سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :21

 

58-

چئي: ماري! پئو نه مامري، ڪري حاڪم توسان هوڏ،

ماروسڀ ملير جا گهمن ٻڌي گوڏ،

محلين ويهي مارئي! ڪر ڪوٽن ۾ تون ڪوڏ،

لعل هندوري لوڏ، پنهور ويهي پاڻ تون.

59-

چئي: نه آءٌ هندورئين هيرئين، نه ڪي پهران پٽ،

گڏجي شال گذاريان، وڃي ويڙهيچن وٽ،

اصل عمر ڄام جا، مارو ناهن مَٽ،

ڳچيءَ پائي ڳٽ، ڪوٽ ويهنديس ڪينڪي.

60-

تڏهن موٽي آيون مارئي کان، ڪيائون عمر سان احوال،

ته مور مڃي ٿي ڪينڪي، خاطر ناهه خيال،

ساري سنگهارن کي، ٿي جر وهائي جال،

راتو ڏينهان روڄ ۾، بيحد ٿي بيحال،

جيئڻ ڀانءِ جنجال، مارن ڌاران ڪوٽ ۾.

61-

پوءِ اچي عمر مارئيءَ کي، چوڏهين رات چيو،

ته مارئي! ايڏو معاملو، تو ڪامڻ! ڪوهه ڪيو؟

رکي جوش جان تي، ڇو راڙو روڄ کنيو؟

ڀاڳ ته ڀيڙي ڀونءَ تي، تو پاڻهي پاڻ هنيو،

پر موٽڻ مشڪل تنهنجو، اڄ ٿاريلڻ ٿيو،

لکيو ڀانيان لوح ۾، هو اڳي انگ وهيو،

هاڻي ٻولج ڪين ٻيو، گڏجي خوش گذار تون.

62-

چئي: نه ڪر ويڻ وڏاندرا، عمر! الائي،

لکيو منهنجو کيت سان، اڳيئي آهي،

آءٌ مڱيندي ان جي، سڻ دانهه دل لائي،

مرڪ نه منهنجو ماڙئين، جالڻ جڳائي،

لوئي ڪيئن لڄائيان. آءٌ پوشاڪون پائي؟

سرتين ڌاران سومرا! سيج نه سيبائي،

هينئڙو اڄ امر هيڻو ٿيو، وڌو ڪوٽن ڪنبائي،

وڇڙيس ويڙهيچن کان، شل موليٰ ملائي،

اڄ امر اڙائي، قسمت مونکي قيد ڪيو.

63-

پندرهين رات پنهور کي، آکي ڳالهه عمر:

منٿ مڃ تون مارئي! هرگز هوڏ نه ڪر،

محلين ويهه تون ماٺ ڪري، ڇڏي ڏک ڏمر،

ڪر تون ويس وڏاندرا، زريون ۽ زيور،

ٻهڳڻ ٻانهيون تو ڏيان، صورتوند سڌر،

ٿي تون راڻي راڄ جي، غم ڇڏي گوندر،

خوش ٿي ويهه کٽن تي، لاهي خيال خطر،

رضا رب رحمان جي، هرگز هئي هن پر،

آگي انگ اکر، جيڪس لکيا لوح ۾!

64-

چئي: نه ڪر ويڻ وڏاندرا، عمر! تون اهڙا،

سانڍي رک صندوق ۾، تون ڳچيءَ جا ڳهڙا،

مَٽ نه ڀانيان مارئـٖـين؛ جهانگي جن جهڙا،

ڪنديس ويس وري هتي، مان ڪوٽن ۾ ڪهڙا،

جهڙا ڪي تهڙا، ته به مارو پنهنجي ملڪ جا.

65-

سورهين آيو سومرو، پنهور وٽ پيهي،

ڪونه ڪندو ڪو ايتري، جڳ جڳ ۾ تو جيهي،

ڏکي لڳي تو ڏيل کي، ڪامڻ هت ڪيهي،

تانگهه ته لاهج تِن جي، جي ڏاڏاڻا ڏيهي،

مارو توکي ميليان، سي پنهور پرڏيهي،

سڪائي سرير کي، ڇو دکي ڪيئي ديهي؟

جيهي چوين ڳالهڙي، آءٌ ترت ڪيان تيهي،

پر محلن ۾ ويهي، گڏجي خوش گذار تون.

66-

چئي: عمر! تنهنجون ڳالهيون، نه سي مور مڃان،

سمجهئـٖـين ڪين تون سومرا، عمر! تون اڃان،

هو جو سِيل سنگهارئـٖـين، بلڪل آءٌ نه ڀڃان،

ڇڏ ويڙهيچن وڃان، سانگي ڏسان سومرا!

67-

موٽي عمر مارئيءَ کي، سترهين سمجهايو،

ته: مڃين جيئن ڪريان عاجزيون، پاند ڳچيءَ پايو،

جيئن جيئن جيئن ڪريان عاجزيون، پاند ڳچيءَ پايو،

تيئن تيئن ناڪار ٿي ڪرين، مارئي! موٽايو،

تو ڏي ڪاڍو قرب جو، روح اندر رايو،

هاڻي ستت ڪر تون سعيو، مرڪي ويهه تون ماڙئين.

68-

چئي: ماڙئين مَرڪ نه منهنجو، ڀڃ هندورا هڻي،

مون نه وڻي سا ڳالهڙي، تو جا وير! وڻي،

آءٌ ته وينديس اوڏهين، جن جي ڄام ڄڻي،

زوري زور ظلم سان، آئين خان کڻي،

مونکي تن مارن جي، آ گوهر! سِڪ گهڻي،

هئي منهنجي حق ۾، هيءَ بدي باب بڻي،

آءٌ ته خوش ان ۾، جا واحد کي وڻي،

داور پاڻ ڌڻي، شل ميلو مارن سان ڪندو!

69-

سڻي ورندي وير کي، ٿيو ارڙهين رات اندوهه،

عمر اچي مارئي تي، رکيو سومري ستوهه،

چئي؛ اڃا نه مارئي! من جو ڇا کان ڇڏين ڇوهه؟

جهانگي تنهنجا جهنگ ۾، رُلن مٿي روهه،

ٿاريليون ٿرن ۾، ڪن اڪيليون انبوهه،

پاسو پارس سان لڳي، سون ٿئي ٿو لوهه،

ڀوري! انهيءَ ڀاڳ کان، ڪامڻ! ڀڄين ڪوهه؟

پر تون به ٻيٽي ٻڪرار جي، ڪونهي تنهنجو ڏوهه،

لکيو اندر لوهه، مرڪي ويهه تون ماڙئين.

70-

مارئي ڏنو عمر کي، داناءُ هي جواب:

طعنا هڻي تو منهنجي ، ڪيئي دل ڪباب،

هيڻي تي هَلان ڪري، ڏنئي عمر! عذاب،

طعنا هڻين، تعديون ڪرين، ٻيو تک ڏيکارين تاب،

خاوند جو ڪو خوف رکي، ڪر همير! حجاب،

قهري قادر ان تي، جو ڪري ڪم خراب،

ايندس ڏينهن قيام جي، اُت الاهي عذاب،

جنهن جي نيڪي جڳ ۾، هوندا سرس ثواب،

پورهيا پرور ان جا، سائين وجهندو صاب،

جي هت شيطاني شوق تي، ٿيندين فتحياب،

ته به حشر ڏينهن حساب، صحيح ڏيندين سومرا!

71-

اوڻهين رات عمر کي، ٿيو وهم وڏو ويچار،

تنهن موٽي مارئي کي چيو، تون ڪوهه ڪرين انڪار؟

مارو جي ملير جا، سي پٽن جا پنهوار،

مِٽ تنهنجا مارئي! ڪل ٻاٻاڻا ٻڪرار،

هت محل ماڙيون، بنگلا، جايو ۽ جنسار،

پلنگ، پٿراڻيون، پالڪيون، هنڌ، هندورا، هار،

خاصا ويس اطلسِي، زريون زينتدار،

هِت بهاري باغن جي، ڏس چهچٽا چوڌار،

ميوا سڀ موجود هتي، ٻيا گلن جا گلزار،

طرحين طعام تيار ٿيا، ٻيا کاڄ کٿوري دار،

دايون، ٻايون، ٻانهيون، خاصيون خذمتگار،

هي سک سڀيئي سار، مرڪي ويهه تون ماڙئين.

72-

چئي: ڪين وساريان ڪڏهين، پنهنجو وير وطن،

جيئن هِت محل ۽ ماڙيون، تيئن هُت پکا منجهه پٽن،

جيئن هِت هندورا آڇئين، تيئن هُت پنهواريون پينگهه ٻڌن،

جيئن هِت بهاري باغن جي، تيئن هُت گل ڦل گولاڙن،

جيئن هِت شيشا شربتون، تيئن پنهور کير پيئن،

جيئن هِت زيور زريون، تيئن جوڙيون هار گلن،

جيئن هِت طرحين طعام ڪريو، تيئن سِڱرسيون ڪن،

جيئن هِت نرم سيجون سومرا، تيئن هُت واري وڇاڻن،

هِت قيدي ڀانيان ڪوٽ ۾، هُت گسن منجهه گهمن،

ڪاهيو ڌڻ ڌناريون، ٿيون پٽن ۾ پهرن،

سارو ڏينهن سنگهاريون، گڏ ولر ڪيو گهمن،

سي ڪيئن ڪوٽ ويهن؟ جهنگ جني جا جهوپڙا.

73-

ويهين رات وصال لئي، ڪيا وير وڏائي وس،

مڃي مور نه مارئي، توڙي گوهر ٻڌي گس،

چئي: مارئي! ويهين نه ماڙئين، ڇو بنگلي ڪرين بس؟

 

پَٽيو پَٽ ڦٽا ڪرين، اوڍين نه اطلس!

حاڪيماڻا حلوا چکين، نه چُورمَن چَس،

پائين نٿي پنهوار تون، هار حميلا هس،

ويهين ڪوهه نه ڪوٽ ۾، تون آهين منهنجي وس،

جيئن وڻيم تيئن ڪريان، تنهنجو بيجا آهي بحث،

پر ڊڄان خوف خدا جي، ٻيو تنهنجو تن ترس،

محبت ڪارڻ مارئي! تو ڏي سڪ سرس،

ڪانهي توکي ڪس، مرڪي ويهه تون ماڙئين.

74-

چئي: سرندي ٽرڻ سومرا! آهي عادلن اخلاص،

هلين منهنجي حال تي، ٿوڪامل! ساڻ قياس،

تنگ پوين ٿو ڪينڪي، نه ته تنهنجي وس پياس،

اهو اجر آخرت ۾، خاوند ڏيندءِ خاص،

جي ڏسان ها زور ظلم، ته هوند ماڙين ۾ مياس،

پر اٿم سڪ ساڻيهه جي، اندر منجهه اداس،

شال ملان آءٌ مارئين، اٿم جن جي آس،

لوئي ڪين لڄائيان، اهي لاکيڻا لباس،

جس تنهنجي جڳ ۾، آءٌ ڳڻ به ڳائيندياس،

هاڻي باري بند خلاص، ڪر آجي عمرڪوٽ مان.

75-

ايڪهين رات عمر، آيو ٿي وِير به ويچارو،

چئي: مارئي! تنهنجي معاملي، ڪيو من تي مونجهارو،

ڪونه ڏسان ٿو آءٌ ڪو، چوڻ ري چارو،

گوندر منجهه گذاريان، ٿو ڏينهن سڄو سارو،

ڪونه ڪريان ٿو تو اُتي، مارئي! ڪو مارو،

کڻي آڻي کوهه تان، ٿيس ڪامڻ! آءٌ ڪارو،

وطن بيشڪ پانهنجو، آءٌ ڪُل کي پيارو،

پر وساري ويهه تون، اِهو اباڻو آرو،

والِي ڏيئي وارو، مُرڪي ويهه تون ماڙئين.

76-

چئي: عمر! آڇ نه اهڙي ڳالهيون، هي مون نه وڻن،

پرايون زالون زور سان، حڪم ڪين کڻن،

بيڏوهياڻيون بند ۾، هاڃي هيئن نه هڻن،

اڳي عمر! آهيئين، تون ڀي گهوٽ گهڻين،

آءٌ ته مڱيندي کيت جي، جو ڏنم اباڻن،

وطن ڪين وساريان، شل وينديس ڏيهه وڻن!

پرڻي عورت ڪانه ڪا، ڪڏهن ٻن ڄڻن،

معذرتون مسڪين جون، حاڪم تان به سڻن،

موڪل ڏي ته ملير وڃان، پهران ساڻ ڌڻن،

ته ڳالهيون ڳوٺ ڳڻن، ماڻهو تنهنجون ملڪ ۾.

77-

پوءِ ٻاويهين رات ٻڌي، عمر آندي ڳالهڙي،

حياءُ سندي همير ڪئي، اُتي اک انڌي،

مڃين محبت مان ڪينڪي، ٿئين سختي ساڻ سڌي،

چيائين مارئي کي تاب مان، تون ٻهڳڻ! ڇڏ ٻُڌي،

هاڻي ڪندي ڪونڪو، توسان ڳالهه ٿڌي،

هئي تان منهنجي ڪوٽ ۾، تو ڪا ڏات لڌي،

پر ڪمبختيءَ ۾ ڪامڻي! تنهنجي رڳ رَڌي،

پوٰ اوڏي ٿي اُن کي، وڌائين هٿ وڌي،

اُت دانهن ڪيائين درد مان، مارئي مت مُنڌي،

ڏسـٖـي ڪانه ڪنڌي، قادر ڌاران ڪوٽ ۾.

78-

قادر ڌاران ڪوٽ ۾، ٻيو ڀاءُ نڪو ڀاتي، ڏسي هاڃو همير جو، ڇڄي پيس ڇاتي،

ڇڏي سانگو ساهه جو، ڪامڻ کنئي ڪاتي،

ڏٺو حال همير سو، زهر ڀريو ذاتي،

پوءِ جهڙي هيس ڳالهڙي، تنهن پيٽ اندر پاتي،

ستي سمجهي سومري، ڄام اُتي آندي،

جهليس همير هٿ کان، ڪا هيس حياتي،

چيائين ات مارئي کي، تو لئون اندر لاتي،

تنهنجي منڌ مماتي، ناهي منظور مارئي!

79-

تڏهن مارئي چيو عمر کي، ڳوڙها وهائي ڳل:،

اڃا پڻ منهنجي توکي، ڪامل! ناهي ڪل،

آهي تنهنجي اندر ۾، اڃا خام خلل،

ڪرين تاب تڪڙو، ته ماريان هن مهل،

آڏو تنهنجي سومرا! آيو ڄاڻ اَجل،

بيڏوهي بند ڪري، نا جوءِ پرائي جهل،

ورهيه وچان ٿي ڀانئيان، پنهوارن ري پل،

هي تنهنجا مير! محل، قيد برابر ڀانئيان.

80-

ٽيويهين رات ٽُري، عمر مارئيءَ ڏي ويو،

چيو هن پر چاهه مان، ورنهه وير وري،

ته تنهنجي مونکي مارئي! ٿي بيحد ڳالهه ڳري،

تو ڏي حُب هنئين ۾، ڪا جا ذوق ذري،

تڏهن مدي من ۾، مون اندر دل ڌري،

آهي تنهنجي عشق جي، برهئون باهه ٻري،

هاڻي رکي چاهه چري! مرڪي ويهه تون ماڙئين.

81-

تڏهن مارئي عمر کي چيو، ڳاڙها ڳل واهي،

چوڻ حرف هڪڙو، ماڻهو کي آهي،

ڇو دم دم ديوانن جان، ڪڍ پئين ڪاهي؟

منهنجو ويهڻ ماڙين، عمر! هت ناهي،

ڇو  ٿو ڇوهان ڇوهه ڪرين، اندر تو ڇاهي؟

ويهڻ محلاتن ۾، چت نٿو چاهي،

هيءُ شيطاني شوق تون، ڇڏ دلئون لاهي،

مران ته به ملير ۾، هي مڙهه به سانباهي،

پهچائج پنهوارن کي، ٺاهه منجهان ٺاهي،

اي عمر ادا! هي،  لقب نه لوئيارن لڳي.

82-

تڏهين چوويهين رات چيو، سومري هيءُ سخن،

ته مارئي! گهري ٿو منهنجو، محبت ڪاڻ من،

تڏهن ستايانءِ سنگها! ٿو، ڪامڻ لائج،

مارئي! تون ته مارُن جا، سڱ سياڪا ڇن،

ته مارو توکي ميليان، آهي هيءُ وچن،

ياد ڪندس مان گُن؛ مُرڪي ويهه تون ماڙئين.

83-

چئي: مُرڪي آءٌ ماڙئين، ڪامل! ويهنديس ڪين،

ڇڏي هوڏ همير! تون، عمر ٿيءُ امين،

ويندس ويڙهيچن ڏي، ٻولي ٻڌايان ٻي نه،

شيطاني شوق سان، شامل هرگز ٿي نه،

آدم کي ابليس ٿو، نفس ڪري نابين،

پر عقلمند ابليس کي، وجهه نه ٿا ڪو ڏين،

توکي پڻ گمراهه ڪيو، لاشڪ ان لعين،

جو ڪري عدل انصاف سان، عاقل سو به سڏين،

لکن ڏوهه ثواب ٿا، ڪراماً ڪاتبين،

اجل ايندءِ اوچتو، حڪم هلندءِ ڪين،

ڪئين کاڌا ڪيترا، طاهر هن زمين،

دائم سڃاڻي دين، هَل شرع تي سومرا.

84-

پنجويهين پهه پچايو، سومري هِي ساري،

ته مارئي محلاتن ڏي، هِي نار نه نهاري،

ساريو سنگهارن کي، سا ويٺي جر هاري،

پهتس ڪين مراد کي، ٿي مُرٽ اها ماري،

پوءِ اچي مارئي کي، تنهن چيو چيتاري،

ته پاڻ ڇڏيئي پانهنجو، ڇو ڳڻتين ۾ ڳاري؟

مُڪو قاصد ڪالهه مون، ڏوٿين ڏي ڏياري،

ايندءِ پنهور پاڻ، جي جيءُ سندءِ ساري،

ڌيان اهو ڌاري، مُرڪي ويهه تون ماڙئين.

85-

چئي: منهنجا ايندا ڪينڪي، هِت عمر! اباڻا،

ڏي نه ڏک ڏوٿين کي، هو ناقص نماڻا،

ڪامل! ايندا ڪينڪي، ٿر جني ٿاڻا،

ناحق نماڻا رنج ڪرين، ڇو ڏيهي ڏاڏاڻا،

سڱَ نه ڏيندءِ سومرا! پنهور سي پاڻا،

آهين منهنجو ڀاءُ تون، ڄام! ائين ڄاڻا،

اي صاحب سياڻا! هَل شرع تي سومرا!

86-

ڇويهين رات ڇوهه ڇڏي، عمر وڌا پاند،

ته آهي مونکي مارئي! حب هنئين هيڪاند،

محبت ڪارڻ مون ڏنا، وريو پئي ويساند،

نه زوري هوس ظلم سان، ڪامڻ تنهنجو ڪانڌ،

ڪوهه لڳي هن ڪوٽ ۾، مارئي! توکي ماند؟

ٿيءُ راڻي راڄ جي، ڀؤ ٿي ڀانئين باند،

اڄ راڻين سان راند، مُرڪي ڪر تون ماڙئين.

87-

چئي: ماڙين محلاتن ۾ راند ڪنديون راڻيون،

مرڪ جنين جو ماڙيون، پلنگ پٿراڻيون،

ٿريليون ٿرن ۾، ڪن ريجهيو رهاڻيون،

سڄيون راتيون راند ۾، وڃن وهاڻيون،

راند ڪندي ريڍاريون، چونڊي ڏٿ آڻيون،

آڻي ڏٿ اُتان گهڻو، ڇڄن ۾ ڇاڻيون،

لويون لال لڱن تي، پهريون پُراڻيون،

ڇو پت وڃائين پانهنجي، ڪريو عمر! آکاڻيون،

ڏس وڃي تون ڏيهه ۾، ڪي ڄايون ڄاماڻيون،

جي سڳر ساماڻيون، سي نه ڪر بند بلوچ چئي.

88-

ستاويهين رات سومري، مڪو مارئي ڏي ماڻهو،

تنهن چيو مارئي کي، پيش اچي پاڻون،

آهيان تنهنجي ملڪ جو، آءٌ قاصد اباڻو،

مڪائون تو ڏي مارئي، ناتر! ڏيئي ناڻو،

ڇو ٿي ڪرين عمر کان، مارئي! تون ماڻو؟

جنهن سببان سومرو، آهي ورنهه ويڳاڻو،

ڀلي هجي سو مارئي! توتي هٿ حاڪماڻو،

عمر آهي اسان کي، ڪو ساهه به سيباڻو،

آهي اصل اسان جي، هيءَ راڄ سندو راڻو،

ٻڌو سين ته ٿي ڪرين، تون ڳڻتي ۽ ڳاڻو،

سومرو سياڻو، ڪڏهن وساريندءِ ڪينڪي.

89-

چئي: ڪوڙا! قاصدن، اهو ڪميڻن ڪم،

هوندو تن مارن ۾، مارئيءَ ري ماتم،

ڪڏهن چوندا ڪينڪي، لاهي گوندر غم،

پري نه ڪندا پاڻ کان، جنين ساڻ جنم،

ڀاڙ وٺي ڀڙوو ٿئين، لاهي لڄ شرم،

هاڻي هتان هڪدم، نانگا! وڃ نڪري.

90-

تڏهن موٽي ويو مير ڏي، وري سو وڪيل،

ڪيائين سڌ سڀڪا، جيڪا قال مقيل،

ته مڃيو ڪين مارئي، آڻي دل دليل،

هوندي عورت اهڙي، ڪامل! ڪا قليل،

ناحق تو ڀي پانهنجو، آهي ڏکايو ڏيل،

اي عمر ڄام اصيل! مشڪل ويهيئي مارئي.

91-

تڏهن اٺاويهين اٿلي ويو، عمر مارئي وٽ،

چئي؛ مارئي! محلاتن ۾، ويهي نه پهرين پٽ،

ساحاڻي سان مان، تون ڇا ڄاڻين ڄٽ!

ويندئين ڪين وري تون، موٽي مارن وٽ،

جهڙا تهڙا ڏينهڙا، هِت ڪامڻ! ويٺي ڪٽ،

تنهنجي جوءِ جواب جي، ٿي ماري منڌ مرٽ،

نه ته چڙهي پڻ کٽ، مرڪي ويهه تون ماڙئين.

92-

چئي: ظالم هن جهان ۾، ڪڏهن ڪونه جٽي،

ظاهر هن ظالم جا، آهن ڏينهن ٻه ٽي،

ڇڏينديس نه ڪڏهين، مارو مور مٽي،

تون لڳي ڪنهن چغل جي، آئين جهنگ جهٽي،

ڇڏينئي ها ڇوهه مان، پنهور پاڙ پٽي،

وجهنئي ها ويڙهه ۾، سانگي هوند سٽي،

ملندس ڦر اُن جو، جيڪو ڄج ڇٽي،

ڪامل قيد ڪٽي، وينديس ويڙهيچن ڏي.

93-

اوڻٽيهين رات عمر کي، برهه لڳو باري،

شوق رکي شير محمد چئي، ٿيو مارئي تي ماري،

محبت مان مارئيءَ کي، اچي ڏنئين ڏيکاري،

چيائين چاهه مان، ڏي دليئون دلداري،

تو ڏي مون کي مارئي: ٿي حُب ته هيڪاري،

جيئن عذر ڪرين اڳيان، نهڪر سا ناري!

تيئن ويتر وجهين مارئي! ٿي ڳل ڳچيءَ ڳاري.

94-

چئي عمر! اشرافت مان، ڄام نٿو ڄاڻِي،

وٺي مت ابليس جي، ڪيئي پنهنجي پڄاڻي،

مدي رکي من ۾، ٿو تان اڃا تاڻي،

جا کاڄ نه کائي مورهين، پيئي نه پاڻي،

روئندي ساري راتڙي، جنهن ويهي وهاڻي،

سا ڪيئن جهلين ٿو ڪوٽ ۾؟ جا روح ۾ رنجاڻي،

ملندي شال مٽن سان، هي ناقص نماڻي!

من سيّد ٿئي ساڻي، لاهي بند بلوچ چئي.

95-

ٽيهن رات ٽُري ويو، سو سومرو سنهيئي،

ڪيون آزيون عمر ٿي، ڪامل اُت ڪيئي،

هيس جيڪي ڳالهڙيون، جيءَ اندر جيئي،

ته مارئي! تنهنجا معاملا، آءٌ سهان سڀيئي،

منڌ انهيءَ مذڪور جي، آ جڳ خبر پيئي،

ٿي مشهور ملڪن ۾، سا واسجي ويئي،

ته عمر وڌي ڪوٽ ۾، ناتر سا نيئي،

مارين مون کي ڳالهڙيون، ٻهڳڻ سي ٻيئي،

ٻيون ٻوليون ٻن ڏيئي، مرڪي ويهه تون ماڙئين.

96-

چئي: عمر عادلن تي، ٿو رحم ربّ ڪري،

جو سرندي ٽري سومرا! تنهن وير وري،

رکي خوف خاوند جو، ٿو ڏاتر کان ڏري،

بدين ۽ بڇڙاين کان، جهلي پاڻ پري،

ٻن، چئن، پنجن ڏي، ٿو تهدل دل ڌري،

ٻيا پڻ مڃي ٻارنهن ئي، منجهان ذوق ذري،

پنجن سان پورو رهي، ٽيهن کان نه ٽري،

جي امر ۾ ابليس جي، ويندا تحت تري،

سو موذي مر مري، جيڪو ڏکوئي ڏيهه کي.

97-

پوءِ سومري ات سڏي، عمر اميرن کي چيو،

ته مارئي مڃي ٿي ڪينڪي، رکيائين تڏ تڏي،

جهليان زوري زال کي، يا ڏيان صاف ڇڏي،

تڏهن اميرن عمر کي چيو، گفتو هي گڏي،

جا قربئون ويهي نه ڪامڻي، تنهن کي ڏک مَ ڏي،

ڇڏ شيطاني شوق کي، نه ڪر هوڏ هڏي،

هرڪو ويندو هليو، منجهان لوڪ لڏي،

ڇڏ ته وڃي سا پانهنجي، پنهور ترت تڏي،

هي ڀينر ڀاڳ وڏي، مارئي ملي مائٽين.

98-

مارئي ملي مائٽين، وڃي امانت اتي،

سونهين پنهنجي سٿ ۾، ڄاڻي ڄام جتي،

آندي زوري زور سان، هڻي هاڃي هتي،

اها متَ ابليس اچي، وڌي قلب ڪُتي،

قادر ڏسي ڪل کي، ويٺي ۽ سُتي،

سڀ روشني ربّ کي، آ جتي ۽ تتي،

پر عمر! اڄ اتي، اسان ٻڌي هي ڳالهڙي.

99-

اسان ٻڌو ايترو، هڪ دائيءَ جي مُنهاءُ،

جنهن اڄ اظهار ڪئي، اچي خبر اها،

ته بُبا ڏنا عمر کي، آهن مارئي جي ماءُ،

تنهن سببان سومرا! هوءَ ڀيڻ تون ڀاءُ،

مير! توکي مارئي، هڏهين ڪين رهاءِ،

هاڻي مارئي کي موٽاءِ، لاهي غير گمان تون.

100-

سا خبر ٻڌي خان، ڪڍيو غير گمان کي،

ڪري ڀانئي ڀيڻ سا، سومري سلطان،

لٿو شوق شير محمد چئي، شر ويو سلطان،

موٽي مارئيءَ کي چيو، ات عاقل عقلدان:

ته ڀانيم توکي ڀيڻ ڪري، ڏنئي الله امان،

جس توکي مارئي! چوندو جڳ جهان،

ستيا ٻڌي سندرو، شرم رکيو تو شان،

لٿو لُڙ لغاري چئي، ڪڍي غير گمان،

مائٽ ملندئي مارئي! موليٰ ڏيندءِ مان،

مٿان تو مهمان! لٿو بند بلوچ چئي.

101-

شيطاني شوق سندي، آ تات جنين تاري،

تن شرع شريعت کان، ڪئي انڌن انڪاري،

ٿي محو مجاز ۾، تن وحدت وساري،

بَدي ۽ بهتان جي، ٿا کڻن مٿي کاري،

رکن خوف نه خطرو، جا قيام سُجهي ڪاري،

جن رکيو خوف خاوند جو، سرت رکي ساري،

ڊنا ڊاءَ ڌڻيءَ جي، تن محشر موچاري،

سي لوڪان لغاري، پهتا وير وصال کي.

102-

ٿا پهچن وير وصال کي، آ مئـٖـي جني ماري،

ڪنهن کي نيبهه ناهه ڪا، اها عاقل اختياري،

مرسل مير نبي هئا، جن لئي جوڙ جڙي ساري،

جنين ڪاڻ جهان جي، ٿي گل ڦل گلزاري،

ظاهر هن زمين تي، هئا حاڪم هزاري،

سندن هن جهان ۾، حڪم هئا جاري،

ڏني روءِ زمين جي، تن مليٰ مختياري،

ڪيئي زوراوَر زبرا، هئا ڪُوپا ڪنڌاري،

خان ويا سڀ خاڪ ٿي، دولهه دِهاري،

مَلڪ انهيءَ ماري، ڪيئي ڌڱ ليٽايا ڌوڙ ۾.

103-

پوءِ مُڪو ماڻهو مارن ڏي، اوڏانهين عمر،

ته وڃ ويڙهيچن ڏي، ٿاڪ جني جا ٿر،

ڏي تون ڏوٿيئڙن ڏي، وڃي خاص خبر،

ته موٽائي نيو مارئي، پنهنجي سا پنهور،

سڳي ڀانيان ڀيڻ مان، ٿو پاڪ ڏسي پرور،

متان ڀانيو ماروئا! ٻيو ڪو خوف خطر،

ڀلي ساڻ سڳر، مارئي! گهمي مائٽين.

104-

مارئي ملي مائٽين س سلامت صحي،

ڪو دم هئي ڪوٽ ۾، ويس لُڙ لهي،

رضا ساڻ رحيم جي، ڪا جا رات رهي،

پوءِ وڃي رسيو ويڙهه ۾، قاصد اُو ڪَهي،

چيائين چاهه مان، جيئن عمر ڳالهه ڪئي،

ته قلم هيو قضا جو، سو ويو وير وهي،

اوهين سانگيئڙا سنبهي، هلو عمرڪوٽ ۾.

 

105-

هلو عمر ڪوٽ ۾، اوهين پنهور! ڀري پير،

نيو موٽائي مارئي، دم نه ڪريو دير،

سچي سمجهو سانگيا! ڦند نه ڄاڻو ڦير،

ڏني موڪل مارئيءَ کي، غازي ڪڍي غير،

هاڻي ويڙهيچا هن وير، هلو عمرڪوٽ ۾.

106-

پوءِ آيا عمر ڪوٽ ۾، وير سڻي وائي،

مير سڏي مٽن سان اُت مارئي ملائي،

ڏسي ڏوٿيَڙن کي، سهسين سرهائي،

سهج منجهان سا سومري، هوءَ پنهور پهچائي،

مڱي معافي مارئيءَ کان، تنهن بدي بخشائي،

جا ڄارين ۾ ڄائي، سا مائٽين ملي مارئي.

107-

ڀلي ڄائي مارئي، جنهن ستيا رکي سير،

سونهين پنهنجي سٿ ۾، مر مرڪي منجهه ملير،

ڀلي مارن سان ويڙهه ۾، خوشئون پئي کير،

پر عمر ڄام امير، ان جي ستيا ثابت ڪئي.

108-

وڏو انصاف عمر جو، ماڻهو منجهه چون،

جو کڻي آيو کوهه تان، مدي رکي من،

قابو ڪئي قرب لئي، ڪامل منجهه ڪڙن،

پر زور نه ڪيائين زال تي، طلب هيس جا تن،

نه ته عورت وس مرد جي، حيلا تان نه هلن،

جي ڪري ها زور ظلم، ته ڪوڪ ٻڌي نه ڪن،

جي خاوند خوف رکن، سو ڀولـٖـي ڀلندا ڪينڪي.

109-

سي ڀولي ڀلندا ڪينڪي، ڊڄن سنجهه صباح،

ربّ رکي ٿو تن کي، پرور منجهه پنها،

موليٰ پنهنجي مهر سان، ٿو سنئين سهائي راهه،

جن جي نيڪ نگاهه، سي ڀولي ڀلندا ڪينڪي.

110-

سي ڀولي ڀلندا ڪينڪي، جي ڊڄن قيامت ڊاءِ،

رکن خوف خالق جو، هر هر سي هر جاءِ،

هڪ، ٻه، چار، پنج مڃن، ٻارهن پڻ ٻياءِ،

پنجن سان پورا رهي، سڪن سدا تن لاءِ،

تن کي پاڻ خداءِ، ڪين وساري ڪڏهن.

111-

”فاذڪُروني اَذڪر ڪم“ هي اشارو ڪاڻ آدمزاد،

قائم رهيا جي قول تي، تن ماڻي من مراد،

هوندا ڏينهن قيام جي، سي عذابئون آزاد،

ٿي شير محمد شاد، رک ڪلمون ڪوڏ قلوب ۾.

لاالٰہ الا الله محمد رسول الله.

- - -

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org