سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :34

 

ڦوڳو اڳئي عمر بادشاهه سان پنهنجو جوڙ ٺاهي ڇڏيو هو ته آءٌ ڏَنءُ کي باهه ڏيئي، فلاڻي لنگهه تي لئو بيٺل آهي. ان جي ٽار تي چڙهي اچي ويندس. ٽار آهي گس جي مٿان، تون مارو کڻين ته اُٺ ويهارجئين نه، رڳو هن لئي هيٺان اچي بيهارجانءِ. آءٌ مٿان ٽپ ڏيندس. تنهنجي ۽ ماروءَ جي وچ تي لانگ ورائي اچي ويهندس. پوءِ اُٺ کنيو هليا هلنداسون. سو انهي صلاح موجب، ڦوڳو اڳئي انهي لئي تي چڙهيو ويٺو هو. عمر بادشاهه جڏهن مارو اُٺ تي کڻي روانو ٿيو ۽ پري کان ڦوڳوءَ کي لئي تي ويٺل ڏٺائين، تڏهن خيال ڪيائين ته هي گس ڇڏي ٻيو پاسو وٺي هليو وڃان. ڦوڳوءَ اڳيئي چيو هئس ته زمين ۾ چور گپ آهي، پر خيال ڪيائين ته متان ڦوڳوءَ ڪوڙ ڪيو هجي، سو گس کان اُٺ لاهڻ جي ڪوشش ڪيائين. ڦوڳو هڪل ڪيس ته: مري ويندين. عمر به ڏٺو ته برابر اُٺ گوڏن تائين زمين ۾ لهي ويو. عمر وري به اُٺ کي ساڳئي گس تي سنڀاليو. اُٺ وايو هو، واءُ سان گڏجي هلندو هو، جنهن کي ڪڏهن به عمر بادشاهه اڙي ڪا نه هنئي هئي، انهي مهل ڦوڳو جي ڀؤ کان اٺ کي سڄي کٻي تلهڙ هڻي ڪڍيائين. اٺ واءُ سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو. اڳيان ڦوڳو به ڏٺو ته عمر ۾ سچائي ڪانهي، آءٌ پنهنجي همت ڪريان. اٺ لئي هيٺان آيو ته ڦوڳو مٿان پنهنجو پاڻ ڦٽو ڪيو. اٺ چوٽ پنڌ ۾ هو. بيٺل هجي ها ته ڦوڳو وچ ۾ اچي ويهي ها، پر مٿان جو ڪريو ته اٺ جي پوئين منجيءَ تي ارهه اچي لڳس. اٿل کائي ڪرڻ تي هو ته يڪدم ٻئي هٿ اٺ جي پُڇ ۾ وجهي، اٺ جي ڄنگهن کي اهڙا مڪڙا هنيائين، جو هلندڙ اٺ بيهي رهيو. تيسين عمر بادشاهه اٺ کي ٺڪاءُ ڪرايو تلهڙ. اٺ زور لاتو. اٺ جي پيٽ ۾ هو لاڻو، اٺ وٺي جا تيڪ هنئي ته ڦوڳو جو مُنهن ۽ ڇاتي تيڪ سان ڀرجي ويئي. تيڪ جي ڪري پڇ مان هٿ رُڙي ويس، گوڏن ۽ ٺونٺين ڀر اچي ڊٺو. عضوا ڀڄي پيس، هلڻ کان رد ٿي ويو، ته به بانبڙا ڏئي، ريهون ڪري، اٺ جي پويان رڙهڻ لڳو. عمر ته ماروءَ کي کنيو هليو ويو، ڦوڳوءَ جون ٿر ۾ ريهون هجن. دانهن ڪندي سج لهي ويس. سندس ريهن تي بگهڙ ڊوڙي آيا ۽ ڦوڳو کي ڏسي خوش ٿيا ته شڪار آيو. بگهڙ به بکايل، تن چوٽ ڪيس. هڪڙي وڌس سڄيءَ ڪُک ۾ وات ۽ ٻئي کٻيءَ ۾. وٺي سٽ ڏنائونس ته ڦوڳو اڌو اڌ ٿي پيو. جهڙي نيت تهڙي مراد.

عمر بادشاهه، مارو اٺ تي کنيو اچي. ماروءَ دل ۾ ويچار ڪيو ته پنهنجو پاڻ شينهن کان بچائڻ مشڪل آهي. آءٌ عورت اڪيلي، عمر بادشاهه زبردست. هڪڙو جهنگل، ٻيو نظر ڪيائين ته سج به ٿو لهي، سو الله کي ياد ڪري، سج کي چوڻ لڳي:  

الا، سج ڀي نه لهي، شل رڻ ۾ پوي نه رات

بگهڙ آڏو ٻڪري، هُڻ پُوئي وات.

عمر بادشاهه ماروءَ جي اها دانهن ٻڌي، جواب ڏنو ته:

الا، سج ڀلي لهي، ڀلي رڻ ۾ پوي رات

جيڪا مارل من ۾، سا عمر ناهي تات.

عمر بادشاهه چوڻ لڳو ته: اي مارو! آءٌ شريعت تي هلندس. زور ۽ ظلم نه ڪندس. عمرڪوٽ هاڻي اکئين ڏسجي ها، پر هاڻي اِتي جهنگل ۾ ٽڪندس ته منهنجي سچائي جي خبر پوئِي. اها ڳالهه ڪري اُٺ کي جهاٻ ڏنائين. اُٺ هُشي ويهي رهيو. عمر اُٺ تان لٿو. مارو به اَمُر بجا ڪري، اُٺ تان لهي، چپ ڪري ويهي رهي ۽ دل ۾ ويچار ڪيائين ته’ڇا لڳي باهه، ڇا لڳي ڪپاهه؟ ناحق اها ڳالهه ڪيم! ائين نه چوان ها ته عمر پنهنجي ڪوٽ ۾ رات هلي ٽڪي ها ۽ ماڻهن ۾ ڪو بچاءُ ٿئي ها.‘

عمر بادشاهه، اٺ تان گاشو پاکڙو لاهي، ٻه وڇاڻا ڪيا. هڪڙو اُٺ جي سڄي پاسي، ٻيو کٻي پاسي. وچ ۾ اُٺ ويهاريائين. هڪڙي وڇاڻي تي پاڻ ۽ ٻئي تي مارو. سڄي رات ويهي گذاريائون. ننڊ ٻنهي کي ڪا نه آئي. مارو کي پنهنجي عزت جو خوف هو ۽ عمر بادشاهه کي پنهنجي سر جو خوف هو. ماروءَ جي خبر هيس ته پهلوان آهي. متان آءٌ سمهي رهان ته منهنجو کنو کڻي، مون کي ماري، اٺ تي سوار ٿي، پوئتي وري وڃي. ائين سج اڀري ويو، ننڊ ٻنهي کي ڪا نه آئي. صبح جو عمر بادشاهه، اٺ تي گاشو ۽ پاکڙو ڪري ماروءَ کي چيو ته: اچي اٺ تي چڙهه. مارو نه آئي. ٻئي ٽئي ڀيري کان پوءِ عمر بادشاهه، ماروءَ جي لوئيءَ جي پاند ۾ اچي هٿ وڌو. تڏهن مارو چوڻ لڳي:

عمر! ڊڄ الله کان، منهنجي لوئيءَ لاءِ مَ هٿ

متان ڏينهن قيام جي، هنجون روئين رت.

تڏهن عمر بادشاهه چوڻ لڳو: اُها قيام ڄاڻي، قضا ڄاڻي. جهنگ ۾ ڦٽو ڪو نه ڪندوسئين، اُٺ تي چڙهه. مارو لاچار اُٺ تي چڙهي ويٺي. عمر اُٺ ڪاهي هليو. ٿوري ئي وقت کانپوءِ عمرڪوٽ جي ٻاهران اچي پهتا. مارو چوڻ لڳي ته: ادا عمر! تون ظالم ٿي مون کي کڻي آيو آهين. آءٌ بادشاهزادي آهيان، مون کي پنهنجي ڪوٽ ۾ تون وٺي نه هل. چار راڻيون، چار ٻانهيون مون ڏي ڏياري موڪل ته انهن سان گڏجي اچان. اها ڳالهه ٻڌي عمر بادشاهه، ماروءَ کي وڻ هيٺ ويهاري، پاڻ اٺ ڪاهي ڪوٽ ۾ آيو ۽ پنهنجي محلات ۾ اچي ٻڌايائين ته: ماروءَ کي کڻي آيو آهيان. چار هڪجيڏيون گڏجي وڃو، دلاسو ڏيئي وٺي اچوس. مارو پوئتي وڻ کان پناهه گهرڻ لڳي ته: اي وڻ! مون کي پناهه ڏي جو منهنجي عزت ۾ خيانت ٿي پوي. قدرت خدا جي سان وڻ جو ٿڙ ڦاٽي پيو، مارو وڻ جي ڦاٽ ۾ اچي بيٺي ۽ ٿڙ ملي ويو. پر سندس لوئيءَ جا ٿورا اڻ لکا پاند ٻاهر رهجي ويا.

راڻيون ٻاهر نڪري اچن ته مارو آهي ئي ڪانه. پوئتي وري آيون ۽ عمر کي خبر ڪيائون. عمر ڊوڙي ٻاهر آيو، ڏسي ته برابر ڪانهي. اتي دل ۾ ويچار ڪيائين ته پَريِ ڪا نه هئي جا اُڏامي ويئي، ضرور پنڌ ڪري وئي هوندي. پير کڻڻ جي ڪوشش ڪيائين ته جنهن جاءِ تي مارو کي ويهاريو هئائين، اُتان پير هلي وڻ جي ٿڙ تائين پهتا. اتي لوئي جي پاند تي به نظر پيس. پڪ ٿيس ته مارو کي وڻ ڳيهي ٿو وڃي. يڪدم حڪم ڏنائين ته: واڍي کي وٺي اچو ته وڻ کي وڍي اندران ٻانهن ڪڍي ڏئي. اتي وڻ مارو کي چوڻ لڳو ته: پناهه مون توکي ڏني، سر به منهنجو ٿو وڃي. مارو چوڻ لڳي ته: تو ته مون تي ٿورو ڪيو، پر منهنجي قسمت ڦٽل آهي. هاڻي اوڳاڇي مون کي ٻاهر ڪڍ. ٻٻر ڦاٽي پيو، مارو ٻاهر نڪري آئي. دل ۾ ويچار ڪيائين ته ’مهل کان گسي ويس، جو وڻ کان پناهه گهريم، الله کان پناهه گهران ها ته بچي وڃان ها.‘ پوءِ ته راڻين ۽ شهزادين سان گڏجي، ڪوٽ ۾ آئي.

عمر بادشاهه چيس ته: روڄ ۽ راڙو بند ڪر، خوش ٿي کٽ تي چڙهي ويهه، سڀن جي سرڪردي ٿيءُ. هن بادشاهي جي مالڪ تون آهين. مارو چوڻ لڳي ته: اهي ڪوٽ محلات ۽ ماڙيون، مون لاءِ مرض آهن. مرض ۾ ڪيئن گذارينديس. جا ڪجهه حياتي اٿم، نه کائينديس، نه پيئنديس. پنهنجو پاڻ ڳاري ماري ڦٽو ڪندس. ٻيءَ ڪري تون منهنجو سڳو ڀاءُ آهين. لالچ مون مان ڇڏ، مون کي پنهنجي وطن پهچاءِ! عمر بادشاهه چيو ته: ڳهلي ٿي ڏسجين. اڳي ڳالهه ٻڌندو هوس، هاڻ ته روبرو اکين سان ڏسي آيو آهيان. گهڙا کنيو پاڻي پئي ڀرين، هت ته بادشاهي موج ماڻيندين. ماٺ ڪري ويهي رهه. ائين هڪ ٻئي کي رد ۽ قد پئي ڏنائون.

عمر بادشاهه پنهنجي ماڻهن کي فتويٰ وٺندو هو ته مارو کڻي آيو آهيان. زور ظلم سان اچي قيد ڪئي اٿم. شادي ڪا نه ٿي قبول ڪري. پر چئي ٿي ته آءٌ تنهنجي ڀيڻ آهيان. تنهنجي ماءُ ۽ منهنجي ماءُ هڪڙي آهي. انهي ڳالهه جي پڪ ڪيئن پويم؟ هڪڙو گيهي عمرڪوٽ ۾ رهندو هو. اهو چوندو هوس ته: مارو جيڪي ڳالهائي ٿي، سو سچ آهي. خدا جو خوف رکجانءِ. شادي نه ڪجانءِ. مون کي پنهنجي دل ٻولائي ٿي مارو تنهنجي ڀيڻ آهي. پر ٻيا عام ماڻهو چوندا هئا: پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ ڪوڙ ٿي ڳالهائي. عمر اها ڳالهه ٻڌي انهي گيهي سان وڙهندو هو ۽ جٺ ڪندو هو ته: دنيا چوي ٿي، تون ڇو نٿو چوين! گيهي چوندو هو ته: موت جو خوف ڪو نه اٿم، الله جو خوف اٿم، تڏهن حق جي ورندي ٿو ڏيان. عمر بادشاهه گيهي جي ڳالهه سچي ڀائيندو هو، تنهن سببان زور ۽ ظلم نه ڪيائين.

سالڪن چيو ته ”انسان سدائين هڪجهڙو نه آهي.“ هڪڙي ڏهاڙي مارو، عمر سان کلي ڳالهايو. ماروءَ جي مڱيندي ڍول جو مامو نجومي هو، ماروءَ جو اهو کلڻ، انهي نجوميءَ کي ڍول سان گڏ چوپڙ ڍاري راند ۾ معلوم ٿي ويو. نجومي کلي ڏنو. ڍول کي خبر هئي ته منهنجو مامو نجوم ڪري ٿو. اڄ کلي ڏنائين، سو پڇيائينس ته: ڇو کلئين؟ نجومي چيو ته: ڍارو سولو پيو اٿم. ڍول چيو ته: ماما، سچي ڳالهه ٻڌاءِ. مامي چيو ته: جي مون کي سچو سمجهندو هجين ته اها ڳالهه مون کان نه پڇ، جو تنهنجي فائدي ۾ نه آهي، پر ڍول ستائڻ لڳس، ته به نجومي انڪار ڪيو. ڍول کي خار لڳي، سو ترار ڪڍي، مامي کي دسي، مٿان چڙهي ويهي رهيو. هو پيرسن هو، پهچي نه سگهيو، بيوس ٿي ڳالهه ڪيائين ته: انهي کي وڃي مار، جيڪو مارو کڻي ويو. جيستائين مارو شادي نٿي قبولي، تيستائين آءٌ به صبر ۾ هئس. اڄ ڏٺو اٿم ته مارو، عمر سان کلي ڏنو آهي. شايد شادي ڪندي. ڍول اها ڳالهه ٻڌي، مامي کي چيو ته: هاڻي منهنجي الله واهي. مارو، عمر کان کسي اچي پنهنجي گهر ويهاريندس نه ته پاڻ مرندس. مامي چيس:لشڪر سان ويندين ته ڪو نه پرائيندين. اڪيلو کيڏ ڪري ائين کڻي آءُ جيئن عمر کڻي ويو. ڍول الله جو آسرو ڪري، گس وٺي عمرڪوٽ روانو ٿيو.

وچ رات تي منزل ۾ جوڳين جو هڪڙو ٽولو ڏٺائين. ان ٽولي ۾ هڪڙو استاد گُر هو. تنهن ڍول کي چيو ته: جنهن ارادي ۾ نڪتو آهين، فتحياب ٿيندي، پر ڪنهن اکر سان ۽ اکر وٺبو استاد کان. ڍول کي اها ڳالهه دل سان لڳي سو فقير جي پيرين پئي چوڻ لڳو: فقير! دعا ڪرينم. دل جي ڳالهه ٻڌائي اٿئي. هاڻي استاد به تون ئي آهين. ڪنهن گس سان لائي ڇڏ. جوڳي فقير رحمدل ٿي، پنهنجي هنر مان ڍول کي ڪجهه سيکاريو، ۽ چيائينس ته: هاڻي وڃ. جيئن چوندين تيئن ٿيندو. پنهنجي ڪڙي جي پختائي ڪجانءِ ۽ پنهنجو ويس به لاهي ڏنائينس ۽ چيائينس ته: هي ويس پائي وڃ، نالو سچو ٻڌائجانءِ ”ڍوليو جوڳي“. ڍول، جوڳيءَ جو ويس پائي، ڪنن ۾ ڪنڍل، هٿ ۾ مرلي کڻي، عمرڪوٽ جي شهر ۾ آيو. ڪنهن در تي بيهي خيرات جي گهر ڪيائين. ماين ڏٺو ته جوڳي آهي. سو هڪڙي مائيءَ ڏانهن اشارو ڪري چيائون ته: هن ويچاريءَ جي مڙس ٻي شادي ڪئي آهي ۽ هن کي ڏهاڳ ڏئِي ڇڏيو اٿس. اها ڳالهه ٻڌي ڍول، مائيءَ کي سڳو وٽي ڏنو ۽ استاد جو سيکاريل ڦيڻو دم ڪري چيائين ته: چرخي جي ٽڪ ۾ ٻڌي ٻه – ٽي ڦيرا ابتا، ٻه – ٽي سبتا ڏئي ڇڏ. ٽي راتيون ڪِري پڪي رکجان. تنهن کان پوءِ ور تنهنجو..... ٻي به تنهنجي غلام ٿي گذاريندي. سڳو ڏئي، هڪڙي ماني جو اٽو خيرات وٺي، انهي وڻ هيٺ اچي ويٺو، جنهن وڻ ماروءَ کي پناهه ڏني هئي. ڇيڻا گڏ ڪري، دونهو دکائي، پنهنجي سوز ۽ اداس ۾ ويهي مرلي وڄائڻ لڳو.

هوڏانهن مائي به سڳي جو سوڻ ڪري، پنهنجي مڙس لاءِ ماني پچائي، مپ ماري ويهي رهي. انهي ڏينهن سندس مڙس به وٽس اچي ٺڪاءُ ڪيو.

مائي کي پڪ ٿي ته سچو نالو الله جو آهي. جوڳي بيشڪ سچو آهي. جيئن چوي تيئن ٿئي. ٽئي ڏهاڙي کان پوءِ انهي مائيءَ عمر سومري کي وڃي خبر ٻڌائي ته: شهر کان ٻاهر هڪڙو جوڳي اچي ويٺو آهي. سڳو وٽي ٿو ڏئي نَهَن جا نَوَ ڪوٽ. جبل وريا پيا هجن پر فقير جي ڦيٽي ۽ سڳي ۾ برڪت آهي. ماروءَ جي لاءِ ڪو ڏس پنڌ پڇينس. ڍولئي جوڳي جو وڻ هيٺ آستانو آهي. هڪ مانيءَ جو اٽو گدا ڪري، وڌيڪ پني ڪو نه، سڳا ڌاڳا واٽ الله جي وٽي ڏئي. کير مکڻ جا، رنج ۽ ڪروڌ جا، بيماري ۽ علامت جا، هن جي پاران الله جي طرفان خير جو ڀاڱو مليو وڃي. اها حقيقت ڍولئي جوڳي جي شهر ۾ پکڙي ويئي.

عمر سومري به خيال ڪيو ته فقير کان سڳو وٺجي، جو سڀڪو نيڪي پيو ڪريس. سو ماڻهو روانو ڪيائين ته جوڳيءَ کي وٺي اچو. نوڪر، فقير وٽ آيو، چيائينس ته: اي جوڳي! عمر بادشاهه گهرايو اٿئي، پر جوڳي جواب ڏنو ته: آءٌ نه هلندس. نوڪر عمر کي اچي ٻڌايو ته: جوڳي نٿو اچي. عمر وري ٻيو ماڻهو روانو ڪيو ته فقير کي ريهي ريبي وٺي اچو. اُنهي نوڪر سان به فقير نه آيو. وري عمر بادشاهه ٽيون نوڪر روانو ڪيو. ٽئي نوڪر کي فقير جواب ڏنو ته: آءٌ سيلاني فقير آهيان، بادشاهه جو مون ۾ ڪهڙو ڪم هوندو؟ ڀلا جي بادشاهه کي ڪم آهي ته پاڻ هلي اچي. سالڪن چيو آهي ته:”جيسين نه وڃي پاڻ، نينهن نياپي نه ٿئي.“ اها ڳالهه ٻڌي نوڪر اچي عمر سومري کي چيو ته: تون بادشاهه آهين، پر سمجهان ٿو ته فقير توکان وڌيڪ بادشاهه ٿو ڏسجي. پاڻ ويندين ته ڀلي ڳالهه اٿئي. نياپي ۽ نوڪر جي آڻڻ جو جوڳي ناهي. عمر سومرو پاڻ تيار ٿي فقير وٽ آيو، سلام ورايائين. فقير سان باعزت مليو. فقير کي چيائين ته: منهنجا ماڻهو تو ورائي ڇڏيا، هينئر پاڻ هلي آيو آهيان، سوالي آهيان. جوڳي چوڻ لڳو ته: ڪم تنهنجو آيان بايان آهي. پر آءٌ نه ڪندس. عمر چيو ته: ڇو؟ ڍوليي ڳالهايو ته: تون بادشاهه آهين، تون منهنجو چوڻ ڪونه ڪندين، ڪم ٿيندو ڪونه، دعا مان دغا پيدا ٿيندي. دغا معنيٰ گلا. استاد جو ڦيڻو آءٌ نه وڃائيندس. عمر بادشاهه جوڳيءَ کي ڏاڍو ستايو ته لکين دان ڏيندس. غريبن جا ڪم ڪرين پيو، باقي مون بادشاهه جو ڪم نٿو ڪرين؟ جوڳي چوڻ لڳو ته: غريب منهنجي چوڻ ۾ آهن، تون بادشاهه منهنجي چوڻ ۾ ڪيئن ايندين؟ لاچار ٿي عمر بادشاهه چوڻ لڳو ته: اي جوڳي! جيئن چوندين تيئن ڪندس. تنهن تي ڍوليو چوڻ لڳو ته: آءٌ محلات ۾ بيگاهه وقت ايندس ۽ بيگاهه وقت هليو ويندس. منهنجي اچڻ وڃڻ تي ڪو پهرو نه هوندو. عمر چيو ته: مارو رڳو مون سان شادي ڪري، باقي جيڪي ڳالهيون چوين، مون کي قبول آهن. پوءِ ڍول کي وٺي ماروءَ جي محلات ۾ آيو. ڍول ڏسي ته مارو پٺي ورايو، ڪنهن تڏي جي ٽڪري تي ويٺي آهي. اڳيان پٽ تي ريشم جا هنڌ، بادشاهي کٽون ۽ هندورا پيا آهن، پر ويٺي تڏي تي آهي. لوئيءَ جو پاند منهن تي اٿس. معلوم ڪيائين ته شايد روئي ويٺي. عمر بادشاهه چوڻ لڳو ته: اي جوڳي! هي پنهنجي جهانگين ماڻهن لاءِ بادشاهي کي ناپسند ڪيو، انڪار ڪيو ويٺي آهي. هاڻي تون ڄاڻ مارو ڄاڻي. ائين چئي عمر بادشاهه ۽ ڍول گڏجي ٻاهر نڪتا. فقير پنهنجي مڪان تي آيو ۽ عمر بادشاهه ڪچهريءَ ۾ وڃي ويٺو.

سج لٿو، رات  پئي ته عمر بادشاهه محلات تان پهرو لاهي، دروازا کولي ڇڏيا. پهر رات جو گذريو ته ڍول، مارو جي ملڻ لاءِ محلات ڏي وڃڻ لڳو. محلات ۾ اچي ڏسي ته مارو ساڳي جاءِ وسايو ويٺي آهي. پڪ ٿيس ته برابر ڏکي حالت ۾ آهي. خوشيءَ ۾ هجي ها ته هنڌ تي ستل هجي ها. ويجهي اچي ڍول چوڻ لڳو ته: مارو! منهن کولي مون سان ڳالهاءِ. ماروئل چوڻ لڳي ته: فقير! تون رات جو بيگاهه وقت جو آيو آهين. ادي عمر کي خبر پئي ته ڦاسي چڙهي ويندين. ڍول چوڻ لڳو ته: عمر جي پرواه ڪانهي، اُهو هٿ سان وٺي آيو اٿم. آءٌ جوڳي نه، پر ڍول آهيان. جوڳيءَ جي بيک ۾ توکي وٺڻ آيو آهيان. مارو اها ڳالهه ٻڌي چوڻ لڳي ته: ڍول آهين ته مون کي پار ڏي. ڍول چوڻ لڳو ته: ننڍي هوندي راند ڪندي باغ ۾ پنهنجي هٿ سان تلهڙ هنيا هيئي. اُهو اهڃاڻ ٻڌي مارئي کيس سڃاتو ۽ روئي ڳراٽي ڏنئين. پوءِ ڍول کي مارو چوڻ لڳي ته: هڪڙو ڄڻو آيو آهين، مون کي ڪيئن کڻندين! ڍول چوڻ لڳو ته: منهنجي چوڻ ۾ ٿيندينءَ ته منهنجي خيرخواهه رهندينءَ، جي چوڻ کان نڪري وئين ته پوءِ دشمن آهيون. ماروئل چيو ته: جيئن چوندين تيئن ڪنديس. ڍول چوڻ لڳو ته: سڀاڻي عمر هتي ايندو، تون کلي کيڪاري عمر کي عزت سان کٽ تي ويهاري چئج ته، فقير مائٽن جا ڏوهه ۽ رنج مون تان معاف ڪرايا. هاڻي تون مون سان شادي ڀلي ڪر. مارو روئي چوڻ لڳي ته ايتري حجت ادي عمر سان مون ڪئي نه آهي. ڍوليو چوڻ لڳو: ائين نه ڪندينءَ ته مونکي داءُ نه ايندو. پوءِ پاڻ ۾ صلاح پڪي ڪري، ڍوليو پنهنجي مڪان تي آيو. سج اڀريو ڏينهن ٿيو. عمر بادشاهه مارو جي محلات ۾ آيو. مارو کي جيئن ڍوليو سمجهائي ويو هو، اٿي عمر کي وڏيءَ عزت سان کٽ تي ويهاريائين ۽ کلي چوڻ لڳي ته: تنهنجي حق ۾ فقير پارت ڪري ويو آهي. ايتري ڳالهه ٻڌڻ سان عمر باغ بهار ٿي ويو، ٽپ ڏيئي اٿيو، ۽ اچي ڍولئي سان مليو ۽ چوڻ لڳو ته: فقير! جا گهُر ڪرين سا پوري ڪريان. ڍوليو چوڻ لڳو ته: اٺ ملي ته گنگا ڀيٽيندس. عمر بادشاهه چيو ته: هڪڙي کان ٻه اٺ. نوڪر کي چيائين ته فقير کي اٺ آڻي ڏيو. نوڪر اٺ ڪاهي اچي ڍوليي جي اڳيان بيهاريو. ڍولئي اٺ ڏسي، عمر بادشاهه کي چيو ته: هيءُ اٺ نه گهرجي. ڪنواٽ هجي، هجي دؤڪ، نه ته به پڪو ڇَٽ هجي. اڳ سوار چڙهيل نه هجيس. عمر چيو: فقير، سوين گونرا بيٺا آهن، جيڪو وڻيئي چونڊي کڻ. عمر بادشاهه جي نوڪر سڀ گؤنرا ڪاهي اچي فقير جي اڳيان بيهاريا. ڍول چيو ته گؤنرا ورائي اندر ڪوٽ ۾ اماڻ. ڍولئي جي چوڻ تي جت اهي گؤنرا ورائي ڪوٽ ۾ اندر واڙيا. پوءِ ڍوليو تلهڙ کڻي اٿيو، هر هڪ گؤنري کي پٺيءَ تي لڪڻ رکندو آيو. هڪڙي گؤنري تي لڪڻ رکيائين ته وٺي جو ڀڙڪو کائي ته ڪوٽ جي ڀت تان ٽپي وڃي هن پاسي نڪتو. ڍولئي جت کي چيو ته: انهيءَ کي ڦاسائي نڪ هڻينس. پوءِ وڃي گهمائي، وَهُو ڪري، واڳئين سنئون اٺين ڏينهن مون کي آڻي ڏي. جت، اُٺ اٺن ڏينهن ۾ تيار ڪري آڻي ڍولئي کي ڏنو. انهن اٺن ڏينهن ۾ ڍولئي ۽ مارو پاڻ ۾ سمن پئي ٻڌا. اُٺ ڍولئي کي مليو ته رات جو پهريون پهر گذاري اُٺ تي گاشا پاکڙا ڪري، ڪوٽ کان ٻاهر آندائين ۽ پوءِ پنهنجا حال ڌاڳا وڃي عمر جي بستري تي رکي، عمر جو ويس پاڻ پاتائين ۽ عمر جا هٿيار به کنيائين. تنهن کان پوءِ مارو جي محلات ۾ آيو. پوءِ مارو ۽ ڍول ٻئي گڏجي اچي اٺ تي سوار ٿيا ۽ اٺ اٿاري روانا ٿيا. ڍول پاڻ سان گڏ هڪ ڇانهين کنئين هئي. جنهن کي وچان چتي لاهي اندران مال کائي ڇڏيو هئائين، باقي خالي کوپرو هو. هلندي منزل ۾ اٺ چڙهئي، مارو کي ڇانهين ڏنائين. ماروئل هٿ ۾ کڻي ڏسي ته ڇانهين کاڌل آهي. مارو سمجهي ويئي ته اهو اشارو ڪهڙو آهي، تنهن چيو ته: ڍول! ائين سمجهه ته ڀيڻ، ڀاءُ وٽ هئي.

اتي اڌ رات جو وقت اچي ٿيو هو ته گس ۾ اڳيان هڪ چورن جي گَهل ملين. چورن ڏٺو ته اوٺي سوار پيو اچي، اٺ تي گاشا بادشاهي، اٺ سوار کي بادشاهي پوشاڪون، ساڻ گڏ عورت ٻيلهه چڙهيل اٿس. پري کان ڏسي، پاڻ ۾ اڳئي، پتيون ورهائڻ لڳا. ڪو پيو چوي ته زال منهنجي. ڪو چوي پيو ته مال منهنجو. جڏهن ڍول ويجهو آيو ته چورن جون اهي خبرون پنهنجي ڪنن سان ٻڌائين. ڍول چوڻ لڳو: ماروئل! گهٻراءِ نه توساڻ به ڍول گڏ آهي. پاڻ مهمان به هينئر انهن جا آهيون. مارو چوڻ لڳي ته: هي جهجها آهن، تون اڪيلو آهين. هاڻي تنهنجي مرضي. ڍول اٺ کي اتي ويهاري توشدان مان اٽو ڪڍيو ۽ مارو کي چيائين ته: چور باهه ٻاريو، دانگي چاڙهيو، مانيون ويٺا پچائين. تون به وڃي هڪڙي ماني پچاءِ.

مارو چوڻ لڳي: اي ڍول! هو اڳيئي پيا ڦر جون خبرون ڪن. وري تون به چوين ٿو ته اوڏاهين وڃ. ڍول چوڻ لڳو: آءٌ توکي چوان ٿو ته ماني پچائي آءُ. پنهنجي وارث جو حڪم مڃي، ماني پچائڻ وئي ته اڳيان به ست ويهون چور گڏ ويٺا هئا. سياڻن چيو آهي ته: پنجئي آڱريون برابر ناهن. انهن چورن ۾ ڪي چڱا به هئا، جي چوڻ لڳا ته: سڀڪو ننگ وارو آهي. جاءِ ڏيو ته ڀلي مائي ماني پچائي. مارو اچي ماني پچائي. ماني پچائي اٿڻ جو ارادو ڪيائين ته: چور چوڻ لڳا ته: مائي! اِنهيءَ کي ماري توکي پاڻ سان وٺي هلنداسون. پوءِ ايڏانهن ڇو ٿي وڃين، ويهي رهه. تڏهن مارو سڏ ڪري ڍول کي چيو: ماني ڪوسي آهي، منهنجا هٿ ٿا سڙن. ڍول چوڻ لڳو ته: مانيءَ کي سامهون ٽيڪ ڏيئي رک، هتان منهنجو تير ٿو اچي، ماني جي وچ ۾ لڳندو، پوءِ تير ۾ هٿ وجهيو، ماني کنيو آءُ. مارو ٽيڪ تي ماني سامهون رکي، چورن کي هڪل ڪئي ته هٽي پري ٿيو. پريان تير ٿو اچي ته ڪنهن کي لڳي نه وڃي. ڍول تير زهه ۾ وجهي، ڪمان مان ڦٽو ڪيو ته ماني جي پوري وچ ۾ اچي لڳو. شهزادي تير هٿ ۾ وجهي، کڻي اٿي هلڻ لڳي. چورن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته مڙس آهي تيرانداز، سو پلٿي باز به هوندو. رات جو جهيڙو نه ٺهندو. ڏينهن آهي شينهن. سج اُڀرئي کان پوءِ ڦر ڪنداسون. اها صلاح ڪري چور ماٺ ڪري هنن کي تڪي ويهي رهيا. ڍول ۽ مارو ماني کائي خوش ٿي گاشي تي ويهي رهيا.

هوڏانهن پرهه ڦٽيءَ مهل عمر سومري کي سار ٿي. ننڊ مان سجاڳ ٿيو. ڏسي ته منهنجي بستري تي جوڳيءَ وارا حال ڌاڳا رکيا آهن ۽ منهنجا ڪي هٿيار ۽ لٽا آهن ئي ڪين. انهيءَ مهل سمجهيائين ته ڍوليو جوڳي نه هو، پر مارو جو مڱيندو ڍول هو. وري ڊوڙي اچي محلات ۾ ڏسي ته مارو به ڪانهي. اتي ويچار ۾ آندائين ته آءٌ به کيڏ ڪري ماروئل کڻي آيس، پر مون کي قبول نه ڪيائين، ۽ چوندي هئي ته ماءُ ٻنهي جي هڪڙي آهي، تون منهنجو ڀاءُ آهين. هاڻي وچ تي رهي ميار، اها لاهڻ گهرجي. جيڪو مرد ايتري عقل سان پنهنجو ڪم سچو ڪيو ٿو وڃي، انهيءَ جي دل مان ماروئل جو شڪ پاڪ ڪري، بغض ڪڍڻ گهرجي. سو يڪدم اٺ تيار ڪري منزل ڇڪيائين. عمر جا سواري وارا اٺ ”وايا“ هئا، جي واءُ سان گڏجي هلندا هئا ۽ منزل جو انت نه ڏيندا هئا. جڏهن عمر بادشاهه جي اُٺ، ڍول جي اُٺ کي ڏٺو ته ڪڻُڪ ڪيائين. مارو پوئتي نهارڻ لڳي ته اُٺ ڏسڻ ۾ آيس. مٿس عمر بادشاهه سوار هو. مارو سڃاتو ۽ دانهن ڪري ڍول کي چوڻ لڳي ته: ادا عمر به اچي پيو. عمر جو نالو ٻڌي چورن به هيڏانهن هوڏانهن لؤڻا هنيا. چيائون ته: عمر بادشاهه ٿو اچي. ساڻس لشڪر هوندو باري، مري وينداسون. هاڻي ڀڄو ته ڀڄون. چورن واري گهل ڀاڄ کاڌي. ڍول پنهنجي ڪماڻ تي تير چاڙهي، عمر بادشاهه ڏي سامهون ٿيو ۽ هڪل ڪري چيائين ته: پنهنجو حق کنيو ٿو وڃان، منهنجي پٺيءَ نه اچ. ايندين ته تير هنڻدوسئين. عمر بادشاهه ڍول کي چوڻ لڳو: هڻ ڌڪ، مهل اها اٿئي. تون وڃي مارو کي ملير ۾ مهڻا ڏيندين، تنهنڪري يا مونکي ماريو وڃ نه ته اُٺ جهل ته ماروءَ تان ميار لاهيان. ڍول اُٺ هُشايو، عمر بادشاهه به پنهنجي اُٺ تان لهي پيو ۽ ماروءَ کي اچي مٿي تي هٿ رکيائين. ڍول کي چيائين ته: ائين ڀانئج ته ڀيڻ ڀاءُ سان ملڻ ويئي هئي. ائين چئي عمر بادشاهه شهزادي ماروءَ کي ٻه سچا لعل ڏنا ۽ چيائين ته: چُني ۽ جوري جا اٿئي. ائين چئي، اُٺ تي سوار ٿي واپس ٿيو ۽ ڍول پنهنجي وطن ڏي راهي ٿيو. منزل به منزل اچي ملير ۾ پهتو. شهزادي مارو کي اچي پنهنجي محلات ۾ ڇڏيائين. راڻي وگس يڪدم شاديءَ جو سانباهو ڪيو ۽ ماروءَ کي وناهه ۾ ويهاريائين. ڍول دل ۾ ويچار ڪيو ته منهنجو واعدو پورو ڪو نه ٿيو، تنهنڪري شادي ڪو نه ڪندس. پوءِ لڪي شڪار جو بهانو ڪري هليو ويو. ڍول وئي کان پوءِ سڀ ڪنهن کي پڪ ٿي ته ڍول شادي ڪونه ڪندو. ڪيترا ڏينهن ٿي ويا اٿس وناهه ٿئي، مٿان شادي جي رات اچي بيٺي آهي ته موٽيو ناهي. تنهنڪري پاڻ ۾ صلاح ڪري، کيت نالي هڪ شخص کي شهزادي مارو جو گهوٽ ٺاهيائون، جو ڦوڳو جي بنياد مان هو. کيت کي ڳانو ٻڌي ڇني ۾ ويهاريائون. مٿان ميندي کڻي آيا. الله جي قدرت سان ننڍڙي چوهِي ڪچهريءَ ۾ اچي پئي. ماڻهن کان مٽيندي کيت جي اڳيان لنگهي. کيت خوشيءَ ۾ ڦونڊيو ويٺو هو، تنهن چوهيءَ کي لت هنئي ته ڄنگهه چُوڪڻ کان نڪري پيس. ورائي ٻي لت هنيائين ته گوڏو ڍڪڻي کان نڪري پيس. وري مُڪ هنيائين ته ٻانهن ڪرائي کان جُهري پئي. اتي ٻيو هٿ جهلي جهريل ٻانهن ۾ وجهي ويهي رهيو. ميندي لائڻ کان وڏو ٿي ويو. ساهيڙيون سرتيون ميندي کڻي آيون ۽ شهزادي مارو کي چوڻ لڳيون ته: نه ڄمين ها نه ڪال پوي ها. جنهن سان تنهنجو وناهه ڪيائون اُهو توکان لڪي ڀڄي ويو. وري کيت سان ٿي پرڻايائون ته اُن جو ٽنگون ٻانهون چُوهيءَ سان وڙهندي ڀڄي پيون آهن. هاڻي انهيءَ شاديءَ کان مرڻ ڀلو آهي. اها ڳالهه ٻڌي شهزادي مارو دل ۾ چيو ته: سچ ٿيون چون. انهيءَ جيئڻ کان مرڻ ڀلو آهي. هاڻي ڇو نه پنهنجو سر کڻي وڃي شينهن کان پاڻ مارايان.

انهيءَ رات ڍول به انهي ساڳي شينهن کي ماري، شينهن جي کل لاهي ان تي چڙهي ويٺو هو. ڍول کي چيچ ۾ منڊي هئي، جنهن تي سچو هيرو چڙهيل هو، رات جو ٻريو ٿي. انهيءَ چمڪار تي شهزادي ڪاهي آئي. ڍول هڪڙي انسان کي ويجهو ايندو ڏسي هڪل ڪئي ته: ڪير آهين؟ اچئي ٿو تير. شهزادي مارو جواب ڏنو ته: هڻ تير، مهل اها ٿئي. ڍول ڳالهاءُ سڃاتو. چيائين ته: مارو آهين؟ مارو به سڃاتو، سا به چوڻ لڳي ته: ڍول آهين! ڍول ماروءَ کي چوڻ لڳو: هلي آءُ، مون سان گڏجي ويهه. شينهن جي کل تي چڙهي، مارو چوڻ لڳي ته: کل مان ڇٽ ٿي اچيم. ڍول چيو ته: جهنگل ۾ اها کل آهي، جنهن تي ويهنداسين. مارو چوڻ لڳي ته: مون وٽ پَڙو آهي. اُهو وڇايان ٿي. تون منهنجو ور آهين، هلي آءُ ته گڏجي ويهون. ڍول ڀڙڪو کائي اٿيو ۽ شهزاديءَ کي چوڻ لڳو ته: اڳ اهو اکر ڳالهائين ها ته آءٌ توسان شادي ڇو نه ڪريان ها. هاڻي هل ته توسان لانئون لهان. پوءِ ٻئي گڏجي پنهنجي محلات تي آيا. وڏا سهج سوڻ ڪري، شهزادي ماروءَ سان شادي ڪيائين. تنهن کان پوءِ ٻنهي ڄڻن پنهنجي ڄمار جا ڏينهڙا قرب ۽ محبت سان پورا ڪيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org