيا ڪافر ڪوٽ تي، مُٺا مُنهن ڪارا،

سورهيه بيٺو هيڪڙو، ٻڌي هٿيار هزارا:

ڪير آهين ڪاڏهون اچين، چئو مطلب موچارا؟

آيهان زنگين جي شاهه جو، وڏو مان اميرا،

آيس پڇڻ پچارا، جئن آندو ميڪد سِر علي جو.

 

مقاتل اڳيئون تن ڪئي، وڃي ساري حقيقت:

آهي زنگين جي شاهه جو، ايلچي البت.

چيو مقاتل تن کي، سو جلدي آڻيو هِت،

زنگي منهنجو دوست آهي، سچيءَ ساڻ پِرت.

پوءِ ڪاهي ڪشتي اُت، آندائون عليءَ کي.

 

گهوٽ چيو گهوڙي کي، چؤرنگ چِتائي:

نعرو ٻُنڌي منهنجو، تون اچج اَلائي.

ويا وٺي گهوڙن کي، ڪافر سي ڪاهي،

ڪيو شاهه سلام اچي، مقاتل مُهائــٖـي،

ڏنو جواب ساڱائي، ڪامل کي تن ڪافرن.

 

ڪامل اُتي ڪافر جي، وٺي ويٺو وَٽَ،

مقاتل ڪئي ماه جي، آڌر پوريءَ ڀَت:

جيءُ آئين ڀلي آئين، سَل ساري حقيقت،

ميڪد ٻُڌوسون عليءَ جو، سِر آندو آهي هت،

تنهن خبر لهڻ لئي هت، مون کي مُڪو آهي بادشاهه.

 

مُڪو مون کي بادشاهه، ته وڃ لهي اچ خبر،

آهي ڳالهه سچي، يا ڪوڙي سراسر،

مون ڏٺو آهه عليءَ کي، سڃاڻان سو سَڀر،

آڻيو سو ته سڃاڻا، جي هجي هت حاضر.

ڪيو مقاتل امر، جئن آڻي سو حاضر ڪيئون.

 

رکي سر طشت ۾، آندائون اڳياءُ،

ڏسي سِر ادهم جو، روئڻ آيو شاهه،

پر جهلي ويو جوش سو، جئن پوي نه ڪافرن سماء،

پوءِ چيائين مقاتل کي، اڳيان هيئن مَهاءُ:

هيءُ سِر ناهي علي شاهه، ميڪد مڪر توسان ڪيو.

 

ميڪد مڪر توسان ڪيو، ڄاڻج يقين تمام،

سِر ٻئي جو وڍي آئيو، سو بَدو انجام.

جڏهن ميڪد ٻُڌو اتي، حضرت جو هي ڪلام،

لڳيس باهه بدن ۾، جيرا جليس جام،

کڻي خنجر سو خام، هلي آيو حضرت تي.

 

آند سِر حضرت عليءَ جو ڪري تحقيقات،

تون آهين ڪير ج ڪرين، سندم ڪوڙي بات؟

آهي سِر هي حضرت عليءَ جو، چوان ڇا اُن صفات،

ماريو تنهن لشڪر منهنجو، سورهيه ڪهڙي بات!

چئي اُتي حيدر هيءُ بات، ته علي اهڙو نه آهي.

 

علي اهڙو نه آهي، جو تون ان جو آڻين سِر،

علي ڏسين اُتهين، عقل وڃئي هيڪار،

ميڪد جليو ملعون سو، ٻُنڌي هيءَ خبر،

هنيو حضرت حيدر کي، خام ڪڍي خنجر،

ٿيو زخم اپر، سيفي ۾ تنهن شام کي.

 

زخم سيني ۾ ٿيو، وهي رت هليو،

جوش مؤن جهٽڪو ڏنو، هت وٺي تنهن جو،

ٻانهن کؤن تنهن لعين جو، هت جدا ٿيو پيو،

هنئي ٿَڦ حضرت تنهن کي، جوش ڪري جذبو،

سر ڌڙ کؤن ڌار ٿيو، وڃي پيو پري ملعون جو.

 

ڏسي حقيقت هيءَ، اک پٽي اُن ابليس جي،

تِير تراريون بڙڇيون کڻي، تيار ٿيا پاجي،

ڪاهي آيا شاهه تي، ڪست ڪري ناري،

لڳا وارا ڪرڻ شاهه تي، چوطرف چاري:

فتح ڏج اِلهي، مِهر ڪج منهنجا ڌني!

 

مِهر ڪج منهنجا ڌڻي! اُت حضرت گهري دعا،

زيرڪ ذوالفقار ڪڍي، ڇڪي ڇوهه منجها،

ٽڪر پورا ٻه ٿئي، جنهن کي ڪري گهاءُ،

ڪيائين ڪافر قتل هزارين، منجهه تنهن ساعتا،

ڪُل ڪافر ڪنبايا، جوهر ساڻ ترار جي.

 

ڏسي جوهر ترار جو، ڀڳو مقاتل جوان،

ڪٿان آئي هيءُ اوچتي بلا، ڪاٿون هيءُ پهلوان،

پڇيو لعين شاهه کؤن، ته نالو ڏَس تون ميان!

نڪو آهيان سپاهي مان، نڪي ڪو پهلوان،

بلڪ آهيان پاسبان، در محمــّـد مير جو.

 

پاسبان در محمــّڊ مير جو، گم شم سندم نام،

آندو سر اوهان آهه، وڍي ادهم ڄام،

وٺڻ آيس سِر ان جو، ۽ عيوضو تمام،

اچي ٿو لشڪر وٺي، پٺيان خير انام،

۽ اچي ٿو علي الاعلامُ، ۽ ارڙهن فرزند اُن جا.

 

آهيان ڪفي اومان کي، فقط هڪڙوئي مان،

ڀلو ڄاڻو پانهنجو ته آڻيو سڀ ايمان،

پڙهو ڪلمون نبيءَ ڄام تي، ۽ مڃو سو مهربان،

ڪيو پيدا سڀني کي، آهي جنهن رحمان،

پڙهي ڪلمون ٿيو مسلمان نه ته ڪَٽجي ويندا سڀئي.

 

لَک ڪافر لاڏ مؤن، ٿا وَرن مٿي وريام،

آيو جوش جوان کي، جملي ڪيائين جام،

مُئا ڪافر ڪيترا، هزارين حصام،

لڳا چوڻ ڪافر اُتهين، تون جن ّ يا ديو تمام،

آدمي آهين يا مَلڪ مُدام، جو اَثر ٿئي ٿو ڪينڪي!

 

اثر ٿئي ٿو ڪينڪي، نڪي تون کائين!

پاڻي پين تون ڪينڪي، ڪر جادوگر آهين؟

نٿو ڊڄين هڏين تيز ترار کائين،

قسم تو کي رب ّ جو، تون مير محمـّـد آهين؟

نالو تنهنجو ڇاهِين، سَل سگهو تون اسان کي.

 

علي آهيان آءُ سو، جنهن کي ٿا ڳوليو،

لڳا نچڻ خوشيءَ کان، ٻُڌي نالو حيدر جو،

وڃي چيائيون مقاتل کي، ته توتي خدا راضي ٿيو،

جنهن دشمن تنهنجو اچي، گهر ۾ حاضر ڪيو،

مقاتل تن کي چيو، جيئن ڀڄي وڃي سو ڪينڪي-

 

متان ڀچي وڇي سو هتئون، جو پهلوان آهي،

وجهي زنجير تنهن کي، سگهو وٺو ساهي،

هليو لشڪر سڀئي، ڪتن جان ڪاهي،

اُٿيو هُل آسمان تي، ٿي دنيا اونداهي،

ڪيئي ڪافر ڊاهي، عليءَ وڌا انهن مان.

 

کڻي ڪمند هٿن ۾، ڪاهي آيا ڪفار،

هڪ دفعي حضرت کي، پيا ڪمند ٻارهن هزار،

ويڙهي ورتائون شاهه کي، ترت ڪري تڪرار،

حيدر هٿ کنيا اُت، منجهه درگہ رب ّ جبار،

ڪر ڪا مدد ڪِردگار، ته ڪريان فتح ڪافرن تي!

 

ناهي پُت نه ڀاءُ هتي نڪو يار عزيز،

هن وقت گهرجي همراهي، تنهنجي رب ّ قدير،

آهين مالڪ مُلڪ جو، صاهب رب ّ سُڌير،

جيئن ڪرين تيئن ٿئي، پلڪ ۾ پذير،

مدد ڏي منير، ته ڪيان قتل ڪفارن کي!

 

آئي نِدا غيب کان، ته اي منهنجا مهربان!

آهيان همراهه توسان، تون نه لاهج دل سجان،

ڪندين قتل مقاتل کي، شاهه وڏي سان شان،

مدد لئي تنهنجي مُنجان ٿو، مَلڪ مرد جوان،

ڪيان سوڀ عيان، سڄي ملڪ ۾ تو سندي.

 

ٿيو حڪم جبرئيل کي، ته وٺ ملائڪ ڏهه هزار،

وڃ مدد لئي دوست منهنجي، ٿي ترت تيار.

حڪم سان هليو لشڪر وٺي، سندي حضرت پار،

اچي وڌائين سٽڪو ڪفارن ۾، ماريائون لک هزار،

ڏسي مدد رب ّ جبار، آيو جوش عليءَ کي-

 

آيو جوش حضرت عليءَ کي، هنيائين نارو [4]،

ويا ٽُٽي زنجير سڀيئي، ڪوٽ ڪريو سارو،

ڪريا ڪافر بيهوش، ڪوٽ ڪريو انڌارو،

حمل ڪريا زالن جا، پيو مُلڪن ۾ پچارو،

ٻُڌي دلدل سو نارو(56)، ڊوڙي آئي شاهه وٽ.

 

ٿيو هسوار ان تي، سگهو حيدر شاهه،

ڪڍي ذوالفقار زور مان، ڪافر ڪيائين قتلا،

موليٰ منڪرن کي ماريو، ٿي سڄوئي ڏينها،

ويا ڪافر شام جو موٽي، پنهنجي منجهه ماڳا،

ڪئي ڪفارن مصلحتا، گڏجي رات جو پاڻ ۾-

 

چيو مقاتل تن کي، ٻڌايو سڀئي احوال،

گهڻا مئا، گهنا زخمي ٿيا، ڪِي ضايع ٿيو مال؟

اچي اسان تي آفت پئي، ڪري ڪيئن ڪمال!

وڃي ڪنهن طرح هتئون سو کڻي جواهر جال،

ڪَل نه هئي ڪا، ته ڪو علي آهي اهڙو.

 

لشڪر ماريو لَکها، زخمين جو ناهه شمار،

اسان سمجهايو هو اڳهين توکي ساڻ پيار،

مگر مڃيو تو ڪينڪي، هو عليءَ جو آثار،

هاڻي چونداسون ان کي، منٿ ڪري مختار،

من وڃي مڻيار، معاف ڪري هن ماڳ تان.

 

ٻُڌو حال موليٰ جو سارو، سڀئي مومنا!

ويا ڏينهن گذري ڪيترا اَن پاڻيءَ بنا،

ٻيو وري جنگ درپيش هئي سختيءَ ڪنا،

ٿيو صبح جنهن وقت، اچي عالم تي عيان،

ڪيو دوگانو ادا، حيدر فرض الله جو.

 

ڪري ياد الله کي، ٿيو دلدل تي هسوار،

ڪاهي آيو ميدان ۾، کڻي ذوالفقار،

مڙي آيا مير وٽ، امراء سندا ڪفار،

تون آهين شير خدا جو، نڪو شان شمار،

ڪري مهر مدار، معاف ڪر تون اسان کي.

 

ميڪد ماريو ادهم کي، غافل ٿي گمراهه،

عيوض ان جي ماريئي، چاليهه لک سپاهه؛

وٺ خزانا مال تون، ناڻي ڪمي ناهه،

وڃ تون وطن پنهنجي، زياده دير نه لاءِ،

تڏهن اُتو علي شاهه، اڳيئون تن جي هن طرح.

 

مال خزانو هڏهين، مور کي گهرجي ڪين،

ڪلمون چئي نبيءَ تي، سڀ ٿيو مسلمين،

بُت ڊهرائي مسجديون اڏيو، مثل مومنين،

پڙهو نمازون پنج وقت، ساري ساڻ يقين،

مڃو محمـّد سندو دين، واحد ڄاڻو الله کي.

 

الله ڄاڻو هيڪڙو، ۽ ڪريو پيروي نبي،

ڪيان معاف خون ادهم جو، وڃان وطن ڪَهي،

هيرا جواهر وٺان ڪينڪي،نڪا مال ذري،

نه ته قتل ڪندس اوهان کي، ويندس ڪين وري،

آهيان شاهه علي، ماريندس سڀني ملعونن کي.

 

ٻُڌي جواب موليٰ جو،کاڻا ڪُل خبيث،

ڪُل هٿيار هٿن ۾، ڪاهي آيا ابليس،

ڏسي حال حيدر ڪئي، ذوالفقار انيس،

هڻي نعرو جوش مان، وڌي تن ۾ هِيس،

ڏٺو مقاتل خبيث، پيو شور سچي شهر ۾.

 

مديني مان مصطفيٰ، هو هليو صحابن سان،

ڏسي هيبت تن جي، ڏڪيو مُلڪ مڪان،

جبرئيل ملاڪئن سان، آيو شاهه اڳيان،

حڪم ساڻ حڪيم جي، آيس لئي مدد اوهان،

رخصت ڏيو اوهان، ته جنگ ڪيان مَلڪ سڀ وٺي.

 

ڪيو سجدو شڪر جو، منجهه درگہ رب ّ جليل،

هليا سڀ هيڪاندا ٿي، دهشت ساڻ دليل،

وڃي رسيا درياءَ تي، جو وهيو ٿي ڏر ڏيل،

نڪا ٻيڙي نه جهاز هو، تڏهن ٿيو فڪر خليل،

راحم رب ّ جليل! پار لنگهائين پرين تون.

 

مُڪو درود سلام بعد، حضرت ڏي حق پيام:

رت تون کير درياءَ ۾، ساڻ لشڪر نيڪنام،

ڪين پُسندو سُنب گهوڙي جو، ويندين ترت تمام.

حڪم ساڻ حڪيم جي، پار رسيا خير الانام،

رکيا منجه شهر اقدام، لشڪر سوڌا هاشمي.

 

ڏٺائون حضرت عليءَ کي، وڙهندو منجهه ميدان،

لَک ڪافر قتل ڪيا، حيدر هڪ جوان،

چيو حضرت حاشمي، ته علي عجب بهادر جونا!

آهي ڪرم اله جو، موليٰ تي مهربان،

جو لک ڪافر خان، پَلڪ ۾ پُرزا ڪري.

 

ڏسي موليٰ مير کي، آيو منجهه حضور،

پيو ڪري قدمن اُتي، مٿان مير محمـّد نور،

وجهي ڀاڪر موليٰ کي، گڏيو مرسل منظور،

گڏيا حضرت حيدر سان، سڀ صحاب صدور،

ٿيا ڪافر سڀئي چُور، ڏسي لشڪر محمـّد مير جو.

 

نڪا ٻيڙي نه جهاز هو، آِو ڪيئن لشڪر،

مرسل، موليٰ پاڻ ۾، اچي گڏيا هت ڪنهن پَر،

ڏنائون خبر مقاتل کي وڃي، ساري سراسر،

چئي تنهن فوج کي ڪوٺي، حقيقت هن پَر،

متان نڪري وڃي، سو نَر، وٺو ويڙهي تنهن کي.

 

وٺو ويڙهي تنهن کي، جو آهي دشمن اسان جو،

ڪين ڇڏيندس ڪڏهن، جو اچي گهر مليو،

پوءِ ٻَڌي هٿيار بند تي، جلدي سوار ٿيو،

ٻئي لشڪر پاڻ ۾ اچي، ٿيا سامهون پوءِ،

مقاتل حضرت کي چيو، اچي اڳيئون هن طرح:

 

آهيان تنهنجي خون جو، اُڇايو البت،

ڪيان قتل توکي، لشڪر سوڌو هِت.

ٻُڌي لفظ خام جا، ڏنو حڪم پُرس پَهت،

حڪم جو حيڪم جو، سا ساري حقيقت،

ڪندا فتح ترت، وٺو ويرهي ملعونن کي.

 

حڪم ساڻ حبيب جي، سڀ صحاب چڙهيا،

کڻي هٿيار هٿن ۾، ڪاهي سڀ پيا،

پيو هُل هيبت جهڙو، قلعا ڪوٽ ڏڪيا،

منجهه ساعت هڪ ۾، لک ڪافر قتل ٿيا-

ڏسي حقيقت اها، ڀڳو مقاتل ميدان مان.

 

سڏي سڀ امير، ڪچهري ڪئي ڪافر،

ڏيو صلاح سڀئي، ته هن آفت کان بچون ڪنهن پَر،

علي آهي بهادر سڀني ۾، بيشڪ برابر،

حضرت محمـّد ميدان م، ٿو ڏسي تماشو سراسر.

چيو وزيرن هن پَر، اڳيئون مقاتل ملحد جي:

 

زر جواهر ڪيترا، ٻِي دختر پنهنجي شاهه،

وجهي سڀ ڏوليءَ ۾، نـٖـي وٽ محمـّد مير ماهه،

ڌيءَ پرناءِ عليءَ کي، ڏي دولست لشڪر کا،

ڪر منٿ محمـّد کي، ته لاهي آفت شهر مٿا،

آهي ايءَ صلاح، اسان جي ته خيال ۾.

 

صلاح سڀنيءَ جي، مقاتل قبول ڪئي،

ڌي پنهنجو ’سيمبر‘ ۽ زر ڏوليءَ منجهه وجهي،

اڳيئون محمـّـد مير جي، سڀئي آڻي رکي:

اسان کي مقاتل موڪليو، عرض چئي هِي،

هِي آهي منهنجي ڌي، مون ڏني آهي عليءَ کي.

 

ڌي ڏنم عليءَ کي، ۽ ٻيا درم دينار،

وٺي سڀ راضي ٿيو، ڇڏيو جنگ جا پار،

ڪيو معاف اسان کي، موٽي وڃو مڻيار.

ڏني حسن کي حضرت، ’سمبر‘ عقلدار،

۽ ٻيا وراهي دمار، سچي لشڪر کي ڏنا.

 

موٽي محمــّد ڄام چيو، وزيرن کي مٿان:

مڃوسون ڇڏڻ مقاتل جو، پر آڻيو اوهين ايمان،

مڃو خدا پاڪ کي، جنهن خلقيو آءِ جهان،

ڀڃي بُت هٿن سان، پڙهو نماز سچائي سان،

آهيان آءٌ پيغمبر زمان، ڪيو قبول دل سان.

 

مڃو مون کي دل سان ۽ پڻ سندم دينار،

نه ڪر غرور لشڪر تي، جو ٿيندو فنا في الحالا،

ڊڄڻ وارا نه آهيون، ڪريون چٽ سپاها.

غرض نيئي ظاهر ڪيائون، سڀ حل مقاتل مهندا،

جو جلي جوش منجها، ڪاهي آيو ميدان ۾.

 

ڪاهي آيو ميدان ۾، ۽ لڳي لڙائي،

دهشت کان دليري جي، ڪنبيا سَڀائي.

هنئي هڪل حيدر اُتي، مقاتل مُنهائي:

ڪريان قتل توکي، ڇڏيان نه ڪنهن وائي،

نه ته ڳالهه مڃ سائِي، جا چوان ٿو توکي.

 

مڃ وحدانيت واحد جي، جو آهي رب ّ عظيم،

محمـّد موڪليل اُن جو، آهي رسول ڪريم،

پڙهي ڪلمون مسلمان ٿي، ڪر وڏائي ڪيم،

بخشيان توکي بادشاهي، پڻ هُئي هيءَ مُهيم،

پڙهه تون قلب سليم، ڪلمون محمـّد مير تي.

 

سڻي هڪل حيدر جي، جليو اندر جيءُ،

کڻي گرز هٿن ۾، آيو مٿي شاهه علي،

کسي گرز تنهن کان، پُرزا ڪيا وٺي،

وري وارو تنهنجو، ڪيو مقاتل شقــّي،

عليءَ ڌڪ هڻي، ڍال کي به اڌ ڪيو.

 

ڪِريو مٿان زمين جي، ٿيو پُرزا ٻه پورا،

چيو حضرت حاشمي، ڪيو ڪافر قتل سمورا،

پيا ڪاهي شهر ۾، اصحاب سڳورا،

پيو مارو ڪفر ۾، مرڻ لڳا مُنهن ڪارا:

ڏي تون پناهه پيارا! چيو ماڻهن شهر جي.

 

ماڻهن مِڙي چيو ته، آڻيون ٿا ايمان،

پناهه ڏيو اسان کي، نالي رب ّ سبحان،

پوءِ جهليائون هٿ قتل کان، ساڻ حڪم خان،

مڙئي ماڻهو شهر جا، ويا وٽ زمان،

شام وڏي سان شان، هلو ته هلي حاضر ٿيون.

 

زمان شاهه پٽ مقاتل جو، آيو احمد ڄام اڳياهه،

پيو ڪري پيرن تي، ڪريو معاف گناهه،

توبہ ڪئي سون بُتن کؤن، سچي بتايو راهه،

پڙهائي ڪلمون تن کي، نماز سيکاري شاهه،

سارو شهر سپاهه، ڪلمون پڙهي مسلمان ٿيو.

 

وجهي ڀاڪر تنهن کي، شاهه ڪيو شابا،

پوءِ ڀڳائون بُت هٿن سان، ٺاهي مسجد کا،

سڀ مومن مسلمان ٿيا، آڻي ايمانا،

پوءِ رخصت تن کي، ڏني مير محمـّد شاهه،

پوءِ ٿيا روانا، موڪلائي مديني ڏانہ.

 

الله! ”علي محمد“ کي، تون باري بخشين گناهه،

طفيل حضرت هاشمي، ۽ پڻ حيدر شاهه،

ڪلمي ساڻ ڪريم جي، شل پڄنم پساهه،

مطلب سڀ پورا ڪرين، بحق محمـّد شاهه،

ڏي بهرو کي بيواه، بخت دولت دين جو.

 

مرسل! ماڳهين مسڪين تي، ڪر مهر سجان،

آبرو دارين جي ڪر، عطا عظيم الشان،

حاجي هر دوجهان ۾، تون رکج سان ايمان،

ڪر حمايت هاشمي، هامي هر دوجهان،

ويندا ساڻ ايمان، جي ڪلمون چوندا قلب سين.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

 

مناقبو حسينن جو:

نماز ۾ نبي ﷺ جي پٺيءَ تي چڙهڻ وارو[5]

(چيل حاجي جمعي ملاح جو[6])

 

ڪريان حمد حيڪم جو، جنهن جوڙيو جڳ جهانا،

ريءَ ٿنڀين ريءَ ٿوڻيــٖـين، ارض اڏيو آسمانا،

جيڪي گُهري سو ڪري، جو مالڪ ملڪن آهه،

ساتر سميع سڀ جو، هادي حَي ُّ هميشاه،

پيدا ڪيو پاڻ  ڌڻي، آڌر احمدا،

جنهن مُلڪ اُجاريو مصطيفيٰ، خاصي خيروريٰ،

پڙهو صلوات سيـّد تي، دائم درودا،

مٿي آل اصحابن ان جي،راتيون روزمرا،

ڪري پاڻ قدر ٿو، رحمتون رحمانا.

راوي روايت ٿو ڪري، مختصر مذڪورا:

ٻڌو عليءَ جي اولاد جو، ڪيان مومن بيانا،

ته، وڏي طفلن مٿئون هئي، رحمت رحمانا،

عاشق مٿن رب ّ هو، ۽ رهبر رسولا،

ٿي مڃيو مولــٖـي رضائون، حسن مير حسينا،

نافع نرمل نماز جو، ڪيو سعيو سڄڻن آهه،

خاص لڳ خدءِ جي، ڪئي طاعت جي طلبا،

جي حاضر هئا، حضور ۾، مومن موچارا،

سي سڀ مقتدي ٿيا، مهندان موڪبوبا،

ڪامل قِراُت ٿي پڙهي، سا وڏي آوازا،

جڏهن سرور سجدي ۾ اُٿيو، نبي نمازا،

پٺيءَ مٿئون پغمبر جي، ٿيا سيـّد هسوارا،

چي، جُمل جانب اسان جو، نانو نبي آ،

مٿان ٻهڳڻ ٻيله ٿي، ويٺا ڪامل قرارا،

جبرئيل جلديءَ مان آيو قاصد قريبا،

ڏئي سلام سيـّد مٿي، ڪيائين ظاهر زيانا،

ته، صاحب فرمايو آهي، ٻڌ اي نرمل نبــّـيا!

مٿو مٿانهون نه کڻ، اي خاصا دوست خدا:

جان لعل لهن پاڻهي، ايئن آگو ٿو فرماءِ.

جڏهن پڙهي نماز فارغ ٿيو، نرمل نور هديٰ،

محبت معصومن جيءَ ۾، ڪَيَوَ ڪيڏي تاخيرا!

جانب جماعت کي ڏنو جلدي جوابا،

ته، صاحب سنيهو، موڪليو، راحم رحيما،

محب! مٿاهون نه کڻ، پيشاني پريا،

جيسين جانب لهن پاڻهي، پرين تو مٿا،

سرور! سجود تو سندو، آ مون کي قبولا،

صاحب صغيرن مٿئون، هر موليٰ مشتاقا،

ايڏا شان شافعن جا، آهن اعظم عظيما،

تاريءَ تڳئون تن جي، ٿا هردم هميشاه،

حبيبن ڪاڻ هردم آهيون محبت مستانا،

آهي دارون درد جو، سيــّد رهبر رفيقا،

”هاجي“ کي هر حال ۾، ڏيندا دلاسا،

مرڻ مهل ”جمعي“ کي، شل ٿئي ڪلمون نصيبا!

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله


 


[1] . من مناقبي جو متن ”وفات نامون“ مطبوع نواڪشور پريس لاهور، سن 1914ع تان ورتل آهي.

[2] . سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

[3] . نعرو

[4] . نعرو

[5] . هن مناقبي جي روايت اتر (تعلقي ڏوڪري) مان غلام نبي کان ملي.

[6] . حاجي جمعون ولد سهراب ملاح ڳوٺ علي بحر واهه لڳ سونڊا ضلعي ٺٽي ۾، سن 1266 هه ۾  ڄائو، عربي ۽ فارسيءَ جي ڄاڻ هيس. ننڍي عمر ۾ ئي شعر چياين. سندس ڪلام گهڻو ئي چيل آهي. چشتي طريقو اختيار ڪيو هئائين. سن 1340 هه ۾ وفات ڪيائين، سندس قبر سونڊن ۾ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org