سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب:دودو چنيسر -2

باب: -

صفحو : 15

 

چنيسر، عالادين کي چوڻ لڳو ته: جيڪي پنج هزار دودي ڏي روانا ٿو ڪرين، اُهي مون تي اچن وڙهڻ، جي هڪڙو هٿيار هڻانِ ته سڄي وڳهه جو شهر مهڻا کائي. لتن ۽ مڪن سان جهـَـڙي ماريومانِ ته نالو منهنجو چنيسر آهي نه ته ڪتي تي رکجانءِ. پوءِ عالادين، چنيسر کي چيو ته: اِها تنهنجي دانهن الله ورنائيندو، منهنجي ٻڌڻ کان وڏي آهي. هڪڙو تون پنج هزار ٿو مڪن سان مارين، اڳيان اهڙا آهن، جن توکي ٻه ڏنڊا هڻي، ڳوٺ ڇڏائي ڇڏيو اٿئي. هاڻي مهرباني ڪري منهنجي شهر مان وڃ هليو، جيڏانهن وڻيئي تيڏانهن وڃ، توکي رهائڻ ۾ خوف آهي. اها ڳالهه ڪري عالادين چيو ته: چنيسر کي جيڪو پاڻ وٽ رهائيندو، اُنهيءَ جو گهر باهه سان ساڙيندس. چنيسر ۽ نظر بيگ وزير موٽي جاءِ تي آيا، کيڏ سان اٽڪل ڪري، نظر بيگ وزير، چنيسر کي پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو. اها جيڪا چنيسر دانهن ڏني عالادين کي، جنهن سڱ جي باس ڪيئين، اِها ڳالهه هلندي هلندي ڪن سالن کان پوءِ دودي جي ڪنن تي پئي. دودي دل ۾ ويچار ڪيو ته: پاڻهي پاڻ کي گار وڃي ڏنئين ته به عالادين ڪونه چڙهيو. هاڻي آءٌ اٽڪل ٻڌايانسِ. سو خط ۾ لکيئين ته: ٻاگهي جي سڱ تي عالادين نه آيو، هاڻي ماڻهين جو سڱ آڇينسِ. ٻيو هي خچر خزاني جـِـي توکي ٿو ڏيان، اها وَڍِي هڻينسِ، پوءِ آڻي رِڻ ميدان ۾ لاهنيسِ ته مردن جون ۽ نامردن جون خبرون پونِ. دنيا دم گذر آهي.  ”رهندي وڃي ڳالهه، هاڙهي ۾ هوتن جي“ . اهو خط چنيسر کي مليو دلي جي شهر ۾. خط کولي پڙهڻ لڳو، باهه وٺي ويس. روئي ويٺو. نظر بيگ مٿان آيو، تنهن پڇيس ته: ڇو ٿو روئين؟ خط ڏيکاريئينسِ. چوڻ لڳو ته: دشمن جو خط آيو آهي. تيرهن سال ٿي ويا آهن، تو وٽ ويٺي، هاڻي تون عالادين کي چئو ته دودي سان لڙائي ڪري، جي دودي سان لڙائي نٿو ڪري ته وري مون سان لڙائي ڪري، نه ڇڏيندومانسِ.  نظر بيگ کي پڪ ٿـَـئـِـي ته چنيسر بگڙيو ته سڄي دلي جو شهر ناس ڪندو. سو چنيسر کي ٺاري ويهاريئين. چيائينس ته: اٽڪل آءٌ ٿو ڪريان، ڪم تون ڪر، عالادين جو ذمو آءٌ ٿو کڻان. چنيسر چيو ته: اُها اٽڪل مون کي ڏس. نظر بيگ چيو ته: جهڙو راڪاس جو ويل هئس ملڪ ۾، اهڙو ڪو هٿراڌو ويل وجهينس. تڏهن چنيسر چيو ته: ڀلا، ڪيهر شنيهن سجهنئي ٿا؟ نظر بيگ چيو ته: هيڏانهن جبل جي لڪ ۾ رهن ٿا. گـَـسَ ڏَسَ پڇي سنگهرون ساڻ کڻي، چنيسر گهوڙي تي سوار ٿي، رات جي پيٽ ۾ نڪتو. ڏوري وڃي لـَـڪَ ڏٺائين. نر ۽ مادي شينهن، اُنهن کي ڏاڍيون مارون ڏئي، ڌڪن سان هنن جا سـِــرَ کورا ڪري، وات ۾ ڪاٺيون ڏيئي، اُنهن جا ٻـُـوٿ ٻڌي، سنگهرون ڳچيءَ ۾ ٻڌي، جيئن ڪتا ڪاهبا آهن، تيئن آڻي باع ۾ ڦـِـٽا ڪيائين، جنهن ۾ بادشاه اٺين اٺين ڏينهن گهمڻ ايندو هو. شينهن جا ٻوٿ کولي، باغ ۾ ڦٽا ڪري، چنيسر وڃي ويهي رهيو. سج اُڀرئي باغ جو مالهي، باغ ۾ اچي ته شينهن تي نظر پيس. وٺي پوئين پيرين ڀڳو. هن کي نظر بيگ وزير جاچيو بيٺو هو، اُنهي هڪل ڪيس ته: ڇو ٿو ڀڄين؟ هن چيو ته باغ ۾ شينهن ڏٺا اٿم. نظر بيگ وزير چيس ته: منهنجو دوست اندر ويٺو آهي، اُنهي کي وڃي ٻڌاءِ، توکي ڏس ڏيندو. باغائي چنيسر وٽ آيو، چنيسر سان ڳالهه ڪيئين. هن چيس ته: باغ ۾ پاڻي جو تلاءَ آهي؟ آرائين چيو ته: سائين! تلاءُ آهي. چنيسر چيس ته: اُنهيءَ تلاءُ ۾شراب وڃي هار. اَڌ شراب تلاءُ ۾ گڏي ڇڏجئين. شينهن پاڻي پئيدا، نشو ٿيندن، پاڻهي ڇڏي ڀڄي ويندا. باغائي شراب کڻي تلاءُ ۾ هاري ڇڏيو. شينهنِ کي اُڃ لڳي، پاڻي پيتئون، اچي نشي جي موج ٿين. شينهنِ ارادا ڪيا ته هاڻي ڪنهن سان لڙائي ڏيون. اچي باغ ۾ هٿ وڌئون. لک ٻوٽـِـي باغ ۾ هئي. شينهنِ ڪم ڪهڙو ڪيو، جو ٻوٽن ۽ وڻن جا منڍ مٿي ۽ پاندُرَ هيٺ، باقي رهيو، نار، انهيءَ جا به اَرا اوڀارا، چـَـڪر، مـُـنا، پـکانا، نيسرون، پاڙڇا، سڄو سـِـلٽ کوهه ۾ اُڇلي ڇڏيائون. جڏهن ڏٺئون هاڻي ڪا شيءِ ڪانهي ۽ پاڻ به ٿڪي پيا، تڏهن ماٺ ڪري سمهي رهيا. نشي جي ننڊ ۾ ستا پيا هجن. صبح آرائين باغ جي سماءُ تي آيو ته شينهن آهن يا ويا هليا. اچي ڏسي ته باغ تهبان لڳو پيو آهي. وري وريو پوئتي. اچي عالادين بادشاه کي بيت چوڻ لڳو:

ڪـَـرڙِي نـَـئن  ڪـُـستان جي، جنهن ۾ شينهن لـُـڙهي آيا
باغيچو بادشاهه جو تنهن ۾ جنگن ڪئي آهي جاءِ.

باغائي عالادين کي چيو ته: ڪا جبل مان نـَـئن ٽـُـٽـِـي، جنهن ۾ شينهن لڙهي آيا آهن. بادشاه جي باغ ۾ اچي رهيا آهن. اُهو وڻ ڪونه ڇڏيو اٿن، جو ڪري ڏندڻ ڏجي. عالادين پنهنجي لشڪر کي چيو ته: هٿيار کڻي وڃي شينهن ماري اچو. لشڪر کي اڳيئي نظر بيگ وزير چئي ڇڏيو هو ته: عالادين جڏهن اوهان کي چوي ته وڃي شينهن سان لڙائي ڏيو، تڏهن اوهين چئجو ته: سائين! اوهان اِئين ڪونه لکيو هو ته شينهنِ سان لڙائي ڏجو. اوهان چيو هو ته ماڻهن سان وڙهجو. سو شينهن سان تون وڃي وڙهه. ماڻهو هجن ته اسين به وڙهي پئون. عالادين دل ۾ ويچار ڪيو ته جواب ڏنو اٿن، هاڻي اڄ جي چنيسر هجي ته ڪر انهن شينهن کي ماري. آءٌ بادشاهي وعدو ٿو ڪريان ته شينهن سان هي نٿا وڙهن، آءٌ دودي تي چڙهائي ڪريان، جنهن جو دلي سوڌو ڌاڪو آهي. نظر بيگ چيو ته: سائينجن جو حڪم هو باري، اسان انهن ڏينهن جو روانو ڪري ڇڏيو. عالادين چيو ته: توکي ضرور خبر هوندي. نظر بيگ چيو ته: سائين! جانچ وٺون. نظر بيگ يڪدم چنيسر کي گهرايو. چنيسر آيو ۽ عالادين سان اچي مليو. عالادين واعدو ڏنو ته: شينهن مار، منهنجو بادشاهي واعدو آهي ته آءٌ دودي سان لڙائي ڪندس. چنيسر چيو: سائين! گهوڙو مـِـلي سواري لاءِ. عالادي چيو ته: منهنجي ڪـُـڙهه ڀري پئي آهي. طنبيلي ۾ وڃي ڏس، جيڪو توکي وڻي، اُنهي تي سنج ڪراءِ. چنيسر اُٿي آيو، اچي گهوڙا ڏٺئين. سئيس کي چيئين ته: گهوڙي تي سنج وجهه، تنگ آءٌ ڇڪيندس. سنج سئيس وڌا، تنگ چنيسر ڇڪيو. تنگ جي وڍيءَ کي ور ڏيئي، وٺي جو زور جي دٻ ڏئي ته گهوڙي کان اڳي اڌ مڻ لـِـڏ جو وڃيو ڊهي. تنهن کان پوءِ مٿان اچيو گهوڙو ڊهي. پنج ست گهوڙا ماريئين. سئيس اچي عالادين کي چيو ته: چنيسر گهوڙا سڀ ماري ڇڏيا. پڇئينس ته: ڇو ٿو ماري؟ سئيس چيو ته: سائين! جنهن جو تنگ ٿو ڇڪي، گهوڙو مريو وڃي. عالادين پاڻ ڊوڙي آيو، چنيسر کي چيائين ته: ڇا ٿو ڪرين؟ چنيسر چيو ته: سائين! جيڪو گهوڙو منهنجي تنگ جي سـَـٽ سهندو، منهنجي سواريءَ جي دٻ به اُهوئي جهليندو. عالادين چيو ته: منهنجي ڪـُـڙهه ۾هڪ به اهڙو گهوڙو ڪونهي. چنيسر چيو ته: ڀلا، اسين پنهنجو گهوڙو ٿا گهرايون. عالادين کي چيئين: تنهنجي ملڪ ۾ ڪيترائي انصاف ڪيا اٿم، هي انصاف روبرو هلي ڏس! عالادين تيار ٿيو. لشڪر کي چيائين ته: هٿيار تيار ڪريو. آءٌ هلان ٿو، انصاف هلي ڏسون. چنيسر چيو ته: جي مونکي ٿو هلائين ته لشڪر جي ضرورت ناهي. جي هٿيار هلائيندين ته پوءِ تون پاڻ وڃ، آءٌ نه هلندس. عالادين چيو ته: اڪيلو ٻنهي سان مقابلو ڪندين! متان هڪڙو توسان لڙائي ڪري، ۽ ٻيو اچي اسان سان وڙهي! چنيسر چيو ته: ٻن  ڪـُـلهن جي وچان منهنجو سـِـر سلامت هوندو ته شينهن توڏي نه ايندا. تيار ٿيا. باغ کي پهچي ويا. عالادين به آيو. سڄي دليءَ جي شهر کي ڏسڻ جو شوق ٿيو ته اڪيلو مرد شينهن سان لڙائي ٿو ڪري. هندو مسلمان آيا. باغ جي ڀـِـت جي ٻاهران ڦـِـري بيٺا. چنيسر هٿيار لاهي، گهوڙي جي ڀـِـرڻي ۾ پاتا ۽ اندر باغ ۾ آيو، باغ ۾ بيهي شينهن کي هڪل ڏيئي، مقابلو ڪري، شاعر چئي ٻڌائي:

اُٿي پـُـٽ ٻـِـلي جا، سـُـمهڻ آيئي سماءُ
تنهنجو ڪم اسان سان، تون هلي هيڏانهن آءُ
گجي آيو گجمير جيئن، ڪري آگم مينگهه ملهار
نـِـراڙ نايو سـُـومري، هڻ وارو تنهنجو آه
هنيئين هٿ هول تي، ڪـَـڙين ڪيس ڪڙڪاء
چنبو ڪيهر جو چـُـور ٿيو، ڪيهر ڇنڊي ڪر
ٻيهر ٿو ٻيڻا هڻين، هاڻي وارو منهنجو آهه
ساري حضرت شاه کي، ديو هنيا دستا
مـُـڪ سان ميڄالو ويس، پيڙس ڪونه سماء
اڳ ڪـِـريس اڳتي، پوئتي پولهه پري
عضوا ڪيهر شينهن جا، پٽيو اڇلائي چؤڙاء.

جڏهن چنيسر هڪل ڏني شينهن کي، شينهن هڪل نه سـَـٺـِـي. گجگار ڪري آيو. چنيسر ٻيا هٿيار سڀ ڦٽا ڪيا هئا. زره ۽ هول نه ڦٽو ڪيو هئائين. زره جانِ تي هئس، هول مٿي ۾، اُهو سـِـر نمائي ڏنئينس ته هڻ ڌڪ وارو اٿئي. شينهن ٺڪاء چنبو ڪرايس. چنيسر کي ڪجهه به ڪونه ٿيو. شينهن جي ڪرائي، ليٽن ۽ ٻـَـچن مان نڪري پئي. اُهو چنبو جهلي ورائي ٻيو هڻڻ لڳو. چنيسر چيس ته: وارو ڏيئي وڙهه. هي به ڪيهر شينهن هو، جنهن سـِـر نمائي ڏنس. چنيسر نعرو هڻي ٺڪاء مـُـڪ ڪرايس ته ميڄالي جون پـِـتڪـُـون ناسن مان وهي پيس. اڳيون ٽنگون اڳتي نڪري ويون ۽ پويون پوئتي. پيٽ ڀر اچي ڊَٺو. هڪڙي عضوي تي لت رکيئينس، ٻئي ۾ هٿ وڌئينس، مروٽي پـَـٽي، اُهو اڇلائي وري اچيو ٻئي ۾ هٿ وجهيس. شينهن ڊٺو ۽ شينهڻِ چوٽ ڪئي. عالادين بادشاه هڪل ڪئي چنيسر کي ته هڻجان انهي کي به ٿڦڙ. سو چنيسر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

شينهن ڊٺو پـِـڙ ۾، شينهڻ کاڌي سـَـٽ
هڻان هٿيارَ نه هڪڙو، متان راه ڀرجي رت
ڏئي هٿ ڪلين کان، چـِـيري ڪيئين ٻه تـَـڪ.

چنيسر چيو ته: هڪڙو ڌڪ هڻان، سڄي وڳهه مهڻا کائي. مادي کي ڌڪ نه هڻبو. شينهڻ جيئن وات ڦاڙيو آئي پئي، چنيسر ٻئي هٿ هڪڙو هيٺين ڄاڙيءَ ۾، ٻي مٿين ڄاڙيء ۾ وجهي وٺي جو سـَـٽ ڏنئينس ته حق سچ جا واعدا، پـُـڇڙيء سوڌي چيرجي پئي. ورائي ٻئي تڪ پاڻ ۾ ملائي کڻي شينهن جي مٿان رکيئينس. تاڙيون وڄي ويون. سڀڪنهن واهواهه ڪئي. حيران ٿي ويا ته هي  ’علي‘  جو پهلوان آهي. عالادين به خوش ٿيو، سو پنهنجي سچائي، چنيسر کي چئي:

عالادين گهمائيو، پهرين رات پڙهو
آهيو منهنجي حڪم ۾، اچي ڀيڙا سڀ ٿيو
آءٌ چڙهندس وڳهه ڪوٽ تي، مونکي خوف دودي جو ٿيو.

عالادين بادشاه هڪل ڪري چوڻ لڳو ته: مون واعدو ڪيو آهي بادشاهي، اهو سچو آهي، ڪوڙو ناهي. هينئر مونکي وڏو خوف آهي. تيار ٿيو ته وڳهه تي چڙهائي ڪريون. اها ڳالهه ڪري خط لکڻ شروع ڪيائين. لکندي لکندي ٻارنهن مهينا خط لکيائين. جن حڪومتن سان ڪو هن جو واسطو هو، انهن سڀني کان مدد گهريائين. ٻارهن مهينن ۾ نـَـو لکيون ڏهه ڇليون لشڪر گڏ ٿيو. جن کي خط مليا، سي پهچي ويا، ٻيا اڃان ئي ڪو ڏُور هئا، سي الائي پهتا يا نه؟ شاعر چوي ٿو:

لشڪر عالادين جو، ٻارهين ماه مـِـڙيو
هڪڙن خط پهتا، ٻيا ڏوران ڏور ٻـُـجهن.

نـَـو لکيون ڏهه ڇليون لشڪر ٻارهن مهينن ۾ ڪٺي ڪري، تنهن کان پوءِ تياري ڪري، وڳهه تي ڪاهه ڪيائين. منزل بمنزل پنهنجي سرحد تي اچي سٽڪو ڪيائين. جتي سندس صوبو نالي فتح خان سورهن لک فوج ويهاريو اَڏو ٺاهيو ويٺو هو. اُنهي فتح خان پڇا ڪيس ته: ڪيڏانهن تياري ڪئي اٿئي؟ عالادين چيو ته: دودي تي تياري اٿم. فتح خان چيو: آءٌ سرحد تي صوبو ويٺو آهيان مون کان پڇا ڪانه ڪيئي، تون چڙهي آيو آهين. سومرن جي حقيقت جي خبر اٿئي؟ عالادين چيو هڪڙي چنيسر کان سواءِ ٻيا ٻڌڻ ۾ آيا آهن، ڏٺا ڪين اٿم. ڀلا، تون سرحد تي ويٺو آهين، تو ڏٺا آهن؟ فتح خان چيو ته: هڪڙو ڇوڪرو ڏٺو اٿم. شڪار تي چڙهيو هوس سؤ گهوڙي سان. هڪڙي هرڻ کي ڌڪ هنيوسون. هرڻ گهائجي پيو، ڀڄي ويو. اسان کڻي گهوڙا پٺيان لايس. محمد نالي سومرو، دودي جو نياڻو ٻڌڻ ۾ اچي پيو. اُنهي سان پنج ست سپاهي ساڻ هئا. ڪانَ ڪماڻون هٿن ۾ تراريون چيلهن سان، اهي به ديدار ڪندا پئي آيا. گهايل هرڻ وڃي هنن جي اڳيان ڊٺو. هـِـنن هرڻ کي تڪبير وڌي. اسين به مٿان آياسون. چيوسون ته هرڻ اسان جو ڌڪيل آهي، اسان کي ڏيو. محمد چيو ته: توکي ڪنهن چيو ته تون هرڻ کي ڌڪ هڻ. خبردار ٿي، نه ڇڏيندوسئين. ائين چئي اچي تيرن جون هوايون شروع ڪيائون. اسين جانِ بچائڻ تي، هو پيا مارينِ. پيرن جا پلاند، نالا الله جا وجهي، سورن سان جند ڇڏايم. سؤ گهوڙي سان هئس. اڌ لشڪر منهنجو ماري ويا ۽ هرڻ به کڻي ويا، مون کي سورن سان جيئدان ڏنئون. تڏهن عالادين چوڻ لڳو ته: انهي جا پار ٻڌاءِ ته ڪهڙا اٿس؟ سو فتح خان پار ڏئي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

محمد مراڪين ۾، ٿو نريون ڀڃي نر
سانـَـهن سڱ سنوان ڪري، وِنگين لاهي ور
سڌر آهي سومرو، سندو ساران ور.

فتح خان چوڻ لڳو ته: اڃا پهرين وهي مس چڙهيو آهي. هـُـن ۾ اهڙي ڪا مـَـڻ رکيل آهي، جو سامهون ڪير ڏسي ڪونه سگهيس، وِنگين جا ور لاهيو ڇڏي. هو ته ڇوڪرو آهي، وڏا ته هن جا اعليٰ درجا آهن . توکي ڪنهن چيو ته تون ڀاناسـِـر ۾ اچي پؤ! اها ڳالهه ٻڌي عالادين پنهنجي فوج کي حڪم ڏنو ته گهوڙن جا مـُـنهن ڏکڻ ڏي آهن، اُهي ڦيرائي اُتر مـُـنهن ڪرائي گهوڙا ٻڌو. سڀاڻي وڏي ڪـُـوچ آهي. منزل دليءَ ڏي ڪبي. حڪم سارو گهوڙن جا منهن ڦيرائي اُتر ڏانهن ڪيائون. چنيسر ڏٺو ته هي ڇا! ڇو گهوڙن جا منهن ڦري اُتر تي ٿيا آهن. چنيسر کي خبر پئي ته عالادين وري پوئتي ٿو وري. فتح خان صلاح ڏني اٿس. چنيسر فتح خا جو پڇائي اچي فتح خان سان مليو. فتح خان کي چيائين ته: هي ڇا ڪيو اٿئي؟ منهنجي بنيل بازي چوڏهن سالن جي ڪمائي ٿو وڃائين! عالادين کي چئو ته هڪ ته واعدو ڪري ڳوٺئون نه چڙهي ها. هاڻي اچي رِڻ ميدان مان ڀاڙي ٿي ڀڄندو ته آءٌ نه ڇڏيندوسانس. مون کان ڏاڍو ٿيندو ته دليءَ سوڌو دودو نه ڇڏيندس. تون چوينس ته واعدي برخلافي نه ڪري. فتح خان چيو: ادا چنيسر! مونکي تنهنجي ڏسڻ جو شوق هو. مون ڇيو ته هاڻي اهڙي ڪا اٽڪل ڪريان، جو چنيسر مون ساڻ ملي. سو تون قرب ڪري هلي آئين. هڪٻئي کي ڏٺوسين. عالادين جو تون خيال نه ڪر. چنيسر چيو فتح خان کي: اچي هيءُ لڪڻ اٿئي ياراني ۾. هن لڪڻ کي لـِـيلام ٿي ڪيم ته مونکي سوا لک رپيا خريد چيو هئئون، سو ٿو يارانيءَ ۾ ڏيئين. عالادين کي پڪي صلاح ڏي ته لڙائي ڪري. فتح خان چيو چنيسر کي: لڪڻ مونکي ڪونه گهرجي، تنهنجي ڏسڻ جي حـُـب پوري ٿـَـئـِـي، عالادين جو ذمو مون تي آهي، اها ڳڻتي تون نه ڪر. چنيسر چيس: تو سڀڪا ڪئي. پوءِ چنيسر پنهنجي طنبو تي هليو ويو. فتح خان عالادين سان وڃي مليو. عالادين کي چيئين: هڪڙو ته دلي ڇڏي نه اچين ها، هاڻي اچي رڻ ميدان مان ڀڄندين ته تنهنجي شان تي ناهي. سالڪن چيو آهي ته  ”وِهائـِـي ته ڳل پائـِـي“ . عالادين وري گهوڙن جا منهن ڏکڻ تي ڪرايا. چنيسر کي گهرايئين ۽ چوڻ لڳو ته: هاڻي تنهنجي ڇا مرضي آهي؟ جيئن تون چوين تيئن ڪريون. چنيسر عالادين کي چيو ته: اڳتي هلڻ جو هاڻ تنهنجو حق ناهي. هاڻي آءٌ ٿو خط لکان. خط منهنجو ماڻهو تنهنجو، دودي کي پهچائي. عالادين ماڻهو تيار ڪيو، خط چنيسر لکيو. جيڪو خط کڻي ٿي ويو ان جو نالو محمد خان هو. عالادين جي برادر جو ماڻهو هو. چنيسر چوڻ لڳس: ادا محمد خان! تون نه وڃ. عالادين جي ڪٽنب مان آهين. اڳيان سومرا قهار آهن، مـَـوادي ڪا جـُـٺ ڦـِـٺ ڪن، تون سهي ڪونه سگهندين. عالادين کي به ڏک ٿيندو، تنهنڪري ڪو سادو ماڻهو وڃي. محمد خان چيو ته: نه، پنهنجي حياتيءَ ۾ دودو وڃي ڏسان. اُٺ جي سواري هن کي ملي. خط کڻي روانو ٿيڻ لڳو. چنيسر چيس ته: رات پنهنجي، ڏينهن پرايو سمجهي هي خط پهچاءِ. منزل بمنزل وڳهه ۾ سٽڪو ڪرايئين. سو خط دودي کي ملي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

خوني خط خلل جو، در وڳهه آيو
لکيو چنيسر سومري، دودي پڙهايو
آڻي آب اکين مان، جنهن پنو پـُـسايو
لاتئين لال لڱن کي، خط اَدي جو آيو
ڪاتب وڳهه ڪوٽ جو، دودي ڪامل گهرايو.

خط دودي کي مليو. هٿ اکر چنيسر جا هئا. سڃاتئين، نالو پڙهيئين. سالڪن چيو آهي  ”وڙهيل ڀائر ويري نه چئبا“ . اکين مان زار زار هنجهون هاريئين. خط کي ڇاتيءَ سان لاتئين. پنو پڙهي نه سگهيو، جر مان پـُـسائي ويهي رهيو. هڪڙو عامل گهرائي اُنهن کي چيائين: خط پڙهه، مون کان پڙهيو نٿو ٿئي. سو خط کولي پڙهي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

عالادين آئيو، جنهن سان آلا ڪاٺ ٻرن
اڳين پاڻي پيٽ ۾، پويان چـِـڪ چٽن
اڳين گاه وات ۾، پويان لـِـڏ چرن
سابران ندي سڪي ويئي، لنگهه کنڀات کان ڪن
دادلي درياه جو، پتڻ ڪين پڇن
جتي رهن راتڙي، اُتان لڏيو شهر وڃن
کارا کوهه کٽيو وڃن، مـِـٺن پاڻي ناهه
ڪانءُ ڪبوتر قيد ۾، ٻڌا ٻاڪون ڪن
عالادين پٺاڻ کي، اٿئي پٽيو پکيئڙن.

خط جو بيان پڙهي ٻڌايئينس ته: تنهنجي مارڻ واسطي ايترو لشڪر آندو اٿم، جو سـُـڪا وڻ سڀڪو ساڙي، پر هي ساوا ساڙيندا اچن. سـُـڪا پورا پون نٿا. اڳيان گهوڙا لشڪر پاڻي پيو وڃن، پٺيان گپ چٽيندا اچن. اڳيان گهوڙا گاهه کايو وڃن، پٺيان اُنهن جي لـِـڏ چرندا اچن. درياه ندي جو پتڻ ڪونه پڇن. پکي اُڏاميو اُڏاميو ماڻهن ۾ ٿا ڪـِـرن، اهو پـَـٽ واندو ناهي، جتي ڪو چوڻو پاڻي چڳن. جتي راتاهو ٿا ٽـِـڪن، اُنهي ملڪ جا ماڻهو، پنهنجو ملڪ ڇڏيو، لڏيو ڀڄيو وڃن. دودي جو روئڻ بند ٿي ويو. شهپر ڦـَـرڪڻ لڳا. پڇا ڪرڻ لڳو ته: خط دنگ ڪيو يا اڃان آهي؟ اُنهي عامل چيو ته: سائين! اڃان ٻيو پاسو آهي. دودي چيس ته: پڙهي ٻڌاءِ! سو خط جو ٻيو پاسو شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

عالادين آيو، جنهن سان ڌُوڌُو ٿا اچن
ڪـَـڪا، ڪارا، ڪاغذي، آهي انت نه اُمرائن
پاڻي پخالن ۾، هاٿين مٿي هٽ
نوَ لکيون ڏهه ڇليون، سـِـنڌ وَروڪـِـي تـَـن
پـُـوربي ۽ پـَـشمي،ڪـُـستانـِـي ڪـُـڏن
ايران ۽ طهران جا کنا خوب کـِـڙن
ڪڙڪا پون قنڌار جا، نـِـت ٿا ناز وڄن
آهي ديمن وائي وات ۾، پيا  ’دودو دودو‘ ڪن
سڱ اوهان کان سومرا، ٿا ٻاگهيءَ ٻانهن گهرن
ٻانهن ڏيوو ٻاگهيءَ جي، اوهان جا رُچيو راڄ رهن
نه ته ڪندئي ويڙهه ولايت کي، سڀاڻي ڪـِـلي ڪانَ ڪـُـڏن.

دودي کي ڪاوڙ جو جوش تمام ٿي ويو. انهي بيت جي حقيقت ٻڌي، جنهن ۾ چنيسر لکيو ته: هن خط ڏٺي سـَـڱ ۽ پڳ ڏياري موڪلين ته ڀاءُ آهين، جي نه ته چڙهي آءُ ميدان ۾. ميدان ۾ نه ايندين ته ڪوٽ ۾ ڪانَ هڻنداسون. اها حقيقت ٻڌي دودي دل ۾ ويچار ڪيو ته هو منهنجو ڀاءُ، جيئن آيس تيئن لـِـکيئين. هن کان پڇا ڪريان ته تون ڪير آهين، جو اهڙا خط کڻي آيو آهين. سو دودو پڇا ڪري پٺاڻ ورندي ڏئي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

تون ڪير آهين، ڪاٿي ويهين، آهين ڪير جوان؟
رهين ڪهڙي راڄ ۾، تنهنجو ڪهڙو ملڪ مڪان
چئي: دلي ديس اسان جو، ماڻهو ملڪ چون ڪـُـستان
پاڙو  ’حاجي زئي‘  جو، منهنجو نالو محمد خان
آهيان برادر عالادين بادشاه جي، اُچي ذات پٺاڻ.

دودي پڇا ڪئي پٺاڻ کان. پٺاڻ ورندي ڏني ته: سائين! دلي جو ويٺل آهيان، محمد خان نالو اٿم، عالادين جي برادري جو ماڻهو آهيان دودي چيو ته: ادا! جي آئين، ڀلي آئين. دودو پنهنجي فقير کي سڏي بيت چوڻ لڳو:

ڪوٺي چيائين ڀاڳـُـو ڀان کي، وڃ نائي نهاري آءُ
سيرَب وَڌِي پٺاڻ جي، اسين ڇڏيون ٺهرائي.

دودي، ڀاڳـُـو ڀان فقير کي چيو: حجم کي وٺي آءُ. صلاح ٻاهران ئي ڪيو اچجانس. پٺاڻ سان جـُـٺ اَچي ڪري. ڳچيءَ کان مٿي وار ۽ ڪـَـن آءٌ نه ڏسان. فقير ويو. حجم کي وٺي آيو. صلاح ٻـَـهرو ٻـَـهران ڪيو آيا. اُستي ويهي پٺاڻ کي اُبتي هٿ جو ٿڦڙ هنيو، پٽڪو ڊاهي وڌئينس. ڳچي کان مٿي وار سڀ پـُـسايئينس، پر ڪـَـن به ڪـُـنئرا پيو ڪري. پٺاڻ، حجام کي چيو ته: دلي دکن ۾، پورب ۽ پشم ۾، لاهور امبرسر ۾، ۽ سڄي ڪـُـهستان ۾ سيربـُـون ٺهرايونسون. ڳچيءَ کان مٿي وار ڇو پـُسايا اٿئي، ۽ ڪن پيو ڪـُـنئرا ڪرين؟ حجام چيس: جـُـٺ اٿئي، دانهن ڪرين ته مهل اها اٿئي، هٿ وهي ويو ته هڙ ئي سـُـڃَ. سو پٺاڻ دودي کي بيت ڪري، شاعر چئي ٻڌائي:

دودا! آين ڪجن آڌرون، تون تڏي ڪرين ٿو تاءُ
سـَـرسـِـي چوندئي ڪونڪو، سـُـڻـِـي ڪـَـچـِـي ڪندئي پتشاه.

پٺاڻ، دودي کي چيو: آئي جي آڌر ۽ عزت ڪبي آهي، هـُـن سان جـُـٺ ڪانه ڪبي آهي، تنهنجي نيڪي ۽ سرسي ته ڪير ڪونه چوندو. اِها ڳالهه پٺاڻ جي ٻڌي دڙڪو ڪري پٺاڻ کي، شاعر بيت ڪري:

ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، چـِـڙيو دودو راء
مون ڪو ماڻهو موڪليو، تون هلي هيڏانهن اء
جا پـَـر وڻندي مونکي، سا پـَـر ڪندوسئين
دڙڪو آيس دودي راوَ جو، ويٺو مغل مٿو نائي.

دودي دڙڪو ڏئي چيس: تو ڏي مون ماڻهو خاص روانو ڪونه ڪيو هو ته مونکي پنهنجي تڏي تي اچي گاريون ڏي. هـُـو ته منهنجو ڀاءُ هو، جيئن هن کي وڻيو تيئن کڻي لکيئين. تون ڪير آهين جو اهڙا خط کڻي ٿو اچين! چـُـپ ڪري ويهي رهه. جڏهن پهلوان جو دڙڪو آيس، تڏهن پٺاڻ جا ٻئي ڪـَـن ڇٻا ٿي ويا. ڪاريگر دودي کي چيو ته: گهوري گهوري. سو ڪاريگر پنهنجو پورهيو ڪري، شاعر چئي ٻڌائي:

رُڪ راسـُـون کوڙيون، ڏس پاڪـِـيءَ جا پورهيا
لؤنڻن لاهه وڏا ڏنا، ڏنئينس ٽپڻ تپائي
ڪـِـريس ڪـَـن ڪپار کان، پيڙس ڪونه سماء
مـُـنهن پارِي هئي ملوڪ جي، تـِـڏِي ڇڏي ويئي تاءُ
شهپر هئا پٺاڻ جا، مڇون مـُـنهن مٿانء
پيس ڀالا ڀروئن ۾، پنبڻن ۾ نچڪڻا.

ڪاريگر حجام لؤڻي جي مٿان پاڪي رکي، وٺي جو لوڏو ڏئيس ته لؤڻي جا وار، ڪـَـن، ڏاڙهي جو پاسو، پهرئين لوڏي سان لاهي ويهي رهيو. ڳچيءَ کان مٿي وار جيڪي هئا، ڏاڙهي، مٿو، شهپر، ڀرون، پـِـنبڻ نچڪڻي سان چونڊي، هڪڙو وار ڪونه ڇڏيئينس. ٻئي ڪن ڪپي کڻي ٻـُـٽـُـو بنايئينس. مٿو اهڙو لسو ڪيئينس، جو سيويون ويهي ٺاهجن ته هٿ نه وچڙي. حجام هٿ ٻڌي چوڻ لڳو: سائين! اسان جو جهڙو حال، تهڙو حاضر ڪيوسون، حجم کي موڪل ملي. وري دودو حڪم ڪري، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ڪوٺي چيائين چـَـميار کي، آءُ پادر تون پوئي
ڪوٺي چيائين دائي کي، آءُ ڪـُـرو گڏهه ڪاهي
رنگ گهرايو رَيفـَـلـِـي ٿو لـُـڙو لـِـڱين لائي
ڳوٺ گهمايوس گهٽيون، اچوس سارو وڳهه ڦيرائي.

دودي حڪم ڏنو: مينگهواڙ کي چيئين ته ڍيرن تان سڪل موچڙا ڳولي، گهٽ ۾ گهٽ ته به سؤ سوا هجي، اُنهن جي ڪـَـنڍِي پـوئي آءُ. دائي کي چيائين ته گڏهه هجي رنگ جو ڪارو، ڪنن کان ڪـُـرو، پڇ کان لــُـنڊو، اُهو ڪاهي آءُ. گڏهه جي قـُـْٺيء ڏي منهن ڪري ويهاريئونس. رنگ اُهو مکيائونس جيڪو ڪارن بـُـوٽن کي مکيندا آهن. پاليس ۾ رت بيهي ويس. سڄي وڳهه جي شهر ۾ سرگس ڪرايائونس. هوڪو ڏئي وڳهه ۾ چوڻ لڳا  ”دليءَ جو ماڻهو سنڌ ملڪ ۾ وڳهه ڪوٽ ڏسڻ آيو آهي، اوهين به ڏسوس ته ڪهڙو آهي“ . ماڻهو ڊوڙي اچن ڏسڻ لئي، اچو ڏسن ته ڪـَـن اٿس ئي ڪين. پڇا ڪن ته: ڪـُـوئو ننڍڙي شيءِ آهي، اُنهي جا ڪن آهن. هـِـن جا ڪن ڪيڏانهن ويا؟ ۽ هـِـن سان ڳالهائين ته هي پشتو ڳالهائي، جنهن ۾ سمجهئون ته پٺاڻ آهي. سرگس ڪرائي اچي دودي جي سامهون لاٿئون. دودي حڪم ڏنو: لـَـٽا ۽ هٿيار، گاشا پاکڙا کسي وٺوس، اُٺ ساڳيو ڏيوس ته جلدي رسي. پٺاڻ محمد خان کي چيئين ته: ترسين ته تعظيمون وٺئين، وڃين ته هو واٽ اٿئي. پٺاڻ چيو ته جيڪي قرب ڪيا اٿئي، اُهي کڻي مس ٿو سگهان. دودي چيس ته: وڃ، اِهي منهنجا سلام عالادين کي ثابت وڃي ڏجئين. اِنهن ٽپڙن مان ڪا ذري وڃايئي ته لکن مان ڳولي ماريندوسئين. پٺاڻ به واعدو ڪيو ته: اِنهن ٽپڙن سان عالادين سان ملندس ته پڪ ٿئيس ته دودو هيءَ چيز آهي. اُٺ تي چڙهي هلڻ لڳو. وڳهه کان ٿورو پنڌ ڪري آيو ته اڳيان هڪڙو سومرو مالوندو واڙ ٺاهيو ويٺو هو اُنهي جي نظر پئي، تنهن دل ۾ ويچار ڪيو ته سويري اُٺ ٿي ويو. ڇا گاشا پاکڙا ڏسجن، ڇا سوار جا ويس وڳا ڏسجن! هينئر سمجهان ٿو ته اُٺ ساڳيو آهي. باقي مٿان ته ڪو الائي غيب ويٺل اٿس، يا ڪو ماڻهو آهي. پري کان هٿ کڻي اشارا ڪرڻ لڳس. سڏ ڪيائين ته هيڏي آءُ. محمد خان اُٺ ڪاهي آيو. پاڻ ۾ ڳالهايون. ٻولي سڃاتئينس ته پٺاڻ آهي. پڇا ڪيئينس ته: هيءَ جٺ توسان ڪنهن ڪئي؟ هـِـن چيو ته: دودي. مڙس مڙسن کي ساريا پيا هئا. هن کي پڪ ٿي ته دودو اهڙو مڙس ناهي جو پنهنجي تڏي کي گلا ڏياري. پر هـِـن کان ڪي اهڙيون حقيقتون پيدا ٿيون آهن، تڏهن پڇا ڪيئينس ته: ڪهڙي ڪم ويو هئين؟ پٺاڻ چيو ته: چنيسر جو خط کڻي دودي وٽ ويو هئس، تڏهن مون سان اهڙي حالت ڪئي اٿس. هـِـن دل ۾ ويچار ڪيو ته دشمن جي پاسي جو ماڻهو آهي، تڏهن جـُـٺ ٿي اٿس، پر اُٺ بچيو ٿو وڃي. هاڻي اُٺ سان وري آءٌ جٺ ڪريان. پٺاڻ کي ريب ٻڌئين: ادا: ڀاڄ جو ڀڄايل آهين، ڪا لسي لپ پيئندين؟ پٺاڻ چيو: هائو. توکي شابس هجي، دودي کان ايتري به ڪانه پڳي. اشارو ڪيئينس ته: لهي پئو اُٺ تان، پٺاڻ اُٺ تان لهي پيو. ڌنار پنهنجي گهر آيو. خنجر ڳولي هٿ ۾ کنيائين. گهر ۾ باهه ٻاريندا آهن ته مٿي ڇـِـت جا ڪک ڪارا ٿيندا آهن. اُها گهر جي ڪارنهن ڳپل جهڙي ڇاڻي کٿي جي پلؤ ۾ کنيائين. لسي جو وٽو ڀري، کڻي پٺاڻ وٽ آيو. پٺاڻ لسي جو وٽو منهن تي چاڙهيو، هـِـن اُٺ جا ڪن، پڇ، چپ ڪپي کڻي منهن تي ڪارنهن هنيائينس. پٺاڻ ڏسي مون سان ته جٺ ٿي، پر اُٺ سان به ٿي. پٺاڻ ڌراڙ کي چيو: مون ته وڃي دودي کي تڏي تي گاريون ڏنيون، تڏهن مون سان اِها جٺ ڪيئين. هـِـن ڳوڀ تنهنجو ڪهڙو زيان ڪيو، جو چرڻ پيئڻ کان ڏکيو ڪري ڇڏيئي؟ ڌنار چيس: هو نشان اٿئي دودي جو، هي نشان اٿئي منهنجو. سويري اُٺ تو کان بازي کنيو ٿي ويو. هينئر ٻئي هڪجهڙا آهيو. پر سلام ٿو ڏيئين سي يادگيريءَ سان عالادين کي ڏجانءِ. سو شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

منهنجا عالادين کي، ساري ڏجئين سلام
نوَ لک ڪـُـهاڙِي لڳي، منهنجي لهي ڏهاڻي لام
ريڍر وڙهندئي اَڌ ۾، لائي ڏيندئي ماتام
کانوڻ نه ڏيندئي خومچا، ٻيا طرحين رڌين طعام
اهي عالادين کي، منهنجا ساري ڏجئين سلام.

ڌراڙ هن کي چيو ته: عالادين بادشاه کي چئجان ته خبردار ٿي پوءِ هيڏانهن اچجئين. دودي کان اڳي تخت، پاڻي، طعام حرام ڪيومائين ته نالو منهنجو ريڍار آهي نه ته لاهي در جي ڪتي تي رکجانءِ. نـَـو لک ڪهاڙِي جو مالڪ آهيان، ڪهاڙين سان قيام ڏيکاري مئين ته نالو ريڍار اٿم، نه ته لاهي ڇڏجئين. پٺاڻ دل ۾ ويچار ڪيو ته هي ريڍار مليو اٿم، اڳيان ڪو ٻڪرار مليو ته ٻئي پورا ٿي وينداسين. اُٺ جون مٿيون واڳون کنيائين . پوئتي چنيسر دل ۾ ويچار ڪيو ته ڀاءُ ڏي خط لکيو اٿم باري، متان خوف کان سڱ ۽ پڳ ڏياري موڪلي. پڳ اچي ته ڀلي اچي، سڱ اچي ته پوئتي واريان. سو عالادين جي لشڪر کان ٻه چار ميل پنڌ جا خاطيءَ جي گس تي وڃي ويهي رهيو. ڏسي کڻي ته اوٺي سوار اچي پيو. ويجهو آيو، پري کان سڃاتائين ته اُٺ ساڳيو، چپ ۽ ڪن ڪپيا پيا اٿس، مٿان ڪا آفت ويٺي اٿس. سڃاتئين ته محمد خان آهي. هـِـن جا ڪـَـن ڪپيل ڏٺئين. موچڙن جون ڪـَـنڍيون ڳچيءَ ۾ ڏٺئينس، خوش ٿيو ڏاڍو ته هاڻي جهيڙو متو ۽ دودي کي چنيسر بيت چوڻ لڳو.

دودا! ڀلي بابل کي ڄائيين، تنهنجي نچ ويائي ماءُ
وڳهه قلعو قادر پير جو، لڳي نه ڪوسو واءُ
ڪونه ڏسندين ڪڏهين، قبر عذابا
هـِـت مغل مڃيندا هئا ڪينڪي، منهنجا ڪيا اٿئي قول سچا.

محمد خان پٺاڻ کي ڏسي چنيسر جي دل ۾ خوشي جا دهل وڄي ويا. دودي کي دعا ڪيئين ته حق مڙس آهين، آءٌ تنهنجون ڳالهيون پرپٺ ڪندو هوس. پٺاڻ اعتبار ڪونه ڪندا هئا. اڄ خاطري ٿيندن ته جنهن دودي جون خبرون ٻڌيونسون، اُنهي جا اهڃاڻ اِهي آهن. محمد خان کي چيئين ته: ادا! مون اڳيئي ٿي چيو ته تون نه وڃ، ٻيو ڪو وڃي، تو نه راليو. هاڻي لهي پئو اُٺ تان. مون وٽ ترس، دواخانا ڪريئين، ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار ڄمي ويندئي، ڦٽ ڇـُـٽي ويندئي، باقي ڪـَـن ڏينهن قيام جي ملندئي. جو وڍجي ويا آهن. پٺاڻ چيو ته: آءٌ هڪ گهڙي نه ترسان. جهڙو حال کڻي آيو آهيان، عالادين کي ڏيکاريان. چنيسر چيس ته: ڀلا بيهه، آءٌ به تيار ٿيان. چنيسر چوڏهن سال راتين جا غم ۽ سوز ۾ ڪاري ويس سان گذاريو هو. اُنهي ڏهاڙي پـَـقٌ ريشم جا وڳا ڪيائين، بادشاهي ڪلنگي ڪاپار ۾ وڌئين، گهوڙي تي سونهري روپهري سنج ڪيئين. خوشي ڪيئين ته هاڻي لڙائي لڳي. اڳيان چنيسر، پويان محمد خان، وهٽن کي ڪاهي اچي عالادين جي طنبو کي رسيا. چنيسر محمد خان کي چيو ته: اُٺ تان نه لهجان. جيسين آءٌ عالادين سان ملان. اها ڳالهه ڪري، چنيسر، عالادين جي طنبوءَ ۾ آيو. ڏسي عالادين ته اڄ چنيسر زمين کان مٿي اُڏامندو اچي ۽ پٽ ريشم جا وڳا پيا اٿس. عالادين اُٿي بيٺو. چنيسر عالادين کي مبارڪ ڏني ته: سائين! دودي پنهنجو  دڙڪو ئي ڪونه سـَـٺو. ڪم خط تي ئي ڪري ڏنئين. پڳ منهنجي مٿي ۾، ٻاگهي جي ٻانهن ٻـَـهر اُٺ تي چڙهي بيٺي آهي. سرڪار ٻـَـهر نڪري ۽ ڏسي. عالادين چيو ته خير مبارڪ. ڏاڍو خوش ٿيو ته جنهن دودي جي دليءَ سوڌو ڌاڪو هو، انهيءَ دڙڪو ئي نه سـَـٺو. سو ڀڙڪو کائي ٻهر نڪتو. اُٺ تي نظر پيس ته هراسجي ويو ته الائي غيب آهي يا ماڻهو آهي. سو عالادين مـُـنجهي، چنيسر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ڏس ڳهڻا ڳؤري جا، پـُـويل چندن هار
جهـُـومڪن جهـَـڙي وڌس، ڪـِـريس ڪن ڪاپار
چوٽو پوندو هـُـس چيلهه تي، نزلي نيا اٿس وار
اِها اٿئي ٻانهن ٻاگهيءَ جي، مون تي ڪر اعتبار.

چنيسر، عالادين کي چوڻ لڳو: مـُـنڌو ڇو آهين؟ ٻاگهي ٻاگهي اِها اٿئي. ڪـَـن ڏاڍا سهڻا ۽ سـُـٻنڌا هئس. اسان سومرن جا جـهـُـومڪ هڪڙو هڪڙو ٿيندو آهي سوا پاءُ. سڀڪا جوءِ هڪڙو هڪڙو پائي. هـِـن بادشاهيءَ جي زور تي دَٻي ٻه جهـُـومڪ هڪڙي ڪن ۾ پاتا. جن ڇـِـڪي ڪن ڪيرائي وڌس. وار کڙيءَ تي هئس. اچي جو نامراد کي نزلو ٿئي ته مٿو تـِـري ٿي ويس. رنگ اهڙو هئس جهڙي جهـُـڙ جي بجلي، پر تنهنجي نالي کان پوءِ، ڪڙهي ڪاري ٿي ويئي. ٻيو ته اسان غريبن جا هار سينگار اهڙا آهن، جهڙا پايو بيٺي آهي. عالادين ويچار ڪيو ته: پنهنجي نياڻيءَ سان اهڙي جٺ ڪيئن ڪندا؟ آهي منهنجي ڪٽنب جو ماڻهو پر هينئر سڃاڻي نٿو سگهان. سو عالادين بيت ڪري پـُـڇي ۽ هي جواب ڏئي:

ڪير آهين، ڪاٿي ويهين، تون آهين ڪير جوان
رهين ڪهڙي راڄ ۾، تنهنجو ڪهڙو ملڪ مڪان؟
چئي: دلي ديس اسان جو، ماڻهو ملڪ چون ڪـُـستان
آهيان برادري بادشاه جي، اُچي ذات پٺاڻ.

جيڏي مهل عالادين پڇا ڪئي ته: ڪير آهين، ماڻهو آهين، غيب آهين؟ هـِـن ڳالهايو ته محمد خان آهيان. عالادين چيو ته: اها جٺ توسان ڪنهن ڪئي؟ هـِـن ڳالهايو ته: دودي. عالادين چيو: ڪٿي؟ هـِـن چيو ته: او.... اُتي. پوءِ چڱا ٿا چون ته ڌڪ دشمن جو به نه وڃائبو. عالادين ست دفعا واهواهه ڪئي ۽ چوڻ لڳو ته  ”خان! تنهجي خاني،  مونکي مانيءَ ۾ معلوم ٿي“ . بيشڪ غازي مرد آهين، ائين نه سمجهئي ته عالادين جو صوبو آهي. سمجهئي ته الائي ڪير آهي. واهه دودا واهه! اِتي پٺاڻن عالادين جي لشڪر شور مچايو ته: اسان جي محمد خان جا ڪـَـن، چنيسر جا خط کڻي ويو تڏهن ڪپيا آهن. هاڻي جيسين دودو هٿ اچي، تيسين چنيسر کي نه ڇڏينداسين. سو اها حقيقت ٻڌي، عالادين، چنيسر کي بيت ڪري:

بگڙيا ڀاءُ پٺاڻ جا، جهليا اچن نه جاءِ
چنيسر! ڀڄ ته ڪا ڀيڻي لهين، متان ڀڄڻ نه ٿيوي جاء.

عالادين چنيسر کي چيو: پٺاڻن شور مچايو آهي، تون ٽري وڃ، توسان وڙهندا. سو چنيسر ورندو جواب ڪري، شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي، پر ڀلي بيت ڀـُـڪائي:

بگڙيا ڀاءَ پٺاڻ جا، مونکي ڪندا ڇا
ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، چڙيو چنيسر راء
اچي بگڙيو ديهه وڳهه جو، جهليو اچي نه جاء
آءٌ لڪڻ کڻان هڪڙو، لکين لاڳ لاهيان.

چنيسر چوڻ لڳو: پٺاڻ بگڙيا آهن ته مونکي ڇا ڪندا؟ ائين چئي لڪڻ هٿ ۾ کڻي، چيئين ته جنهن کي ڪوڏي ڦيرائڻي هجي سو لهي اچي ميدان تي. اها ڳالهه ڪري نعرو هنيائين. سڀني جي هٿن مان هٿيار ڊهي پيا. هڪل ڪيئون: ڀڄو، ڪارو ديو بگڙيو آهي. سڀني کي ماريندو. چنيسر کي چوڻ لڳا: تون ۽ اسين ڀائر آهيون، جهيڙو دودي سان ٿيندو. اِها ڳالهه اِتي رهي.

پوئتي دودي دل ۾ ويچار ڪيو ته ڀائرن کان سواءِ ڀلو نه ٿيندو. سالڪن چيو آهي.

 ”ڀائر وڏي وکري، جڳ جـِـيوَتا هـُـونِ
جيهو ميلو ڀائرو، الله ڪري سو“

دل ۾ ويچار ڪيئين ته ڀائرن کي گهرايان. ٻي حقيقت سمجهيائين ته جنگ جا خط، موت جا سلام کڄي آيا آهن. واعدو ڪيو اٿم، مردانو سخن، انهي واعدي کي پاڻي ڏيان. فرض ادا ڪريان. متان منهنجو سؤ ورهن جو پورو ٿي وڃي! تنهنڪري ننگر کي گهرائي ڳانو ٻانهن ۾ ٻڌئينس، پنهنجي نياڻي نالي سونـِـي، جيڪا چنيسر کي ڏنڊ ۾ آڇ ڪئي هئائين، اُها وناهه ۾ ويهاريائين. شادي جا ڏينهن ٻڌي دهل شروع ڪرايئين، تنهن کان پوءِ پنهنجي ڀائرن ڏي خط لکي راڄ گهرائي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

خوني خط خلل جا، لکيا دودي راءِ
ڪڇ ڀــڄ ڪاڇي ڏي ويا، ماٿيلي مٿان
هڪ ويا جيسلمير ڏي، ٻيا ٻاهڙمير مٿان
آيا جڏهن اجمير ۾، ڏيئي جاڙيجا جـُـلبا
چنو چڙهي آئيو، ڀٽي جنهن جو ڀاءُ
راڄڙ روڪي آئيو، بانڪو بنگلي ڏانهن
دودي ديميون آئيون، وڳهه ڪوٽ وچان
دودو مردن کي ميدا ڏيوي، گهوڙن داڻو گاهه
سما مليا هئا سومرا، اچي گڏ ٿيا امراهه.

دودي پنهنجا ڀائر گهرايا، خط لکيائين، جي ملڪ دودي کي سلامي هئا، سڀئي راڄ سومرا، سمان، جاڙيجا، ڀٽي، گـُـجر، تـُـونئر، راڄڙ، سوڍا، خفيف ۽ هولياڻي سڀ اچي گڏ ٿيا. جهڙا امير آيا، تهڙيون رسايون ٿيون. کائي خوش ٿي ويٺا. خبرچار هلي. دودا! اسان ڀائرن کي گهرايئي حقيقت ڇا آهي؟ دودي لڙائي جا خط ڪڍي راڄ کي ڏيکاريا. عالادين ۽ چنيسر لکيو آهي ته: سڱ ۽ پڳ ڏيو، نه ته ڪوٽ ۾ ڪانَ هڻنداسون. اڳ ۾ مـِـٽي ناهي، زور ظلم جي مـِـٽي ٿئي ٿي. هاڻي اوهان ڀائرن کي گهرايو اٿم، چئو ته سڱ ڏيون، چئو ته سـِـر ڏيون. راڄ ڳڻ ڪئي، دودي کي چيائون: جنهن چنيسر پنهنجي مارائڻ لاءِ ايتري حقيقت پيدا ڪئي آهي، اُنهي جي پـُـٽ کي تو پنهنجي نياڻـِـي ننگ ڪري ڏيئي ۽ رت ڳنڍيو اٿئي. هاڻي انهي کي گهراءِ ته اُهو ڳاني ٻڌو گهوٽ، ميڙ ٿي وڃي پيءُ سان پرچاءُ ڪري. جي پرچي ته پرچائي اچي چنيسر کي، نه ته جهيڙو به ننگر وڃي جوٽي. پيٺان خزانو لشڪر بيشمار پهچائي ڏينداسون. اِها صلاح منظور ڪري، دودي ڀاڳو ڀان فقير کي بيت ڪيو:

ڪوٺي چيائين ڀانَ کي، وڃي ننگر نهاري آءُ
جهنگ مان آڻج ڪينڪي، آڻجا ماڳهين مريم کان.

دودو پنهنجي فقير کي چوڻ لڳو ته: ننگر کي وٺي آءُ، جهنگ مان نه آڻجئينس، شهزادي مريم جي هٿئون آڻجانس. ڀاڳو فقير سـُـرندي جو ساز کڻي، ننگر بادشاه جي ڏيڍي تي ڄاڻ ڪري، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ڀاڳو ڀان اُٿي هليو، آيو ننگر ڏيڍي تي
هو چنگ چئنچل جي هٿ ۾، جنهن طرحين وڄايا تال
اندر حاويليءَ ۾ پيو ساري ساز سماء
ٻائيءَ چيو ٻانهيءَ کي، اندر دائيءَ کي داناهه
ته ڏيڍيء آيو منگتو، لـَـکمان لهي آءُ سـُـڌ سماء.

ڀاڳو فقير سرندي جو ساز دروازي تي وڄايو. اندر محلي ۾ خبر پئي ته ڏيڍيءَ تي فقير آيو آهي.  ”لکمان“  ٻانهيءَ کي شهزاديءَ چيو ته: فقير سان ملي، احوال وٺي آءُ. ٻانهي لکمان فقير کان پڇيو ته: فقير! ڇا ٿو چوين؟ ڀاڳو فقير چيو ته: ننگر هجي يا ننگر جي والده هجي، انهن سان حقيقت ڳالهائيندس. تيسين شهزادي مريم اُها فقير وٽ هلي آئي. سو ڀاڳو ڀان کي کيڪاري، خبرچار وٺي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

اء اسان جا منگتا، ڀاڳو! ڀلي ڪري آئين ڀان
خوش هو دودو سومرو، خوش هئا راڄ سندانِ
بادشاه ٻڌان ٿي بڪار تي، آهي عالادين آيو
متان وَر منهنجي ولهي وڃي برحال ٻاري باهه.

شهزادي فقير کي کيڪاري ۽ پڇا ڪئي ته: فقير! دودو خوش هو، راڄ امير خوش هئا؟ پر مون خبر ٻڌي آهي ته چنيسر عالادين کي وٺي بڪار تي لٿو آهي، اها ڪا حقيقت ٻڌائينم! سو ڀاڳو فقير شهزاديءَ کي حقيقت ٻڌائي، شاعر بيت ڪري.

مائي! مونکي دودي موڪليو، تو ماڳهين  مريم ڏانهن
پٽ ڪڍي ڏي پنهنجو، ڪري ابل سان پرچاء
ننگر جي چڙهڻ جو، ٻـَـڌو ساري راڄ رياء
تنهنجون رَند نه رُلن سومريون، لهي ڏولائو ڏيهه مٿان.

ڀاڳو فقير چيو شهزادي مريم کي: دودي ۽ ٻين اميرن ۽ ڀائرن مون کي تو ڏانهن موڪليو اٿن ته شهزاديءَ کان موڪلائي ننگر جي ٻانهن وٺي آءُ ته پيءَ کي ميڙ ڪري وڃي پرچائي. جي نه پرچي ته جهيڙو به وڃي ننگر جوٽي. اها حقيقت ٻڌي شهزادي مريم ورندو جواب فقير کي ڏئي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ننگر منهنجو ننڍڙو، جنهن کي وهي کير مـُـنهان
مـَـسڙِي نه آئي اٿس مـُـنهن، اٿس چـُـوڻن سان ڏاڍو چاهه
وڙهندو عالادين سان، لڄن جي واري.

شهزادي مريم، فقير کي چيو ته: ٻيا صوبا سردار مري ويا. ننگر ڳاني ٻڌو گهوٽ وڃي لڙائي ڪري، جنهن کي اڃا ڏاڙهي نه آئي آهي! ٻاراڻو خيال، جڏهن ٻيا صوبا سردار مري ويا، آخرين ڪوٽ تي جنگ آئي ته ننگر مڙس جو پٽ آهي، ننگن مٿان سر قربان ڪندو. اها ڳالهه ٻڌي ڀاڳو فقير وائڙو ٿي پيو. ننگر انهي وقت حاضر نه هو، پنهنجا هڪ جيڏا دوست وٺي ويو هو  ”لوهـُـو“  واهه ۾ وهنجڻ. ٻين يارن کي وري سڏ مليل هو راند جو. اُهي يار سڏ تي آيا پئي ته ڀاڳو فقير جي سـُـرندي جي ساز تي اچي بيٺا هئا، جي وهنجڻ ويا ٿي. يارن ڏٺو ته فقير کي مانُ نه مليو. اها خبر ننگر کي ٻڌايئون. فقير اتي واجهايو پئي ته هـِـنن ڊوڙي اچي ننگر کي حقيقت ٻڌائي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ننڍڙا يار ننگر جا، هئا سـُـرندي ساز مٿان
آيا رؤنشي راند جي، جن کي هو ڏائـِـي جو ڏانء
ننگر کي يارن ڏنو ساري ساز سماء
ڏيڍي آيو منگتو، تنهنجي مـُـهت نه ڏنس ماء
بي مانائتو منگتو ٿيو وڃي ماڳهين مريم کان.

ننگر بادشاه کي پنهنجي يارن اچي چيو ته: ڀاڳو فقير تنهنجي لاءِ ڪا ڳالهه وٺي آيو هو، پر تنهنجي ماءُ مـُـهت نه ڏنس. تو لاءِ پئي واجهايئين. ملينس ته اڃا فقير ڏيڍيءَ جي مهندان هوندو. سو ننگر بادشاه وهنجڻ ڇڏي، پنهنجي فقير کي ورائي، خبر پڇي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

وير وهنجڻ ڇڏي ڏنو، ساري حضرت شاه
پائي ٿو پاڻيءَ جيئن، جـِـيوين دور ڪري درياهه
ڪـُـڏ ڏئي ڪيهر شينهن جيئن، جيوين هرڻ ڏيوي لاهه
پـُـورب جيئن پلٽي پيو، جيئن واڪا ڪري واء
اچي ڀڙ ورايئين ڀان کي، ڳل پاند ڳچيءَ پائي
تون اء اسان جا منگتا، ڀاڳـُـو ڀلي آئين ڀان!
خوش هو دودو سومرو، خوش هئا راڄ سندا
تنهنجو ڪم اسان سان، تون اسان سان ڳالهاءِ
اِهو رنن راڄ رلائيو، سو رُليو اچي نه جاء.

ننگر بادشاهه وهنجڻ ڇڏي، لـَـٽا پائي، ڊوڙي اچي فقير کي ورايائين. آجيان، آڌر، خوش ۽ کينڪر ڪيائينس. فقير کي چيائين: تون قاصد آئين، پسڻ مونکي اڳئي پيو آهي، پر ڏاڙهي جو قدر آهي. ڏاڙهي کي، توکي ڪنهن چيو ته ڳـَـلهـُـو لشڪر سان ڳالهاءِ. تنهنجو ڪم مون سان، منهنجو توسان. هاڻي خلاصي خبر پنهنجي بنگلي تي هلي ٻڌائينم. فقير جو غم ميٽي وڌائين. چنبو چنبي ۾ ڏيئي پاڻ سان گڏ وٺي آيو. پنهنجي بنگلي ۾ اچي ويٺو. ڀاڳو فقير ننگر بادشاه جو بنگلو بادشاهي ۽ سندس عزت ساراهي، بيت چوڻ لڳو:

تنهنجا باغين اَڏيل بنگلا، آهي اُچي اڏاوت تن
ٿنڀ ڪامون چندن جون، مـُـشڪ ليپ لڳن
کٽون شيشم عاج جون، جن تي هنڌ فراش پون
گلم اوهان دوداڻين جا سڀ جنهور سان جڙجن
نـَـو ڪـُـڙهـُـون تو نر جون، جتي نـِـيرا ٿا نچن
بورُون ۽ شهزورون، ڪـُـميتون منجهن
سـُـرخيون سنجافن ۾، مـُـشڪڙيون منجهن
سونهري سمندون، جن تي سونا سنج پون
بابـُـون ڊڊا تن ۾، گاهي گاهه ڀـِـي ڪن
مهري تنهنجي ميدان ۾، سڀ ڍاٽي ڍول ڍرن
سنڌ جا سورهيه سومرا، تو وٽ ڪؤنر ڪچهريون ڪن
خان! پڇين ٿو خبرون، ويهون ننگر! نوابن.

فقير ڀاڳو اها ساراهه ڪئي سخي غازي سورهيه جي. ننگر بادشاه چيو: فقير! مون سان اها الله جي ڀلائي آهي، خبر اها ٻڌاءِ جيڪا مون وٽ کڻي آيو آهين. فقير حال محرم هو، تنهن وٽ لڙائي وارا خط هئا، اُهي ڪڍي ننگر کي ڏنائين. خط پڙهي ننگر ماٺ ڪري ويهي رهيو. فقير جواب پڇيو ته: ننگر! ڪهڙي ورندي ٿو ڏين؟ سو ننگر، فقير کي ورندو جواب ڏئي شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ڀلي عالادين آئيو، جنهن کي آندو آهي الهه
مردن ۽ نامردن جو، سـُـڀان پوي سماء
آءٌ وڃي جنگ جا نيزا کوڙيان، جنهن ۾ ڳوڌا واهيان گاهه
سڀ سانـَـهه ويڙهايان سومرا، پـَـٽي ڪندس مغل پاهه
نديون نير پلوٽيان، وڳهه وهايان واهه
ڏيانس نه واهياڻي وڳهه جي، توڙي ڌيءَ ڏيوي بادشاه.

ننگر بادشاه، ڀاڳو فقير کي چيو ته: عالادين ڀلي آيو، دنيا دم گذر آهي، مردن جو نامردن جو سماء پئجي ويندو. عالادين ڌيءَ جو سنڱ ڏئي ته به هتان واهـِـي جو ٻار به نه ڏيانس. اها ڳالهه ڪري ۽ سندس سئيس کي حڪم ڏئي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ڪوٺي چيائين سئيس کي، منهنجو ڪيڪٽ ڪاهي اء
لالون هجنس لغام تي، ڪـَـمـِـي ڪمند تي ناهه
گل سهڻا گاديءَ تي، هجن جهڳمڳ جا جهوڙا
ڀڙ پهرايو ڀان کي، ڏئي سونهري سروپاهه.

ننگر بادشاه پنهنجي سئيس کي حڪم ڏنو ته: هزاري گهوڙو، هزاري سنج، سونهري روپهري هٿيار، هزاري وڳو، هزار رپيا روڪ فقير کي ڏيئي پهرايو ته چاچي کي وڃي سلام ڏئي. فقير کي چيائين ته: آءٌ سڀاڻي ايندس. فقير کي پـَـهراڻـِـي ملي. بادشاهي گهوڙي تي چڙهي ويٺو. ننگر سومري، فقير کي هڪڙي شراب جي بوتل پياري، ٻي هٿ ۾ ڏنائين. سندس گهوڙو ڪؤنتل ڪاهيائين. چڱا ٿا چون  ”ڀلي جي سواري آهي مـَـڻ جو نشو“ . هن کي شراب جو نشو به اچي ٿيو. ڀـَـلي جي پٺيءَ ۾ آهي مصري. ڳڙي چکي ته ياد رکي. گهوڙو هزاري هو، تنهن پنڌ جي پلٽ ڪئي، فقير گهوڙي کي ڪوٽ ۾ اندر مـُـنهن ڏنو، اندر سومرن جي ڪوٽ ۾ ٽامي جو فرش وڇايل هو. ٻه گهوڙا جڏهن ٽامي جي فرش تي دؤرو ڏيئي هليا، تڏهن گهوڙن جي سنبن، ٽامي تي اهڙا واڪا ڪيا، سارو ڪوٽ ڪنبائي وڌئون. دودي پنهنجي يارن ۽ ڀائرن کي چيو ته: ڪوٽ ۾ ڪڙڪا پئجي ويا آهن، پاڻ پيا هتي ڪچهري ڪريون، متان ويري جا گهوڙا اچي ڪوٽ ۾ پيا! ٻهر نڪري ڏٺائون، سڃاتئون ته فقير آهي. دودي کي ٻڌايئون ته: ننگر کي الله لائق ڪيو آهي، فقير کي پهرايو اٿس، فقير جا گهوڙا آهن. فقير مٿان اچي سٽڪو ڪيو. نوڪر گهوڙا وٺي وڃي جانشين ڪيا. فقير ڪچهريءَ ۾ داخل ٿيو. دودي پڇا ڪئي ته: ننگر جي حقيقت ٻڌاءِ! لائق ٿيو يا نه لائق ٿيو؟ فقير، سومرن جو اَوَلاڻو پـِـيڙهيءَ بردار هو، اُهو دودي سان بيان ڪرڻ لڳو:

ست ڀـِـين، ست ڀونگر، ست دودا سنڀران
ٽه- ستا ايڪيهه، ٿيا وڳهه جا وريام
تن مان ڪونه ٿيو، ڪو ننگر جهڙو خان.

فقير چوڻ لڳن: آءٌ پيڙهائتو فقير آهيان، ننگر جهڙو خان مونکي ڪونه ٿو سـُـجهي. الله لائق ڪيو آهي. سلام ڏيندو هوئي، سڀاڻي ايندو. دودو ٻڌي خوش ٿيو ته ننگر سڀاڻي ايندو، سا چڱي ٿي پوندي. اها ڳالهه اتي رهي پوئتي ننگر دل ۾ ويچار ڪيو ته هن هلندڙ زماني ۾ هر ڪو هڪ جيڏو سنگتي چوي ٿو ته پاڻ يار آهيون. اڄ يارانيءَ جي پرکا جو وقت آيو آهي، ڪوڙا ۽ سچا پرک ڪجن. سو پنهنجي دوستن ڏانهن دعوت نامون ڏنائين ته سانجهي ڪچهري ڪنداسون. چڱن ويچارن چيو آهي ته هن زماني ۾ ياراني جا درجا آهن  ٻه - هڪڙا جاني يار ٻيا ماني يار، جاني يار اُهي، جي سـِـرَ جا سچا، لڳي مهل سـِـر به قربان ڪن، جيئن ڏوڪڙ گهوڙي ڏبا آهن. وري مانـِـر يار، سـِـيري جا کٽائو، ٻوڙ جا پـِـلڪائو، پـلاء جا ويري، ديڳ جا دشمن. ٻئي ڌريون اچي ڪٺي ٿيا. جيڪي جاني يار هئا انهن کي نـِـڙي کان گرانهه هيٺ نٿي لٿو. وقت جي خبر هئن. ارادو ڪيو ويٺا هئا ته الله ڪري ته سـِـر يار جي ڪتب ۾ اچي. باقي جيڪي مانـِـرَ مانـِـرَ اچي ماني تي ويٺا، هڪڙو هڪڙو ارڙهن ارڙهن ڍاڪون يخني جا چـَـٽ. چوڏهن ڪـِـنگريون پاڻي جون. سارو نار جو گهمرو سـُـڃ. اِها هئي پهرين پهر جي نيرن. منجهند واري ماني آرام ڪري اُٿي پوءِ کائيندا. کائي پوءِ خوش ٿي ويٺا. ننگر کان يارن پڇيو ته: اسان کي ڪهڙي مطلب لاءِ گهرايئي؟ ننگر بادشاه اُٿي پنهنجي هٿ ۾ ترار کنئين، پنهنجي بنگلي جي اڳيان ميدان تي بيهي ليڪو ڪڍيائين ۽ پنهنجي دوستن کي چيائين ته: هي ترار آهي ننگ جي، هي ميدان آهي موليٰ جو، اِهو ليڪو حد وارو مـَـٽي، جيڪو مون ڏي اچي، سو اڄ شهپر کير سان ٻوڙي، سڀاڻي رِڻ ميدان ۾ رت سان رڱيندو. جيڪو نه ايندو، انهي تي ٻانڌا ناهي. پوءِ جيڪي سچا هئا، جاني يار، اهي ائين پئي آيا جيئن ٻاڪرا ڦر واڙ مان ٽپي اچن. باقي رهيا ڪوڙا،  ’هئي گهوڙا‘  ڪري وڃي ٻوڙن ۾ ٻوٿ هنيئون، ته سـِـر لڪايون، ڌڙ ڀلي پيو ڌوڙ پائي. موادي ڪو ڌڪ لڳو ته به ڦٽ ايرجي ويندو، حياتي هوندي ته ڀـَـت کائبا. سالڪن چيو آهي ته:  ”حياء والايمان رهي ٿو اکين ۾. اکيون پوري اگهاڙو ٿي بازار ۾ ويهي رهبو ته انهي جي لاءِ اهو به جهنگ آهي“ . ڪوڙا اکيون پوري ڀڄي ويا، سچا ويهي رهيا. سڄي رات ڪچهري ڪري رات وهايئون. فجر ٿـَـئـِـي، ننگر بادشاه پنهنجي چاچي جي ملڻ لاءِ خوشي ڪري هلي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، اڀريو تارو
غوث بهاءُ الحق جو نر هڻي نعرو
 ”علي علي“  وات ۾، پڙهي حـُـسيني ڪيڏارو
بگل وڄايئون بهادري، ڌڪڙ ڌمالون ڪن
ناد نفيلون وڳيون، مـَـزا ٻڌا مرلين
سٽڪا پيا ها ستار جا، ٻـَـڌي ڌان ڌان دنبورن
تـِـکا تماچا ڇوڙيئون، ٻـَـڌي ٽهه ٽهه ٽاڪوڙن
ايڏي ئـِـي اَلغار سان، اچي گوڏو ڀڳئين گلمن.

ننگر بادشاه پنهنجي يارن سان گڏجي، اِهي خوشيءَ جا ساز ۽ بگل وڄائي، بندوق جا فير ڪري، اچي چاچي جو سلام ڪيو. سلام ڪري گوڏو اچي گلم تي ڀڳائين. ننگر کي دودي چيو ته: ابا! مون سان گڏجي اچي ويهه! ننگر چيو ته: تو پڳ واري سان همسري ڪري نه ويهبو. دودي چيو: منهنجو ماٽـِـي ثاني آهين. ننگر چيو: ماٽي ثاني آهيان يا ناهيان، سو تون ڄاڻ. اِتي قدرت ويهاري ها ته اسين ويهون ها، ڪنهن جي ڀاڳ ۽ نصيب سان ريس ناهي. تون منهنجو راجا آهين. آءٌ تنهنجي رعيت آهيان، توسان همسري ڪري ڪونه ويهندس، باقي جنهن ڪم لاءِ گهرايو اٿئي اهو حڪم ڪر! دودو چوڻ لڳو ته: اَمر برجاءِ هينئر ئي نٿو ڪرين، ڪم ڪيئن ڪندين؟ ننگر چوڻ لڳو: اِنهي اَمر برجاءِ جي خبر مون کان نه وٺ. سالڪن چيو آهي  ”مـُـٺ ڀيڙي ڀلي، پـَـٽـِـي لاءِ نه ساء“ . باقي جيئن چوين تيئن ڪريان. دودو چوڻ لڳو ته: پهرين مونکي اهو بيان ٻڌاءِ مـُـٺ ڀـِـيڙيل وارو، ۽ مون سان ڇو نٿو ويهين! سو ننگر سومرو، پنهنجي چاچي دودي کي جواب ڏئي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي، سو ڀلي بيت ڀڪائي:

چاچا! مونکي بابل جا، ٿا پلپل پور پون
ماڻهو ڏيوَن مهڻا، مونکي جـُـلبا ٿا جاڳن
هينؤن ڦاٽيو اڌ ٿئي، ٻئي ڦڦڙ ٿا ڦڙڪن
وجهئين وڳوڙ وڳهه ۾، منهنجا مـُـزرا راڄ ڏسن
تختن تي تالان ڪريئين، آڏو اُمراهن
سڱ ڏنو سونيءَ جو، تڏهن لهيو لـَـٽ وڃن
هاڻي اُڇلين جي آڙاهه ۾، آيو اٿئي ننگر نوابن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org