سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب:دودو چنيسر -2

باب: -

صفحو : 3


 

3- ڏڻي بخش ۽ ڇـُـٽي ميربحرن (تعلقو حيدرآباد) جي کنيل ڳالهه

[هيءَ ڳالهه ڌڻي بخش ۽ ڇـُـٽي ميربحرن کان 18- فيبروري 1964ع تي بدين ۾ قلمبند ڪئي ويئي. ڌڻي بخش ۽ ڇـُـٽو ٻئي ڀائر پٽ الهڏني جا، ميربحر، ويٺل موري منگر، تعلقو هالا، ضلعو حيدرآباد. ڌڻي بخش ميربحر، عمر 45- 50 سال، ڳالهه جو اڳواڻ، پنهنجي پيءُ کان ڳالهه کڻڻ سکيو. ڪجهه ڳالهه صفر ريلائي ميربحر کان سکيو، جيڪو ڳوٺ ناهيجاڻي مياڻ جو ويٺل هو. صفر جو استاد خميسو کاٿڙي (ويٺل کٿڙ جو ميربحر هو. صفر ميربحر 80 ورهين جي ڄمار ۾ سال 1950ع ڌاري گذاري ويو ۽ خميسو ميربحر 20- 22 سال ٿيا جو 60 ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو. صفر ۽ خميسو يڪتاري ۽ دلي تي ڳالهه کڻندا هئا. صفر ٿالهي (ڪنجهي جي) تي به ڳالهه کڻندو هو. ڌڻي بخش جو ننڍو ڀاءُ ڇٽو جنهن جي عمر هن وقت 1964ع ۾ 30- 35 سال آهي. اهي ٻئي ڀائر به ڳالهه يڪتاري ۽ دلي تي کڻن، ۽  ’لوڙائو جي سـُـر‘  مان ڳالهه کڻن. هتي ڳالهه اوتري قلمبند ڪئي ويئي آهي، جيتري کين ياد هئي. هر بيت جي پڇاڙي ۾  ”هڪ هادي الله، تون مٺو الله“  جي وراڻي اَلاپيندا آهن.      ن - ب[

شروع ۾ ساراهه جا بيت

ساراهه ڪريان سبحان جي، جنهن جوڙ به جوڙيو جهان
 ’وڏو پير‘  ولات ۾، جنهن جو عرش ۾ اوتارو
 ’ڀٽائي‘  سـُـڄي ٿو ڀـِـٽ ۾، جنهن جو قبو آهي قرارو
 ’ڪريم‘  سـُـڄي ٿو لاڙ ۾، جنهن جو وريو آهي وارو
 ’ساڄن سوائي‘  ڪنڌيءَ ۾، جنهن جو آ ويس موچارو
 ’محموداڻي‘  ملڪ ۾، جنهن تي آ غونث جو آرو
 ’شمس تبريز‘  کـَـلڙي کلائي، جنهن تي تعزيرو آيو
 ’نظر محمد‘  نوراني جنهن ڍاريو آهي ڍارو
 ’شيخ ڀرڪيو‘  آ چاري ڪري ڪـُـل جي موچاري
 ’محبوب شاهه‘  مٽيارين ۾، جنهن جو هر ڄمندي ڳالهايو
 ’حاجي هاشم‘  ننگر وارو، جنهن سان هو رسول ڳالهايو
قطب تارو آسمان ۾، جيڪو ڏِسـِـين جو ڏيو
امام يار حسن لاءِ، سائو ويسُ لـَـٿو
امام يار حسين لاءِ، ڳاڙهو ويسُ لـٿو
اهڙا لڏي ويا لوڪ مان، تڏهن امت ڪندي ڪوه
 ’بادشاهه پير‘  بغداد ۾، جيڪو نر هڻي نعرو
رسول الله آهي ڀلي ولايت ۾، اچن حاجي حاج ڪيو
تارن ۾ ٿو چنڊ سونهين، تيئن بديڻن ۾ ڪٽاڙو
(1)
ڪيهر شينهن گجي بيٺو، اِهو بديڻن وارو

 

                        هڪ هادي الله تون مٺو الله!

لال قلندر لاڏڪا، منهنجا لال قلندر پير
جهڙيون جن جي من ۾، تهڙيون پڄاءِ کڻي پير
اُميدون عالم جون، کڻي ڪـُـل جي آس پڄاءِ
لعل هندوري تون لڏين، تنهنجي چائنٺ چمن امير
سنڌ وسي سهڻي لعل جي، جنهن جا ضامن پير فقير.

 

---

اول نام الله جو، تون ٻانهان ٻيءَ مَ لڳ
ري ٿنڀين ري ٿوڻيئن، آهي عرش بنايو اُڀ
لڳ ڀـَـلي جي آسري، جنهن پـَـرِ ڇٽن جڳ.

 

---

دودي ڪتاب هٿ ۾، ٿو پڙهيو يار ڏسي
اَڍائي قلندر جڳ ۾، آهن اڍائي ڪل جهيڙا
هڪڙو جهيڙو امامن سان، ٻيو لڳو دودن سان
اڌ جهيڙي جو سنڌ ۾ پوءِ ٿيندي ڪاري قيام.

 

چنيسر ويو شڪار تي ته ڀائرن فيصلو ڪيو ته پڳ ڪنهن کي ٻڌائجي؟ دودو ماڻهو گهرائي فيصلو ٿو ڪرائي دودي ماڻهو هلايا:

هـڪـڙا ڪـَـڇ ڀـُـــڄُ ڪا ڇيلي ويــا، ٻـيـا ٻـُـورهــون ٻـنگالي ڏانــهن

چوٿان اُماڻيائين اَبڙي ڏانهن، جيڪو ابڙو راڄ سنديان.

راڄ سڀ اچي گڏ ٿيو، هاڻي ٿا پڳ جي صلاح ڪن:

مردن ٻڌو هو مامرو، پيڙهي پڳ مٿان
سوا لک جي پڳ هئي، سوني ٿالهه مٿان
چيئون: چنيسر پٽ لوهارِي جو، سڀڪنهن سڌ سماء
دودو سڄو ئي سونَ جو، جنهن کي رَند رُپي جو ناهه
پڳ ٻڌايو دودي مير کي، جنهن سر جوڙ جڳاءِ.

 

اِتي ستر ڄڻن اميرن جي گڏ ٿي ويٺي هئي. هنن جي اِها ڳالهه سڻي، دودو ٿو راڄ وارن کي چئي:

سـقـِـر ڄـڻـن ۾ سـومـري، اُٿي دودي ڪـيـو ڌڌڪــــا

ته پڳ ٻڌايو چنيسر مير کي، جيڪو آهي وڏو ڀاءُ.

پوءِ دودو خط لکي خاطي کي ٿو موڪلي ته چنيسر ٻيلي ۾ شڪار تي هوندو، تنهن کي وڃي وٺي اچ.

خاطي خط کڻي ويو ڄام چنيسر ڏانهن
خاطي خط کڻي آيو، ورنـَـهه ٻيلي ڏانهن
خاطي خط کڻي آيو، ٻهڳڻ ٻيلي ڏانهن
خاطي خط کڻي آيو، وري مرد مهراڻي ڏانهن.
چئي: ڀلي آئين منهنجا منگتا، توکي آندو يار الله
ڀلي آئين منگتا، مون کي خبرون يار ٻڌاءِ
چئي: خبرون اٿئي اِنهن خطن ۾، سي پڙهي پنهنجون ڏس.

 

---

پڙهيو خطڙا دودي جا، ٿو مرڪي مير مـُـنهانء
ڀلي ڄائين دودا سومرا، تو کي نـِـچُ ڄايو ماءُ
پاڻ ڀائر سرچون پاڻ ۾، پاڻ کي راڄ ڪندا ڇا.

 

---

چنسير سـَـئيس اُٿاريو، منهنجو نيلو ڇوڙي آءُ
لعلون وجهي لغام ۾، هار هيري جا پاءِ
جامان جـَـڙينس جانِ تي، ڪرينس جنهور جو جنسار
پنج سـَـنجـِـي تي پهلوان کي، اُٿي لعل لڱن تي لاء
سـَـئيس پلاڻيو گهوڙو، بيٺو چنيسر سڏ ڪري
وجهي پير رقيب ۾ چڙهيو هو چنيسر راءَ
گهوڙو ڪاهيائين تڪڙو، هليو سامهون وڳهه ڏانه
سمان اُٿيا سڀ سومرا، اُٿيا ڪل اُمراء
ڪري تڙيون پون ٿا تنگ ڏي، ڪي دنبچي ڏانهن داناء.

دودي چيو ته:

ڏيئي پير پلنگ تي اچي ويهه مـَـنجي موڀي ڀاءُ!

ٻئي ڀائر گڏ پلنگ تي ويٺا. بادشاهي درٻار هئي. ڪئين ڳائڻ وڄائڻ لڳا پيا هئا. چنيسر چيو: شڪار تان موٽئي مون کي گهڻا ڏينهن ٿيا آهن، جو گهر نه ويو آهيان. ڇو نه هيڪر گهران ٿي اچان، اِهو دل ۾ خيال ڪري دودي کان گهر وڃڻ جي موڪل ٿو گهري، سان ڪيئن ٿو گهـُـري:

وڄن مرليون واپـُـڙا، جيئن دهلن جا ڌَمچر
ادا! موڪل ڏينم خوشيءَ مان، ته گهر وڃان هيڪر.

دودي دل ۾ خيال ڪيو ته اڳئي ڀائر هن جي پڳ ۾ ناراض بيٺا آهن، اهي چوندا ته هي بادشاه ٿيو ته هر فيصلو گهران پڇي ڪندو. تنهن کي دودو هدايت ٿو ڪري:

ڳل ڳرهاٽيون ٿو وجهي، دودو ڀاڪر پائي ڀاءُ
ته ادو اَبو تون ٿئين، مريم
(1) ڀانيان ماءُ
ڏؤنرن ڏُٿ پـُـسيءَ ۾، توکي ڀاڱي ڀانيان ڀاءُ
هتان ڪئين خان کپي ويا، جـَـنگ ڇڏي ويا جاءِ
مـَـهتر سليمان هو، جنهن جو تخت اُڏايو ٿي واء
توکي عقل آهي آڱارن جو، ٻيو سڪ سنداڻن ساء
توکي ڏني چس سراڻ، تون بادشاه ٿيندين ڪياءِ

چنيسر گهر ۾ سـِـراڻيون ٺاهيون ويٺو هو. تلوارون ۽ ٻيا هٿيار پنهنجا پاڻ پيو تکا ڪندو هو. دودي هن کي اهو طعنو هنيو. چنيسر دل ۾ خيال ڪيو ته آءٌ وڏو بيٺو آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه حقدار پڳ جو ڪونهي. آءٌ هيڪر گهران ٿيو ٿو اچان.

چنيسر اُٿي هليو ڪاهي ڪوٽ پنهنجي ڏانه
پٺيان لڳو ڏؤنڪو ڀير تي، ڪيو ڀير ڌڪاءُ
اُٿليو چنيسر پوئتي، بيٺو پڇي پنهنجي مـُـنهان
ته ادا! ڪنهن آهي پڳ ٻڌي، ڪنهن جو ڪن سلام؟
چئي: پڳ ٻڌي دودي سومري، ڪن دودي جو سلام.

 

چنيسر هلي آيو دودي وٽ، چئي: ادا! آءٌ وڏو ويٺو آهيان، تو ڪيئن پڳ ٻڌي؟ تڏهن دودي جواب ڏنس ته:

چار ڪنڊون آهن وڳهه جون، توکي چوٿين ڏيان انعام
هاڻي ويهه وڳهه وچ ۾، ٿي ڪاريگر لوهار.

دودي چيو ته: ٺپ ٺڙ پيو ڪندين ته به تنهنجو گذر پيو ٿيندو. اهو ٻڌي چنيسر ڪاوڙجي آيو پنهنجي گهر. سندس ماءُ ستر ساهيلين سان ڪوٽ جي در تي بيٺي هئي. چنيسر پئي آيو، تنهن کي ماءُ ڇا ٿي چوي:

ابا! کسي پڳ دودي سومري، ڪي کسي پاڻ خدا؟
چئي: امان! نڪي کسي دودي سومري، نڪي کسي هئي خدا
چڙهيو هوس تخت تي، مون کي چاڙهيو هو پاڻ خدا
هلي آيس ٿي تو تاڻي، تڏهن وئي ٻڌجي پڳ پٺيان.

 

هاڻي چنيسر جي ماءُ پنهنجي ستر سومرين سهيلين کي ٿي چوي:

اديون! پٽ منهنجو هڪڙو آهي آدمخور جهڙو
لڪڻ کڻي ٿو هٿ ۾ ڪينڪي، ڪري ٿو هٿ ٺلها
ماري ٿو شينهن مـُـڪن سين، منهنجو چنسير اهڙو آهه
پر سڙيو مران ٿي سور ۾، جو پڇي ٿو گهوٽ گهران.

ماءُ چيس ته: پڳ ٻڌي ساعت رکي اچين ها ته اسين ڪوٽ مان هليو وڃون ها ڇا؟ تو کي پورهيو ٿي ڏسيان، هاڻي وڃي گذر ڪر:

کٿو اوڍ ڪـُـلهن تي، ڪر کٿي جي ڳوڏ
نـِـيلو گهوڙو وڪڻي تون ڌڻ رڍن جو ڌار
ٻيلي پاس ڪنڌين، وڃي ڪـَـڪـَـڙَ
(1) کي ڪوڪار
سنهون لڪڻ کڻي هٿ ۾، تون گهڏڪـِـي گهيٽا چار
پوءِ ماڻهين ڪندي ماهيو وڃي دودي جي درٻار.

چنيسر جي زال مريم آئي، سا پنهنجيءَ سـَـسُ کي، چنيسر جي سامهون ٿي چئي:

چاچي! اڳي هيونسين ٻه ڄڻيون، هاڻي ٽـِـمڪي ٿيونسين ٽي
واڍا ڳڙهه ولات جا، پاڻ هتي گهرائي ڏيونس
چرخو چندن عاج جو، ڳاڙهو رڱائي ڏيونس
ڪپاهه ملڪ لاڙ جو، سو هتي گهرائي ڏيونس
اِها پاءُ ته ڪتندي پهر ۾، ٻيو سير به سويلي.

پنهنجو پيٽ پيو پاريندو. ڇينڀينس ڇو ٿي؟ وري چنيسر کي ماني ٿي ڏئي:

سـَـسُ! منهنجي ڪانڌ کي، اَولا ويڻ نه آڇ
ڪانڌ منهنجا ڪانڌڙا، حالي تون ماني کاءُ
پوءِ رسو کڻ هٿ ۾ ٻٻر ڦاهو کاءُ
ڌرتي ڏينئي جائـِـڙي، توکي اکئين نه ڏسان آنء
هاڻي وهندين منهنجي ڀر ۾، هڻنديسئين ڏوئي جو ڳن.

اِنهن طعنن کان بيزار ٿي، پنهنجي معصوم پٽ ننگر کي چميون ڏئي، وڳهه مان ڪهڙي طرح ٿو نڪري:

کنيئين ننگر کي هنج ۾، ڪلمون پاڪ پڙهي
پٽ! ڏاڏهـِـن مونکي مهڻا ڏنا، ٻيو ماريو تنهنجي ماءُ
ماڻهين جي مهڻنکان اچي ڀالن ٽنگائيندس ڀاءُ
وڃي ڏيندس دانهن  ’اروم‘  کي، جو دِليءَ سوڌو دنگ.

 ---

نڪتو شهر وڳهه مان، لاڳاپا سڀ لاهي
لڙڪي پيو هوس لغام ۾، محمد ڪـَـڙا ڪيس قابو
پٽ! وٺ نه واڳ منهنجي، واڳ نه پوئتي ورندي
نڪي دودو آئيو، نڪي آءٌ دودي جو ڀاءُ.

چنيسر پنهنجي وڏي پٽ محمد کي چيو ته: پـُـٽ! دودي سان پڳ تان جهيڙو آهي. انهيءَ کي گهربو هو ته اُهو مونکي پرچائي ها. تون مون کي نه روڪ! هاڻي محمد کان گهوڙو ڇڏايو چنيسر ڪهڙي طرح ٿو وڃي:

نڪتو شهر وڳهه مان، لاڳاپا سڀ لاهي
ترسندو آيو واٽ تي، من ادو ڪا ميڙ مـُـنجي
پر ميڙ منجئين ڪانڪا، ڪري راڄ رياء.

چنيسر گهوڙو ڪاهي ٻيلي ۾ آيو. روجهه ماري حلال ڪري، گهوڙي جي ڀـِـرڻي ۾ وجهي اڳتي هليو.

ميهـر ڏٺـئـيـن مـيـنـهـنِ ۾، آيـو مـيهـر تـي ڪـاهي

ڪير آهين، ڪـاڏي وڃــيـن، ڪـهـڙي ذات حـّوان؟

چئي: سـُـوڌو آهيان سومرو، چنيسر منهنجو نــام.

تڏهن ميهر ٿو چنيسر کي چوي:

مڙس ڏسجين ٿو ٺاهوڪو، رڳو ڪـوڙ نه ڳالهـاءِ

چنيسر اُهو بادشاه جيڪو چڙهي ٿو لشڪر سـاڻ

تون آيو آهين هڪڙو، توسان لشڪر ناهي ساڻ.

دل ۾ خيال ڪيائين ميهر مونکي ڪوڙو ٿو ڪيو وڃي، سو چيائينس ته:

آءٌ نه آيو هوس هڪڙو، آيس لشڪر ساڻ
روجهه نڪتي هئي رڻ مان، ڇڏيم گهوڙو تنهن پٺيان
ڊوڙائي تنهن روجهه کي، مون اچي ماريو هن هنڌان.

اِنهيءَ ڪري آءٌ اڪيلو ٿيس ۽ لشڪر پوئتي رهيو. ميهر جو نالو هو  ”دريا خان“ ، تنهن چيس ته:

نالو اٿئي الله جو، هرين به تون ڳالهاءِ
شنيهن سـُـڄي ٿو ٻيلي ۾، ٿو ماڻهن لاءِ واجهاءِ.

تڏهن چنيسر چيس ته:

جي پيارين مـَـٽ کير جو، ته توکي ماري شينهن ڏيان.

ميهر ڏٺو ته هي آهي ڪو پيٽي، سو هن کان شينهن ڪونه مرندو. تڏهن چيائينس ته:

ڦر ٿيا اٿم وٿاڻ تي، آءٌ مينهرن ڪيئن ميڙيان؟
چئي: ڀلي مينهن ڏَس مون کي، آءٌ پاڻهي ٿو ميڙيان.

ميهر هڪڙي سـَـگهي مينهن ڏانهن اشارو ڪيس ته ڀلي مينهن سڱن سان چلهي ماريس.

ڪاري بيٺي هئي ڪـُـنڍڙي، جيڪا ڀوريءَ جي ڀـَـران
وڌئين هٿ مينهن کي، جيڪا چوڙون نٿي چوري
چار ئي بازو چـُـور ڪري، ويٺو مينهن ميڙي
چئي: ڏُهيو ڄاڻان ٿو ڪينڪي، متان وٺانس نه ٿڻ پٽي
اصل جو هي ميهر مون کي مينهن ڏُهي ڏي.

ميهار کير ڏهي ڏنس، جيڪو چنيسر پي ڍؤ ڪيو، پوءِ چيائينس ته: شينهن ڏيکار ته هلي ماريان. ميهار ڊپ کان وڃي وڻ تي ويٺو. پوءِ چنيسر هڪل ڪئي شينهن کي:

هڪل ڪري چيائين شينهن کي، تون ٻـِـلا اوري آءُ
ڀڃ مَ وڻ ٻيلي جا، تون ساوا ڪيم سـُـڪاء
تڏهن شينهن ڊوڙي آئيو سڌو چنيسر ڏي
شينهن ماريائين مـُـڪ سان بيٺو ڪن پڇ يار ڪپي!

اتي ميهر کي پڪ ٿي ته هي سومرو پهلوان آهي، پوءِ چنيسر کان معافيون گهريائين.

ميهر ٿو آزيون ڪري، پاند ڳچيءَ پايو
ته نالو اٿئي الله جو، مون کان ڪچو ڪم ٿيو
تون آهين بادشاهه اسان جو، اسين رعايا آهيون تو
هاڻي هيڪر هل منهنجي جاءِ تي ٻاٽي پير ڀري.

ميهر گهر اچي چنيسر جي نيڪي ڪئي، سا ڪيئن ٿو نيڪي ڪري:

راڄن ۾ راڻي اڳيان وڃي دانهيو دريا خان
ته هو جيڪو شينهن ٻيلي ۾، سو ماريو هن جوان.

چنيسر دعوت کائي هليو ته رستي تي هڪ ماڻهو مليس. پڇيائينس ته: ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ چيائين ته: دليءَ ٿو وڃان. جواب ڏنائينس ته: هي ٻه رستا آهن. جيڪو رستو ٿورو تنهن تي آدمخور آهي، باقي ڦيري وارو آهي. چنيسر ويو آدمخور واري واٽ سان. واٽ تي بـَـدُو مليس، جنهن سان هٿين خالي ٿي وڙهڻ جو سانباهو ڪيائين. پر اَڏو جامڙد هن کي ڏسي پڇيو ته: اها ونگڙي ونگڙي ڇا اٿئي؟

اِها تراڙ آهي مرتضيٰ جي، جا توکي وڍيندي.

وري پڇيائينس ته: اهي پريان ڇا ڇوڙي ڇڏيا اٿئي؟ چيائين:

اِهي قهري ڪانَ بندوق جا، جيڪي تير توکي لڳندا.

وري آدمخور پڇيس ته: اهو پريان ڇا کوڙي ڇڏيو اٿئي؟ چئي:

اِهو جهنڊو آهي جنگ جو جيڪو حامي مون سان يار.

بـَـدُو چيو ته: پهرين تنهنجو وارو. پر چنيسر کيس پهريون وارو ڏنو. چنيسر وار گـُـسايو ۽ پوءِ پنهنجي واري تي وٺي ٻکن ۾ ڦيرائي ڦيرائي کڻي پٽ سان هنيائينس ته ٽنگن سوڌو زمين ۾ گپي ويو. پوءِ اُتان ٻڌل ماڻهو کي ڇوڙي، اڳتي روانو ٿيو ۽ هلندي هلندي ڪنهن ٻيلي ۾ آيو.

ٻه شينهن ماريئين ٻيلي ۾،  گهوٽ وڄائي گهاء
اُٺ اچي ماريئين وڳ ۾، اُتي عالم کير پيتا
ماريائين راڪاس دليءَ ۾، جنهن ماڙهو ٿي کاڌا
ماريائين هاٿي راء جو، جيڪو ڪـَـڪو ڪست منجها
نـَـوَ مـڻـو نـِـيرَ پير ۾، جنهن جي نيرن ڪيو ڪڙلا
پوءِ ڏنيئن اچي ڪلهو گهنڊ کي، کليا دليءَ دروازا.

گهنڊ جي آواز تي عالادين نڪتو. اُن کي دانهن ڏنائين، ۽ پنهنجا هڪٻئي ۾ بادشاهي اقرار ڪري، ٻاگهيءَ جو سڱ ڏيڻو ڪيائين. پوءِ قاصد عالادين جو خط کڻي دودي وٽ ويو ته: يا سڱ ڏي ٻاگهيءَ جو، ۽ تخت ڏي چنيسر کي، يا جنگ ڏي!

رات وهامي ڏينهن ٿيو، اُڀريو تارو
پره ڦٽي پرڀات جو ٻانگي ٻولايو
سج اڀري سـَـنئون ٿيو، دودي وٽ خط آيو
راڄ رُنيون ٿي سومريون، جتي دودي ڪيو سعيو
ننگر جي چاڙهائڻ جو راڄ ٻـَـڌو کڻي رايو
ته وڃي پيءُ پرچائي پنهنجو، اچي کٽي خير خدا.

 

دودي پنهنجا ڀائر ۽ راڄ گهرائي چيو ته: ادا توهان مونکي پڳ ٻڌائي آهي، پر هاڻي هي جنگ جو خط کڄي آيو آهي. هاڻي ڪهڙي صلاح آهي؟ ڀائر دودي کي ڇا ٿا چون!

ڀائر مڙيو ڀيڙا ٿيو، دودي کي ٿا چون
اسين تائب آهيون تنهنجا، اسان کي راوَ ڏئين رشخت
(1)
ڦريون عالادين کان وڃي مڏيون محلاتڪ
وڃي ڪـُـهون چنيسر ڄام کي، ڏيئي سـِـسيءَ لت.

پر دودي جي وزير  ’دوسو‘  دودي کي چيو ته:

دوسـو دودي کـي حـْـيـو: نـنـگر چاڙهـي مـُــنــج

مـُـنجينس ميڙ ابل ڏي، اچي پيءُ کي پرچائي.

دودي، دوسو کي چيو ته:

ادا! ننگر منهنجو ننڍڙو، جو ٿو وَٽـِـي کير پـيي
اڳـيـان لک لـشڪـر حـّا، سي نه هـنـقـّاري ڌاري
تو چريي جو چيو ڪري، ڇڏيان ڪيئن ننگر مارائي!

تڏهن ڀائرن صلاح ڏني ته: جي ننگر ننڍڙو آهي ته ڌيءَ جو سڱ ڏئينس. سندس ڀت هتي شروع ڪر. هو هٿن پيرن کي ميندي مـَـکي. ڳانا ٻڌي، پيءُ کي پرچائڻ وڃي. پيءُ پٽ جا اهڙا لاڳ ڏسي پرچي پوندو. ڪن اميرن چيو ته: توهين هتي پيا ٺلهيون ڳالهيون ڪريو. پهرين ننگر سڏائي پڇو ته پيءُ جي پرچائڻ تي وڃي به ٿو يا نه؟ هاڻي ڀاڳو ڀان کي ٿو دودو چئي ته: وڃي ننگر کي ڪوٺي آءُ.

دودي ڀانُ هلائيو ته وڃي ننگر ڪوٺي آءُ
جهنگ مان آڻجئينس ڪينڪي، وڃي موڪلاءِ کؤن ماءُ
ڀاڳو هلي آئيو، ٿو ننگر سڏ ڪري
چئي: ڪـُـويلا سڏڙا ڪرين، منهنجا ڀاڳو ڀان وري
چئي: مائي! دودي آهي موڪليو ته ننگر ڪوٺي آءُ.

اِتي مائيءَ کي خبر پئي ته دودي، ننگر کي پرچاءُ ڪرائڻ لاءِ گهرايو آهي. سو چيائين ته: ڀاڳو! ننگر ننڍڙو، ان کي پيءُ جي ڪهڙي خبر، ڪيئن پرچاءُ ڪندو؟

ننگر منهنجو ننڍڙو، ٿو وٽي کير پيي
اڳيان لک لشڪر جا، سي آهن هنڀاريءَ ڌاري
سو وڙهندو ويرين سامهان، پر وڳهه جي واري.

ابا! جڏهن عالادين وڳهه ۾ دودي سان جنگ ڏيندو تڏهن ننگر وڙهندو. ڀاڳو ڀان خيال ڪيو ته آءٌ ته بادشاهه جو نياپو ڏيان، پوءِ وڃي يا نه وڃي. چئي: مائي! ويو ڪيڏانهن آهي؟ جواب مليس ته: تڙ تي ويو آهي وهنجڻ لاءِ.

دُورو دودل راوَ جو ٿو ڪپر ڪوڪاري
ننگر يار پنجاه سان بيٺو ڏائيءَ راند ڪري
آءُ ننگر ميان سومرا! توکي چاچل ڪوٺائي
وير وهنجڻ ڇڏيو، بيٺو ڏائيءَ راند ڇني
کليو ڪري ٿو ڪپڙا، ٿو يارن کان موڪلائي
يار! پرتا آهيو الله کي، مون کي ٿو چاچل ڪوٺائي.

اِتي هن کي خبر ئي ته جنگي خط آيو آهي، سا خبر سندس يارن کي به پئي، تن چيو ته: اسان جو پڳ مٽ يار ٿو وڃي جنگ تي، اسين هتي ٿا ڏائي راند ڪريون. پوءِ يارن پڇيس:

وهنجندي وير بيهي رهين، ڪهڙيون خبرون خط چون
چئي: اِهي عالادين چاڙهيو، اُتان چڙهيا اُڙد اچن
چئي: اِهو عالادين هڪڙو، ڀلي چاليهه چڙهيا اچن
سر هلي ڪنداسين صدقو، جيئن گهورون گهوٽ وجهن.

ادا مڙس مڙس جي مدد آهي. پهرين سر اسان جا، پوءِ تون. اسين به توسان گڏيا هلنداسين. پنجاهه جوانن پاڻيءَ مان نڪري ڪپڙا ڪيا آهن. اِتي ڀانَ تـَـڪڙ ٻڌي آهي ته: سـِـگها ٿي هلو! تڏهن ڀان کي ٿو ننگر چئي:

ترس تڪڙ ڪر ڪانه ڪا، اسان کي وار سـُـڪائڻ ڏي
چئي: وار سـُـڪائجئين واٽ تي، متان عالادين اچي
پلٽي پيو آهي پنڌ ۾، جيئن ٿو لڳي پورب واءُ
پوءِ وار سـُـڪائيندي واٽ تي، اچي وڳهه در پهتو.

چوڏهن سال ٿيا جو پڻس ڪاوڙجي ويو هو، جو بنگلي جو دروازو ڪونه کليو هو، سو کولي پنجاه يارن کي ويهاريائين. بنگلي جا دروازا ڪيئن ٿا کلن، ۽ ڪيئن ٿو يارن کي ننگر ويهاري:

پٽيا در بنگلي جا، اچي تن امرائن
ٿنڀ ڪامون هيون سهڻيون، تن تي عطر ليپ لڳن
کٽ تي يار ننگر جي ٿا هنڌ فراش وجهن
کٽ تي يار ننگر جي ٿيون لعلون جهرڪا ڏين
هاڻي سڏيو ڀاڳو ڀان کي ٿا خبرون خان پڇن.

پڇيائين ته: ڀاڳو! اڌ خبر قاصد کي به ٿيندي آهي. مونکي ٻڌاءِ ته چاچي مونکي ڇا لاءِ گهرايو آهي؟ چيائين: مون کي ٻي ته ڪابه خبر ڪانهي، باقي دودي چيو ته ننگر جي موڪل ماءُ کان وٺي اچجئين. مائي چيو ته منهنجي پٽ کي دودي ڏي وٺي نه وڃجئين، پر مون چيو ته بادشاهي نياپو ڏئي ڇڏيان، پوءِ وڃي يا نه وڃي سندس مرضي. اِتي ننگر ڪاوڙجي ڀان کي ڇا ٿو چئي:

تنهنجو ڪم اسان مردن سان، زالن سان تنهنجو ڇا؟
ڏِس رنن راڄ رُلايا، جيڪي جهليون نه رهن جهل
تون ويهي بابي جي بنگلي، مون کي خبرون يار ٻڌاءِ.

ڀاڳو چيو ته: دودي جي مون کي ٻي ڪابه خبر ڪانهي. باقي تون اسان جو بادشاه آهين،آءٌ تنهنجو منگتو آهيان، مون کي ڪو دان ٻچن ڪاڻ ڏين ته وڃي ٻچن ڀيڙو ٿيان. ننگر منگتي کي دان ٿو ڏئي:

ننگر سـَـئيس اُٿاريو، منهنجي ڇـِـڻڪي(1) ڇوڙي آءُ
لعلون وجهينس لغام ۾، جنهن کي هار هيري جا پاءِ
جامان جڙينس جان تي، ڪرينس جمر
(2) جو جنسار
پنج سنجـِـي تنهن پهلوان جي، اُتي لال لڱن تي لاءِ
ٻيا منهنجا ڀاڳو ڀان کي، اٿي ڏيو ڪي ويس وڳا
چـُـنيون ٻڌائجوس چيلهه سان، سونيون ٻيون روپيون
آءٌ سـَـران ٿو ايترو، ٻيو ڏيندئي خير خدا.

ائين چئي کيس تيار ڪري گهوڙي تي چاڙهيائين.

----------


(1) ڪٽاڙو = ڪٽهڙو.

(1) مريم، چنيسر جي زال..

(1) ڪـَـڪـَـڙ = ڪتي جو نالو.

(1) رشخت = رخصت.

(1) ڇـِـڻڪـِـي = گهوڙي جو نالو.

(2) جمر = زمرد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org