سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :35

 

جواب ڏيڻ سسئيءَ جو جيڏين کي، ڪَنا فراق پنهونءَ جي:

 

تڏهن تن سڀن کي چيائين جواب

اديون دل جگر ڪيو ڦوڙائي ڪباب

گهڻو زور دانَھ سياڻي هيس

لڳي عشق يڪدم دواني ٿيس

قلم ساڻ ڪاتب لکي جو ويو

سو پاڻ مٿي مون سڀوئي پيو

لِکئي مان نه لِک ڪا ذرو لاهيان

هنجون لال هر وير ٿي واهيان

صبر ڪئن تن جون پنهون ڄام ڏور

وهڻ ڏي نه مون کي هتي سوُر پوُر

وهڻ ڏي نڪا وير هيڪي اُداس

ورائي ويا مون هزارين وِماس

وڏا محل گلزار ۾ ڄام ري

مثل سڃّ ويران مون ڄاڻ سي

ڪري سڃ ساڄن ويو مون ڀنڀور

رکيو جانِ دل ۾ اچي سُور زور

پنهون پاڻ سارو سندم جيءُ نِيو

سڀئي وسّ تنھ لئي سندو مون ويو

نِيو ڄام ڄامن سندم جيءُ جهلي

وَسان جو ويو سو نه رهندو پَلي

 

باقي جي هڏا هِي جدا ٿي رهيا

پنهونءَ جي سِڪڻ سي ڀنڀوران کنيا

جهليندا نه تن کي مَتيون ۽ زنجير

اچي جي اُٺايا پنهونءَ جي اُڪير

جدا مون کي مَڙهي نڪي ڪي ڪرڻ

ڀنڀوران ڀلو مون ڇپر ۾ مَرڻ

جِيان جاڙ جيڏيون جتن ري اڃان

مَري ڪوهه نه ڀينر  وڇوڙيا وڄان

جيان جاڙ جيڏيون سوا ٿِي جَتن

وڌو لوڻ منهنجي وڇوڙي ڦَٽن

جِيان جاڙ جيڏيون ويا مون وٽان

ڪري دل جگر ۾ وڇوڙي ڦٽا

جيان جاڙ جيڏيون پنهون ري هتي

پنهون ڪيچ ۾ مان جيان ٿي ڪِٿي

جيان جاڙ جيڏيون جتن ري اديون!

ٻولُون ڪين تن سين ڇڄڻ جون ٻڌيون

جيان جاڙ جيڏيون مري جي وڃان

وڃي تان پنهون سين ڇپر ۾ مِلان

مِلان جي ته جيڏيون وڏو مون نصيب

پنهون ري نه منهنجو اديون ڪو قريب

نه سرتيون وڻن مون نڪي باغ ڀاڳ

پنهون ري وهڻ مون وڏو اَڀاڳ

متيون مون مڙيئي اديون وهه ٿيون

پنهون راحتون مِڙ منهنينجون نِيوُن

پتنگ جيئن ۾ مَچّ منهنجو جُسو

فنا ڄام جي ذات ۾ ئي ٿيو

هڻي پير باغن سندي ئي ڀنڀور

کنيم ڀَرّ صحرا پنهون ڄام ڏور

مرڻ مَرڪ مون کي پنهون لئي ٿيو

ديِت پاڻ جنھ جي ڪوهياري ڪيو

جبل ۾ مران جي پنهون لئي سِڪي

ته ڪر مون حياتي هميشھ لڏي

وڃان ٿي اوهين اي وريتيون ورو

ضروري پڇڻ مون پنهون جو پَرو

پُڇاڻو مٿي مون ميڙائو نصيب

پري ڄام توڻي هجي ۽ قريب

ويندي مان نياڻي جوڳياڻي ٿئي

ڀنڀوران برن ۾ نماڻي ٿِئي

ويا دوست جن سي جوڳياڻيون ٿين

وطن جو نه پاڻي وري سي پين

ڇڏي ماڳَ محفل جني جا ويا

سمر سور ساٿِي مِرون تن ٿيا

مسافر ويا جن سندا مان مَڙهين

پيا سوُر جي سي اچي ۾ تَرن

مڙهين مان مسافر ويا چن هلي

دلاسي نه دل تِن سنديائي جهليِ

ڪَنن ۾ ڪُنر ۽ لياري لباس

مِرُن جو ٿيو قوُت مڙ منهنجو ماس

پنهون ري نه منهنجو اديون ۾ ڀنڀور

آهيان ڄام ڪارڻ هيين ۾ ڏَڌور

مثل مون ڏٺان جي ڪيچائي پنهون

هليون هوند تان سڀ ڇپر کي سَمُهون

ڏٺان ڄام بلڪل نه عالي نشان

لڳان قرب جو جانِ ۾ ڪينَ ڪانَ

ويهي وير هيڪي ڪيان جي ورونھ

ڪڍيان ڪين تان ڪي هيين مان پنونھ

ڪَنا ڄام گفتار ڪنھ جي سُئِي

نه تنھ وير سڀڪا ديواني مُئي

پنهونءَ هوند ڇپّر منجهان ئي مجاز

هليون هوند ڇپّر منجهان ئي مجاز

ڏٺي مُرڪ جنھ ڪنھ پنهون ڄام جي

صبح شام تنھ ڳالهه ماتام جي

پنهون ري پساهه ڪونه پاسي کڻان

پنهون کي ساري هٿ جيڏيون هڻان

پنهون ڄام منهنجي جيءُ جو جيار

پنهون ٺار نيڻن پنهون غمگسار

پنهون دل اکين روح آرام آهه

پنهون ري جيڻ مون کي ماتام آهه

 

پنهون ري پَسان ڪين هر جاءِ ٿي

پنهون ري مون کي جاءِ ڪُل باهه ٿي

پنهون ري ديواني مُئي ٿي گهمان

وساري وهان ڪئن ڪنھ پر سمهان

پنهون ري کِيڻَ ۽ پِيڻ مون حرام

پنهون ري جُسو جيءُ ڏکن ۾ تمام

پنهون جانِ جانان پنهون ڪيچ ڄام

پنهون ري سَسُوئي نماڻي تمام

پنهون ڄام ڄامن پنهون باوفا

پنهون ري وهڻ مون جفا تي جفا

ويو مون وٽان جو پنهون مون سندو

پَسان هاڻ تنھ جي مثل ڪونه ڪو

رئان پار ڪنھ پر ڪڍي تن پرين

رهيا ماڳ مون سين ڪري جي وطن

ڪڍي پار ڪنھ پر اُني لئي رئان

هئا سيڻ ڪهڙا سندا موُن چوان

هئا سيڻ مون سي جني ڏيھ جبل

چڙهي وير ڪا مون ڏنائون نه ڪَل

هئا سيڻ مون جي هتي سي ويا

وڃي ڪيچ پنهنجي کي ويجها ٿيا

ويا مون وڇوڙي ڇڏي ۾ ڀنڀور

کنيم هاڻ تنھ لئي سندي ڄام ڏورَ

 

ڪنان ڳَهَر ويسر جدائي رسِي

جدائي ڀلا ٿِي اَجائي رسِي

رهندي ڪين هرگز هيين جي اُڪير

ڏيو جي جيڏيون مون گهڻا دور دِير

ويا وقت ويسر قضا ٿي ڪريان

پنهون ڏي پنهنجا پير رئندي ڀريان

پنهون ري نه موٽڻ سندو مون وري

آهي ٻول پرمل پنهون سين گهڙِي

جيڪي سِر جبل ۾ پنهون لئي ڏيان

پسي ڄام جي کي سدائين جِيان

منهنجي جيءَ لاٿا لاڳاپا ڀنڀور

رهندي ڪين دل مؤن سندي ساڻ زور

اوهين ربّ پرتيون خدا آسري

پَسڻ ڪاڻ ڪيچين وڃان ٿي پري

وڃڻ ڪيچ منهنجي مِلي ڪين واٽ

پنهون جي پَسڻ جي رکان ٿي اُساٽ

سُڻي ڳالهه سا سڀ ونيون زار زار

ويو جان جيءَ کان تني جو اقرار

کَٽي ۽ کٽياڻي جهَلي جان رهيا

مڃيائين نڪي تان تني جا چيا

ڀنڀوران نِڱي نار دانهون ڪري

پُٺي ڄام ڄامن جي آهون ڪري.

نڪرڻ سسئيءَ جو ڀنڀور کان، پٺي پنهونءَ ڄام جي، ساڻ اُميد ميڙائي جي:

 

ڀنڀوران ڪري سانگ سسئي هلي

اچي عشق پرمل پنهونءَ جي جهَلي

وٺي ساٿ سورن رواني ٿِئي

کنيائين ڀنڀوران ٻيو ئي نڪي

کنيائين سمر ڪينڪي ساڻ پاڻ

ڪاڇوٽِي نه ڪچڪول قندين ساڻ

خالي هٿ پڻ پير تن ۾ نه هو

سفر ڪاڻ ڪپڙو کنيائين نه ڪو

ڪمربند قابوُ ٻَڌي چيلهه چيلهه

ڪيائين هلڻ منجهه ٿي پيل پيل

کنيائين وکون سي کڻي جي جوان

نيئيي عشق بيشڪ پنهون جي نِڌان

نه ساٿي نه پانڌي نه اولاڪ ڪو

سِڪڻ سوُر همراهه مشتاق جو

چيائين تڏهن ٿي ڇڏي ڪُل قرار

پنهون ڄام ڪيچي ڌڻي مون ڏيکار

پنهون ڄام ڄامن ڌڻي مون پَساءِ

ستي سيڄ تان جو ڪنا مون ڇناءِ.

 

 

ڀنڀور ٻَهر ٿِي ساري ڄام کي، سسئي دل سين ٿي چيو:

 

ڪنا ڏيھ ڏکويون ويچاريون وهيون

هنجون رت نيئن جني کان وهيون

هاري هنج پڻ ۽ هري ڀوُن ڪري

وييون پار پرين وکون سي ڀري

منهنجا ڏک تن مؤن مِلي ڪا رَتي

ڪنا جنھ جگر جان دلڙي رتي

سڀ سور کان ٿي وڏو درد سور

ٿيو جيئن پرمل پنهون ڄام ڏور

ٿيو ڄام ڄامن پرانهون وڃي

منهنجو سک آرام سارو ڀَڃي

ايڏو سور عالم اندر ڪونڪو

جيڏو ڏک پرين ڦوڙائي سندو

ويو ڄام ويسر هُئي مون هيين

سنڀاليم نه ويهي تني کي ڏيهين

منهنجو ڄام مون کان ويو ياالله

ساري ۽ سِڪي ٿو جهين کي پساهه

پنهون ڄام سو مون ورائي پساءِ

پيو جان جوُنرو جهين لئي رنجاءِ

پنهون ڄام دل ڪين وسري ذرو

پُڇان هاڻ تنھ  لئي هِلي ٿي پَرو

 

سنڀالي توکي يا الله! ٿي هلان

ڪري ياد پرمل جهجهو ٿي جَلان

چوان دل ۾ ڪيچي پنهون تون وريج

مون کي ڪين ڇوري وڇوڙي ڇڏيج

مون کي جَت جابر وٺي تان وڃو

ڏاڍا ڏير پر ڏيھ وٺي مان وڃو

مَران ۽ جهڄان ياد هيرون ڪري

ميڙائي سنديون ياد ويرون ڪري

اوهان ري فنا ٿي مري مان رهِي

اوهان ري سَسوُئي نماڻي صحي

نيو مون بلوچا! ڪيچائي گڏي

وڃو ڪين مون کي هتيئي ڇڏي

ويا ڄام ورَوان نڪي ڪي پري

نه وڃ هيڪلي تون سَسوُئي ڪري

سسئي هيڪلي تون ويو ڏيھ ڏور

ماري مون ڦوڙائي سندو سخت سوُر

ماري مون فراقي ڪري وئين ولات

صبح سار ٿي تون ويو وير رات

ويا ڏيھ ڏوران پنهون آءُ وري

ويندي ڏوُر ۾ تو وڇوڙي مري

وئين تون وٽان مون جڏهانڪر پنهون

تڏهانڪر ٿيو مَرڪ مون کي رُنون

 

وئين تون ڇڏي مون ڪَهين جي بِلي

ڦوڙائو هينئون ۽ جگر ٿو ڇِلي

پنهون يا پنهون، يا پنهون، اي پنهون!

وري موٽ مان تي رهي مان اَسوُنهن

الله لڳ ڪيچي نڪي وان پري

آهيان لڄ تو ۽ تنهنجي آسري

الله لڳ آءُ تون مَهارون وراءِ

ڪَڪن ڪيچين جون قطارون وراءِ

جڏي ڪيچا تو سَوائي ٿيس

هڻي حب مادي تو هي جي ڪيِس

ويو وسّ توري رهي، ڪين روح

رهئين ڄام دل ۾ سنجهي ۽ صبوح

ويو وَس دل ۾ لڳو درد ڪانِ

ڪيو سوُر سارو هينئون هي نشان

ڪري ياد ڪيچي رئان زارو زار

اچي تو سوا ڪينڪي مون قرار

مون کي ڪين وسري ويا نيڻِ تو

لهان ڪينڪي ڪي مثل سيڻَ تو

مون کي ڄام ڄامن پنهون اي پنهون!

رسي راهه ۾ تون اچي ٿي سمهون

پنهون ڄام ڪيچي اچي جو وري

سوا تو سَسوئي نماڻي چري

 

ٿيس جتن کي ڪڙي يا پنهون

هلان سڱ تان تو ڇپر کي سمهون

ويا تان وريجا وري مِهر مان

نِڱي مان نماڻي يَڪي شهر مان

ڪڙم ۽ قبيلا ڇڏايام سِڪ

سندي تاڻ ڇپرين ڪرايام سڪ

ڇپر منجهه مون سين رفيقي نه ڪي

ڏکن منجهه مادر نه سرتين اچي

وسيلا ويا مون وييون جيڏيون

مون کي تان اُميدون تو ۾ ڪيڏيون

نه واقف نه پانڌي نڪي قوت ڪي

مليو عشق مون سين اڙانگو اچي

ڪنيزڪ تو جي ڪيچا هيڪلي

تنھ تي ڄام وهلو هلي آءُ هلي

مهندا سُڃ صحرا بيابان رڃ

مرن جت سهسين مَرؤ ساڻ اڃ

هلي آءُ، هلي آءُ، هلي تون پنهون

وران ڪين پُٺ تي اچان  ٿي سمهون

ويا ڄام مون کان وري تون وريج

ڀيرو مون مسافر مٿيئي ڪريج

وٿين ڪين تون هوند مون کي ڇڏي

قضا سين نيو توکي ڏيرن گڏي

 

جبر جت ساٿي وڇوڙي وڃن

گهڙي ڪانه هيڪي سنڀوڙا ٽَرن

وئين ڄام مون کان هلي هاڻ جي

ته مان پڻ پٺيءَ تو اچان ٿي اَجهي

ڪريان ڪوهه هندورا سندا جي ڀنڀور

پسند ڪين مون کي سندي باغ ڦور

توري ماڳ هي مون ٿيو ويھ وڏو

وڻن ڪين جيڏيون مون کي ڪي ڪڏو

پنهنجي ڏوهه نه منهنجا پرين مون ويا

نيڻ وارا جَت تو سڀيئي ٿيا

نيو تو جتن جي ڪنا مون ڪڍي ڪريان

رب کي ٿِي پَرن تو سندِي

توکي ربّ پَرنيا پرين مون سندا

جتن جي وڇوڙي ڀنڀوران نِيا

ڪڪر ڇانو مٿي تنھ ڪرائج ڪريم!

آهگي ڪانَ هرگز رسائج رحيم

نه گرمي ذرو ڪا پنهون کي رساڻ

آهي هوت دلبر سندو جو اَڄاڻ

پر آهي پنهون کي رِدا رحيم جي

پَسيِ جنھ ۾ گرمي ذرو ئي نڪي

سدا بوند رحمت مٿي تنھ وساءِ

فضل سان ساٿي پنهون جا پساءِ

 

جبل باغ ڪر تون سڄو ڄام کي

وٺي ويو ڪَنا موُن جو آرام کي

سگهو پڻ اکين سين وري سو پساهه

جهين لئي پيو هي جُسو جيءُ رَجهاءِ

منهنجا ربّ رحمان دريا سخا

عفو بخش رحمت سندا مالڪا

ڪرم تو سندا مون مٿي ري شمار

ڇنائي پنهون جي ڏيين مون توار

ڇنائي مون کان جي پنهون مان وفا

پناهه منجهه تان تنھ رکج راحما!

پناهه ۾ رکي تنھ وري مون پَساءِ

جو ساڄن سُتي مون ڀنڀوران چناءِ

چيو ٿي رُني ۽ هليو ٿي هَلي

جهَلي سوُر سرتين نڪي ڪي جهلي.

رسڻ سسئي جو ساڄَ ڏونگر ۾، منجهه ڏور پنهون جي:

 

ڪَنا ڏک سسئي رواني ٿئي

ڀنڀوران سفر ليئ کنيائين نه ڪي

جڏهن ساڄَ ڏونگر مٿي سا رسي

هئي چيلهه تنھ دم سندي  تنھ ڪَسي

هَمت منجهه مَردن مثل زور هئي

هيين منجهه دردن ڪَنا ڀور هئي

اکيون سرخ منهن زرد مجنون حال

نماڻي ڏُکي سور سين اٿي زوال

ڏٺي سا جڏهن ساڄ سسئي ڏکي

تڏهن ڳالهه تنھ هي زبانا ڪُڇي

ته اي ربّ رحمان! سائين ڌڻي

ڪريين سا جا درگھ ۾ تو جي وڻي

توکي حمد مولى سدائين بيشمار

سکن مان ڏيين جو ڏکن جو توار

وري ساڄَ پڻ ٿي چيو اي اَدي

آهيين ڪير ڪنھ ڏانھ وڃين ٿي وڌي

سڻاءِ سراسر سڄي ماجرا

جبل ۾ پڇين ٿي سدا ڪنھ پرا

مثل گل هر دم سوُنهين ۾ چمن

ڇڏيئي سور ڪهڙي اَدي کي وطن

سڻي تان چيو تنھ تڏهن تنھ سمهون

ته اي ساڄ! ڏوريان ڇپر ۾ پنهون

پنهون ڄام مهمان راتيون رهي

ويو جان دل مون ڏکن سين ڏَهي

پنهون ڄام ڪيچي رهائي ويو

چڙهڻ چوٽين تي  تڏهن مون ٿيو

ڀنڀوران ويو ڄام مون کان سُتي

پايو مون ته هوندو هميشه هتي

 

ڀنڀوران ويو ڄام منهنجو هلي

آهيان هاڻ جنھ لئي ڦوڙائي جَهلي

ڀنڀوران ويو مون مَٺو ڄام ڄام

جهڄي جان جنھ لئي فنا ٿي تمام

ڀنڀوران ويو مون پنهون ڄام سو

پسان هاڻ جنھ جي مثل ڪونه ڪو

ڀنڀوران ويو ڄام ڄامن ڇپر

آيو ڏک جنھ لئي مونهين کي اَپر

ڀنڀوران ويو ڄام مون کان دا

گڏيا سوُر مون سين اچي جنھ سدا

ايندو ڄام سو مون اڱڻ وير ڪنھ

سِڪان ۽ مَران سڌ ٿي لاءِ جنھ

اچي مانَ ڪنهن دم لهي سار مون

ڇڏي ڪين ڇپر اندر ڌار مون

ايندو ڄام جيسين تيسين مون نه سُک

ويهڻ ڏي نه مون ڪا گهڙي هيڪ ڏک

پُٺيءَ پير تنھ مان وڃان ٿي ادا

توکي سُڌ جي تان ڏيين مون نه ڪي

جبل جيڏين جي ڪيم جان پکر

ته سُک منجهه سڀڪا نڪا وير ڏک

آهکِي ۾ الله ري نه ڪو ڪم اچي

ٿيي ڪين ساري سنگت مان ڪَچي

 

مون کي ڏس ڏيرن سندو صاف ڏي

جدائي جبل مون مٿان موُر ني

مون کي ڏک ماندو ڪيو ۽ ڪيو

سڀئي سُک سورن سندو مون نِيو

قضا انگ ڪهڙو لِکايوم ڀاءَ

ڪيو ڄام منهنجو هٿيڪو پساهه

باقي هڏ منهنجا ڇڏي سو ويو

پڇڻ ڄام جو تن مٿيئي پيو

کڻي ساڻ سيئي ادا مان هلي

آهيان جا ڦوڙائي ڀنڀوران جهلي

وينديس ڪيچ وڻڪارا مان اي ادا!

ڪمر سوُر ڪيچين سندا مون ٻڌا

ڀنڀوران ڦوڙائو سانگاتُو ٿيم

هٿان ڄام ڪيچي جڏهن ئي ويم

ويو ڄام ڪيچي سندم ساڄ سو

اکين سين پسان جنھ مثل ڪونه ڪو

اکين سين پسان ۽ ٻُڌان ڪونه ڪونه

جوڙيان ڪينڪي سونهن ڄام سونَ

پنهون ڄام ڄامن رهاڻي سندم

سُتي سيج تان سو ڀنڀوران ويم

ويو ڄام ڪيچي چَران سوُر سوُر

ادا ساڄ سهسين سنجهي ۽ اَسوُر

چيو ساڄ تنھ وير مون کي قضا

خبر جي نٿي ڏي ذري جي رضا

پرو تنھ سندو تو نڪي ڪي ڏيو

اڃا پنڌ توتي اجايو پيو

پيو پنڌ توتي سَسُوئي اَدي!

نيئر نينھ جي ۾ پنهون جي ٻڌي

سڻي ڳالهه سا تنھ چيائين وري

ته ويندي هلي مان وڃان جي مَري

سسئي سور ساٿي پڇي سا پنونھ

روئي رت نيڻن رڱيو جنھ جو موُنھ

پڇڻ ڏس ڏيرن مٿي مون ٿيو

هلڻ حقّ حق جي پڍيءَ ۾ پيو

ميڙائو ٿيو وسّ مولى سندي

وڌو جنھ وڃان ڏيھ مون کي ۾ ڌنڌي

وڃان تو وٽان ٿي ادا ڀاءُ هلي

آهيان سوُر ڪيچي سندي ئي جهلي

سنگت سوُر ساڄن سندو مون ٿيو

وهڻ ۽ رهڻ مون پنهون ري ويو

وهڻ ڪيئن سي جن پنهون ياد آهه

صبح شام هر وير فرياد آهه

صبح شام رت رُون ٿا نيڻ تن

جتي نينهن سي جي مِلن ۽ جهڄن

پنهون ري گهڙي ڪانه ڪا ٿي رهان

پنهون ري ڇپر هيڪلي ٿي هلان.

رَسڻ سسئي پنهون جو پَها پهاڙ ۾، منجهه ڏونگر پنهونءَ ڄام جي:

 

ڪري پنڌ پيرن رَسي ۾ پهاء

جنھ جو هو نه واقف سسئي جو پساهه

اُڃي ۽ بُکي زور بيچار حال

جگر ۽ هينئون تنھ سندو لال لال

ويساهي نه ويهي ٿَڪي ٿي ڪَئي

ويئي ٿي پٺيءَ پير پرين ڪَئي

جَبل منجهه جهوتون ڏنائين هزار

وکون ڄام لئي ٿي کنيائين اَپار

ڇپُن منجهه مشتاق ماندي ڇَلي

پنهون ڄام لئي ٿي ويچاري رُلي

پييس جي خبر ڪانه ڪا ڀور ڀور

ويئي تان په مشتاق ٿي زور زور

پسي سوُر پنهنجا نڪي ڪِي سَڙي

هيڏانھ پير هوڏانھ ڪَڙيو ٿي ڪڙي

ڪڙيو ٿي ڪڙي پير پِرين سندا

پنهون ڄام ڏيرن جي توڏي سندا

نه ساٿي نه پانڌي پڇي جنھ ڪنا

ويا جت جنھ لئي لُڇي تنھ ڪنا

نهاريئين گهڻو پري اَڙوُن ڪري

کڻي وک چڀڦير پيرا ڀري

پيس ڪلّ تان ڪان پيرن سندي

وڃي جي وڇوڙي ويچاري وٺي

چيائين تڏهن ٿي ادا اي پَها!

سمر سور ساٿي پنهون جا ٿيا

وٺي سُک آرام سڀ دل سندو

ڏنو ڄام ڄامن فراقي ڌنڌو

ڏنئين ڏک سڀ سُک دل کان وٺي

چڙهڻ چوٽين پڻ لَڪن جي پَٽي

ڏنئين ڏک پرڏيهه سندو ڏيج ۾

مَلايو ڦوڙائو پنهون هيج ۾

ڏٺو هيج ڪيچين سندو مون ادا!

رکيم ڪانه آخر ڦوڙائي ڪَر!

رهيم ڪانه هرگز ڏکن واقفي

ٻڌم ڪونه سڏ ڪو سُکن هاتفي

چيو تان تَهين کي تڏهن ٿي پَها

سسئي سچ گفتا جيڪي تو چيا

ڏنائون جيڪي ڏيج سو تون سنڀال

ڪجي ڪين سسئي اِتي قِيل قال

ڏنائون جيڪي سو اکين ساڻ رک

منجهان ڌنھ ماڻهن کي ٻُڌاءِ نه ڪک

ڏنائون جيڪي سو سسئي سانڍ ساهه

ڇڏج ڪين ڇپر سندي واٽ راهه

وٺي راهه رستو ڇپر جي وڃين

پنهنجو ساهه سوُرن ڏکن سين پڃيين

ته بلڪل نڪي تو ڇڏيندو پنهون

جهَين لئي جبل ۾ تو جو جيءُ پنهون

چيو تان تڏهن تنھ سسئي سوُر کان

جهلي عشق ڪيچي سندي منهنجي ٻانهن

وهڻ ڏي نه سو واٽ ٽَڪر چڙهان

پنهون ري نه پٺتي رهان ۽ لَڙان

ڪري ڳالهه سا ڏک سورن سندي

نپائي وڏي ناز سُکن سندي

”پَها“ کان نماڻي تڏهن سا هَلي

هَلي ٿي فراقا جهجهو ٿي جَلي

جَلي ۽ ٻَري زور ٻڙڪون ڪري

پئي رت جونري پيالو ڀري

بيابان بستي نڪا ڪا ڪٿي

جتان سُڌّ سيڻن سندي سا پڇي

نڪا سُڌ سيڻن سندي سڃ سخت

تَتو ڏينهن رهاي سندي رڃ سخت

سسئي ٿي ڊني تنھ ڪنا ڪين ڪين

روئي ڄام لئي ٿي ڀريائين زمين

پَسي سڃ ٿي تنھ ڳُجهوئي چيو

ته آهي پنهون مون هيين ۾ رهيو

پنهون ڪين مون کان جدا ڪو ذرو

پڇان ٿي هتي جنھ سندو ئي پَرو

پنهون ڄام ڪيچي سدا روح ٺار

اکين منجهه، دل منجهه آهي قرار

پنهون ڄام ڪيچي سدا روح ساڻ

شب و روز دل ۾ سندي جنھ رهاڻ

پنهون ڄام ڪيچي سدا ساڻ مون

ڏوري جا هتي مون اچي هاڻ ڀوُن

سبب تنھ ته موٽي اکين سين پسان

وڏي سوُر سين تنھ اڳيان ئي رسان

پوي ٻاجهه ڪا مانَ تنھ سؤر تي

ڪري رحم گهايل سندي پُور تي.

 

رَسڻ سسئي لو جَڪَ ”سورينگ“ تي، منجهه ڏورَ پنهونءَ ڄام جي:

 

رسي سا جڏهن لَڪ سورينگ تي

ٻَڌائين تڏهن چيلهه قابو ڪَسي

ساري ڄام چوٽي مٿي تي چڙهي

جبل ۾ ذرو ڪينڪي ٿي لَڙي

ٻڌي چيلهه ٻَر ٻَر ڪري ٿي وَهي

هنجون لال خوني ڀري ٿي وهي

مَرُن تان تتِي جي سَمهُون ئي اچي

سسئي کي چيو اي! سَسُوئي ادي

هَتي هيڪلي تان نڪا ڪا اچي

اچي جا مِرُن کان نڪيِ سا بچي

بچي ڪانه بلڪل هَلي جا يَڪي

هئي چوٽ ڏونگر مٿي ئي ٿَڪي

وڃين ڪيئن وهلو هِلي تون سِگهي

ٻڌاءِ اهو پنڌ ڪنھ کان سِکي

خبر چار ڪا ڏي اسان کي ذرا

پڇين ڪنھ سندا ٿي لَڪَن ۾ پَرا

پڇين ڪنھ ڪنِي تو ڏنو سوُر آهه

جُڪس تو ڪنا تون پِرين ڏور آهه

هتي ڪونه سوُرن سوا ڪو ڏٺو

چڙهي لڪّ سو سُک جنھ جو ڦِٽو

هرڻ روجهه سهسين هزارين سَرهه

سڀئي ڏين سوُرن سندي ٿا ڪَرهه

مِرُون لڪ چوٽي مٿي جي چڙهن

تني مان ڏهاڻِي گهڻا ٿا ڪِرن

الله ري اتي تان ڪو ڪم اچي

مِرُن کان ٿو ڀاڳن چتي ڪو بچي

چيائين تني کي تڏهن جي جواب

جگر مون سندو ڀان سڄو ئي ڪباب

سبب تنھ ته ساڄن سندو مون ويو

سسئي سِنڌ ڪيچي ڪَپر ۾ ٿيو

سُتي سيڄَ غافل ادا مان هئي

ويا ڏير تان مون ڏکن سين ڏَهي

ويا ڄام ڄامن وٺي مون ڪنا

آهيان هاڻ تنھ لئي فنا ۽ فنا

ويا ڏير مون کان پنهون مون ڇِني

هئي ڀيڄ تنھ دم ڀِني ۽ ڀِني

ويو ڄام پَر مون نڪي موت جي

پنهون ري جيان ۽ مران ڪينڪي

ڏوريان ڄام جبل هلي سو پنهون

سُتي، سيڄ ڏان جو ڪنا مون ڇِنون

هيم هير جنھ مون ويو سو ڇڏي

ڇپر منجهه سوُرن ڏکن سين گڏي

هيم هير جنھ سو ويو ئي وطن

ڪٿان سَڏ سڄڻن سندا اڄ سُڄن

ويا بار بوتن مٿي سي ٻنڌي

آهيان آءٌ نماڻي اصل جن سندي

ويا بار بوتن مٿي سي کڻي

سسئي جي سِسيءَ جا هئا جي ڌڻي

ويا سي سنجهي مون ڇڏي مون سندا

پرهه وير خالي ٿيا تن هنڌان

پرهه وير خالي پرين ري پلنگ

قضا ساڻ ڪيچي ڇنا يام اَنگ

ويا سي جني ري جيان ڪينڪي

ڏکن ري کِيان ۽ پيان ڪينڪي

ويا سي وڃايو جني جيءُ سندم

حشر سان هئي هئي اُنِي ري ٿِئم

ٻُڌو اي مَروُن مون سندا ڀائرا!

آهي سَهوَ ساري سندي مون خطا

هيس جِهر غافل سُتي سيڄ تي

چيو تيهر بلبل صُبح جي اُتي

سَسُوئي ستي سيڄ سيڻن ڇڏي

وڏي سوُر ۾ ننڊ نيڻن گڏي

سَسُوئي سُتي تان ويو ڪيچ ڄام

پاريو ڪين غافل پنهون سين انجام

سسُوئي سُتي تنھ سنڀاليو نڪي

جاڳي آب نيڻن جو هاريو نڪي

جاڳي جال جي ٿا سڄي رات رُون

وڇوڙا تني کي ڪڏهن ڪين پُون

وڇوڙا تني جن سدا نيڻ ننڊ

پسند ڪين ڪن ڪي سندا سيڻ ننڊ

پسند ڪين ساري سُمهن رات جي

رتَو روُن ٿا زور پرڀات سي

سڻي ڳالهه بلبل سندي سا سڄي

ڏُکان اَک تنھ وير ۾ مون پَٽي

پَٽِي اک تان پڻ ڏٺم ڪين ڄام

مَتو تيهَر منهنجي هيين تي حمام

هيين سور ڪيچي ڏٺم ڪين سيڄ

رهاني سندم جو ڀني وير ڀيڄ

ڀنڀوري ڏٺو مون سڃو باغ باغ

رهيم روح ۾ سو وڏو داغ داغ

کڻي داغ سو مان ڀنڀوران هَلي

آهيان سوُر ڪيچي سندي ئي جهَلي

آهي سوُر ڪيچين سندو سُور سو

جهَين سين جُڙي، سوُر ڪو ڪونه ڪو

ڪري ڳاله سا سڀ ويچاري هلي

پنهون ڄام جي سُور ۾ ٿي جَلي.

 

رَسڻ سسئيءَ جو حَب نئي، ۾، منجهه ڏور پنهونءَ جي:

سَسُوئي ويچاري سَسُوئي ڇنِي

هئي هنج نيڻن ڪنا جا ڀِني

لٿي لَڪّ کان سا نماڻي سَٽي

رَسي حَب نئي، ۾ ويڳاڻي سَٽي

لڳي لَٽ تان زور راهِي وري

ويئي تيز تنھ جي انر ٿي چَري

ويئي سُور سڀ ٿي ڪيائين بيان

ته اَي حبّ مون کان ويو ڄام خان

منهنجو ٻول پهرين سُمهڻ جو نه هو

پاريو مون نه سو قول ڪِي پانهنجو

تڏهن ڄام مون کي سُتيائي ڇڏي،

وڇوڙي ويو رات ويلي وڏي

وڇوڙي ويو ڄام ڇورِي ڪري

منهنجي هنج رت جي، هنجن سين ڀري

هاڻي ڄام لئي ٿي رئان ۽ لڇان

کڻيو سور سهسين ڪڙهان ۽ پڇان

چيو حُبّ تان سا سڻي ڳالهه سڀ

سَسُوئي اَدي ئي نڪي ڪي عجب

ڪري ٻانهي سِري جي سنجهيئي سمهن

پرهه وير موٽي صفا ۾ اُٿن

سوا يار سي مَر سدا روُن روُن

هَريا ڳل ڳاڙها تني هُون هُون

ڪري ننڊ جا ٿِي مِٺي رات ۾

روئي رت سا زور پرڀات ۾

روئي رتّ جنھ کي سنجهي اوٿِ آهه

گهَڙيءَ جي گُٿي سا هنجون جال واهه

سنجهو جي ويو رات آخر مِلي

ته ساري سڄي رات فاخر ملي

سنجهو جي ويو رات وچ آڻ هَٿ

پِرهه وير پِرين سين گڏ پاڻ هَٿ

ويا وقت جي تو ڪنائي سُتي!

ته هئي هئي سدا حال تو جي، اُتي

پَري ڪيچ ڪيچي پري تو ٿيا

اوري ڪيئن سي تو اَدي ڀانئيا

ڀانءِ جي تني کي پَري جا ڪري

ته بلڪل سُتي تون نڪي ڪِي ذري

جي تو ڄام پرڏيهه سندو ڀانئيو

ته ڪوهه رات جاڳي نڪي راهِيو

جاڳِي رات راهي، جڏهن ڄام ڪين

تڏهن تو حياتي ٿي آرام ڪين

سڻي ڳالهه سا ڏوهه ڏسي پانهنجو

جهَلي ڏُک کان چيلهه پڻ مُنهن مٿو

هَلِي حِبّ نئن کان ڏٺائين جبل

ڪڏهن ڪينڪي جو ٻُڌائين جبل.

 

رسَڻ سسئيءَ جو جبل پَٻّ ۾، منجهه ڏورڻ پنهونءَ ڄام:

 

جڏهن پَٻّ تي ٿي، سَسُوئي چڙهي

تڏهن پڻ پنهون لئي ويچاري ڪڙهي

نه جيءُ جان پنهنجو ذرو ياد هوس

هيڪو ڪيچ دل ۾ ٻيو ڄام دوس

اکين هنج، دل رنج، منهن زرد هو

سمر ڪين ساٿي سندس درد هو

سوا ڄام سُورن جهلَي سا هُئي

پنهون کان به جيڏين پَلي سا هُئي

اچي اُت سهسين هزارين مِروُ

سسئي ساڻ تنھ دم ٿيا روبرو

پَسي حال سو سڀ چيائيون سُڄاڻ

ڪِئي عشق ڪيچي سندي جا اَڄاڻ

اَدي! حال ساري سندي ڏي خبر

ڏوري ڪيئن تنها اچن هي ڇَپر

اَچي ڪانه ڪا زال ٽڪرّ اُتي

گهڻا شينهن چِيٽا گهمن ٿا جتي

رهن رات مارا مِرون ۾ جبل

سُڄي، سخت جبل سندي ٿي هڪل

مِرُن کي مِرون هِت مارين زور

اچي جو ٻيو سو بَچي ڪين ڀور

توتي ڏک ايڏو وڌو ڪنھ اَدي!

اچي عشق زنجير ڪنھ جي ٻَڌي

تڏهن تان تِني کي ڏنائين جواب

ته منهنجو جگر جيءُ ٿيو ڪُل ڪباب

مون کان سُکّ سڀ عيش سارا ويا

اچي ڏک هاڻي سَمُونهان ٿيا

سيم ڳالهه سورن جي پهرين نه ڪا

هيس باغ بلبل مثل بي، غما

اچي ڄام ڪيچي اُتيئي رهيو

هِنئون حُبّ سين تنھ سندو مون ڳهيو

ڀڃي باز عشقي نيائينم روح

سنگت ساڻ پنهنجي سنجهي ۽ صبوح

وٺي سو ڪنا مون ڪيچائي ويا

لنگهي لُڪ قابو وطن کي ٿيا

هاڻي ڄام پرمل پڇان ٿي ادا!

پنهون ڪاڻ روئي لڇان ٿي ادا!

مون کي ڏس ڏيرن پنهون جو ڏيو

خدا لڳ ڪا وک مون سين ٿيو

ويو ڪيچ جو قافلو کان ڀنڀور

ڏيئي اوچتا مون وڏا هور دور

ويو ڪيچ جو قافلو ڄام جو

رهيو روح هاڻي وندر ڪونه ڪو

وندر مون جني تن جبل ڪاهيو

وڇوڙي ڏکن ۾ مون کي راهيو

رهيس ڄام ري مون هيين سو سَلّ

ستي سيڄ غافل هيس هيڪ پلّ

سُتي سيڄ تي پڻ هيس مهند رات

ڪئي غيب تان ٿي مُهين ساڻ بات

ته تون سيڄ پوري متان ڪي سمهين

سوا ڄام خوش ٿي متان ڪي گهُمين

مسافر سندا تو ٿيا سيڻ سيڻ

راتو ڏينهن تن ۾ جهلج نيڻ ني
راتو ڏينهن غافل متان ڪي رهين

سبب جنھ جي ايندا وڇوڙي سَهين

وينداڻي سُتي تو ڇڏي سيڄ سيڄ

ڀلي ڀيڄ ويندا سُتي تو وٽا

ڪندا ڪين ڪيچي اڳيان تو جَٽا

پنهنجا سيڻ ڪيچي نڪي ڪي پروڙ

ويندا ڏيھ ڏي تو وٽان ئي ضرور

ويندا ڏيھ ڏي تو وٽان ئي سگها

ٿيين منڌ غافل اَدي تون متان

سڻي ڳالهه سا خوف مون کي ٿيو

ڄاتم ڄام مهمان دل ۾ ڪيو

ايندا مَهند او سانبَ مون کي هئا

وَڃين ڄام ڪيچي متان مون وٽا

سبب تنھ نه غافل سمهي ٿي رهيس

شب و روز هشيار ويٺي هيس

اُنڊو مون هيين ۾ انهن جو رهيو

ڪيم ڪين آرام تنھ لئي پَهيو

قضا وير پوئين ڏين ڳَهر مون

پڇان هاڻ تنھ لئي جبل ڪيچ ڀوُن

الله مانَ مون کي وري سو پساءِ

ويو جو جبل سوُر مون تان وراءِ

سڻي ڳاله سا سڀ رنا زار زار

ڪڍيائون ڏکان زور ٿي پار پار

مرُن منجهه ماتام محشر ٿيو

رئڻ روڄ راڙو جهجهوئي پيو

رنائون جهجهو ۽ چيائون وري

ته آهين نماڻي اَدي! تون چري

مهندان واٽ ويجهي سُڄي، تان نه مُور

چون ڪيچ ڀورِي گهڻو ڏور ڏور

رسي ڪير کي ڪيچ ڪاهي وڃي

ڇڏي ٿو جبل هڏ پيرن ڀَڃي

منجهي مرد سهسين هزارين ويا

لَڪن منجهه ماندا اَپارين ٿيا

وري وڃّ مسڪين ماندي اَدي!

ٿئين تان نه پرزا لَڪن ۾ لڳي

سڻي ڳالهه سا سڀ سَسُوئي ڪُڇي

وڏي سُور سين سا ويچاري لُڇي

ته مون کي جهليو ڪينڪي اي ادا!

رهي ڪين ري ڄام دل مون ذرا

موڙائو مٿي مون جهجهوئي پيو

هينئون هوش کامِي سندو مون ويو

ڏَسيو ڪين مون مَت موٽڻ سندي

ٿئي مانَ ڏورڻ منجهان ڪا ڪنڌي

جتي ڄام مون، مان تتي ئي وڃان

وڃي پير پرين مٿي جي پڇان

ڇڏي مک ڪيچي پنهون جي پڇن

سگهو ڄام سيئي اکين سي پسن

سڻي ڳالهه سا درد واري مِرون

وڏي ڏک سين پڻ ڪري هاءِ هُو

پيا ماڳ بيهوش ڪيئي مٺا

ٿورا پَٻ ۾ تنھ سبب کان ٿيا

سَسُوئي نماڻي تِتائين هلي

پنهون ڪاڻ جيءُ ۾ جهجهو ٿي جَلي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org