سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :15

 

تعلقي ٺٽي جي شاعر علڻ فقير جا بيت*

1-

ساراهيان سچو ڌڻي، جو جڳ کي جياري،

ڪئين ڏُليا پنهنجي ڏيهه تي، وڇوڙيا واري،

ڏيئي آب اُڃين کي، پَلرُ پياري،

آهِم سڪ سرير ۾، من ڏاتر ڏيکاري،

اباڻا علڻ چئي ڪڏهن ايندم اوتاري،

سرتين کي ساري، روئي وهايم راتڙي.

2-

روئي روئي حال، مون پسايو پانهنجو،

ڦوڙائي فراق ۾، جر وهايم جال،

قضا آنديس ڪوٽ ۾، منهنجي لڌي سور سنڀال،

اباڻن ري، علڻ چئي، جيئن ٿيم جنجال،

ڪر ڀلايون ڀال، ڪر آجي عمرڪوٽ کان.

3-

ڪر آجي عمرڪوٽ کان، ته وڃي سونهان منجهه سرتين،

ڇنڊيان مڪ ملير جي، ڀيرا ڏيئي ڀٽن،

ڏٿ اباڻي ڏيهه جو، وڃي چونڊيان ساڻ چپٽين،

ڏؤنرا ڏاج اسان جو، آهي قوت قوت منجهه ڪنڊين،

علڻ، اباڻن، وڃي گڏجي گوندر لاهيون.

4-

گڏجي گوندر لاهيون، سڻ عمر ڄام امير،

ڪڍ بندياڻي بند مان، جيئري لاهه جنجير،

سگهي ملان سرتين کي، کلي پيان کير،

اباڻن جي، علڻ چئي، مون کي اندر منجهه اڪير،

ڪر عدالت امير، ڪر آجي عمرڪوٽ کان.

5-

ڪر آجي عمرڪوٽ کان، ته وڃي ڦران منجهه ڦرن،

ڏؤنرا چُونڊيان ڏيهه جا، سڱر ساڻ سرتين

ميوا اسان جي ملڪ جا، پچي پٽ پون،

کيٿريون خوشيءَ مان، ٿيون لامن تي لڙڪن،

علڻ، اباڻن، آءٌ سِيل نه مٽيان سومرا!

6-

سيل مٽڻ سومرا، هيءَ نه پنهوارن پر،

اسين مارو مال چاريون، آنيون گهيٽا واري گهر،

ڏوٿي وڃن ڏٿ تي، ڪن غاريبو گذر،

کٿيون ڌوئي کاهڙ ۾، مهٽي لاهيون مر،

اباڻن جو، علڻ چئي، آهي نيڪ نظر،

ٿورو ڪر ٿر، ڪر آجي عمرڪوٽ کان.

7-

ڪر آجي عمرڪوٽ کان، ته وڃي ڳڻ تنهنجا ڳايان،

مون کي سڪ ساڻيهه جي، آءٌ ويٺي واجهايان،

سرتين ري سومرا، هِت اڪيلي آهيان،

مونکي ڪڍي ڇڏ ڪوٽن مان، توکي پلؤ ٿي پايان،

اباڻا، علڻ چئي، وڃي روئي اباڻي راڄ ۾.

8-

روئي اباڻي راڄ ۾، مون ڪيا هل حشر،

نڪو هو مارن مان، نڪا ٿين خبر،

مون هيڻيءَ سان هاڃو ڪري، ويو اٺ تي کڻي عمر،

قابو ڪيائين ڪوٽن ۾، ڏيئي ديواني در،

قابو ڪيائين ڪوٽن ۾، وجهي نماڻيءَ کي نِير،

اسان کي مدي ناهي من ۾، اها خدا کي خبر،

اباڻن جي علڻ چئي، تون پت رکين پرور،

حيلا ڪري هنر، تون ڪڍي ڇڏ ڪوٽن مؤن.

9-

تون ڪڍي ڇڏ ڪوٽن مان، ته وڃي ڏسان ڏاڏاڻا،

رهن ريلن ڪنڌين ۾، ڪن واري وڇاڻا،

پَهون چارين، ولر وارين، ڪن ڀٽن تي ڀاڻا،

مٽيان ڪين ماڙيءَ تي، اهي پکا پراڻا،

اباڻن جا، علڻ چئي، آهن ٿرن ۾ ٿاڻا،

علڻ، اباڻا، آهن ڏٺي مونکي ڏينهن ٿيا.

10-

ڏٺي مونکي ڏينهن ٿيا، آهيان اُڪنڊي اباڻن،

ڪهڙي سبب سومرا، مون کي ڇنئي منجهان ڇانگن،

آهون منهنجون، علڻ چئي، من ڪوڪون پون ڪن،

اُٺا مينهن ملير تي، ٿيون وسون ولهارن،

موٽي پنهنجي ملڪ تي، من اباڻا اچن،

ڪر ٻهون ٻاجهه ٻٻر تي، جنهن کي وڇڙيا محب ملن،

علڻ، اباڻن، گڏجي سڪون لاهيان سومرا!

11-

سڪون لاهيان سومرا! گڏجي منجهه گام،

سڱر چونڊيان سرتين سين، لڙڪي مٿي لام،

مارن مان ڏي موڪليا، پيرن جا پيغام

هتي سيرا تنهنجا سومرا، آن ترسي کيان نه طعام،

تنهن کان اڳئي مون عمر جا، ڪيا حيلا سڀ سڀ حرام،

کانيان تنهنجي کٽن کي، ٻيو ساڙيان سڀ سامان،

اباڻن کي، علڻ چئي، تون مرڪي ڏي مان،

عدل ڪري احسان، ڪر آجي عمرڪوٽ کان.

12

ڪر آجي عمرڪوٽ کان، ته آءٌ ڏسان وڃي ڏيهي،

مارو مٽ ملير ۾، رهيا وساري ويهي،

هي سام تنهنجي سومرا، اچي پناري پيئي،

آهون منهنجون، علڻ چئي، من ڪن پون ڪيئي،

سومرا سڀيئي، تنهنجا ڳايان ڳڻ ملير ۾.

13-

ڳايان ڳڻ ملير ۾، هوند وڃي هيڪر،

ڪڍي ڇڏ ڪوٽن مان، هن نماڻيءَ کي نِيرَ،

اباڻن جا، علڻ چئي، وڃي گهمي ڏسان گهر،

ٿورو ڪري ٿر، ڪر آجي عمرڪوٽ کان.

14-

ڪر آجي عمرڪوٽ کان، ته آءٌ وڃان ويڙهه وري،

ڪڙا تنهنجي ڪوٽ جا، پوندا ڪرف ڪري،

ٻڪر ٻاٻاڻن جا، وڃي چاريان ڦر ڦري،

لوئي جا لڙڪن سان ڀڄي ٿي ڀري،

سا کٿي ڌونديس کاهڙ ۾، جا ميري آهي مري،

اباڻا، علڻ چئي، ايندم اُٺـٖـي اُڪري،

پُويان ماڙين منجهه مري، ته به منهنجو نِجا مڙهه ملير تي.

15-

منهنجو مڙهه ملير ۾، آندو ويڙهيچن واري،

هئي سام تنهنجي سومرا، اچي پيئي پناري،

تن کي ڪڍي ڇڏ ڪوٽن مان، ته وڃي گڏجي گذاري،

اباڻا، علڻ چئي، من ڏاتر ڏيکاري،

اها سام سينگاري، منهنجو نجا مڙهه ملير ڏي.

16-

منهنجو مڙهه ملير ۾، آيو پنهوارن پاس،

ساڪين ٽڪي ٿي ڪوٽن ۾ جنهن جو روح نه آهي راس،

مٿي چڙهي ماڙيءَ ۾، ڏٺائين اباڻو اُئاس،

لاهي ڪين لڱن تان، لاکيڻو لباس،

روح اباڻي راڄ ۾، هتي مري آيو ماس،

اباڻا علڻ فقير چئي، مڙيئي مديون ڪندم معاف،

عدل ڪري انصاف، ڪر آجي عمرڪوٽ کان.

17-

ڪر آجي عمرڪوٽ کان، جا آئين جهنگ منجهان جهٽي،

سا سُکي ٿي سومرا، وِهندي ڪين وَٽـٖـي،

ڪريو منهن ملير ڏٖي، پيئي ڪڍيو پار پِٽي،

اباڻا، علڻ چئي، مون تکي ٿيا ڏينهن ڏٺي،

من منهنجو لوڙهه لٽي، اچي مارو ڄام ملير ۾.

18-

ماروئڙا ملير ۾، وَٽون ورهائين،

ڏٿ اباڻي ڏيهه جو، خوشيون ڪيو کِين،

آءٌ بي ڏوهي بند ۾، مون کي نٿا نِين،

آءٌ آسروندي آهيان، مونکي سانگي مانَ سڏين،

مون اَڙي جو، علڻ فقير چئي، ڪندو عدالت امين،

هن ٿڪيءَ جا ٿِين، پڻ سياڪا سرتين ۾.

19-

سياڪا سرتين ۾، وڌا پنهوارين پٿر،

مون ڀُليءَ جي ڀاڳ ۾، آيا ڏک ڏمر،

قضا آڻي ڪوٽن ۾، آڻي اڙايس امر،

اباڻن ري، علڻ فقير چئي، منهنجي ڪير لهندو ڪر،

اها کيت سڻي خبر، اچي دانهه بيٺو در تي.

20-

دانهين بيٺو در تي، پنهور پوڪاري،

اها ڪڍي ڏي ڪوٽن مان، جا تو ڇڏي وهاري،

اها ملڪيت اسان مارن جي، ڏي اسان کي واري،

اها ڪڏهن ٽڪندي ڪينڪي، جا ويٺي اڳيان اوساري،

تون سِيل پنهنجو سومرا، آئين پڇاڙيءَ تائين پاري،

اهي اباڻا، علڻ فقير چئي، ڪين ويٺا وساري،

جس ٻنهي کي جهان ۾، ڏني جڳ ساري،

اها سام سينگاري، کڻي ڪيائين حوالي کيت جي.

21-

ڪيائين حوالي کيت جي، اها ننگ ڀري نينگر،

سا موٽي پنهنجي ملڪ ۾، وڃي دختر اباڻي در،

وڃي مرڪي مارن ۾، جنهن جي پت رکي پرور،

هوءَ مهڻا ڏيئي ماري وڌي، انهيءَ کيت بي خبر،

اها سوڍي پنهنجو سور وٺي، هلي دوستاڻي در،

علڻ فقير، آهون ڪري، مون تان لاهيو ڏک ڏمر،

ڪريو ٻاجهه ٻٻر تي، اوهين روضي ڌڻي رهبر،

کڻي قريشي ڪر، اچي مرڪائينس محشر ۾.

 

------


*  هي بيت خود شاعر جي زباني قلمبند ڪيا ويا.

محمد الياس عرف علڻ فقير پٽ ماروءَ جو، پاڙو جيسر ٻٻر، ڳوٺ حاجي ماڪو ٻٻر، حال، تعلقي ٺٽي جو رهاڪو آهي. سندس عمر (1963 ۾) 75 سال کن ٿيندي، انهي حساب سان 1888ع ڌاري ڄائو هوندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org