سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: رهاڻ هيرن کاڻ

باب: -

صفحو :4

 

شاعر ثناء الله ثنائي جي ياد ۾

گذريل 20- صدي جي وچ ڌاري، ٻه عالم شاعر مولوي احمد ملاح ۽ ثناء الله ثنائي، اخلاقي ۽ سماجي اوڻاين جا تنقيدنگار هئا. نثر ۾ اهو ڪردار محمد عثمان ڏيپلائي ادا ڪيو.

جيترو ياد آهي ته سنه 1930ع کان وٺي، ثنائي جا خوش طبعي وارا ظريفانه شعر سنڌ ۾ مشهور هئا ۽ پڻ سندس عاشقانه ڪافيون عام هيون. سندس زبان عوامي ۽ عام فهم هئي، ۽ سندس گفتا وڻندڙ ۽ دلپذير هئا. سندس تنقيدي ۽ تفريحي شعر نوجوانن ۾ گهڻو مقبول هئا. هن شعر ٺاهيا ڪونه ٿي، پر ڄڻ سندس زبان تي ٺهي ٿي آيا. ان دور ۾، اتر سنڌ ۾ مولوي ثنائي ته لاڙ ۾ مولوي احمد ملاح عام مقبول شاعر هئا. شعر جي ڪسوٽي تي سندن ڪلام معياري هو. 1950ع ۾، ڪتاب ’ٻيلاين جا ٻول‘ جي مقدمي ۾ مون لکيو ته ثناء الله ثنائي: ”ثنائي“ سان 1944ع ۾ جڏهن علي ڳڙهه ۾ پڙهندو هوس تڏهن آريجن ۾ مليو هوس ۽ گهڻو متاثر ٿيو هوس. ڪتاب ٻيلاين جا ٻول جي ڇپجڻ کانپوءِ هو پاڻ مون سان 1960ع ڌاري، بزرگ پير مٺل راشدي سان گڏجي، سنڌ يونيورسٽي ۾ ملڻ آيو. مهرباني ڪري هڪ رات مون وٽ رهيا ۽ وڏي رهاڻ ٿي. ان کانپوءِ تاريخ 23 سيپٽمبر 1965ع تي صبوح جو سائين ثنائي ۽ سندس ننڍڙو پٽ عبادالله (عمر 12 سال کن) آيا. هڪ ڏينهن ۽ رات مهمان ٿيا. رات جو سائين ثنائي سان وڏي رهاڻ ٿي.

معلوم ٿيو ته اڳين ملاقات کانپوءِ هيٺيان ڪتاب منظوم ڪيا اٿس:

ـــــ شاهنامو شريف، پهريون حصو (ابراهيم خليل الله تائين) جيڪو ڇپجي ويو آهي. 9 حصا ٻيا به جوڙي ڇڏيا اٿس ۽ فتح مکہ تي ختم ٿئي ٿو. کيس باقي هڪ حصو وڌيڪ منظوم ڪرڻ جو ارادو آهي.

ـــــ وهابي ۽ بدعتي جو مڪمل مناظرو پورو ڪري ڇڏيو اٿس.

ـــــ پيامِ صلح: مولوين جي وچ ۾ نفاق جي اصلاح لاءِ لکيو اٿس.

ـــــ حليما: ڪريما شيخ سعدي جي، رحيما شمس الدين بلبل جي ۽ حليما ثنائي جي.

پنهنجي هيٺين ڪافي ٻڌايائين، جا چيائين ته پاڻ ٽنڊو سائينداد ويو هو ته اتي بزرگن به ٻڌي هئي.

ٿلهه: ڪو ڪونه اسان جان ڦاسي، هِـن پاسي ۽ هُن پاسي
لُڇ  لوريءَ  ۾ ليٽياسي،  هِـن پاسي ۽ هُن ۽ پاسي

 

1.     اڄ   رات   ڳڻيندي  تارا،   پرڀات   ڦٽي  وئي  پيارا
سک ساڻ گهڻي نه ستاسي، هِن  پاسي  ۽  هُن پاسي

 

2.    اڄ  رات  ٿئي  ها  جـاني،  هم  خواب  سڄڻ  لاثاني
هنڌ  هوند  کٿوري  واسي،  هِن  پاسي  ۽ هُن پاسي

 

3. ....................................................................
ٻيائي  ٿي  ته   مُٺاسـي،   هِن  پاسي  ۽  هُن  پاسي

 

4.   دلدار  ثنائي   ايندو،   سو   ڏينهن   سڳورو   ٿيندو
ڪل   اهنج  اڇلبا  پاسي،  هِن  پاسي  ۽  هُن  پاسي

 

اڄ (65-9-24) صبوح جو موڪلائي روانا ٿيا. شام جو آءٌ موٽيس ته ڏٺم ته هيٺيون شعر اڱر سان جاءِ جي ڀت تي لکي ڇڏيو هئائين؛ تازو اسان سڪندر نالي هڪ بورچي رکيو هو، ان ۾ انهيءَ ڏانهن اشارو ته:

نبي بخشيو علم جنهن کي  کڻي،  سڪندر سندس بورچي ٻيو بڻي

ثنائي   سندي  يادگيري  اها، اهو علم اعليٰ ٿيو بي بها.

تاريخ 10- جون 1972ع تي فقير ڪريم ڏنو ملاح ”صدائي“، ميهڙ کان آيو. سندس ڀائٽيي جي نوڪري جو مسئلو هو. صدائي اسان جي عمر رسيده شاعر ثناء الله ثنائي جو خاص شاگرد آهي. ثنائي جا سلام آندائين ۽ ان سان گڏ ملڪ جي حالات خصوصاً سياسي حالات تي سندس چيل هيٺيون شعر تحفي طور آندائين. ان وقت پيپلز پارٽي جي ڪامياب ٿيڻ ساڻ ڏنگا ماڻهو پنهنجو زور ڏيکارڻ لڳا هئا ۽ ڄڻ قاعدي قانون جي ڪا پرواهه ئي ڪانه هئي: ”جيئي ڀٽو، جوڙو ڇٽو“ جهڙا پهاڪا عام ٿيا. ثنائي پنهنجي شعر ۾ ان حالت جو نقش چٽيو ته:

اُڙهو درياء دهشـت  جو،  نڪا  ڀيڻي  نه  ڀر  پيدا
ٻڏي ٻيڙي ٿي رعـيت  جي، نڪو ترهو نه تر پيدا
ڪبوتر هنجهه ويا هليا، ٿيا ڪارا ڪانء ڪٻر پيدا
ٽٽو  ماکيءَ  جو مانارو،  ڦري  ٿي  آ  ککر   پيدا
نه آهي اٺ ۽  گهوڙو،  گڏهه  ٿي  ٻي  خچر  پيدا.

 

ـــــــ

زنا  زورو،  دغا،  ڌاڙيل  ٿي  ويا در به  در  پيدا
حڪومت پانهنجي لئي  پئي ڪري ٿي زور زر پيدا
ته پٽڪو واءَ ويلا جـو  غريبن  جي  آ  گهر  پيدا
بنا  فَرياد  جي،  فرياد  خاموشي  جي،  ڪر  پيدا
جگر  جي  خون  مان  ٿيندو  آ نورِچـشم تر پيدا

 

ــــــــ

نه آيو مينهن فلڪن کان ته قدرت بند ڪيو پاڻي
نه سارين ۾ اڳين سبزي، اجهو ٿي سنڌ ٿـئي  ساڻي
اڳيون ساريون، پيا ساريون، نه ساري ٿــي  نه  ساماڻي
وساريون ڪين سي ساريون، هٿن مان ٿـيون  وڃن  هاڻي
کسي درياء ويا هندو، ته تون ڪر ٻـي  نهر  پيدا.

 

ــــــــ

سُڌاري سنڌ جـي ڪارڻ  لڳو  وارو  وزيرن کي
نذر  ۽  نياز  اڳتي ڪـونه ڏئي پيرن فقيرن کي
خبر پئي خلق موڙهـــــيءَ جي اها روشن ضميرن کي
وٺي دستــيــون دنيا جون پوءِ ڪندا آجو اميرن کي
چڱو  چورن  جي چاچي جـو ٿيو پختو پدر پيدا.

 

ــــــــ

ٿيو  شاهي  شجر  پيدا،  مگر  ناهي  ثمر  پيدا
پوي  برسات  باغن  ۾، ڦري ٿئي ٿو ڪلر پيدا
ڪٺي آ قهر  جو  پاڻي،  ٿيو  موذي  مڇر  پيدا
اَذان  جو  آ  نه  آوازو،  ته  دهلن  جو  ڌچر پيدا
هلي هندو ويا توڙي، ته بي تن جـي  آ  پر  پيدا.
لکيو مون حق هي آهي، اندر  ۾ تـرس ڀي هوندو
جو هر ڪنهن ۾ رکيل آ روح، سرڪش نفــس ڀــي هــوندو
ٿئي ٿي شعر ۾ شهرت، چون ٿا نـــحـــس ڀـــي هــــــوندو
جتي جو شينهن ٿيندو آ، اتي ڪو خرس ڀــي هونــدو
ڪُراڙپ ۾ ’ثنائي‘ چئي، سچو ڪرڪو صدر پيدا.

 

ثنائيءَ جو منظوم خط

پهرئين ڀيري جڏهن مهرباني ڪري ملڻ آيو هو، تڏهن مون تاڪيد ڪيو هو ته پنهنجي شعر جو خزانو لکي گڏ ڪري ته ڇپائجي. ان لاءِ خط ۾ پنهنجي مجبوري جو ذڪر ڪيو اٿس ۽ پڻ معاصرن جي بي قدري ۽ پنهنجي پريشان حالي ڏانهن اشارو ڏنو اٿس. افسوس اسان جا ڪهڙا نه لائق ماڻهو ائين اسان کان جدا ٿي ويا!

اڳــي آواز تنهـنــجو  زلزلو  هــو، 

سٽيندو  ملڪ  اندر  غلـــــغــلو  هو

اڳيون آواز سو وسري  ويو ٿـي،

خبر ناهي  ته  آخر ڇــا  ٿيو ٿي

زماني  ڪانڪا  ڪئي  قدرداني، 

سبـب جنهــن جي فنا ٿي وئي جــواني

نه آ رستم ويو رهجي رخش پوڙهو،

سڃاڻي ڪــير پوءِ گهوڙي جو دوڙو

بحــمــدالله   پاڪــســــتان   آهـــي،

ڦري  ڦيرو  ڦري اسباب ٺاهـي.

 

پڇاڙيءَ ۾ ملي من گاهه داڻو،
وري جيئرو ٿئي شاعر پراڻو.

 

بخدمت  علم  جو  علام   اعليٰ،
سڃاڻي  شاعرن  جو  شعر سارو،
نبي بخشيو جهين کــي هوش سالـــم،
سلامن  بعد  هيءَ منهنجي دعـا آ، 
ڌڻي بخشي اوهـــان کي  عمر  خضـري،

منور قلب جنهن جو بخت بالا
پروڙي گِلٽ وارو غير ســارو
حڪومت ساڻ حاڪم آه حاڪم
ڌڻيءَ  جي  در  اهائي  التجا آ
پوي ظلمات هن مان آب نـڪري

حياتي  بخش  ڪي  اشعار نـڪرن

زماني کان نه هڪڙي وقت وسرن.

وٺي  موڪل  اسان ٿياسي روانـا، 
هُجي مرفوع  القلم  مجنون  آهـن،
ڪجي تن جي  وڃي  ديدار بازي، 
  مگر مون وقت  رلندي  ۾ وڃـايو، 
چڙهي منجهه ريل جي ٿياسي روانا، 

هئو  رايو پَسـئو  دانہ  ديوانا
دنيا  کان دور ۽ مفـتون  آهن
رضا ۾ بيوَسِي جـي رند راضي
نه  قدرت پو گدوبندر گهمايو
ڏٺا  سي  ڪيترائي  ڪارخانا

اسر  جي  وقت  ’سيتا  روڊ‘  آيـو،
اچـــي   آخــــر   لٿاســـي   باقــراڻي، 
بقائي  پـير  هـــي  درويــش   آهـي، 
پٺاڻن   ۾   وڏيرو   آهه   صـوفي، 
انهيءَ سان ڀي  ڪيم  هلندي  ملاقات، 
وٽس   آ   خيرمحمد   جو  خــزانو،
اتي  ڪي  ديدڙن  جا  ٻول  آهــــن، 
سچل  جو  يار  بـيدل  همعــصر  آ،
ڏٺم  بيدل  سندو  آ  شــعر  اعلــيٰ،
اُتارڻ  جــو  ڏنــو  آ  تنهــن  دلاســو،
هينئر مون شهر پنهنجي ۾ رهان ٿو،
لکان  ٿو  پيو  غزل  ڪافيون  ڏهــاڙيون، 
غزل  مولود  ڪافيون  گڏ   ڪيان   ٿو،
جمع پيو ٿو ڪيان  بالفعل  يڪجا،
جدا   توحيد   جا   اشـــعار   ٿيــندا، 
نصيحت  جا  ڪبا  نروار   جوڙي، 
مجازيءَ  جا  به  بيحد  باب  بڻــندا،
ڪهاڻين  ۽  قصن  جا  ڀي جدا پـو،
مگر ماڻهو نــه ڪــو اهــڙو ملـي ٿـو،
قبولي  ماستر  ٿو  ڪــونه  ڪـوئي،
پڙهائڻ  جـو  ســڀن  کــي آهه  ڌنــڌو،
اسـان  جــو  آ  ســڄو  دفـتر  پــراڻو،
وري  منهنجا  اکر  آهــن  تـه  اهـــڙا،

اسان هڪ شعر عبرت جـو ٺهـــايو
ملياسي پير سان ۽ پو پٺاڻي
حقيقي عشق ۾ دلريش آهـي
خدا  وارو نه ڄاڻي فيـلسوفي
ٻڌايائين اڳين صوفين سنـدي بات
ٻيو بيدل ســندو  ڀـي داستانو
ته مصري شاهه جا ڪي قول  آهـــن
زمانو ڳالهه هن کان بي خبـر آ
پڪائيءَ ۾سچل کان سمجهه بالا
مگر ڪو وقت حاصل ٿِئي خلاصـــو

پــراڻا شــعر پــيو ڳولـي لهان ٿو
جني جي عشق جون آهن اُماڙيـون
صحت جو رنگ سڀني کي ڏيان ٿو
خلاصا  جوڙبا پـو  باب  برپا
وري مولود تن کان ڌار ٿيندا
ظرافت جا خلاصا خـوب ٽوڙي
اٿم  اميد ڪي ارباب سـڻندا
ته خطبن جو به آ حافظ خـدا پو
رهي مان وٽ لکي منهنجي اڳيان جو
رهي مان وٽ لکي جو شعر گوئي
لکن پرپٺ ته ٿيندو سـخت  سنڌو
نه غلطي سمجهندو ڪوئي سياڻو
لکان ٿو پـيو ڪيل تقـدير  جهڙا

گڏهه  ڏٻرو  تکو  تـوڙي  نه  ڊوڙي،

پيو هلندو نه موٽي ڪنڌ موڙي

اٿم  اميد  ٿيندا  نيٺ  صــافي
خطا ڪاري ڪندا اشراف معافي

 

لڌي  ٿم  شاهه  محمد  جي مدح سـا،
مگر  هــي  ســوال  پاڻي  لاءِ  آهـي،
  وري  مصرع  سندس  آهن نه پـورا، 
نه غلطي مور شاعر  جي  آ  ڪائـي،
صحيح  ڪي  بند  آهن  چار  يا  پنـج،
اها  ڳولا  ڪندي  جي  دســت  آئــي،
اڳين جي نانوَ کي ڪر جوان جـاري،
ڀلن  جي  نانوَ  جو  ڪـر  نانءُ  بـالا،

مثل ان جي لکي مســڪـين آ جا
ڪيو مون عرض شاديءَ لاءِ آهــي
سڄا قافيا ڇـڏيل آهن اڌورا
مگر آ چوندڙن ڀلجي وڃائي
نموني جي پسڻ لئي سمجهبا گنج

تــه لکندو ذوق سان  سمجهي ثنائي

ته تنهنجي نانوَ جي  ٿئي يادگاري
ته تنهنجي نانوَ جو ٿئي عز اعليٰ

”نام نيڪ رفتگان ضايع مڪن
تا  بماند  نام نيـڪت  برقرار“

 

ادبيات قانونچـﮧ تصوف

هن عنوان سان هيٺيان 148 بيت درگاهه تَجل, (تعلقو نارو) تي رکيل، شاهه عنايت الله شهيد جي صوفي سلسلي جي تاريخي ادبي ذخيري مان دستياب ٿيا، جڏهن راقم اهو ذخيرو سنه 1974ع ۾ پنهنجي مطالعي ۽ تحقيق لاءِ نقل ڪرايو. راقم پنهنجي استاد حاجي سومر خان (رٽائرڊ پرائمري ٽيچر) کي اهو ڪم سپرد ڪيو جنهن تجل ۾ ويهي اهو سڄو ذخيرو اتاريو ۽ گهڻي حد تائين صحيح صورت ۾ اتاريو. هنن بيتن ۾ ڪٿي به نالو ڪونهي، البت ٻوليءَ جو لهجو اتر وارو آهي. اهي بيت ٻئي ذخيري سان گڏ تجل جي درگاهه تي ئي محفوظ رهيا آهن. بيتن جو جوڙيندڙ عالم آهي ۽ درسي ڪتابن ۽ عربيءَ جي کيس ڄاڻ آهي. ڪي آياتِ قرآني ۽ ٻيا اهڙا مقولا آندا اٿس جيڪي تصوف جي اعليٰ ڄاڻ جا اهڃاڻ آهن. هو جي ٻڌل ڳالهيون ٿو ڪري ته به نئين نوع ۾ ٿو ڪري. ’اصولين‘ ۽ ’وصولين‘ جا اصطلاح سندس علمي ڄاڻ تي شاهد آهن.

اهي بيت بيدل سائين جي رسالي ۾، ترتيب جي ٿوري ڦير سان شايع ٿيل آهن ۽ بيدل سائين جا ٿي سگهن ٿا. تصوف ۾ بيدل سائين جو تعلق درگاهه جهوڪ سان هو جنهن جي فارسي ۾ تاريخ لکيائين جيڪا پوءِ نصير فقير جلالاڻي سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي. هنن بيتن جو عنوان ”ابيات قانونچہ تصوف“ يا خود بيدل سائين پاڻ ڏنو يا تجل جي صوفين مان ڪنهن ڏنو.

هن کان اڳ رهاڻ هيرن کاڻ-6 ۾ ”سنڌي ميان مظفر فقير صوفي“ جي شايع ڪئي وئي آهي. ’قانونچہ تصوف‘ وارا هي ابيات يقيني طور ’مظفر فقير صوفي جي سنڌي‘ جوڙڻ لاءِ سبب بنيا ۽ بيتن جا اهي ٻئي ذخيرا پوئين ويجهي دور ۾ سنڌ ۾ صوفياڻي فڪر جا اهم دستاويز آهن.

1. صــــوفــــي ڏوهــــه نسورو عـــــبادت عـــامـن،
خبر نه خامـن، پُـــخــتــن جــــي پــــروڙ جـــي.

 

2. سمهڻ ۽ سڌون ڪرڻ صوفــيءَ م نـه سـماءِ،
جوڳين ڪين جڳاءِ، ڌاران جوڳ جڳت ۾.

 

3. صوفي سولــــيءَ هليا، عاشق  عهد نه ڪـــن،
آهـي ســــــندو تــــن، سِـــهو سـوز  گداز سان.

 

4. صوفي سولـــيءَ هـــــليا، عهدن منجهه نه اوءِ،
بيراڳين مـؤن بـــوءِ، سدا اچـــي ســـوز جـــي.

 

5. صوفي سدا سوز ۾ عاشـــق پُڇــن نه عـــــيد،
طالب ريءَ توحيد، ٻولي ٻولــــين ڪــانه ٻي.

 

6. صوفي سدا سوز ۾، وڻـــــج ســــندن ويراڳ،
اونهون جو اجهاڳ، پـيهي تــــنهن پاتال ويا.

 

7. صوفـــــي ســــدا ســـــوز ۾ مـنجهن وره وٿاڻ،
عشــــق ســـــندن اُهڃاڻ، سدا جالين درد سين.

 

8. صوفي ســڌ ڦــٽي ڪـــري ســــمايو ۾ ســــڪ،
وحــــدت بـــنا  وک،  ڪاڏهــين کڻي ڪانڪا.

 

9. صوفـي چائــــين پاڻ کــــــي وڃـــــي پاڻ وڃــاءِ،
اثباتــــي جـــي آء،ِ نيــــهــــينِ خـــــبر نانهــــه ۾.

 

10. صوفــي چائين پاڻ کـــي پاڻ وڃائـــي ويـــههُ،
سورن ساڻ سنيهه، پي ڪو سرڪو سـوز جو.

 

11. صوفــــي کـــڻن نه پاڻ سان سورن ريءَ ثمر،
پيوتن ساب ســـفر، ڪَـــــهي جــــي ”ڪين“ ڪَهيا.

 

12. صوفــــــي سانـــــڊيو ســاهه ۾ وحدت جو ويساهه،
سندس ساهه پـــــساهه، سمائـــــي نه ســـــرير ۾.

 

13. صوفـــي ســـريـرئون ويــــو صـورت هڏ نه سماءِ،
احـــــــــديــــت ۾ آه، بيٺــــڪ بــــيراڳـــين جـــــي.

 

14. صـــوفـــي سهـــسين رنـــگ ۾ آڻــي ســــمايو،
لاحـــــدي لايـــو، تـــــماشـــــو هــــــر طــــــــــــور ۾.

 

15. تماشــــــو هــــــر طـــــور ۾ صوفـــــي ســـــند آءِ،
”الصوفي مع الله في ڪل مـڪان“ حاضر هرجاءِ،
حـــد بــي حـــد ســـماءِ، صوفــي سـير صفات ۾.

 

16. تـماشــو هــر طــور ۾ صـوفــي جــــسم جهات،
”الصوفي الذي لايعدم بعد وجوده“ اچي ٿـــيو اثبات،
اول آخـــــر ذات، وچـــــئون اولـــــو عــــــبد جـــو.

 

17. تماشو هر طور ۾ صوفـي جو سرجــوش،
”اقطع القاريين فصل الصوفيين“ خوديءَ کون خاموش،
جان جان هوندو هـــــــوش، تان تان پسڻ کئون پري.

 

18. تماشـــو هــــر طـور ۾ صوفي جو سامان،
جيڪي پـسي پاڻ ۾ سوئي منجهه جهان،
بانڪو بي نـشان، مــاري دم اثــبات جـــو.

 

19. تـــماشو هـــر طـــور ۾ صوفـــي ســــدائي،
ٻـــوڙي ٻـــيائي، هــــمہ کـــي حـــق چـــــوي.

 

20. هستيءَ کي همه اوست ۾ ڪيو گم جنهــين،
ڏٺو ترت تنهين، آکئين شعاع شهود جو.

 

21. هستي کي همه اوست ۾ جنهين گم ڪيو،
تنهين ترت پـــيو، آڇــــوڙو اثـــــبات جـــو.

 

22. هستي کي هـم اوست ۾ جنهين ڪيو گم،
تنهين تي آگـم، اچـــي ٿـــيو اثــبات جــــو.

 

23. هستي کي هم اوســـــت ۾ ڪيو جن فاني،
تن تي عياني، اچـي ٿــــي اثـــــبات جـــــي.

 

24. هستي کي هم اوست ۾ ڪـــــيو جـن فنا،
چــــيو تــــــن انا، حـــــالت ۾ حــــلاج جــــي.

 

25. حالت جـا حــلاج جـــي ســــمورو آ ســـور،
مــــردن ۾ منـــصور، ڪـــو ڪـــو لڀي ڪاٿهين.

 

26. حالت جا حــلاج جــــي سمـــورو آ ســـوز،
سدائين سوريءَ تــــي نيـهيَنِ جو نوروز،
رندي راز رموز، ڪنهن کي سلين ڪين ڪي.

 

27. حالت جا حـلاج جـــي محــمدي معــــراج،
سالڪن سرتاج، مستي کئون منصور ٿــيو.

 

28. حالت جا حلاج جي اونهون هي اســرار،
اچــــي الـــوهيــــت جــــــو بـــره اٺـــايو بــار،
ڪنهن ڪنهن ڪلادار، ڪل پوي ڪُن جي.

 

29. حالـــت جــا حـــلاج جـــي ربُـوبيَـــت راز،
حقيقـــت مجـــاز، ايـــڪائي ۾ ايـڪ ٿيا.

 

30. ايڪائي ۾ ايڪ ٿي معنيٰ ۽ صورت،
اچـي احـــديَت، دوئــي کي دور ڪــيو.

 

31. ايڪائي ۾ ايڪ ٿيو اچي جان جسم،
ويئي ريت رســم، وحدت سندي ويڙ ۾.

 

32. ايڪائي ۾ ايــڪ ٿي سڀائي صفات،
دين ڪفر نابــــــود ٿيو طئي ٿي ظلمات،
دور ڪري درجات، مڙيائي محيط ٿيو.

 

33. ايڪائي ۾ ايڪ ٿـــيو سڀو ڏوهه ثواب،
هستي جو حجاب، همه منجهه هڄي ويو.

 

34. ايڪـــائي ۾ ايڪ ٿيو بيرنگي ۽ رنگ،
وحدت ۾ زائل ٿيو دوئي سندو زنگ،
مُلا ۽ مــــلنگ، حـــقيقت ۾ هــڪ ٿيا.

 

35. حقيقت ۾ هڪ ٿيو ڪــــفر ۽ ايمان،
مظهر موليٰ پاڪ جو هندو مــسلمان،
تارا ڪيا تالان، سوچ سندي سوجهري.

 

36. حقـــيقت ۾ هـــڪ ٿيو اڇو ۽ ڪارو،
نينهن هنيو نعرو، هر مظهر ۾ هيڪڙو.

 

37. حقيقت ۾ هڪ ٿــيو نوري ۽ ناري،
دين ڪفر آهن ٻـــــئي هڪ وڻ جي ٽاري،
حاذق هوشياري، رکين انهيءَ رمز جي.

 

38. حقيقت ۾ هڪ ٿيا بــيراهي ۽ راهه،
”خَلَقَ الاَشيآءَ فَهوَ عَينُها“ ڏاهن ڪانهي ڏاهه،
عارفن آگاهه، اونهين هن اسـرار جي.

 

39. اونهين هن اسرار جي پيئي جن کي ڪل،
لنگهــي خوف خلل، آيا ملڪ امان ۾.

 

40. اونهين هن اسرار جي پيئي جن کي ڏاهه،
”لَهُمُ البُشريٰ فِي الدنيا والآخِرَةَ“ هِت هُت صِحت ساهه،
ڪاڏي ڪَرين ڪاهه، جو مڙيوئي مُشاهدو.

 

41. اونهين هن اسرار جي جنهين پرُجهي مام،
”لاَخوف عَلَيهمِ وَلاَ هُم يَخُزَنُون“ آيا ۾ آرام،
عارف ٿيا عَلام،  بيخوديءَ  بابَ  پڙهي.

 

42. اونهين هن اسرار  جو  جن  تـــي  کليو در،
جاڏي ڪن نظر، تاڏي پــسن پريــنءَ کـــي.

 

43. اونهين هن اسرار جي جنهين ڏٺي جوءِ،
حيرت ۾ پــيا هــوءِ، پــسي مـــوج محمدي.

 

44. پَــسي مـــــوج محمدي هاتِڪ ٿيا حيران،
”مَن رانِي فَقَدرَاءَ الـــحَقَ“ ساڳو ئي سُبـحان،
مڙيوئي مهربان، صـورت ســڀ سمائـــيو.

 

45. پسي موج محمدي جبروتينِ ڪيا جــوش،
معنوي مدهوش، لاهـوتئون لنگهـــي ويا.

 

46. پسي موج محمدي قــــطرو ٿــــيو قلزم،
”عَرفتُ رَبِي بِربَي“ مَستِي ٿي محـڪم،
رکيو قرب قـدم، بيراڳــين باهـــــوت ۾.

 

47. پــــسي مــوج مـــحمـــدي وجـــودون ويا،
”اَنا ربُ اَنَـــا مُحــــمد“ انهــــيءَ پـــنڌ پــيا،
جوڳي مري جيا، هيرڪ جي هاهوت جا.

 

48. پَسِي موج مـــحمدي مستي ٿين مـقام،
آديســــين آرام، اچــــي ٿـــيو اثــــــبات ۾.

 

49. اچــي ٿــيو اثــــبات ۾ ڪاپـــڙين قــــرار،
”هُوَ الاَول وَالاخِروَ الظاهِر وَالباطن“ سدا برهه بـــــــــهار،
جاڏي ڪن نهار، تاڏي وسئون ويـــجهڙي.

 

50. اچي ٿي اثبات ۾ جوڳيئڙن جـــي جوءِ،
”اِذَا اَتَمَ الفَقَر فَيَکُونُ عَيشَةُ کَعَيشَ الله تعاليٰ“ خاصن خاص خوءِ،
رِندن سندي روءِ، چمڪي چوڏهينءَ چــــــــنڊ جان.

 

51. اچي ٿيو اثبات ۾ مستانن جو مـــــاڳ،
ربوبيءَ جو راز، ڪــــن ري سناسين نه سَـــليو.

 

52. اچي ٿي اثبات ۾ آديــــســـين اوطــــاق،
”وُجُوه يومَئِذ نَاظِرَةِ اِليٰ ربِهَا نَاظِرَةً“ پلپل پسن پـــــــــاڪ،
بيراگي بيباڪ، عنصر کـؤن آزاد ٿــــيا.

 

53. اچـــي ٿـــيو اثــبات ۾ انـــــهن اوتـــارو،
نانگا نظارو، ســدا ڪــن ســبحان جــــو.

 

54. سدا ڪن سُبـــحان جـــو نظارو نيــهي،
وٽــئون تن ويهي، سور پرائي آءُ تون.

 

55. سدا ڪن سُبحان جي واڍوڙيا واکاڻ،
”مَن اَحَبَ شَيئاً فَاًکَثَرذِکرَہ“ عشق اهو اهڃاڻ،
رندي رمز رهاڻ، سُڻي سوز پـــراءِ تون.

 

56. سدا ڪن سُبحان جو ذڪر منجهارون ذوق،
”مَن ارَادَاَن يجلِس مَعَ اللهَ فَيجلِس مَعَ اَهل التصوفَ“ پَس انهن جــــــــي جهوڪ،
لڪي منجهان لوڪ، ڪالئون لائج ان سين.

 

57. سدا ڪن سُبحان جي منجهان پرت پچار،
”وَمَايَنطِق عَنِ الهَويٰ“ عارف ان آچار،
تِنهين جي تــنوار، جــــڏا روح جــياريا.

 

58. سدا ڪن سُبحان جي وسوڙهـل وائي،
تِنهين کــــون جائي، راحت رسـي روح کي.

 

59. راحت رســــي روح کي تنهين کئون تڪرار،
”فَاصحبوامَن صَحَبَ الله“ گوش ڪجان گفتار،
سامي ۾ سنسار، وسئين اٿئي واهرو.

 

60. راحــــــت رسي روح کي انجي پسي جوءِ،
”تَعرف فِي وجوههم نضرة النعيم“ ســـندن روشن روءِ،
خاصن جي خوشبوءِ، مون مــــــن مستانو ڪيو.

 

61. راحت رسي روح کي سُڻي راز سندون،
اُتي اوتارون، جتي رنگ نه روپ ڪو.

 

62. راحت رسي روح کي سڻي ڳالهه سندين،
”فَرَحِينَ بَمَا آَتاهُم الله مِن فَضلِـﮧ “ جميعت ۾ جالين،
ڪينو اٿن ئي ڪين، همـﮧ کي حق چون.

 

63. راحت رسي روح کي انهن جي آئي،
هليا ڦيرائي، هوڪو همه اوســت جـــو.

 

64. هوڪو همه اوست جو سُڻج ساڻ يقين،
”اَينما تُو لوا فَثم وَجَـہُ الله“ حـــــق ري آهي ڪين،
فرق ڪفر ۽ دين، بيشــــــڪ بهانو اٿيئي.

 

65. هو ڪو همه اوست  جو  سُڻج  ڌيان  ڌري،
”اَلا  اِنــہ بِکل شـــــيءِ محيط“ پرين ناه پري،
ٿو سهسين ويس ڪري، سڀـــــوئي آهه ســـــپرين.

 

67. هوڪو همه اوســـت جــــو صــحي سڻيجاه،
”وَهـــــوالله فــــــي السمــوات والارض“ هر جاءِ آپ الله،
اهــو شاهـــن شــــاهه، اولــــي عبـــديت جـــي.

 

68. هوڪو همه اوست جـــو ٻُــــڌي ٻـــڌ ڪــمر،
نينهئون ڪر نظر، جو مـڙيوئـــي محــــبوب آ.

 

69. مـــڙيوئي محـــبوب آ تـــر جــو ناهه تــفات،
”ڪُل شيءِ هــوالله“ صاحــــب ڀائــون ڀات،
اچي ٿيو اثبات، جـــاڏي ڪــاڏي ســـــپرين،

 

70. مڙيوئــــي محــــبوب آهه، ناهه تـــفاوت تِر،
”لاموجـــــــود الا هــو“ خاصـــن هـــيءَ خـــبر،
آهه سارو ئي سِر، صــــورت هن سنسار ۾.

 

71. خام خوديءَ جـا خـطرا لآســـين سڀـــيئي لـــــوڙهه،
فڪر ترازي هٿ ڪري خيال طــــــــلب جــو تور،
خيما نيــئي کــــوڙ، انـــهي کــــان اثبات ۾.

 

72. خام خوديءَ جا خطرا نــــفيءَ ســـان ڪـــج ناس،
”وَهو مَعکَم اينما کنتم“ آهه پرين تنــــهنــــجي پاس،
فڪر فنا رک راس، ته اوڏو ٿئين اثــــــــبات کي.

 

73. خام خوديءَ جا خطرا عاشق ڪــج عـــدم،
قـــرب پار قــدم، خـــوديءَ ري کڻيــج تون.

 

74. خام خوديءَ جا خطرا مڙيئي ڪـج مـــات،
”وَلنحيينہ حيواة طيبة“ مري ٿــيو حــيات،
نــفي کـــي اثـــبات، لاشـــڪ آهــــي اوڏڙي.

 

75. خام خوديءَ جا خطرا مــڙيئي ڪج نابود،
سالڪ! تنهنجو سود، نـفي ڌاران نانـــهه ڪــــو.

 

76. نفي ڌاران نانهه ڪــو سالڪ سود سندوءِ،
”عُدُ نفسڪ مِن اصحاب القبور“ ٻوڙاتو نه ٻــڌو،
لا منــــجهه لـــڌو، آديســــــين اثــــبات کــــي.

 

77. مــڙيوئي محبوب آهه تنهن ۾ ناهه فرق،
غــــازي! غير غرق، ڪري سمجهه سر تون.

 

78. مڙيوئي محبوب آهه سدائين  سڀ  پار،
”وَلا اسم الا وجود واحد“ صورت سهس هزار،
جامان سَو جنسار،  پهريندڙ پرين هيڪڙو.

 

79. مڙيوئي  محبوب  آهه  مشتاقن مقصود،
سدا  حق  موجود،  همه کي حق ڄـاڻ تون.

 

80. همه کي حق ڄاڻ  تون  تنهـــن ۾  شـــڪ  نه آڻ،
”ذالِڪ  الکتب  لاريب فيہ“  صحيح  تــــون  سُڃاڻ،
جاڏي ڪاڏي  هاڻ،  موجودگي  محبوب  جـي.

 

81. همه کي حق  ڄاڻ  تون  تنهن ۾ آڻ  نه شــڪ،
”کان الله  ولم  يکن  معہ  شيءَ“ اهـــو پــــڙهه  ســـبق،
هيڏانهن هوڏانهن حق، ٻولي  ناهه ٻــــئي   ســـندي.

 

82. همه  کي  حق ڄاڻ تون شارڪ  ڇڏ  شــرڪ،
موحدن مــرڪ، آهــي رهـــت  راز  جـــي.

 

83. همه کي حق ڄاڻ تون  وحدت  سڻ وائي،
پريـــن آهــــه پـــــڌرو  پـــسن  ويـــساهــــي،
ٻوڙج  ٻيائـــي، انهـــيءَ  بــحر عــميق ۾.

 

84. همه کـــي  حق ڄاڻ  تون همه هڪ آهي،
لا سين  ڇڏ لاهي،  خام خوديءَ جا خطرا.

 

85. نفي  ڌاران  ناهه ڪامورئون منفــــعت،
”دَع  نفسلڪ وتعال“ جي ٻڌج ٻُجهارت،
اٿــئي اشـــارت، نـــفي ۾ اثــــبات جـــي.

 

86. نفي ڌاران نانهه ڪو چئنچل ٻيو چارو،
”وَ وجدڪ ضالا فهديٰ“ سمجهج اشارو،
مـــــارج نـــقارو، نـــفي ٿـــي اثــبات جو.

 

87. نفي ڌاران نانهه ڪا ويراڳــــي ٻي واٽ،
ساميئڙا سر ڪاٽ، ته اوڏو ٿئين اثبات کـي.

 

88. نفي ڌاران نه ٿئي وحدت ساڻ وصــــــول،
لهين قرب قبول، مرڻان اڳي جي مرين.

 

89. مرڻئون  اڳي  جي  مرين  ته  موٽي    ڪونهي   موت،
”ان  اولياء  الله  لايموتون“ فاني   ٿين   نــــه  فـــوت،
جوڳين سـندي جـــوت، قائـم آهي ڪونين ۾.

 

90. مرڻئون اڳي جي مرين ته چوندءِ ڪين مُئو،
”المومن حي فــــي الدارين بل هم احيآءٌ عندربهم“ سامي! تونه سُئو؟
جـــــو ڌرئون آهه ڌُئو، ســــو هميشه حـيات آهه.

 

91. مرڻئون اڳي جي مرين تــه مئو چوندءِ ڪين،
”ولا تقو لوا لمن يقتل في سبيل الله امواتا“سڻج ساڻ يقين،
قربدار ڪُــــڏين، محــبت منـــجهه مــــات ٿـــي.

 

92. مرڻئون اڳـــي جـي مرين ته ٿئين نسورو نور،
مرڻ جو مذڪور، ڪــڏهن ڪــنين نـــه سُڻين.

 

93. مرڻئون اڳي جي مرين ته باقـي رهـــي ذات،
همــيشه حــــيات، مـــــرد نــــه مــــرن ڪــــڏهين.

 

94. مـــرد نـــه مـــرن ڪــڏهين هـــو جـــي ٿـيا حق،
”اجـــــسادنا ارواحـــنا ارواحـــنا اجــــسادنا“ سکج اي سبق،
انــــڌا آڻ نــــه شـــڪ، حـــياتي ۾ هـــــنن جــــي.

 

95. مــرد نه مـــرن ڪڏهـــين ڪوپا آهــــن قائــــم،
هــــم مــــرين گـــر وه مـري، دولهه مارين دم،
ديهيءَ ري دائــم، حاضــــر رهـــن هرجـــاءِ تي.

 

96. مــرد نه مــرن ڪـــــڏهين ديهــــي هوءِ نه هوءِ،
”فسبحٰن الذي بيده ملکوت کل شيءِ“ جــــــو چاهي ٿئي سوءِ،
جو ديهي کـــــــون هٿ ڌوءِ، لکــــــين ديهــــــــيون ان جـــــــــيون.

 

97. مـــــرد نه مـــــرن ڪڏهين جي ساڳيو ٿيا سبحان،
عالـــم تـــي احـــسان، ڪـــوڙين ڀتـين ان جو.

 

98. مرد نه مرن ڪڏهين جن اَلک ڪـــــيو اثبات،
ٻي جهت نه آهه جِهَات، سير سڀوئــي ان جو.

 

99. ڪوڙيــن ڀتين ان جـــو مـــٿي خلـــق رحـــم،
نالــــي ڳـــــڌي ان جـــي وڃـــي گونــدر غــــم،
اُڃـــــن لـــــــــئه آگــــم، آهـــــه عــــــنايت اُنجــــي.

 

100. ڪوڙيين ڀتين ان جـــــو عالـم تي انعام،
نالـي ڳڌي ان جـــــي جـــــيءَ جُــسي آرام،
جنگ پيارين جام، سندو عشق اُڃن کي.

 

101. ڪوڙيين ڀتين ان جو لـطف مٿارون لوڪ،
ساهه سهائو نه ٿئي جان جان ڦِرين ڦوڪ(=اجايو)،
جُنگن سندي جهوڪ، روحاني رڙهيج تُون.

 

102. ڪوڙيين ڀتين ان جا هٿ مٿي هيــــڻن،
هــــو ٻنـــهين جهانــــن، ويــــچارنِ واهــرو.

 

103. ڪوڙيين ڀتين ان جي رَهينِ تي رحمت،
نالي ڳڌي ان جـــي ضايـــع ٿـــئي زحمت،
ميــــٽي مصـــيبت، اکــر لکــن عيشة جو.

 

104. هــــــو ويــچارن واهـــرو مسڪينن مـــدد،
”لواُقسم علي الله لا يرد الله“ لاهوتي لا رد،
پِڇ لڳ ڇـڏين نه پانهنجا سندن هي عهد،
تـــوڙي بـلڪل بد، ته به در آئيي داد لهي.

 

105. هــــو ويـــچارنِ واهــــرو مسڪــيننِ مـــاڻ،
”يمَحو الله مايشآءُ ويثبت“ آڌوتين اُهڃاڻ،
ڪڍ تنهين جي ڪـاڻ، ته وَسئون کي ويجهو ٿئين.

 

106. هو ويــچارن واهـــرو مســـڪينن ملـــجاءِ،
وڃي آڳهه ان جـــي ســـور سڀيئي سلجاءِ،
تنهن رتيءَ سان رلجاءِ، جاڻي پرين جــــي پـــيرجي.

 

107. هــــو ويـــــــچارن واهـــرو يــــتيمن يــــاور،
تــــرت رســـي تـــکه تـــــار ۾ دانــــهه دلاور،
اهـــــڙا اڪابـــر، مانـــدن لاءِ مـــوليٰ مُـــڪا.

 

108. هــــو ويچارن واهرو، شارڪ ڇـــــڏ تون شڪ،
هاهُـــوتــــي ٿــــيا حـــق، نالي آهــــن آدمــــي.

 

109. نالــــــي آهـــن آدمــي نه ته معنيٰ ۾ موليٰ،
ســڃاڻـــڻ سامــــين جـــو عــــــبادت اولــــيٰ،
اوَلا ٿـــــين ســوَلا، سـدا هـٿئون انهـن جي.

 

110. نالي آهــن آدمــي نـه تـه آديـــــسي اســــرار،
سمجهـــي سِر ســـامين جو ڪوڪو ڪلادار،
ادا رک اعـــتبار، اونهــون پـــروڻڻ ان جو.

 

111. نالــــي آهـــــن آدمــــي نه ته آديســي اڪال،
”تخلفوا باخلاق الله“ ٻي ڪا چلن نه چال،
نانگا سدا نهال، هـــت هــــت جوڳي جيئرا.

 

112. نالي آهن آدمي نه ته سامـــي ســـر ســـارو،
نانگن جو نعرو، لنگهي ويــــو نـوکنڊکان.

 

113. نالـــي آهــــن آدمــــي نــه تــه سـراپا سُبحان،
”الانســـان سِري وانا سرهُ“ مردن هيءُ مڪان،
برتــــر آه بـــيان، تنـــهين جـــو تـــقرير کان.

 

114. لنــگهي ويـو نوکنڊ کان غازين جو غوغاء،
”مِـــن عــــروج روحُ الفلڪَ“ سناسين ثناء،
شُهـــوديــن شُــــعاع، عـــرش مـــٿان اڀـــريو.

 

115. لنگهي ويو نوکنڊ کان مــردن جــو مقام،
”لايَسعيٰ فيہ مَلڪ مُقرب“ اهــو تنهين انعام،
پَـــئُه سـناسين ســام، پورب ســندي پنڌ ۾.

 

116. لنگهـــي ويو نوکنڊ کان سناسين جو سير،
جاٿي سندن جهوپڙا تاٿي پکــــي نــه پـــير،
ڪاپڙيءَ ري ڪير، هلندڙ ٿـئي هاهوت ڏي.

 

117. لنگهي ويو نوکنڊ کـــان نانــــــگن سندو نشان،
نــــــفي ۽ اثـــبات کــــان پــري تـــن پـــرياڻ،

پاڻــــــئون پلــــــي پاڻ، آديــــسي آرام ٿــــيا.

 

118. لنگهي ويو نوکـــــنڊ کـــــان پانـــڌيــئڙن پرواز،
الســــتي آواز، ســـــڻايائـــون سُــنگ کــــي.

 

119. سڻايائون سنگ کـي لا واريــون لاتــيون،
بيراڳين باهوت ۾ جهــاتيون جي پاتيون،
ڏينهان ۽ راتيون، هـــلندڙ آهن هاهوت ۾.

 

120. سڻايائون سنگ کــــي لطيـــفي ڪـــا لات،
سُڻي ســــي پاســــي ٿــيا پاڻ ڪنان پرڀات،
مرڪــيو مقالات، پورا ڪــــن پــورب جـــا.

 

121. سڻايائون سُنگ کــي ســندي راز رهــــاڻ،
”الفقير لايحتاج الالِله“ ڪنهن جي ڪڍن نه ڪـــاڻ،
عبديت جي آڻ، ڪين جهليا سي ڪاپڙي.

 

122. سڻايائون سُنگ کي ڳالهيون سنديون ڳُجهه،
لاهوتين کي ڪا هُئي لنئو لــنئو انـــدر لُجهه،
جتي سُجهه نه ٻُجهه، تاٿي ڪيائون تڪيا.

 

123. ســـــڻايائون ســنگ کــي ربـــوبِيَــت راز،
سامين ڀڃي ساز، سُر صحيح ڪيو سِر جو.

 

124. سر صحيح ڪيو سر جو ساز ڀڃي سامين،
تارون ڇــــني تـن جون ڳيت عجب ڳائن،
ڪن ري ســــڻيو تن، انحد جي آواز کي.

 

125. سر صحيح ڪيو سر جو خاصن ڇڏي خواب،
انـــحد ۾ آنـــند ٿــيا ڇــٽا کــــئون عـــذاب،
راڳيــــندن رباب، ڀــــڃي تان ڀــــورا ڪيا.

 

126. سر صحيح ڪيو سر جو راڳيندن مون رس،
”اَنا انت فَاَين انا“ اهو عيش احــــص(= وٺ، ماڻي؟)،
ڪو مام پروڙي مس، انهــــــيءَ راڳ رهاڻ جي.

 

127. سر صحيح ڪيو سر جو مستانن مري،
”السماع معـراج الاولياء“ مــوٽيا ماڳ وري،
سنــــدن ذوق ذري، انـــــحد ســاڻ اپار ٿي.

 

128. سر صحيح ڪيو سر جو ڏٺو جن جمال،
ڏنو تن ڪلال، سرڪـو سوز گــداز جــو.

 

129. سرڪو سوز گداز جو جيڪي پين جنگ،
ســـوري مـــٿي سنـــبريا ڇــڏي پٽ پلنگ،
نيهي ڇڏي ننگ، ناسوتئون نيڪال ڪيو.

 

130. سرڪو سوز گداز جو رِندن پيتو راس،
قدمن تري سـر ڌري چـــڙهيا او آڪـــاس،
بيسِريءَ جــي باس، اچي تن جي تن مان.

 

131. سُرڪو سوز گداز جو جنهين پيتو جال،
قــدمن تـــري سر ڌري هــــليا اُلــــٽي چال،
خــــوديءَ ڪـــنان خـيال، پلي پراهون ويا.

 

132. سرڪو  سوز  گداز  جو  جوشئون  پيتو  جن،
قـدمن  تــري  ســـر ڌري  وک  وڌائـــي  تـــن،
بيـــــــسِريءَ جو بــــــن، لنگهـــي لاهـــوتـــي ويا.

 

133. سرڪو سوز گداز جو پــــي جهــــل تــــنــــهنـــجو تـــاب،
بيسِريءَ جو باب، پڙهـــي پڙهيو وســـار تــون.

 

134. پــڙهي پڙهــــيو وســار تــون، ”اناالحــق“ کي اور،
”ففکرڪ فيــــڪ يکفيـــڪ“ ٽــــرج اها ئي ٽور،
ڇڏي دوئــــيءَ دور، ڪُـــــفو پـــروڙج پانهنجو.

 

135. پڙهي پڙهــيو وســــار تـــون، اناالـــــحق اکــــر،
”اقـــرءَ کـــــتابڪ“ ســـندو ســـوجهي لــهج سُــر،
ٻئي ڪـنهن پـــار نه پـــر، پــاڻ پــروڙج پاڻ ۾.

 

136. پـــــڙهي پـــڙهيو وســـار تون، اناالـحق اسرار،
”هل فــي الدارين غــيري؟“ آڻ اهــــو اعـــتبار،
پيــــهي ڏس پاتــار، ته پاڻ پــروڙين پانهنـــجو.

 

137. پڙهـــي پڙهيو وسار تـــون، اناالــــحق حـــرف،
حقيقت سان هڪ ٿــــيءُ ڇــــڏي نـــحو صرف،
شاهــــي پـــاءِ شــــرف، دوتائــــــــي دور ڪــــري.

 

138. پڙهي پڙهيو وســار تـــون، علـم اناالحق جو،
ساڳيو آهين ســو، ڳــولا ڪـــرين جنهــن جــي.

 

139. ڳولا ڪرين جنهن جي ســو تون آهيـــن پــاڻ،
پاڻ ڪــــنان پاسي ڪيو توکــي تنهنجي ڄاڻ،
پنهنـجو پاڻ ســــڃاڻ، تون تان ناهيــن آدمــــي.

 

140. ڳولا ڪرين جنهن جي سوئي تــون سلـــطان،
پيـــهي پــــس تون پاڻ ۾ پنهنجي سونـهـن ســــــــــڃاڻ،
ناحـــق ٿــــيو نــادان، ليــــئا وجهــين لـــوڪ ۾.

 

141. ڳـــولا ڪــرين جــنهن جــي ســـوئي تـون سِرُ،
پــاڻ نه پــسين پانـهنــجو بــيـبــيو وتـــين بِـــرُ،
گهيرُ اهوئي گهِر، ته ملـــين تـــون مطلوب کي.

 

142. ڳولا ڪرين جنهن جـي ساڳيو تـــون سـوئي،
جي پاڻ پروڙين پانـــهنــــجو تــه ناهــين ٻـــــيو ڪــوئي،
هي هو هڪوئي، ســڏ پــڙاڏو سمـــجهه تـــون.

 

143. ڳولا ڪرين جنهن جي ساڳيو تون مطلوب،
خوبن کئون آهين خوب، جي تون پسين پاڻ کــي.

 

144. جي تون پســــــين پاڻ کي لوڙهي لقب لَهوُ،
معنيٰ جي مــهراڻ ۾ ٿئــين محـــض مَـــحوُ،
ته ڇڏي صرف نحوُ، پڙهـــين ورق وجود جو.

 

145. جي تون پســـــين پاڻ کــي ڇـــڏي فقر فند،
ڪنز قدوري جـــو ڪڏهين مول نه پُڇين پنڌ،
ته رڙهي لهــين رند، پاڻ منجهارون پانهنجو.

 

146. جي تون پســـين پاڻ کي رُويت روحانـــــي،
اُڇلــــــــي وجهــــين آڳ ۾ منطــــق مَعــــانــي،
برهه نه ٿـــئي بانـــي، قُطــبي مُــطوَل ســــندو.

 

147. جــي تــون پسين پاڻ کي جئن ڪِي پسڻ آهه،
تلــوِيح ۽ توضــــــيح جـــي تاٿـــي ناهــــي جاٰءِ،
اصولـــين جـي عقل ۾ هي سِر ڪين سماءِ،
وُصــولين وٽاءِ، سُـــڻي سمـــــــجهه ڳالــــهڙي.

 

148. جي تون پسين پاڻ کي ته پيءُ جَهَل جو جام،
هوءَ جا عبادت عام، سا صــــــوفي ڏوهه نسورو.

 

درگاهه عرض پائيگاهه تجل شريف

تمت بالخبر

من يد مسڪين بي مکين احقر خاکسار الحاج سومر خان لغاري بتاريخ 14- ماهه شعبان مبارڪ 1394هه برابر 2- سيپٽمبر سنه 1974ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org