سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: -

صفحو :47

 

ضميمو - 2

مير بهرام خان جي شهادت

(هن واقعي جي هي روايت لاڙ جي آهي، جنهن تي ساڪري طرف جي بگهياڙن (ڪلمتي بلوچن) جي شاعر بکر گڊي بيت چيا. سڄو واقعو بيتن ۾ هو پر ڪي ورا ياد رهيا جيڪي راقم (نبي بخش) 1952ع ۾ مرحوم حاجي سرماڻ بگهياڙ (ڪلمتي) جي زباني قلمبند ڪيا. )

حڪمران ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي، ميربهرام ۾ ڪن ڳالهين جو شڪ آندو ۽ کيس چيائين ته: ”مير بهرام، جي ڪن ڪڙهي ته؟“ مير بهرام چيو ته:”پوءِ نڪ جو مر ڏجيس“: يعني ته جي ڪن سُئي ڳالهه کلي ته نڪ وڍائيندس، پت وڃائيندس، اتي ڪلهوڙي مير بهرام کي مارائڻ جو پهه ڪيو. مصري نالي جانوري ٻروچ اهو سر معلوم ڪيو ۽ ميربهرام کي سجاڳ ڪيائين:

”مصري نالي جانوري چيو ائين ٻولائي ٻروچ،
ته صباح سيج چڙهندين مور، لائون لهندين گهوٽ.“

تان چئي:

اسان استادن (مرشد) کي مَٺو مور نه گهريو،
پاڇا پٿر پاهنجو ڪنو ڪونه ڪندو،
پر جي امر ائين هوندو، ته رضا تي راضي آهيون.

ميان گهڻن کي ڪن ڏنا، پر ميربهرام کي مارڻ تي ڪو ڪونه سنڊيو. آخرڪار جعفر کوسي آهو (آسرو) ڏنو. منصوبي واري ڏينهن جعفر اندر تلوار کڻي سنڀري ويٺو هو. مير بهرام اندر ميان وٽ ويو ته سندس تلوار ذرا ٻاهر نڪتل هئي. انهيءَ تي ميان چيس ته: ”بهرام اڄ تنهنجي تلوار ٿي اُڳري!“ چيائين ته: ”سائين دشمن ڏٺا اٿس“. چيائين ته: ”آءٌ به تنهنجو دشمن!“ چيائين ته: “جنهن جي گهر ۾ کوسو سو منهنجو ڪو سڄڻ! ۽ انهي وقت ئي جعفر وار ڪيو، مير ويٺي ئي سپر ڏني ۽ پنهنجي ڌڪ سان جعفر کي ماري وڌائين.

هن منصوبي بعد مير بهرام کي پڪ ٿي ته ميان مارائيندو سو وڏي پٽ بجار کي حج تي موڪليائين ۽ ننڍي صوبدار کي ساڻ رکيائين. ميربهرام کي مـِـٺي کوسي چوائي موڪليو ته:

بر سنيهو بهرام کي منهنجو پانڌي نيئي پهچاءِ،
ته ”ميري“ نانءُ مٺو چوي وٽان پاڻ وڃاءِ،
سِپر ساهه ڏنياءِ، نه ته دوست چڙهيو هئين ديوَ جي.

(جواب):

چئي سپر سيڙو ساهه جو توري پڇ تمام،
ائين کوسا سڀ خوار ٿيا ان اونڌي عقل ساڻ،
ڏس ڪيئن لپڻ سان لپيٽ ٿيو تنهنجو جنگ ديءُ جعفر خان!

پٽ صوبدار تڏهن ميربهرام کي صلاح ڏني ته:

”بانڪا اُٿي بهرام، ڀڙ ڀائرن جا ڀاءُ ،
هل جان هلون هالار ڏي، جان ڪڻڪون ڪڇ مٿانءِ ،
گهورون ڏيون گجرات ۾، جيئن وڻ سٽون ڏي واءِ،
پوءِ موٽي تنهن ماڳا”، اچي خبرون کوسن جون لهون.“

ميربهرام وڏو داناءُ ۽ دلير هو، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو وڏو وزير هو ۽ هن جي پٽ ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي کي فسادين جي هٿن ۾ نٿي ڇڏڻ چاهيائين. ڀانيائين ته ميان محمد سرفراز ڪلهوڙو سياڻو ٿيندو ۽ پنهنجي طاقت نه ٽوڙيندو. هن واقعي کي به درگذر ڪري ميربهرام دستور موجب ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي کي سمجهائيندو رهيو، پر ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي سمجهيو ۽ ليکي بدخواهن جي وَر چڙهي ويو. هڪ ڏينهن ميربهرام ۽ سندس پٽ صوبدار کي ميان محمد سرفراز ڪلهوڙو گهرايو ۽ پنهنجن ماڻهن کي به سڏيائين:

عام ڪچهري اٿيا، آيا وچينءَ منجهه وريام،
ميان ماڻهو موڪليو ميڇ ڏيئي کي مام،
الله بخش، پيروز، راڄيا، آءُ تون مير بهرام،
آن کي گهوٽ گهرائيو سنڌ سندي سلطان،
سي چارئي چُري هليا جن هئا اميري ارڪان،
هي (صوبدار) پڻ عهدي اٿيو لڳو ان جي لام،
سي دوسي آيا در تي جت دائم هئا دربان،
ات مير موٽائي جهليو آڏي پائي آڻ،
توکي حڪم ناهه هلڻ جو اتي جميعت وٺ جوان!
سو ڪوپي جيئن ڪر کڻي وڏوڻو وريام،
ڪو جو ڪوڪٽ در تي، اڳيان نه ارڪان!

ٻيا ٻاهر بيهي رهيا جو اندر مير کي مارڻ جو منصوبو تيار هو. سو پنهنجي پٽ صوبدار کي اندر هلڻ کان منع ڪيائين. پر اشاري طور سڃاڻپ ڪرايائين ته: الله بخش (ليکي) مون جهڙو وڏو آهي (منهنجو مٽ آهي). لڙڪو شيدي مير صاحب جو خاص نوڪر اندر هليو، جڏهن مير شهيد ٿيو ته ٻاهر اچي صوبدار کي ٻڌايائين، جنهن الله بخش کي ليٽائي وڌو.

ڪو جو ڪوڪٽ در تي، اڳيان نه ارڪان!
ته مير کڻي شمشير سان ليکي ليٽايو،
هو ڪوٽ جهليو ڪاهو، نه ته مير تڪيا هئا منجهيان!

الله بخش کي صوبدار ماريو ته ٻيا مٿس وري ويا ۽ پاڻ بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿيو.

جهڙيون هنيون صوبدار هيڪڙي تهڙيون جي چونڊيل هڻن چار،
ته ڌڙ ڌٻي ڌوڙهيو ڪري، رُڪ در ڀڃي ڪن بازار،
ته راڄي به ٿي رنگ ڏٺو جا ڪيائون ڪلهوڙي سان ڪار!

يعني: ته راجو رنگ ڏسي ها، جا ڪلهوڙي سين ڪارڪن ها، غلام محمد لغاري صوبدار سان گڏ وڙهيو ۽ شهيد ٿيو:

غلام محمد کي گڊو چوي هئي آزيءَ سين اُپڪار،
سهڻي ائين چئي ته: ”نهين ڪپيندي يار!“
تنهن کي جوان جواب ڏنو سورهيه صوبدار:
ته ”کيڙي چا ڦٽي ڪر، ڏون هٿان سين مار!“

مير بجار حج تي ويل هو، تنهن کي اتي خبر پهتي:

حاجي ويو حج تي بانڪو مير بجار،
خبر پهتي خان کي، ته ههڙو ٿيو آچار،
مير بهرام ماريو ٻيو سورهيه صوبدار،
ڪري اي قرار، وريو ان ولائتان.
--

وريو ان ولائتان ان جي قرار ڪيا،
بادشاهه سين بکر چئي اچي ٻول ٻڌا،
ڍريو جڏ ڍٽا”، تڏ ٿي ڪـُـر ٻـُـر ڪلهوڙن ۾.

مير بجار سڌو قلات جي خان (بادشاهه) وٽ آيو. هتان ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي قلات جي خان کي لکيو ته بجار اچي ٿو ان کي مارائجان”. بجار وڃي لشڪر گهريو، ته هن لشڪر ڏيڻ کان انڪار ڪيو. پر ٻين چيو ته جي پنهنجو لشڪر نه ڏين ته به جي عام ماڻهو بجار سان خوشي سان وڃن تن کي اجازت ڏي. خان اها موڪل ڏني ۽ گهڻا ماڻهو بجار پاڻ سان ڪيا، پويان ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي مير فتح علي ۽ ٻين کي مارائڻ جي ڪئي پر ايتري ۾ ميربجار به اچي پهتو.

ڀرڳڙين ۽ نوحاڻين جو جهيڙو:

ٽالپرن جي دور ۾، حڪومت جو مدار راڄن جي رضا تي هو، يعني ته اها راڄن جي رضا واري حڪومت ئي. هر ڳوٺ ۽ راڄ ۾ جيڪي ڏاڍايون ٿينديون هيون تن جا فيصلا اتي جا راڄ ڪندا هئا. پر جڏهن مٿي ميرن صاحبن وٽ فيصلا ويندا هئا ته به راڄن جي رخ موجب فيصلا ٿيندا هئا ۽ ڏنگي ۽ ڏاڍي خلاف ٿيندا هئا. بنيادي اصول اهو هو، ته جي ٻه ڌريون وڙهن ته به رضاناما ٿين ته جيئن اڳتي لاءِ امن  رهي. وڏو فساد جهان خان ڀرڳڙي ۽ ڪنگوري جي نوحاڻين جي وچ ۾ ٿيو. جهان خان به ڏاڍائي ڪئي پر نوحاڻين اڃا وڌيڪ ڏاڍائي ڪئي، ۽ حيدرآباد ۾ فيصلو ’قتل جو عيوض قتل‘ ٿيو. اڳ جهان خان ۽ ٻيا جملي چوڏنهن مڙس، ۽ نوحاڻين جا ست مڙس مئا. عيوض ۾ ستن نوحاڻين کي قتل ڪرڻ جو حڪم ٿيو، مير صاحب جڏهن ڪچهري مان اُٿي ويو، تڏهن نوحاڻين اڳواڻن جو قتل شروع ٿيو: پنج قتل ٿيا ۽ باقي ٻن کي جهان خان جي ماءُ اچي ڇڏايو. ان بعد رضانامي واري اصول موجب وري به ٻنهي ڌرين کي ٺاريو ۽ ٺاهيو ويو. ميرن پاڻ سرڪار جي (پنهنجي) طرفان نوحاڻين کي پرچايو، جيڪي نوحاڻي قتل ٿيا هئا تن جون زبرون ٻڌايون ۽  ڪن تي قبا ٺهرايا. تاريخ 12- آگسٽ 1996ع تي مون سيف الله خان نوحاڻيءَ سان گڏ ڪـُـنين واري لال ڇتي مقام کي ڏٺو، جيڪو دُنبالي کان ڊگهڙي ويندي رستي لڳ کٻي طرف آهي. جملي تيرهن قبرون چٽرن سان پٿر جون پڪيون ٻڌايل جن مان ستن تي نالا هيسب خان، جعفر خان، حاجي شهڪ فقير نوحاڻي ولد راميڻ، (حاجي شهڪ جو پٽ) رامين، جاني ولد ڪلو، سعيد خان ولد پاهڙ ۽ يارو ولد سالار.

جهان خان ڀرڳڙي وارا ٽنڊي حيدر (پراڻي) جا وڏا هئا. جهان خان ۽ ٻيا مڙس جيڪي مارجي ويا تن جون قبرون راقم ڏنيون. پٿر جون ٻڌايل سهڻيون، شهيدن جي مقام ۾، انهن رستي تي جيڪو حيدرآباد کان ٽنڊو قيصر وڃي ٿو. سڀني تي نالن آڌو شهادت جي ساڳي تاريخ جمعه 11- محرم الحرام 1212هه لڳل آهي. اترين قطار ۾ شهيدن جون پنج قبرون (جن مان آخري الهندين جهان خان جي) ۽ ٻي ڏاکڻي قطار ۾ ڇهه قبرون جن مان اڀرندين ۽ آخري الهندين نمبرن جون اڃا هيٺ ڏکڻ وچ تي هڪ قبر ۽ ان کان اولهه طرف احمد خان ڀرڳڙي جي جنهن 28- شعبان 1277هه تي وفات ڪئي ۽ ان کان ڏکڻ- اولهه ٿوري فاصلي تي حيدرخان ڀرڳڙي جي قبر جنهن مهيني صفر سنه 1265هه ۾ وفات ڪئي. ستن شهيدن جون قبرون هيٺينءَ طرح.... قطار، الهندي کان اڀرندي: جهان خان، عبدالله سمي، رستم خان، حمزه خان، غلام حيدر خان، ڏاکڻي قطار، الهندي کان پهرين قبر حسن خان ۽ اڀرندي واري آخري قبر بهادر خان بن محمد خان.

تاريخ 12- آگسٽ 1996ع تي ڪنگوري (تعلقو ڊگهڙي) ۾ سيف الله خان نوحاڻي وٽ ڪچهري ٿي، جنهن ۾ دودو خان ۽ ٻيا ڀائر آيا ۽ هن واقعي بابت هيٺيان وڌيڪ اهڃاڻ مليا.

- پهريائين جهان خان ڀرڳڙي نوحاڻين جي ڳوٺ ڪتب تي چڙهائي ڪئي. ميرن صاحبن تائين خبر پهتي ته هنن يڪدم ڏهه جلالاڻي سوار اُماڻيا جن ڊوهيون ڏيئي جهان کي موٽايو. پوءِ به فتح باغ جي وڃي دُري ۽ دولت کي ماريائين.

- نوحاڻين جڏهن جهان خان جي ڪوٽ تي حملو ڪيو تڏهن جهان خان سميت 16 ماڻهو مئا. نوحاڻين مان هيٺيان مئا: حيدر سحاقاڻي، سعيد خان سحاقاڻي، ملحغ محموداڻي (ڪونج جو لڳ چوهڙ جمالي) راميڻ غلاماڻي ۽ جاني هيسباڻي: ٻه نوحاڻي فتح باغ تي مئا جملي ست ڄڻا. انهيءَ ڪري قتل عيوض قتل جو فيصلو ٿيو ۽ مير صاحب ستن نوحاڻين کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو جن مان مان هي پنج قتل ٿيا: وڏيرو هيسب خان، جنهن کي ريشم جا ڪپڙا پارايائون. حاجي شهڪ راميڻ جو پيءُ، راميڻ پاڻ، هوت خان ۽ جعفر خان، باقي گبر خان ۽ شير خان بچي ويا جو جهان خان جي ماءُ ٻاهر اچي ڇڏايا.

- ڪُنب مان جيڪي نوحاڻي حملي ۾ شامل ٿيا هئا تن مان هڪ مئو سنجراڻي به هو، جنهن جو نالو بيت ۾ اچي ٿو ته:

”مٺو پٽ مراد جو هو سنجراڻي ساڻن“

جاني ۽ جعفر خان کي بيت ۾ ڏنل جـَـس ته:

”جاني جعفر خان هئا، شرف وڏي شان سان.“

دستين جو ٻگهي خان کي مارڻ:

ٻگهي خان (بـَکو خان) دستي تي پنهنجي دَستين جو وير هو، سو هو اچي شرن جي سردار احمد خان شر (اُٻاوڙو- ڏهرڪي) وٽ سام ٿيو. احمد خان وڏي ڪوٽ ۾ وڏو در وجهايو ۽ ڪُرفن ڪـَـڙن سان بند ڪرايو، ٻگهي خان کي اندر رهايو ۽ پهرو رکايو. تڏهن ٻگهي خان چيس ته: جي دستي ڏاڍا ٿي، تنهنجي ماڻهن کي هٽائي، اچي ڪوٽ تي حملو ڪن ته پوءِ دروازو کولائي ڇڏجان ته مان انهن سان ميدان ۾ وڙهان ۽ ائين نه ٿئي جو مون  کي هتي اندر اچي مارين. احمد خان اهڙي خاطري ڏني.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org