سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب:دودو چنيسر -2

باب: -

صفحو :1

دودو چنيسر (جلد ٻيو)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

مهاڳ

 

دودي - چنيسر جي ڳالهه هڪ  ’ڳؤري ڳالهه‘  آهي: هيءَ هڪ وڏي  ’ڪـُـوپائي - ڪـَـٿا‘  ۽ وڏو جـُـنگ - ڪيڏارو آهي، جنهن کي جڳ - مشهور ڪـُـوپائي ڪٿائن (Epics) جي صف ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. هن ڳالهه جو بـُـڻ - بنياد بابت جدا جدا بيان ملن ٿا، مگر انهن سڀني جو تعلق سومرن جي دور سان آهي. هيءَ سنڌ جي سومرن بلڪ سنڌي سورمن ۽ سورهين جي ڳالهه آهي. عام خيال اهو ئي آهي، ته ڀاڳـُـوڀان جيڪو ڀونگر راءِ جي در جو فقير ۽ دودي جو ويجهو صلاحڪار ۽ مـُـشير هو، تنهن هن وڏي واقعي کان پوءِ هيءَ ڳالهه بيان ڪئي ۽ هـُـلائي، جيڪا پوءِ مشهور ٿي ۽ پوئين دور تائين هلندي آئي. دودي - چنيسر جي ڳالهه، جيڪا هن موجوده دور ۾ هلندڙ آهي، سا اندازاً هجري يارهين سـَـن (17- صدي عيسوي) کان مشهور ٿي آهي، ۽ ٻارهين سن کان وٺي، ويندي هن وقت تائين وڏي ذوق ۽ شوق سان ڳائجي رهي آهي.

هن ڳالهه جي مشهوري ۽ عام مقبوليت توڙي ادبي، فني ۽ تاريخي اهميت سببان راقم پنهنجي ذاتي ذوق سان گذريل پنجويهن سالن واري عرصي ۾ وڏي ڪوشش ۽ ڪشالي سان هن ڳالهه جو مواد سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر (ڪڇ، جيسلمير ۽ ٻاهڙمير، رحيم يار خان، سبي ۽ ناڙي) جي سگهڙن کان سهيڙي گڏ ڪيو. اسان کي جتي به ڪنهن ڳالهه کڻندڙ جو ڏس پيو، ته ان کي ڏوري وڃي ڏٺوسون. انهيءَ ڳالهه ۽ تحقيق دوران هن ڳالهه جون چاليهن کان وڌيڪ روايتون دستياب ٿيون، جن مان پندرنهن کن مڪمل پوريون آهن، يعني ته ابڙي سمي جي جنگين تائين پهچن ٿيون. ان سڄي مواد کي ٻن جلدن ۾ مرتب ڪيو ويو آهي. هڪ جلد هن کان اڳ (1976ع) ڇپجي چڪو آهي، ۽ هيءُ ٻيو جلد هاڻي (1977ع) شايع ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن سنڌ جو ڳوٺ ڳوٺ ڪري ڳولجي ته اڃا به ڪي ٻيا، ڳالهيون کڻندڙ ۽ ڳائيندڙ توڙي بنا سازن جي زباني بيان ڪندڙ سگهڙ ملي وڃن، ۽ سندن زباني ٿوري گهڻي اختلاف سان هن ڳالهه جون ڪي ٻيون روايتون پڻ دستياب ٿي سگهن ۽ پڻ هن مواد ۾ شامل ڪي اڻپوريون روايتون مڪمل ٿي وڃن.(1)  انهيءَ ڪوشش هوندي به اهڙي ڪا روايت شايد مشڪل سان ملي، جيڪا قدامت يا سٽاء جي لحاظ سان موجوده سهيڙيل روايتن جي ڀيٽ ۾ نئين يا نرالي هجي.

انهيءَ لحاظ سان دودي - چنيسر جي ڳالهه بابت هنن ٻن جلدن ۾ شامل مواد گهڻي حد تائين جامع ۽ مثالي آهي. اسان ڪوشش ڪري ڳالهه جي هر بيان کي ڳالهه کڻندڙ جي پنهنجي زباني ۽ سندس پنهنجي لفظن ۾، صحيح نموني ۾ نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهيءَ لاءِ ته ڳالهه کڻڻ ۽ بيان ڪرڻ جي ڪاريگري ۽ هنرمندي نروار ٿي سگهي، ۽ هر ڳالهه کڻندڙ جا اصطلاح ۽ الفاظ، فقرا ۽ جملا سندس پنهنجي زباني لکجن ۽ ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي مختلف مقامي محاورن ۽ لهجن جي مطالعي ۾ مدد ملي. ڪن روايتن ۾ آيل انوکن لفظن جي هيٺ حاشيي ۾ معنيٰ لکي وئي آهي، انهيءَ لاءِ ته پڙهندڙ کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي ۽ پڻ لغت جي تحقيق جو حق ادا ٿئي.

شروع ۾ گڏ ڪيل مواد جو ذخيرو ايترو ته وڌي ويو، جو ان کي سوڌڻ سنوارڻ ۽ ڪنهن سليقي سان سلسلي وار ڪري رکڻ ۾ ڪافي غور ۽ محنت جي ضرورت ٿي. انهيءَ سڄي مواد کي مجموعي طور ٻن اصولن مطابق سوڌي سنواري موجوده ٻن جلدن ۾ مرتب ڪيو ويو آهي: پهريون ته ڳالهه جي هر مکيه ۽ آڳاٽي روايت کان اڳ ۾ رکيو ويو، ۽ ان سان ملندڙ ٻيون روايتون ان کان پوءِ ڏنيون ويون آهن. ٻيو ته منڍ ۾ (يعني ته پهرئين جلد جي شروع ۾) اهي روايتون رکيون ويون آهن جيڪي لاڙ، ڪڇ، ٿر، ناري، ٻاهڙمير، رحيم يار خان ۽ ميرپور ماٿيلي وارن ڀاڱن مان مليون، ڇاڪاڻ جو سومرن جي حڪومت جا مرڪزي علائقا پڻ اهي ئي هئا. انهن روايتن کان پوءِ ٻين ڀاڱن مان مليل ڳالهيون گڏي رکيون ويون آهن. اهو سلسلو اُتران بلوچستان جي ڀاڳ ناڙي - سبي علائقن کان شروع ٿي، پوءِ لاڙڪاڻي (وارهه - قنبر)، خيرپور (گنبٽ - ڪنڊيارو)، حيدرآباد ۽ بدين ضلعن تائين پهچي ٿو. آخر ۾ حيدرآباد ضلعي جي ميراثين فقيرن جي روايتن کي رکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو هڪ ته انهن روايتن جو سلسلو ويندي هن وقت تائين قائم آهي، ۽ ٻيو ته اهو ڳالهه کڻڻ ۽ ڳائڻ، يعني ته قصه - خواني جي فن جو هڪ عمدو مثال آهي. موجوده دور جي شاعرن جون منظوم ڪيل روايتون بالڪل آخر ۾ رکيون ويون آهن. البت شاعر مستي رند (ڇاپو پهريون ص 33 - 40) جي جوڙيل ڳالهه غلطي وچان شروع ۾ اچي وئي، جيڪا  ’پوئين دور جي شاعرن‘  واري عنوان (ص 463) هيٺ اچڻ گهرجي. ڪي روايتون سي هن جلد جي آخر ۾  ’ضميمي‘  طور ڏنيون ويون آهن.

هيءَ هڪ ڳؤري ڳالهه ۽ وڏي  ’ڪـُـوپائي ڪـَـٿا‘  آهي، جيڪا نه فقط سنڌي رزميه شاعري ۽ قصه - خواني جو شاهڪار آهي، بلڪ دنيا جي ڪـُـوپائي ڪٿائن ۾ پڻ وڏي اهميت رکي ٿي. انهي نقطه نگاهه کان، ان جي مطالعي جي ضرورت آهي. اميد ته هن جلد جي اشاعت بعد اسان هڪ تفصيلي ڪتاب لکنداسون، جنهن ۾ هن ڳالهه جي قدامت، تاريخي پس منظر، اهميت ۽ افاديت جي مکيه پهلوئن تي روشني وجهنداسون.

آخر ۾ آءٌ  انهن سڀني سڄڻن جو شڪريو ادا ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو، جن هن علمي ڪوشش کي ڪامياب ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي. دودي - چنيسر جي ڳالهه جي بيانن کي هر هنڌان ميڙڻ ۽ سهيڙڻ جو ڪشالو راقم پنهنجي ذاتي ذوق سان ڪڍيو، ۽ گرم ڏينهن توڙي سرد راتين ۾ مواد جو گهڻو حصو سگهڙن جي زباني پاڻ پنهنجي سر ويهي لکيو. تنهن هوندي به اها محنت سجائي تڏهن ٿي، جڏهن ڪي علم دوست سڄڻ ۽ لائقن ڀريا ساٿي راقم سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا. هنن اسان جي سڏ سان گڏ ٿي ڪچهريون ڪرايون، ميلن ۽ ڪوهن تان سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪيو، ٻه ٻه، ٽي ٽي ڏينهن لاڳيتو محفلون مچايون ۽ ديڳيون چاڙهي راڄ کارايا ۽ منڊل مچايا. انهن مان ڪي سڄڻ اسان کان جدا ٿي چڪا آهن. هن ادبي ڪشالي ۾ اسان جي پياري دوست مرحوم محمد اسماعيل خان نـُـون سڀ کان وڏي مدد ڪئي، بلڪ ذاتي طور سنگت ۽ رفاقت ڪئي. مرحوم سردار خدا بخش خان پتافي ۽ سندس لائق فرزند (فتح علي خان ۽ حسن علي خان) جي مهربانين ۽ مرحوم جيوڻ خان پتافي ۽ ٻين سڄڻن (صوبدار خان لنڊ، شيخ محمد فاضل قائمي وغيره) جي ڪوششن سان ميرپورماٿيلي طرف ڪچهريون ٿيون، جن ۾ دودي - چنيسر جي ڳالهه جون اهي روايتون هٿ ڪيون ويون، جيڪي جيسلمير، ٻاهڙميڙ ۽ رحيم يار خان طرف جي جهـِـنجهن، ڪـَـلرن ۽ مـَـهرن ۾ هلندڙ هيون. اسان جي ڪرم فرما مير شاهنواز خان شاهلياڻي جمالي (محراب پور جمالي) جي سال بسال محبت ڀرين دعوتن ۽ مهمان نوازين اسان کي اتان جي سڄاڻ سگهڙن سان ملايو، ۽ اسان بلوچستان ۾ (نصير آباد، اوسته محمد، ناڙي، سبي ۽ جهل مگسي طرف) هلندڙ دودي - چنيسر جي ڳالهه جي روايتن کي قلمبند ڪيو. محترم علي گوهر کهڙو لاڙڪاڻي ضلعي جي گشت ۾ اسان جو ساٿي ٿيو، جو اسان قنبر ۽ وارهه طرف هلندڙ ڳالهيون هٿ ڪيون.

ساماري تعلقي ۾ رئيس عبدالله خان ڪپري جو ڳوٺ ڪچهرين جو مرڪز بنيو، جتي رئيس عبدالله خان رات ڏينهن ڪچهرين جا منڊل مچائي ڇڏيا، ۽ ساماري، ڊگهڙي ۽ عمرڪوٽ طرف جا سگهڙ گڏ ڪيا جن کان دودي - چنيسر جي ڳالهه جون (ڀانن توڙي نوحاڻين واريون) روايتون هٿ ڪيون ويون. خليفي محمد هاشم لغاري جي مهرباني سان خليفن جي ڳوٺ (تعلعو ٽنڊو ڀاگو) ۾ ڪچهريون ٿيون، جن ۾ مرحوم حاجي يوسف ڀان جي پوين کان سامي شاعر جي ڳاهن واري آڳاٽي ڳالهه ملي. پنهنجي فرزند نورچشم علي محمد خان جي مهرباني سان ڪنڊياري - گنبٽ تعلقن طرف هلندڙ  ’مٽلي لوچي‘  واري ڳالهه سگهڙ ميان غلام حسين ڪلهوڙي جي زباني قلمند ڪئي وئي. محترم محمد عاقل هڱوري کپري تعلقي مان رکيل راڄڙ جي زباني هيءَ ڳالهه لکائي موڪلي، ۽ محترم عبدالخالق سومري حيدرآباد تعلقي مان رمضان جوکيي جي زباني ڳالهه قلمبند ڪرائي موڪلي. انهن سڄڻن کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي مهربانن مددون ڪيون، جن سڀني جا نالا کڻجن ته هڪ وڏي فهرست تيار ٿي ويندي.

مٿين علم دوست سڄڻن مهرباني کان سواءِ اسان جي پنهنجن ساٿين مان محترم محمد اسماعيل شيخ، محترم ممتاز مرزا، مرحوم ٻيڙو فقير ڪنڀار ۽ شيخ محمد فاضل قائمي ڪنهن نه ڪنهن ڪچهريءَ ۾ گڏ رهيا، ۽ نه فقط ڳالهين لکڻ ۽ لکائڻ ۾ مدد ڪيائون پر پنهنجي قرب ۽ محبت سان هن ڪوشش ۽ ڪشالي کي منهنجي لاءِ آسان بنايائون. استاد محمد اسماعيل شيخ ۽ ممتاز مرزا لوڪ ادب آفيس ۾ ڏنل هدايتن موجب مواد اُتارڻ، پريس ڪاپي تيار ڪرڻ ۽ پروفن پڙهڻ ۾ وڏي مدد ڪئي.

ڪوئيٽا                                                خادم العلم

16- جولاءِ 1977ع                                    نبي بخش

 

 

هالا ۽ حيدرآباد جي تر واري روايت

هن روايت هيٺ هالا ۽ حيدرآباد تعلقن ۾ هلندڙ ٽي ڳالهيون شامل ڪيون ويون آهن: (1) هاشم ڀنڀري (تعلقو هالا) جي ٻڌايل ڳالهه (2) بادل ڪوري (تعلقو حيدرآباد) جي کنيل ڳالهه ۽ (3) ڌڻي بخش ۽ ڇـُـٽي ميربحرن (تعلقو حيدرآباد) جي کنيل ڳالهه. اهي ٽيئي ڳالهيون اڻپوريون آهن، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به راوي کي ڳالهه سربستي ياد نه هئي. پر جيئن ته بيتن جي سٽاء  توڙي راوين جي لحاظ کان اهي ڳالهيون آڳاٽيون معلوم ٿين ٿيون، تنهنڪري مواد جي اهميت کي محسوس ڪندي، راوين جي زباني ڳالهه جا اهي سڀئي ٽاڻا ۽ اهڃاڻ، توڙي بيت قلمبند ڪيا ويا جيڪي کين ياد هئا. پهرين ڳالهه ۾ بيت گهڻا آهن، جڏهن ته باقي ڳالهين ۾ نثر جو حصو زياده آهي. اهي ٽيئي ڳالهيون هتي شامل ڪيون ويون آهن.

 

1- هاشم ڀنڀري (تعلقو هالا) جي ٻڌايل ڳالهه

Text Box:  

 

[هاشم ڀنڀرو ويٺل ڳوٺ معروف ڀنڀرو تعلقو هالا، جنهن کان اسان هيءَ ڳالهه ڳوٺ پانڌي هڱوري ۾ تاريخ 17- جنوري 1959ع تي ۽ وري پوءِ حيدرآباد ۾ قلمبند ڪئي. هي ڳالهه وچ ۾ ڪٿي ڪٿي کٽل آهي. هاشم چيو ته: “ هيءَ ڳالهه مون پنهنجي پيءُ جي سؤٽ الله رکيي کان سکي، جنهن مون کي نپايوءِ. الهه رکيو پٽ حاجي دادن، هيءَ ڳالهه دلي ۽ ٿالهي تي کڻندو هو. ٿالهي گوڏن ۾ جهلي وڄائيندو هو ۽ انصاف بلڪل ڪونه وٺندو هو. جوش ۽ جذبي سان ڳالهه کڻندو هو، ڳالهه ڪندي ڪندي اٿي ويندو هو. پنجهتر ورهين جي ڄمار ۾ سنه 1925ع ڌاري گذاري ويو. سندس استاد کاجينو (خواجي ڏنو) جوڻيجو، ويٺل مراد شاهه جي وسينءَ جو هو. ن - ب[

 

’لال قلندر‘  لاڏڪا، تنهنجو قبو آهي ڪرارو
 ’ڀـِـين سـِـين ڄام‘  ڀـِـٽن ۾، تنهن جو ڏينهن ڀانڊارو
وڄي ٿو روءِ زمين تي تنهن جو طبل تنوارو
غوث بهاءُ الحق، جنهن جو عرش ڪرش نعرو
پير اسان جو بادشاهه، قريشي ڪرارو
ڏوجهو لال لـَـڪـِـي ۾ منهنجو  ’صدر‘  سوڀارو
هالن ۾ مخدوم ڀلو سرور سوڀارو
چار ئي يار رسول جا، مڙني محمد موچارو
خاصو يار نبيءَ جو اويس موچارو.

 

---

ڪار ويري ڪوٽ جو، آ مڇي ويري ڄار
مڙس ويرياڻي ننڊڙي، زال ويري سينگار
چڪر گهوڙو در تي، کـُـهه آراڙو ٻار
زال ڪراڙي گهر ۾ آهي آسـُـن جو آزار
ڇنل جـُـتي پير ۾ ڄڻ ڀڳيءَ ڊونڊيءَ بار
انڌو سڪي ٿو نور لاءِ، منڊن مائڻ سڄار
پير سڪي ٿي ڦل لاءِ، ڦر لاءِ سڪي ٿي ڄار
ڪنوار سڪي ٿي ڪانڌ لاءِ، جنهن جي سرهي سيج وڇاءِ
سڪي سـِـپ سمنڊ جي، تون موليٰ مينهن وساءِ.

 

---

پنڌ پانڌيڙو نه مري، ويندو سـَـهـِـي ملتان (1)
سانوڻ سـُـئا نه مري، مري نه هاري ڏاند
ڪـَـلهن ماءُ نا مري، شل پوي ڪونه ڏڪار
ڳوٺ وڏيرو نه مري، جنهن ڀر راڄ رهن.

 

---

اول نام الله جو وٺ، ٻانهان ٻيءَ نه لڳ
لڳ ڀلي جي آسري، جيڏانهن دين سندو ٿـِـي دڳ
وٺ ڪنجڪ ڪريم جي وڃي لڙهه تنهن جي لڳ.
خاوند هن خلق تي ڏس صاحب جوڙيو سج
ري ٿنڀين ري ٿوڻئين، رب عرش اڏايو اُڀ
تارا ڏيوَن تجلا، چو ڏس خلقيئين چنڊ
مير مديني مصطفيٰ آهي پانڌِن اوڏانه پنڌ
پانڌِن جون پوريون ڪري حاجينِ بخشي حج
آهي ڪلمو جنهن جي قلوب ۾، ڇـُـٽو عالـَـم سارو جڳ.

 

دودي ۽ چنيسر جي ڏاڏي ڀونگر راءِ جي وفات تي پڳ جو فيصلو:

سـُـتي ڀونگر راوَ کي اچي ٻا ٽي ڏينهن لنگهئا
ٻڌا مڙسن مامرا، آڻي پاڳ مٿاء
چنيسر پٽ لوهارِ جو آهي سڀڪنهن کي ته سماءُ
دودو سڄو ئي سون جو، جنهن کي ريهه رُپي ناهه
پڳ ڏيوَن دودل راوَ کي، جنهن سر جوڙ سهاءِ.

 

چنيسر شڪار تي ويل هو، تنهن ڏانهن دودي اطلاع جو خط لکيو:

لکيو ٻـُـجهي ٿو لاڏڪو، ڀـَـڙ پروانا ڀاء:
خلقيا آهيون خدا جا ۽ اُمتي مصطفيٰ
مريد آهيون محي الدين جا ڪندو هادي هيڪاندا
ڏي اچي پيڙهي، هي پاڳڙي، هي تخت پرين تو لاءِ.

 

چنيسر خط پڙهي روانو ٿيو ۽ جڏهن آيو ته چيائونس ته امير امراءُ انتظار ۾ ويٺا آهن ۽ اچي پڳ ٻڌ. ويٺو ۽ پڳ مٿي ۾ رکي وري لاٿائين ۽ چيائين ته ترسو ته ادل امان کان پڇي اچان. جيئن پڇڻ ويو ته پويان سڀ امير امراء ڦري ويا ۽ دودي کي پڳ ٻڌايائون. جڏهن گهران ٿي چنيسر ڪچهري ۾ آيو ته امير امراء سندس استقبال لاءِ ئي ڪين اٿيا. دودو اٿي کيس مليو ۽ چيائينس ته مون تو کي پڳ ڏني، پر تون گهران پڇڻ وئين ۽ راڄن نه مڃي. هاڻي رضا تي راضي ره. تڏهن چنيسر ٽپ ڏيئي ڪاوڙ مان گهوڙي تي سوار ٿيو ۽ ماڻهن گهوڙي کي جهلڻ جي ڪئي پر گهوڙو ڪٿي ٿو جهلجي! چيائونس ته تون ڪچهري ۾ مٿاهين ڪرسي تي ويهه پر چنيسر ڪونه ويٺو.

مير مهاڙيءَ وچ مان آهي چڙهيو چنيسر راءُ
اُمراءُ اُٿيو ڪونڪو، اُٿيو دودو راءُ
تڏهن لڙڪن ٿا ته لغام ۾، تن قابو ڪيا ته ڪڙا
ڪي ته تـَـڻي
(1) پيا تـَـلَ ڏي، دُمچيءَ ڏي داناءُ
چون چنيسر راءُ کي ٽڻ اُچـِـيءَ جاءِ.

 

چنيسر کان ماءُ پڇيو، تڏهن چيائين:

رضا وڙهيم رحمان جي، ڪو جو امر ڏانهن الله
نڪي مون کي دودي لوڌيو، مون کي لوڌيو پاڻ خدا
چاڙهي دودي سومري، ڪيس پلنگ مٿي بادشاهه
وڌيم پاڳ مٿي ۾، مٿان چونريءَ ڏاڍو چاههُ
ابليس هوس اُٿلائيو، ڪيس تالان تخت مٿاء
اگهيو اٿم غور غريب جو، يا ڪنهن سان ڪيم ايذاءُ
مائي! جڏنهن آيم چـَـسَ سراڻ جي تڏنهن ڪـَـئين ٿيان بادشاهه؟
هاڻي! اڳي وڃان ته ٻڏي مران، پـُـئان، ٿي ساڙي باهه
اڳيان آهن دور درياءَ جا، پـُـئان ٿو ٻري آڙاهه
ضايع ٿيان ته زمين ۾، مون کي ڌرتي ڏي جي جاءِ!

 

اهو ٻڌي ماءُ چوڻ لڳي ته:

جوڙ ٻـُـڌو اوهين جيڏيون، مون هي پـُـٽ پڙهايو آهه
هندي، سنڌي، فارسي، جنهن کي علم توريتي آهه
پشتو سيکاريومانس پٺاڻن جو، جنهن کي عربي ٻولي آهه
قابل ڪيومانس قرآن جو، اچيس قبر نه ايذاءُ.

 

وري طعنو ڏنائينس ته:

ديگيون ۽ ته دماما، پـُـٽ ڀالا ڀڃيو ٻار
ڊڊو ڊاکرو وڪڻي، کڻي ڌڻ رڍن جو ڌار
تنهنجيون رڇون چـَـرن ريل ۾، پيو گهڏيون گهيٽا چار
ماءِ مـَـٽـِـيندي مانهـِـيـَـڙو، پيو ڍليو ڍيري ڍار
پـِـيـَـڙا پيٽ به پـَـرندا انهيءَ دودل جي درٻار.

 

اتي وري چنيسر جي زال، پنهنجي سس کي چيو ته:

چاچي! منهنجو ڪانڌڙو سـُـڪو چٻي ٿو اَن
مايا ويئي ملوڪ کان، جنهن کان دودو ڌتاري ويو ڌن
اسين راجا هوندي رنون ٿيون، اسان جو پرور رکندو پن
پاڳ وڃايئين پيءُ ڏاڏي جي، جنهن کي پيو ڪونه شرم
ڪنهين ڏينهن ماربو مريم هٿان، لڳي ڏوئيءَ ڳن.

 

ماءُ چنيسر کي سمجهائڻ لڳي ته: جتي سما سومرا راڄ اچي مڙندا، اتي ڪنڌ ڪيئن کڻي سگهندين!

باغين جڙيئي بنگلا، پـُـٽ! اُچي اڏاوت جن
ٿنڀ ڪامون ته چندن جا، جنهن کي مشڪ ليپ لڳن
عطر چـُـوئو هنڌ تي جنهن کي مٿان ٿا گلم پون
کٽون تو چنيسر راءِ لاءِ آڻيو هنڌ فراش وجهن
سما ته تو وٽ سومرا ڀلي اچيو ڪؤنر ڪچهريون ڪن
اتي ڪنڌ مٿاهون ڪيئن کڻندين آڏو امرائن!

 

وري چنيسر جي زال، پنهنجي سس کي چيو ته:

چاچي! منهنجو ڪانڌڙو، آهي کائڻ لاءِ کرو
ان مان ڍاپي ڪينڪي آهي گجرن جو ڏرو
ڪنهن ڏينهن گهائبو گهر ويٺئي، ڪـِـري ڪام ورو.

 

چنيسر جي زال جو نالو  ’مريم‘  هو، سا مڙس لاءِ ماني کڻي آئي:

مريم ماني آندي، آندَئين طعنا ٻوڙ پلاءُ
وَرَ تان منهنجا ولها، ماني ويهي کاءُ
اڄ پڄاڻا سنڌ ۾ توکي جيئڻ ڪونه جڳاءِ
رسو ڪجئين هٿ ۾، وڃي مون وَرَ ڦاهو کاءُ
نار چوي ٿي تنهن وَرَ کي، آءٌ ڀيڻ چنيسر ڀاءُ.

 

اهي طعنا مهڻا ٻڌي چنيسر ماني ڪانه کاڌي، ۽ ڪاوڙ مان ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ چيائين:

نار ناهين نر جي، توکي مريم ڀانيان ماءُ
رت ٿو رڪيبيون ڀانئيان، تنهنجي ڍاڪـُـن ۾ وِهة آهه
طعنن تنهنجن کان ڀڙ ڀالي ٽنگيان ڀاءُ
ڪنهن ڏينهن وڳهه ڳڙهه ۾ آءٌ ٻرڻ نه ڏيندس باهه.

 

ائين چئي چنيسر وڃڻ لڳو، پر وڃڻ کان اڳ پنهنجي ننڍڙي پـُـٽ ننگر کي ڊوڙي وڃي کنيائين:

ننگر ٻاروتڻ ۾ جيڪو لڏي هندوري ڏانهن
چـُـمي کنيائين چـُـوڙ تي، بيٺو روئي رت مـُـهان
نديون نـِـير پـَـلٽيون اچي اُلٽيون اکين ڏانهن
گـَـهـَـرو نـِـير نياڻ هو، جيڪو اُڌمان ڏي آڙاهه
پـُـٽ! پرتين رب کي، تنهنجو الله واهي آهه
ڪريئين پارت پير کي، ٿيندءِ حامي حضرت شاهه
وري ته وڳهه ڪوٽ ۾ آءٌ ايندس تنهنجي سر لاءِ.

 

وڃڻ تي هو ته  ’پٽل راڻي‘  اچي روڪڻ لڳيس:

اچي بيٺيس اوڏڙي  ’پـَـٽـُـلَ‘  سا در جهل:
اسين ٿا توکي جهليون، تون جهليو ڏئين نه جهل!
متان اهڙي ڳالهه سڻي ڪري دودو بـُـهه ڀرايئه کل.

 

وري ڀيڻ ٻاگهي اچي اڳيان در وٽ پهتس:

اچي بيٺس اوڏڙي، ٻاگهي ڏيڍيءَ در
سـِـپر سيني ۾ ڏيئي قابو ڪيائينس ڪـَـرَ
چئي: سـِـگهو نه تپ سپرين، تون ڇـِـرجي پاڻيءَ جان
راءَ نه رنن سان رُسن، اها عمر نه گذري آهه
ٻارنهن شهر ٻنگال جا کڻ، ويٺو هتي ئي کاءُ
نـَـون لکن جي سنڌڙي هٿ سان ويٺو هلاءِ
پاڻهين ايندو تو مٿي هلي دانـَـهه دودو راءُ.

 

پر چنيسر ڪنهن جي ڪانه ٻڌي، ۽ گهوڙو سنجي هليو ويو. تڏهن راڻيءَ، دودي ڏانهن ماڻهو موڪليو ته چنيسر ڪاوڙيو پيو وڃي، اچي پرچائينس.

راڻي ٻانهيءَ کي چيو، چيو دائيءَ کي داناء:
ته وڃ ڪچهري وچ ۾، ڏي دودل کي ته سماءُ
ته نڪو ڀـُـونگر  ’ماروڙيءَ‘ مان اُٿي ڄڻي ڏيندءِ ڀاءُ
ڀاءُ ورائج پانهنجو، اٿئي آيل جو به وياءُ.

 

راڄ وارن ڏٺو ته متان دودو، چنيسر کي پرچائي وٺي اچي ۽ راڄ ڀاڳ سندس حوالي ڪري، سو صلاح ڪري دودي کي شراب ۽ خراب پياري نشي ۾ الهوٽ ڪري ڇڏيائون. چنيسر جي ڪاوڙجي وڃڻ جو اطلاع دودي تائين پهتو ئي ڪونه.

شيشا ڀريئون ته شراب جا، جنهن ۾ گاڏڙ خراب آهه
وٽـِـي ته ڪلال هٿ ۾، پيءُ دودا داناءَ!
موزا ڏنئونس پير ۾ جيڪي لهن لک سوا
جامان ڏنوئنس جانِ تي، ڪل زمرد جي ته جڙاءُ
چاڙهي دودي سومري کي ڪيئون پلنگ مٿي بادشاهه
وڌئونس پاڳ مٿي ۾، مٿان چونريءَ ڏاڍو چاهه
ٻارهن ڀيريون لڳيون، تڏهن ڪيو ٿي ڀير ٺڪاءُ
کائي خراب ڦٽو ڪيو، وڃي ڪيو اٿس ڌڙ ڌڪاءُ
تڏهن آهي نشو نر جو، جڏهن پيو گدڙن ۾ غوغاءُ.

 

صبح جو دودي جو نشو لٿو، ڀاءُ چنيسر جي ڪاوڙجي وڃڻ جي سڌ پيس، تڏهن هاءِ هاءِ ڪري چوڻ لڳو:

چـَـنا! ڪا چوڙي پـَـوَءِ، هنڌ نه جهليندو جاءِ
 ’راڄڙ‘  رڙي شل روهه ۾ تنهنجا روهيا ٻار ٻچا
باهوڙي شل پرزا ٿيئي، وڳهه ڪوٽ وچان
پاڳ ڦاڙي پرزا ڪريان هن پلنگ ڏيوان باهه
هڏي تي هوڏ هڻي منهنجو جانب ڪـَـيـَـوَ جدا
خاوند کڻندو ڪينڪي، ڪڍ صاحب ڄام ستار.

 ---

پر هڪڙو ورق ڪتاب ۾، اڄ مون ڏٺو آهه
ته جهڙو جهيڙو حسن حسين سين، تهڙو اسان سان آهه.

 ---

آهي ڪو ته اُٿي وڃي منهنجو ادو ورائي
تن جوانن جاگيرون ڏيان سيريون سو کائي.

 

دودي، درٻار ۾ ويٺلن کي چيو ته: اوهان مان ڪو آهي جو منهنجي ڀاءُ کي ورائي اچي! تڏهن ست سومرا پهلوان هئا، سي چنيسر کي وٺي اچڻ لاءِ سنڀريا.

ڀائر ست هئا سومرا، اُٿي پهريا پهلوان
تازي طنبيلئون ڇـُـڙيا، ڪـُـڏائينِ ڪيڪان
پڇيائين درٻان، ته هتان ڪو چنيسر لنگهيو؟

 

چنيسر جو ڏس پڇائي، گهوڙا ڊوڙائي اچي چنيسر کي رسيا، چيائونس ته جي خوشي سان نه هلندي ته زوري به وٺي هلنداسين.

آندو اٿئون  نام الله جو، ٻيو پاند ڳچيءَ پائي
ميڙ آندو اٿئون مصطفيٰ، سو شل تو محمد موٽائي
جئن تئن توکي سومرا! هلون وڳهين ورائي.

 

تڏهن چنيسر چين ته: هونئن آءٌ پاڻهي موٽي هلان ها، پر جي هاڻي  ’جيئن تيئن‘  جو چيو اٿوَ، ته هجيوَ همت ته لهي اچو، ۽ مون کي زوري وٺي هلو!

ساري حضرت شاهه کي اچي گهوٽ لٿو گهوڙي
سونهري سروپاءَ جا ڇڏيائين زرهه ڳلا ڇوڙي
هٿيار ڌريا سومري سڀئي ڀـِـرڻي منجهه جوڙي.

 

---

آيو مڳ ميدان ۾ بيٺو سورهيه سڏ ڪري
هو به ست ڀائر سومرا آيا سـَـتئي صف ڪري.

 

---

چـَـنين چـُـرن ڪينڪي، لڳن خوف چنيسر کان
سـَـتئي سٿيا هئا سومري، جئن هاري سٿين گاهه.

 

---

پوءِ سڏي چيائين دربان کي، ادا! تون اوري آءُ
مون مـَـٽ دودو سومرو، جو وڳهه ۾ ويٺو آهه
پاڻ ڌڻي پيدا ڪيو ٻيو خلقيو ڪونه خدا
آن ته امڙي ڄايا ڦريا آڏو اسان کان
اچي ڀاءُ ورائي ڀاءُ کي، هت ٻئي جي ناهي جاءِ.

 

دودي کي چنيسر جي خبر پئي، سو اُٿيو ۽ چنيسر کي وڃي پهتو.

ڪؤنر ڪچهري مان اٿيو، ديو ڏيئي ڌڌڪو
جهليو چنيسر ڪينڪي تنهن دودل جو دڙڪو
وير اُتي ويهي رهيو، ڏانئي سو گهوڙو.

 

دودي چيس ته:

آندو اٿئون نام الله جو، ٻيو پاند ڳچيءَ پائي
مير آندو اٿئون مصطفيٰ، ڇڏ نه محمد موٽائي
جيڪو ميڙ مڃي ڀائرن جي تنهن سان راضي رب آهي.

 

دودي خيال ڪيو ته ڌيءُ جو سڱ ڏيانس ته من ننگ پويس. سو قاضي کي گهرائي پنهنجي ڌيءُ سونل جو نڪاح چنيسر جي پٽ ننگر سان پڙهايائين.

دودي چيو ته دربان کي، وڃي قاضي ڪوٺي آءُ
 ’ننگر‘  جو تنهن  ’سونن‘ سان اچي نر پڙهي نڪاح
ننگر نياڻو منهنجو آ سونڻ نـُـنهن سندياءِ
ويندين عالادين ڏي ته بادشاهه اسان کي ڪندو ڇا؟

 

چنيسر سمجهيو ته دودي شايد عالادين کان ڊڄي سڱ ڏنو آهي، تڏهن چيائينس ته:

ڀلي عالادين ڄائين، تنهنجي نـِـچ ويائي ماءُ
ڊاءِ تنهن سلطان جي مون کي آڇيهءَ وير وِهانءُ
دڙڪو ڏنو مـَـئين دودا! ته سڪي ويو ٿـِـي ساهه
پاڳ رکندين پيرن تي ۽ لونگي ڳچيءَ لاهه.

 

اتي دودي کي به ڪاوڙ اچي وئي، تنهن چنيسر کي چيو:

ٽري وڃ پٽ لـُـهارِ جا، آڏو اکين کان
ڏيانءِ نه لت اُرهه تي، پـَـٽيو سسيءَ ساهه
ست زهون تنهنجي سـِـيڱ ۾ جيڪي ڪاهين سو پيو ڪاهه
مـَـلهون آءٌ کوڙيان منهنجا ڳوڌا وهندا ڳاهه
مردن کي ميدو ڏياريان، گهوڙن داڻو گاهه
پيءُ چاڙهي آءُ  پانهنجو، عالادين بادشاهه.

 

چنيسر کي انهي طعني هيڪاري ڪاوڙائي ڇڏيو.

راڄ مهاڳو ڇڏيو منهنجو ويري ٿيو آڙاهه
اُمراء ويٺين ڪونڪو، نڪي پاڻ ٽڪيو بادشاهه
سڄڻ انهيءَ سور ۾ ٿو مران جو هـُـيم لهاري ماءُ.

 

دودي خيال ڪيو ته چنيسر محلات ۾ هلي، من راڻين جي منٿ تي ڪاوڙ ڇڏي، سو محلات ۾ چوائي موڪليائين ته:

دودي چيو دربان کي، وڃ هوت حويلي ڏانهن
تون وڃ ڏيڍيءَ در تي وڃي اندر ڄاڻ ڪـَـجانءِ
ته لـُـڏن هندورن ۾، جيڪي ويهن کٽ مٿان
پير پياديون پنڌ ۾ جن کي جـُـتي نه پيرين آ.

 

---

بي محروم پري ٿيا، جڏهن آيو چؤرنگ ڏانهن
ٻاگهيءَ ورتس ٻانهن مان، ڪيس  ’پـَـٽـُـل‘  وس وڏا
 ’سونڻ‘  نينگري ننڍڙي پئي سان پيرن ڏانهن
پر پـِـٽـِـيلَ پرتو ڪينڪي ۽ ماڳهين موٽي نا.

 

دودو، چنيسر کي سمجهائڻ لڳو ته جيڪي چئين سو ڏيانءِ، هتي ئي ويٺو بادشاهي ڪر.

گونگا، ٻاتا، گرفتي، توڙي چريا هجن چاءَ
انڌا، ڪاڻا، منڊا، توڙي سڳا هئن ڀاءَ
ڪنهن ڇڏيا آهن ڪينڪي اَبي امان ڄايا
ڪارڻ پنهنجي قوت لاءِ مون کي سڏيوَ دودو راءُ
کاڻـُـون ٿو ڏيان خزانن جون، تن ڏيان ٿو مال متاع
هو ڏؤنري پـُـسيءَ ڏُٿ ۾ مون سان ڀاڱي ڀائي ڀاءُ
ماري شينهن مـُـڪن سان منهنجو ادل اهڙو آهه
سو ٿو دل تان دوست نه وسري ڀڙ موڀي ڀاءُ.

 

---

پنج سؤ لشڪر تو ساڻ گهوٽ هلن گهوڙن
بورون شهزورون ڏيان، هئن مشڪيون ته منجهن
سنجافون سرخيون ڏيان، توسان ڪميتـُـون ته ڪـُـڏن
سوني رنگ سمنديون ڏيان جن تي سونا ساج پون
ڊابو ڊڊا ڏيان ڊاکري، توسان گاهيا گاهه به ڪن
مـَـهري پٽ ميدان ۾ توسان ڍاٽي ڍول ڍرن.

 

---

سارنگي سـُـر منڊل ڏيان توسان ڪڃرين جا طائفا
ڍوليا هلي ڍرندي مٿانءِ چؤنري رکيو چاهه
ڪاڻ ڪڍجانءِ ڪانڪا، نڪي راجا تون رُلجان
هٿيار ڌرجانءِ ڪونڪو، نڪو ڪج سلامان
توسين بادشاهه نه چڙهي، ته مون وٽ تون اچجان

 

---

چڙهون ته شوق شڪار تي، ٻئي ساري حضرت شاهه
پورجن در قندار جا، اچن دِليءَ دروازا
هلي ڪندس پـِـيل پٺاڻن تي، تکو رکندس تاءُ
ويٺا اُٿندس ڪينڪي، سـُـتا ڏيندس ساهه
پيڙيون پٺاڻن کي، ڏيو لـَـتـُـون ڪڍندس ساهه
لڪڻ لاهي وجهان هلي عالادين بادشاهه
پوءِ پڳ ٻڌائي توکي هلي ڪريان دليءَ جو بادشاهه.

 

پر چنيسر دودي جي هڪ به ڳالهه نه مڃي، ۽ گهوڙو سنجي دليءَ ڏانهن روانو ٿيو.

پهرين آيو تڙ تلور تي، آيو ڏوجهي ڪانه توان
جهالو راڻي راڄ ۾ جنهن کي چون چنيسر راءُ
پنجينءَ آيو هالار ۾، جتي ابڙو هو بادشاهه.

 

ٻيلي ۾ هڪڙو شينهن ساماڻو هو، جنهن جي ڊپ کان ملڪ سڃو ٿي ويو هو، چنيسر اتي رات اچي ٽڪيو. کانئس خبرون پڇيائون.

آين پڇجي اڳ ۾، ويٺل پڇجي پوءِ
تون ڪنهن ملڪ جو بادشاهه، پهرين خبرون ٻڌاءِ.

 

---

چئي: وڳهه ملڪ اسان جو، وڳهه مـُـلڪ مڪان
دودي چنيسر ڄام جو آهيان تان حجام
پـِـسر پٽ دودي کي گيلانيءَ ڏنو غلام
مبارڪ ڏيندس بادشاهه کي، وڃي دليءَ کائيندس طعام.

 

تڏهن اتي جي رهاڪن ٻڌايس ته:

ڪچو ته ڇڏي پڪي ويا، ڇڏي ويا ديس دَنوار
هاري وٺندا هئا هـَـرَ کي، جـِـتي پـَـنبڻ پچندا هئا تار
رڍون هيون راڄن جون، جتي اُٺيون اڪيچار
ٻهون جتي هيون ٻڪريون ٻيون، ڳئون مٿي اپار
کوڙيون هيون کڙڪن جون، ٻيو مينهن جا هزار
ڪيهر ٿو ڪـُـڏي گهڻو، تنهن ڏيهن مٿي ڏهڪار.

 

تڏهن چنيسر چيو ته:

ڪيهر اوهين ڇا کي چئو، ڪيهر ڪيڏو آءُ؟
چئي: ڪيهر ڪرارو قد جو، ڪيهر موچارو آهه
سنئون وڃي ٿو سير ۾، جيڪو دُرست وهي درياهه
مـُـڪ هڻي ٿو اُٺ کي، آهي اُٺ اهائي جاءِ
ماريائين  ’ابڙي‘  جا هـِـت ڪـُـتن سؤ سوا
جيڪي ماڻهو هئا وڻين چڙهيا، سي ڪـِـنا ٿيا ڪوڙهيا
ڀـِـتي ابڙي جي ڪانڪا، تڏهن وري سڀ ويا.

 

رات ٿي ته چنيسر هڪڙي مينهن کي ڏهڻ ويٺو:

ڪاري ڪـُـنڍي هئي ڪـُـرلي، جنهن ويٺو هٿ ڦيري
چنبو وڌائينس چـُـوڙ ۾، سا چـُـوڙيون نا چوري
چارئي بازون چـُـور ٿيون، آئي ٿڻ سان سڱوئي
ڏهيو ڄاڻان ٿو ڪينڪي متان وجهان ٿڻ ڦـَـٽي
منهنجو ڪٽورو اٿئي ڪٽوردان ۾ ڏُهي مون کي ڏي.

 

ميهار کير ڏهڻ ويٺو ته شينهن گاج ڪئي، جنهن تي مينهن کير کڻي وئي. تڏهن چنيسر شينهن کي مارڻ جو ارادو ڪري جهنگ ڏانهن وڃڻ لڳو:

هڻي هٿ پٺيءَ تي ڪيو چنيسر ڳالهاءُ
ته ٿڃ ملهائيندس تنهنجي، اٿم سسيءَ ۾ ساهه
جان اڄ ماريان شينهن کي، جان صدقو توتان ساهه
ٻـَـهون اِنهن ٻيلن ۾ چـَـر تون گـُـجر سهڻو گاهه.

 

تڏهن ميهار چيس ته:

ڪدو ڪـُـلها آهن تنهنجا، متان لهي وڃئي واءُ
ڏي کڻي باهه بندوق کي ته لاري ڪريس ٺڪاءُ
کـَـنون هڻينس يا علي جو، جيڪو ڀالو ڪري ڀرڪا
نيزو هڻينس نبي جو، جيڪو سونهري سروپا
ته پرزو پيدا نه ٿئي، جـُـنگ انهيءَ جاءِ.

 

چنيسر ٻيلي ۾ ويو ۽ شينهن کي ستل ڏٺائين. چيائين ته ستل دشمن تي وار ڪرڻ مڙس جو ڪم ناهي، سو هڪل ڪيائينس هڪل تي شينهن اٿيو ۽ چنيسر سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو:

ڪارا ڪانهه ڪـَـنڌين تي، تون ساوا ڪين سـُـڪاءِ
ويري اڱڻ آئيو، هاڻي تنهنجو وارو آهه.

 

---

هـُـو به بيٺو هو سامهون، بيٺي ڪيهر موڙيا ڪـَـرَ
اُمالڪ لهي پيو ڇڏي سمانڌ جي پچر
جس چنيسر سومري، جنهن ڍول ڏني اٿس ڍَر

 

---

ڌڪ هنيائين امير کي، لڳو آهي لوهه مٿان سو
هڪڙو وارو ورتائين وري ٻئي واري وريو
آڏو انهيءَ شينهن سان ڪيو چنيسر ڳالهاءُ:
ته ٻه رانديون مردن جون، هاڻي وارو منهنجو آه
نامئي نظر به نه آيو کڻي شينهن به اڳيان
ساري حضرت شاهه کي کڻي ديهه هنيس دَستا
مـُـڪ سان ميڄالو ڦسي پيو، ڪيائينس ڌڙ کان ڌار.

 

چنيسر شينهن کي ماري اڳتي روانو ٿيو:

اٺيون عالادين جون، اڳيان وڳ ٿو ويڙهه چري
اوٺي رسيو ته اُٺن ۾ بيٺو اُڀو سڏ ڪري:
ڀڄين ته ڀيڻي لهين، نه تو واٽهڙو به مري.

 

---

’ڪاڇي‘  اچي ٿو ڪڏندو، جنهن کي لـِـيڙون الله به ڏي
لڪڻ لوهيڙي جو هٿ ۾ ويٺو اَرڏو آزمائي
ڪاڇي سو به ڪري پيو، وڌِي اوٺي ٿو ڊوڙي.

 

چنيسر اُٺ ماريو، تڏهن اوٺي پڇيس ته:

ڪير آهيو، ڪاڏي وڃو، آهيو ڪير جوان؟
رهو ڪهڙي راڄ ۾، اوهان جو ڪهڙو ملڪ مڪان؟
چئي: دکن ديس اسان جو، ملڪ چون ڪـُـستان
رهان دليءَ جي راڄ ۾، منهنجو نالو سليمان.

 

چنيسر چيو ته: دودي جو دايو آهيان، مون تي دودي ڪم رکيو هو ته انهيءَ واٽ جيڪي ماڻهن جون تڪليفون آهن، سي لاهيو اچجئين. هاڻي دليءَ جو ڏس ڏي ته ڪهڙي واٽ کان وڃان! اوٺي چيس ته: هڪڙي واٽ ڦيري واري ناهي، پر انهيءَ تي آدمخور وڙهي ٿو. چنيسر اها واٽ کڻي ورتي.

اڳ نه هوءِ چتائڻو مون ڏيڻو پوءِ نه پرو
دايو آهيان دودل يار جو، مون اٿئي زور ذرو
ورندڙ انهيءَ واٽ کان اچج لاهيو خوف کرو.

 

---

رڻ جو ورتائين رستو، کڻي رَند ورتائين راهه
اوڏانهين اٿي هليو جيڏانهين آدمخور به آهه
اک پيس آدمخور تي جڏهن ڏٺائين ڏورانهه
ويو ايمان امير کان، جنهن بخت نه ڀيڙو آهه
مصرين جا پاڻي پيتانءِ، نيرن سندس داڻو گاهه
هلي روانا ٿيا انهيءَ راهه تي جتي عالادين جو همراهه.

 

---

چيائين ته محمد ڪيائين منهن ۾، ڪيائين پيغمبر پيدا
يا علي آهي نياڻو جنهن جو ۽ حسن حسين ڏهٽا
چارئي يار رسول جا آهن عالم منجهه ڀلا
پنجن تنن جهڙو ٻيو خلقيو ڪين خدا
اُمتي آهين انهن جو، تن جي ساڃهه سڀ رکجانءِ.

 

تڏهن آدمخور ديو چيس ته:

هڪ جـُـٺ ڪيئي پاڻ سان، جڏهن لٿين تخت مٿان
ٻي جـُـٺ ٿيئي جڏهن ميڙيون ڪـَـيَءِ ٿي ڀاءُ
ٽـِـي جٺ ڪـَـيَءِ پاڻ سان، مـَـٽيين آدمخور مٿان
هيءُ آدم جو پٽ آدمي، ڏيو لت ڪڍانس ٿو ساهه.

 

---

روز ته رزاق هٿ ۾ ڏئي ٿو خلق کي به خدا
اَٺ ڏينهن لنگهي ويا منهنجو اِهين ٻري آڙاهه
ماڻهوءَ سندي ماس لئي منهنجي مڙهي سـِـڪي ٿي ماءُ
جئرو ڇڏيندس ڪينڪي ۽ نيندس به آيل جي آڳيان.

 

---

کنئي اٿئي ڪاري لٺ ڪـُـلهي تي، جنهن کي ڪنڌ ۾ به وَرُ آهه
سـُـهڻا پـَـٽ آهن سڄڻا، تنهن جو نالو آهي ڇا؟
چئي: اها لاري للڪارون ڪري، تنهنجو ڀري ڪڍندي ساهه.
چيائين: اها ونگي اٿئي وَڍِن ۾ تنهن جو نالو ڇا؟
چئي: اهو کنون اٿئي يا علي جو، جيڪو ڀالو ڪري ڀلڪا:
چيائين: ڪاٺي کوڙي اٿئي ڀر ۾، تنهن جو نالو ڇا؟
چئي: اهو نيزو اٿئي نبيءَ جو، جيڪو ڀلو ڪري ڀڙڪا.

 

پوءِ آدمخور چيس ته:

هڻ مون کي تون سڄڻا، ڪر پنهنجا آزمودا
ڪامل لنگهندا نه ڪڏهن، تن جا مـُـنهن مڙي پوندا.

 

---

آيا مڳهه ميدان ۾، نڪري ٿيا نروار
وريون آهن ڪارايون ڪـَـڙِين جون، ڄڻ لوها ڪـِـلَ لڳا
پاسريون پرزا ٿيون، جنهن جي ڪنڊي ڪيو ٺڪاءُ
آدمخور به ڪڙڪيو، جنهن ڪـَـڙڪـِـي ڪيو ڳالهاءُ
ته ڊوهيا ماريئي ڊوهه سان، مون کي ڏنئي ڪونه سماءُ
جان آهين دودو سومرو، يا ڀڙ دودي جو ڀاءُ.

 

آدمخور کي ماري چنيسر وري اڳتي هليو:

ساري حضرت شاهه کي گهوٽ چڙهيو گهوڙي
سونهري سرو پاء جا ڪڍيو زرهه سڳا جوڙي
تازي ته وڏا ڍوَ ڪيا، مـَـتا ڪيهر ڪـُـلها موڙي
سرخي يار سنجاف کي ڇڏيانءِ ڇڻڪيء کي ڇوڙي.

 

---

ڪوٽَ ڏٺاءِ ڪـُـنگرا ڏٺائون دليءَ جا دروازا
ڌرمسراءِ هئي ڀر ۾، جتي روئڻ ٻـُـڌو هو راءَ
پـُـرجهيو پڇي ٻارن کان هتي روئڻ ڪهڙو آهه؟

 

ٻارن ٻڌايس ته راڪاس ايندو آهي، جنهن کي واري تي ماڻهو ملندو آهي. اڄ انهيءَ مائي جي پٽ جو وارو آهي، جيڪا روئي ٿي. تڏهن چنيسر پاڻي پيئڻ جي بهاني سان دروازو کڙڪايو ۽ مائي کان پاڻي گهريائين.

پرڏيهي ته پرڏيهه جو، جيڪو ماندو مسافر
جيجان ٿئين دين جي، آهي تو پـُـٽ منهنجو ڀاءُ
پاڻيءَ تي پرزا ٿيان، ڏيان پاڻيءَ تي پساهه
نامي نام ڌڻيءَ جي، مون کي پاڻيءَ جو ڏي پاءُ.

 

مائي جواب ڏنس ته:

پڪا ٿئي کوهه بادشاهه جا، جڙيل گهڻئي جاءِ
اڳيان اوطاقون امرائن جون، ٻيا مـَـٽَ مسيتين ڏانهه
خاشون ڪندا خذمتون، ڏيندءِ گهوڙي داڻو گاهه
مون ڪو پاڻي ڀريو، تو ماندي مسافر لاءِ!

 

تڏهن چنيسر چيس ته: مائي! منهنجو توسان قول آهي ته اڄ آءٌ تنهنجي پٽ جي پاران راڪاس وٽ ويندس. اهو ٻڌي مائي خوش ٿي چنيسر کي کڻي پاڻ وٽ رهايو ۽ خدمت ڪرڻ لڳيس. چنيسر کٽ تي ويٺو ته کٽ وڃي ڦهڪو ڪيو.

پـِـير ڏنئي وچ تي وڏو عالم جو سردار
مردن جي ڳالهه تي ڪجي ڏاڙهيءَ تي اعتبار
زال ته ڏيوي سـِـينڌڙي، آهي واڻئي مـُـڇ اقرار
وارو تنهنجي پٽ جو، آيل! ويندس آن.

 

---

پوءِ لڙڪي ٿي لغام ۾ قابو ڪيائين ته ڪـَـڙا
پاوَند پنجوڙيون وجهيو ڏي ٿي گهوڙي داڻو گاهه
کٽ چنيسر راءَ لاءِ اُوچو هنڌ وڇاءِ
چڙهيو چنيسر سومرو وڃي ڪيو ٿس ڌڙ ڌڪاءُ
بابا! اهو ڀڳو ته گهوريو، آءٌ ٻيو آڻيو ٿي ڏيانءِ
مائي! ٻيو به جهليندو ايترو، آءٌ اتي پيو آهيان.

 

---

پوءِ گهڻا لاٿائين ڳچيءَ مان، هلي ٿي موديءَ ڏانهن
مودي! مون کي ميدو ڏي، اڄ منهنجي گهر اُمراء لٿا
دَمي ته چاڙهيانءِ ديڳڙا، چاڙهيان ٻوڙ پلاءُ
ست رڇيون سوڙهيون ٿيون، جيڪي لائق چنيسر راءَ
بابا! ٻيا ته تو کي ٻيڻا ڏيان هي نـِـلا نيرڻ لاءِ.

 

چنيسر، مائي جا طعام کائي سمهي رهيو ۽ کونگهرا هڻڻ لڳو. مائي خيال ڪيو ته متان مون سان دغا نه ڪري، سو چيائينس ته:

نازڪ ستو آهين ننڊ ۾، منهنجو طعام کائي تڪرار
پـِـرين ته هـِـلي پارجان، جيڪي ٿينئـِـي سخن سچار.

 

---

ڪوڙا! ڪوڙي ڏيهه جا، آهن ڪوڙا ڪم سنداءِ
پنجاهه کاڌءِ پـِـڙ تي، کـُـونچا چاليهه چٽ ڪياءِ
هاڻي غافل ٿيو هڻين گهوگهرا ننڊ کؤن ڏهڪاءُ.

 

اڌ رات جو راڪاس جي رڙ تي چنيسر اُٿي کڙو ٿيو. کنو کڻي راڪاس کي وڃي ماريائين ۽ ان جا ڪن پڇ وڍي کڻي آيو.

آڌيءَ جا آغام ٿيا، آيو راڪاس رڙ ڪري
ساري حضرت شاهه کي ويٺو کـَـنـُـون دست ڪري
ڪـَـنبيو جنهن کان ڪـُـستان ٿي، سو ر کيائين ليٽائي
جؤنرا تنهن راڪاس جا پٽيو ميدان ۾ اڇلائي
وڏيون نشانيون نر جون ويٺو پاهوري ۾ پائي
ويو خان قرار ٿي دانهن دليء لاهي.

 

صبح جو چنيسر درٻار ۾ ويو ۽ وڃي عالادين جي کٽ تي ويٺو.

ساري حضرت شاهه کي کڻي دَرَ هنيئين دستا
لاٿائين لاڏ لکيءَ جو، جنهن تي لڳو هو لک سوا
چقمق ٿي چڻگان ڇڏيون، جئن ڏِئي تي تجلا
شمعدان ڪيو سوجهرو بيٺو کـِـڙي کٽ مٿان
خان چڙهيو اُن کٽ تي، جنهن تان لهي ويو اُمراءُ.

 

---

پنج منهنجا اٿئي ٽاپرو، ٻيو گاهـِـين ڪمي ناهه
گيدي گلم هيٺان اٿئي، ٻيا گهوڙن اولڙ ڏانهن
اهي کائي وڃي خوش ٿي، ڇڏي هيءُ عالادين اُمراءُ.

 

چنيسر، عالادين کي حال احوال ڏنو ته:

هڪڙا سما، ٻيا اسان ننگر راڄ رهن
پوٽا ڀونگر راءَ جا پـُـٽ دودل جا ٻـُـڌجن
ڀائر اٽڪيا پاڻ ۾، راهه رُنون راڄن
آءٌ ڀاءُ آهيان دودي جو، مون کي چنيسر چون.

 

[هن بيت کان يعني ته عالادين جو چنيسر سان گڏجي چڙهڻ کان وٺي ننگر جو جنگ جي ميدان ۾ اچڻ تائين ڳالهه کٽل آهي[

ننگر عالادين بادشاه جي طنبو ۾آيو ته عالادين پڇيس ته: ڪير آهين ۽ ڪنهن جو پٽ آهين؟ ننگر جواب ڏنو ته: سومرو آهيان ۽ هن چنيسر جو پٽ آهيان. چنيسر روبرو بيٺو هو، تنهن کان عالادين پڇيو ته: تو ٿي چيو ته آءٌ پرڻيل ئي ڪونه آهيان، پر هي تنهنجو پٽ ٿو سڏائي. تڏهن چنيسر جواب ڏنو ته:

ماڳهين نڪـِـي آهيان مڱيو، مونکي ڪاڏهؤن ٿيو ته وهانء
ڪنين ٻـُـڌو اٿم ڪونڪو ڪنهن مـُـلي پڙهيو ته نڪاح
مڙس کي جا مڙسي، سا ماڳهين هن کي ناه
هي ديميون ڏسي آهي دهليو، آ ڇوڪر سڪو ساه.

 

[وري ڳالهه جو سلسلو کٽل، تان جو دودو پاڻ ٿو جنگ تي چڙهي[

دودي جا ٻيا لشڪر مارجي ويا، پوءِ چارڻ کي سڏي کانئس مصلحت ٿو وٺي:

چيائين چارڻ کي، اُت سالڪ ڳالهه سڏي:
ته ساريون ويڙهي سومرو، آيو ڍارا ڍول ڍڪي
ته ڀائر ويري جيئن ٿيا، اچي لڳي هوڏ هڏي
وڏا ته وير وزير هئا، منهنجا لـُـڏڻ ويا لڏي
هـِـنيون دودل راوَ جو بيٺو لهرين منجهه لـُـڏي
ڪيئن وڙهان سـِـر ويرئين، مونکي مانجهي مصلحت ڏي!

 

دودو مارجي ويو. پوءِ چنيسر کي چيائون ته: سڱ ڏي. اتي چنيسر انڪاري ڪئي. کيس به ماري پوءِ ڪوٽ ۾ ڦر ڪرڻ لاءِ گهڙي پيا.

ڪؤنر ڪچهريءَ وچ ۾ آهن ويٺا وير وڻي
سڱ ته ڏيو سلطان کي، هيءُ ٻاگهيءَ جو به کڻي
مـَـدي ڳالهه چنيسر کي اها ساهه نه سيباڻي
هلان ٿيس حاڪم جي، اچي مٿس بڇ بڻي
چوڌاري چؤرنگ ۾، جنهن کي کنا ويا به کڻي
ڏيئي تاڪ تـَـڻي، ڪاهي پيا وڳهه ڪوٽ ۾.

 

عالادين وڳهه ڪوٽ ڦري، پوءِ هالار ڏانهن چڙهائي ڪئي:

ڪاهي پيا هئا ڪوٽ ۾، ڏَه ته وڏي ڏهڪار
مـَـڏي ماليا هئي ڪيتري، ٻي پرسن جي چؤڌار
موتي خرارين هئا، جيڪي ڏري ڇڏيائون ڏار
پوءِ اُٿي هليو ڏانه هالار، ڀيلي ڪوٽ وڳه جو.

 

---

ڀيلي ڪوٽ وڳهه جو کڻي ڪيا هئائين هـُـل هشام
طنبو طبل پنهنجا کڻي کڙا ڪرايا خان
مغل ڇا پـَـئي ماريا تڏهن ڪل پئي ٿي ڪانه
اڳئين کان اڳرا، وري سرسا ڪيائون سامان
پوءِ سانڀارون سـَـهجام، وڃي طنبو کتا هئا تن جا.

 

---

طـَـنبو کـُـتا تن جا وڃي سانڀارون ته سـتت
ڏيو ڪڙا ڪوٽ کي جيئن رامڏيه پيو رُڪ
(1)
ڪوڙي منجهان ڪين ٿيو، سـَـهتي ڇڏيو سـَـت
پوءِ ڪير اَڙائي هٿ، اتي انهيءَ عالادين سان.

 

سـَـهتو [نالي رامديه] ذات جو سو لڪي ويو. اڳ چوندو هو ته آءٌ به سومرن جهڙو ڏاڍو مڙس آهيان. پوءِ موريو سمو تنهن مقابلو ڪيو.

موريي مڙس سڏائيا کڻي پنج سؤ پنج هرار
هڻيو هڪ ٻين تي بيٺا ڏوکي ڀڃن ڏار
نـَـوَ راتيون ڏَهه ڏينهڙا، هئڙا منجهه غبار
(2)
پوءِ مٿن ناهه مـَـيار، هوبه ڪار هين ڏينهن ڪـِـري پيا.

 

پوءِ عالادين ابڙي ڏانهن ڪاهه ڪئي ته آڏو مـُـنگرڀـِـينءَ چريو بيٺو هو، جنهن سومرن جي جنگ جو ٻـُـڌي اَن پاڻي ڇڏي ڏنو هو، تنهن چيس ته جنگ ڏيئي پوءِ اڳتي وڃ:

آڏو گڏين اَڌ ۾ اڳيان مـُـنگر ڀـِـياڻي
ته اُنَ اوڏو نه وڃي، سو پيئي نٿو پاڻي
ماري تنهن مغل جي ڇڏيائين سـَـوا ڇـَـل ڇاڻي
پوءِ نـِـڻُ پـُـڻُ نغارِي، کڻي ڪئي عالادين به اڳتي. (1)

 

اتي ابڙي ڏانهن عالادين خط لکيو ته:

خط عالادين لکيو کڻي ڪاغذ چڱيءَ ڪار
ته کـُـة اَٿئي مـُـنهن خلل جا، ڪـَـرة چڱي ناڪار
ويهانءُ ڏينم ٻاگهيءَ جو، کڻي پرچي انهيءَ پار
نه ته ٿيندي تار ترار، سـَـما تنهنجي سـِـر تي.

 

ابڙي ڄام آڏو جواب موڪليو ته:

تنهنجي تار ترار جي، مون کي ناهي پرواهه
ٻاگهي تن ٻارن ۾، آهي مادر مون مائي
ڪپيان سر سلطان جو ڇڏيان کنن سان کائي
متان عالادين اِيئن ڀانئي، ته جيئرو ويندس جنگ مان.

 

”ڀـَـلو“ نالي ابڙي ڄام جو ڀاءُ هو، جنهن کي ابڙي چيو تون چڙهي وڃينس:

هوڏنهن ڀڙ ڀـَـلو چڙهيو، کڻي تـُـري ڪشيائين تنگ
آرڻ ويل عظيم ساڻس چڙهيو نر نسنگ
ڪارِيهـَـر جئن ڪـَـرَ کڻي، واهَ وڌائين ونگ.

 

---

جـَـس ڀـَـلي ڄام هوءِ، ٻي جس عظيمَ اَپار
اڳيؤن عالادين جي، هو مـُـڙيا ڪيئن مڻيهار
پوءِ مٿن ناة ميار، هو به ڪارهين ڏينهن ڪري پيا.

 

خاطي اچي ابڙي ڄام کي خبر ڏني ته ”ڀـَـلو“ مارجي ويو. اتي سندس زال  ’راڻي‘  جو ٻڌو، تنهن روئي ڏنو:

’راڻي‘  رُنو ٿي راوَ لاءِ، جنهن پـَـسـِـي ڪڍيا هئا پار
ڪئن وساري ويهي رهيون، منهنجا ڀلا ڄام ڀتار!

 

ڀلو جو  ’سٻڙ‘  نالي پٽ هو، جنهن کي ابڙي ڄام چاڙهي موڪليو.

سـَـٻڙ ساڻ سنڀريا سـَـمن ٽيهه هزار
لعلون لـَـٽڪڻ لوڏڻا، ڪل زمرد جي ته جڙات
ارڙهن سؤ اُٺن جا، کنيائين شيهي دارون بار.

 

---

ارڙهن سؤ اُٺڻ جا، هڻي اڙ ڏنائين اوٽ
سڀ ڪانن ڪيرائي وڌا، مڙس اهي اڻموٽ
اتي سٻڙ جوڙي جوٽ، اچي تمر
(1) ساڻ ترار جي.

---


(1) مثلاً: بادل ڪوري واري ڳالهه اسان سندس زباني 1965ع ۾ لکي. اها شروع ۾ توڙي آخر ۾ اڻ پوري آهي. جڏهن بادل سان ٻي ڪچهري ٿي ته کانئس معلوم ٿيو، ته سندس ٻالڪي امام بخش جوڻيجي (ويٺل  ’مراد شاهه جي وَسين‘ ، تعلقو هالا) کي سڄي ڳالهه ياد آهي. امام بخش جوڻيجي سان 30- مارچ 1977ع تي ڀٽ شاهه ۾ ڪچهري ٿي، سندس ٻڌايل اڻ پوري روايت ضميمي ۾ (ص 555) تي ڏني وئي آهي.

(1) سـَـهي =سوئي.

(1) تڻي = تاڻجي، ڇڪجي.

(1) اصل پڙهڻي: ”رام ڏئي پيو رڪ“. پر غالباً صحيح  ’رامڏيو‘  آهي، جو ٻين ڪن روايتن ۾  ’رامڏيه‘  جو ذڪر ملي ٿو

(2) اصل = گفار.

(1) اصل = علاؤالدين خلجي.

(1) تمر نالي پٺاڻ عالادين جو سپهه سالار هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org