سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 8

صفحو :29

 

5. چورڙي واري جنگ(1)

        هيءَ جنگ برفتن ۽ گبولن جي وچ ۾ ”چورڙي“ مڪان تي لڳي. ”چورڙو“ کيرٿر جي لڪ طرف ٿاڻي بولاخان کان اَٺ ڪوهه الهندي طرف آهي.

        مينهن وٺو ته گبول مال سانگي اتي اچي ويٺا. حملاڻي برفتن مان هڪ شخص، پاڙو ”شودو“ تنهن هڪ گبول کي ماريو. گبولن ان جو عيوض ڪيو ۽ ان شودي کي ماريائون. پوءِ هتان مـَـلڪ احمد خان ۽ ملڪ جيئند خان لشڪر وٺي چڙهيا. ”ٻچاني“ جي مڪان وٽ مـَـلڪ احمد خان ناچاڪ ٿي پيو، سو موٽي آيو. باقي جيئند خان لشڪر وٺي گبولن تي ڪاهي ويو. موٽي انهن گبولن به مقابلي لاءِ لشڪر چاڙهيو. اها خبر ملڪن (برفتن کي پئي، سي رات جو وڃي پاڻيءَ جو گهٽ جهلي ويٺا. پوءِ گبول جيئن لڪ مان لهي هيٺ آيا ته پويان اڙن مان برفتن بندوقون هنيون، جنهنڪري گهڻا گبول مارجي ويا. هنن کي واهه ئي ڪانه ملي جو جنگ هڻي سگهن.

        پوءِ ميرن، مـَـلڪ احمد خان کي حيدرآباد گهرايو ۽ چيو ته: اوهان زيادتي ڪئي آهي، جو راڄن جي ٻن ڌرين جي وچ ۾ عيوض پوري ٿيڻ کان پوءِ اوهان پاڻ لشڪر ڪري چڙهيا ۽ ويساهي ماڻهو ماريا. ملڪ احمد خان چيو ته: شودو منهنجي لشڪر جو اڳواڻ هو،انهيءَ ڪري آءٌ پاڻ چڙهيس. باقي جيڪي گبولن جا مڙس مئا تن جو عيوض ڀرڻ لاءِ تيار آهيان. ميرن جو اصول هو ته ڪنهن به طرح راڄ نه وڙهن، سو گبولن کي به صلح لاءِ چيائون.

        پوءِ ميرن، برفتن ۽ گبولن جو صلح ڪرايو ۽ پاڻ ۾ ”گـَـرڙو ســُـکُ“ ڪيائون، يعني گڏ ويهي پيالا پيتائون.

 ------

 

6. مينهين پنهور جو مقابلو(1)

        پنهورن مان هڪڙا وڏيري دودي خان وارا هئا ۽ ٻيا خان محمد وارا. انهن ٻنهي جو پاڻ ۾ صلح ٿيو ۽ گڏجي هڪ ٿيا. اهو وقت هو جو ڪنهن اچي دانهن ڪئي ته ڪو مغيري وڏو ڌاڙيل ۽ هاڻو آهي، انهي کي ڪو جهلي. انهيءَ تي وڏيري خان محمد چيو ته: آهي ڪو مڙس جو هن سان مقابلو ڪري. تڏهن مينهون لڌاڻي اٿيو ۽ چيائين ته آءٌ مقابلو ڪندس. پوءِ هي مڙس وڃي وڙهيو. ٻيو ساڻس سنگتي اسماعيل پنهور هو. مينهين وڏو مقابلو ڪيو ۽ شهيد ٿيو. ٻيڙي فقير چارڻ هيٺين بيتن ۾ مينهين جي جنگ کي ڳايو ۽ وڏيري خان محمد جي ساراهه ڪئي، ته هو خوش ٿي کيس انعام اڪرام ڏئي ۽ زري زربفت واري لباس جي پاکر پهرائي.

ساراهيان سچو ڌڻي، سارهه جنهن جي ڪن
قادر جي قدرت جا ٿا چارا چٽ چلن
دانهه دودو خان هـُـيو دولهه ڏنهن ديرن
هڪ صاحب سرداري گهڻي، ٻيو سونهين سردارن
خشڪي سيلابي خير سين، ٿا پرڳڻا پرکن
پرچي سرچي پاڻ ۾، حاضر ٿيا حڪمن
آڏو خان محمد خان هو عادل سين عملن
تنهن تواضع تمام ڪيو، سين ورنهه وڏيرن
دانهين اچي دانهن ڪري، ڪوڪ وڌي آ ڪن
ته تنهنجي عمل عدل جي ماٺ لڳي اٿئون من
مغيريءَ جي مـَـئي جو هوند حاڪم هٺ ڀڃن
ته ڪڏهن نه اهڙي ڪن، ناحق ڪنهن سان نه ٿئي.

 

ناحق ڪنهن سان نه ٿئي، ڏس ورنهه ويچاري
آڏو دزد دلاور ويٺا آرڻ اختياري
ته ڪو مـَـرڪي مرد چڙهي وڃي ڙي قابل ڪيڏاري
هو ڀي وري نه ويٺا ويسلا، رڻ ٻارڻ ٻاري
خان محمد خان مـُـڪا چڱا چالاري
هيڏهن دَل دلاور دل جا، هاڻون هاڪاري
پوندا پساري، ڪندا مردن ساڻ مقابلو.

 

الله جل جلالـه سائين قادر پنهنجا ڪم هلائي
جا تقدير ڌڻيءَ جي توڙئون، امر منجهه سڀڪنهن آهي
وير وڏيرا وچ ڪچهري، جـُـنگ ويٺا جايون جوڙائي
خان محمد خاص آڏو اهو اَلاءُ اَلائي
ڪي همراهه اوهان جا قابو، ڪواڙٻنگ جوان اوهان ۾ آهي
اتي مينهون مڳ مانڌان اٿيو آ، جو دُرس دلاور دِل لائي
ٻڌي مچي مٽجي ني بيٺو، محڪم مٿي موت چـُـئائي
هاڻون هاڻن کي گڏيا، هن ڀي ڇڏين هٿ چکائي
ٻيو اسماعيل ساڻن سنگتي، واهه پنهوار وڙهيو ونگ پائي
ڪون ڪنهين ڏي قابو اچي، سڀڪنهن جي سـِـر تي آهي
مار ترار، اتار اتاهون، لوهو لعل اتي رنگ لائي
مولهه سلامت مينهين آندي، گهاؤ وڌو ڏاڍي پڻ گهائي
لرزيو ڪين اتي پڻ لائق، ڪيهر آيس ڪـَـستئون ڪاهي
منجهه ڪچهري ”مـِـينهون“ آيو، نمڪ جو ننگ ملهائي
وير وڏيرن تنهن کي واريو، ”جوڙ مينهين کي جس جڳائي
آئين ڪم اسان جي اهڙي، سورهه سانگو سـِـر تڻون لاهي“
جهڙو جوان لڙايون ڪري، اعتبارين اهڙو ئي آهي
پئي جليو پتنگن وانگي، اوئس آرڻ جو اَهلائي
سورهه شير شهادت رسيو، ويو وارو پنهنجو وڄائي
خان محمد خوش وسي اعليٰ عز جنهن جو آهي
پاونگ گهران ساڻ پلاڻيو، ٻيڙو عالم منجهه ٻڌائي
زَري تـَـران زرَ بفتـُـون، پيچون پاکر مون پهرائي
ٻيڙي اتي ٻاجهون ڪندو، ڪلمون ڪوڏ منجهان جوچائي.

لااله الا الله محــمد رسـُـول الله

7. وسائي مهر جو مقابلو(1)

        وسائو مـَـهر (پاڙو ڇـُـٽا)، ساڏور مـَـهر (ساڏور مـَـهرن جو وڏو) ۽ ڪـِــِـر پيو ماڙيچو، ٽيئي ڏاڍا مڙس هئا. وڳ وڃي هنيائون ته پويان واهر به اچي پهتي. وسائو وڙهيو، باقي ٻئي ڄڻا بي ايمان ٿي پيا ۽ واهر کان جانا ڀري جند ڇڏائڻ لڳا. وسائي ٽي مڙس ماريا، پوءِ پاڻ به مارجي ويو. ساڏور ۽ ڪرپيو به واهر هٿان مارجي ويا، پر مڙس ٿي ڪين مئا. وسائو سنڌ ۽ جيسلمير جي ٻـَـني (سرحد) کان پريان جيسلمير جي حد ۾ رکيل آهي ۽ ”وسائو شهيد“ پيو سڏجي.

هاتڪ پٽ همير جي، ارڏي ڪيو اَلاءُ:
هو ٽيهه ڄڻا اسان ٽي ڄڻا، ڪونهي جنگ جفاءُ
سـَـت ٻڌڻ آ سـُـورهيان، آهن سوڀان هٿ الله.

ڪـِـر پيي پهري ڪـَـنجـِـري، هيڻي واريائين هام
ٻانهان ٻڌي ٻارجان، پيو ڪري سا ڏور سلام.

ڀائـِـيٽو مٺا خان جو ڪوپو قرارو
وسائي وس ڪيو وڙهڻ جو وارو
مهر ته مت وارو، هڻي شير شهيد ٿيو.

------

 

8. لنجن جي کـَـريڙ جي ٺـَـڪرن تي چڙهائي(1)

        ”لنجا“ دَل قبيلي جو پاڙو آهي. لنجن مان درويش راڄسين سومراڻي ٿيو، جنهن جي اولاد مان ”راڄسين پوٽا دل“ لڏي وڃي ڪڇ ۾ ٻني ايراضي ۾ ڪارنگيي ۽ ٺـِـڪراٺيي جي جهل (تڙ) تي ويٺا. ”پڇم“ ۾ ”کـَـريڙ“ جا ٺڪر، جي اتي جا راوَ به هئا، سي ”گهوڙا واهي“ ڌاڙا هڻندا هئا ۽ ڦـُـريون ڪري مال کڻي ويندا هئا. انهيءَ ڪري ماڻهن ۾ آزار مچي ويو هو. جڏهن ٽالپورن جو دؤر آيو ته حڪومت طرفان سنڌ جي قومن جي مدد ٿي. ان وقت خليفي گل محمد راڄسين پوٽي جي وڏي عزت هئي ۽ هن ڪڇ ۾ ڀرنڊياري تي وڃي راڄ ٻڌو هو. ان وقت ٺڪرن سنڌ جي حد مان لنجن جو مال هنيو. پهريائين راڄوڻي ٺاهه لاءِ ”ٻني“ وارن ”راڄسين پوٽن“ فقيرن جون ٻه دفعا وٽن ميڙيون ويون پر ٺڪرن ڪين مڃيون. پوءِ هتان سنڌ مان لنجن جو لشڪر چڙهيو ۽ فقيرن کي ڀرنڊياري مان ميڙ لاءِ گهرايائون. پر تڏهن به ٺڪرن نه مڃيو پوءِ سنڌ جي لشڪر کريڙ ۾ ٺڪرن تي چڙهائي ڪئي. انهيءَ مقابلي ۾ ٺڪر هيڻا ٿيا، آڻ مڃيائون ۽ مال موٽائي ڏنائون. ابن، الياس، سرماڻ، لکو، مانجهي، همير ۽ ٽينجڻ لنجن مان همت ڀريا مڙس هئا. ٻئي طرف سـِـيڌل، هالو، واگهو ۽ راوت ٺڪرن جا اڳواڻ هئا. انهيءَ جنگ تي ڀرنڊياري جي راجسين پوٽن فقيرن مان ڪنهن بيت چيا:

الله جل جلاله، جڏهن سفر سنڀوڙا
سوڻ سڦرا ساٿيين، ويندي واٽ ٿيا
”اَبن“، ”الياس“ پاڻ ۾ ٿيا ”سـُـر ماڻ“ وٽ سوڙها
ته هلو پـُـڇون ”لکي“ کي جو ڀلو آن جو ڀاءَ
”مانجهي“ پٽ ”مظفر“ جو آرهاڻين جو راءَ
هلايائون پئي همير کي، جنهن دانـه در ڀڳا
سعيو ڪري ”سومراڻي“، هنيو ٻاڻ هٿا
(2)
وڃي ڪڙڪيو ڪوٽ ۾ “ٽينجڻ” ڪيو ٽـِـڪا
تنهن ڀڃي ڀـِـست ڀورا ڪي، وڙهڻ جي ويرا.

ڪـُـڏا ڪريو ڪوٽ ۾ سينڌل سنئين نه ڏي.

”هالي“ گهڻا هلائيا، ڪڍي ڪاڳريا.

ڪڍيو ڪاڳرن کي، ويٺو واگهو ائين چوءِ
”ڀڄن سي ڀـِـتين ڇڏي، اُڊڪو جنين هوءِ“
(1)

سائو مٽي سوندري، ٿو پورا کڻي پير
مٿي جا وڙهڻ وير، سا رکي راهت روح ۾.

ڳڙيو مٿان ڳاٽ، نهاري راوت راءِ
هڪڙاميڙا مريدن جا، ٻيا پسو پير اُڀا
ڪن نير ٻـُـڏا ڪپڙا، ڪني لال لانگوٽيا
ڪي گهڻا ڀـُـڻن گودڙيين، ڪي سونهن سفيدا
اوڇڻ جن سين اهڙا، تن سين هٿيار پڻ هئا
ڪـُـند، ڪٽارا، ڪاتيون، هئا جـَـنبوُرن جوڙا
ري سـِـراڻان سـَـٺا، پيرن پڙ پيا
وڍيائون تنهن واگهي کي، جنهن جا ڌُٻن ڌڙ پيا
راوت رؤنسي وڌائون، جنهن جي نڙي ناڏ ڪيا
(2)
کٽي ڇـُـٽي کينءَ سين، لال لنجا وريا
لٿن ڏولائي جا ڏينهڙا، لٿن واءُ سـُـئا
وينداسي ايمان سين، جي ڪلمون چون مـُـها.

9. جتن ۽ چانگن جي ڇاڻي واري جنگ

        هيءَ جنگ ميرن جي اوائلي دور ۾ لڳي. ”ڇاڻي“ هڪ ”گهاري“ يا ”کاري“ آهي، جنهن ۾ سمنڊ جو پاڻي وير تي چڙهي ۽ لهي. ”ڇاڻي“ جي پريان ڏکڻ طرف به ڪافي گهڻي زمين آهي. ڇاڻي جي ڍنڍ، ديهه ڪاڪ (تپو ڏوجهو) تعلقي جاتي ۾ آهي. هن جنگ ۾ هڪ طرف جت هئا ته ٻئي طرف ٻيا راڄ هئا، جن مان گهڻا چانگ هئا. انهيءَ ڪري هن جنگ کي ”ڇاڻي واري جنگ“ يا ”جتن ۽ چانگن جو مارو“ سڏيائون. جت، ”ڇاڻي“ جي پرينءَ ڀر (ڏکڻ طرف) هئا ۽ چانگ ۽ ٻيا راڄ اورئين (اُترئين) طرف کان آيا. ٻنهي طرفن جا جيڪي ماڻهو مئا ۽ اتي لـَـٽيائون، انهن ماڳن کي ”جتن ۽ چانگن جا ڍير“ چون، جيڪي جاتي تعلقي جي ديهه هيتمان ۾ آهن.

        هن جنگ جون ڳالهيون ويندي هن دور تائين ٺٽي ۽ لاڙ طرف مشهور رهيون آهن ۽ اسان پنهنجي پڇا دوران ست روايتون قلمبند ڪيون، جن مان پهرين پنج ٻين سڄاڻن جون آهن ۽ باقي پوين ٻن مان هڪ حاجي ناهڙ چانگ جي ۽ ٻي چڱي جت جي آهي، جيڪو پاڻ انهيءَ جنگ ۾ موجود هو.

روايت حاجي سرماڻ خان(1)

        مرحوم حاجي سرماڻ خان بگهياڙ چيو ته: ”ڇاڻي“ واري ماري ۾ جڏهن هڪٻئي کي سامهون ٿيا ته شير خان جتَ، سمندر چانگ کي پنهنجو مـَـٽُ ڄاڻي سڏيو. هو ٻوڙو هو ۽ سڏ ڪونه سمجهائين، تنهن تي اڳ ۾ پيروز شاهه وڃي شير خان کي سامهون ٿيو. پويان سمندر به وڃي ساڻس گڏيو. شير خان جت جو ترار هنئي ته ٻنهي مان ٻاهر هلي ويئي:

سڏ ڪيائين سمندر کي ته آيو پيروز شاهه
هنيئاين هڪل ڪري ته ٻنهي مان ٻهار

        شير خان جت وڏي همت وارو ۽ بهادر مڙس هو. ترارن جا ڌڪن مٿان ڌڪ لڳس ۽ پاسي کان گوشت پئي لـُـڏيس ته به پئي وڙهيو. جڏهن چيائونس ته هي زور وارا ڌڪ آهن، بيهي ڪونه سگهندين. چيائين ته: ”هي قسمت جا کيسا آهن، ڀل پيا لڏن.“ سندس سؤٽ راڌو به ساڻس جنگ ۾ گڏ هو ۽ وڏو پهلوان هو. پوءِ سندس دل ٽوڙڻ لاءِ ڪنهن چيو ته: ”راڌو مري ويو ۽ تون به ڄاڻ ته مئين.“ تڏهن وڙهندي ورندي ڏنائين ته:

”راڌو ڪو مري!

راڌو مري ته ڌرتي ڌٻي، نونڌ نچن!“

        يعني ته جي اڃا ڌرتي ڪانه ڌٻي آهي ته راڌو به ڪونه مئو آهي. ائين تراريون هڻندي شير خان اچي راڌي جي لوٿ مٿان بيٺو. راڌي کي بندوق لڳي هئي جو مئو هو. چيائين ته:

”راڌي جي ڏيڻَ (ڏائڻ) هـِـنيون ڪڍيو آهي.“

        پوءِ سٽ ڏيئي سامهون هڪ چانگ کي دَسي چيري سندس رت جو چرون ڀري پيئڻ لڳو، جنهن تي سندس لنگهي چيس ته: ”متان هن جو رت پئين جو هن کي کنهبڙي جي بيماري هئي.“ تڏهن چيائين ته: ”راڌي جي موت مون کي هنئين تي تـَـئي وڌي آهي، چيم ته دشمن جو رت پيان ته من باهه ڍري ٿئي!“. ان لڙائي کان اڳ دلدار جت مارجي ويو، جنهن تي سندس يار الهداد ڪرمتي شاعر بيت چيا، جن مان هڪ هن طرح ته:

ارڏو الهداد چوءِ مون سين هو ياري برابر يار
سومن کي مور نه وسري دل منجهان دلدار.

روايت خانبهادر خير محمد خان چانديو(1)

        اول ڪنهن وقت چانگن، ”ڄام“ نالي جت کي ماريو هو. پوءِ چانگ ۽ جمالي هڪ ڀيري جڏهن ”مـُـگر – ڀين“ جي ميلي تي جاتي ۾ آيا ته دينار نالي جمالي کان بندوق ڇٽي وئي ۽ جت مئو. انهيءَ تي جتن، سردار شيرخان چانگ سوڌا چاليهه مڙس ماريا. پوءِ چانگ ۽ جمالي سنڀري ٺهي وڏو لشڪر وٺي جنگ لاءِ آيا. فيروزشاهه ۽ سمندر چانگ سردار هئا ۽ ٻئي طرف شير خان جت سردار هو. جنگ ۾ شير خان کي تراريون لڳيون ۽ آنڊا لڙڪيس پر چيائين ته: ”اهي قسمت جا کيسا آهن“، آخرڪار ماريو. جتن سان ٻيا سندن پنهنجا راڄ وارا ڀيڙا هئا. شير خان وارا راڌاڻي جت هئا. لاکاڻي جت هن جنگ مان ڀڄي ويا.

اهو لائق نه هو لاکي جو، ويو ڇاڻيءَ وير ڇڏي
راڌا راڄ اڏي، جوان گهڙيا آهن جنگ ۾.

        ڪنهن ٻئي قبيلي جي ٻروچ اڳواڻ به شير خان جت کي ڏاڙهي ڏني هئي ته هو ساڻس ڀيڙو رهندو، پر اهو به ڀڄي ويو. تڏهن ڪنهن چيو ته:

ڏاڙهي ڏنياءَ جت کي سا وڌي ڊرڀ ٿياءَ
جهڳو جهڻ ڪياءَ، گهر گهگهيريون لڄايئي.

حاميد خان رند جي روايت

        شير خان راڌو جت هو. سمندر ۽ پيروز چانگ هئا، جن جمالين سان گڏجي جتن تي حملو ڪيو. جت ماريائون ۽ انهن جي گهرن ۾ گهڙي سامان کنيائون ۽ ماين کي ڦريائون. شير خان کي جڏهن چانگن جي حملي جي خبر ملي ته ”سمندر سمندر“ ڪري اٿيو. مقابلي ۾ سمندر ۽ پيروز کي ماريائين ۽ پوءِ پاڻ به مارجي ويو. انهيءَ جنگ تي شاعر الله داد هيٺيان بيت ڏنا:

سڏ ڪيائين سمندر کي، وڃي پيروز خان
ٻوڙي ٻيلين کان پڇيو، ته هو ڇا ٿو چوي خان
چئي: سڏ ڪيائين توکي، وڃي ٿو پيروز خان
اتي سمندر ڳالهه سمجهي، ڪئي عمراڻي اُٺاڻ
پر سٽيائين سمندر کي، پوءِ اٿيو پيروز خان

        شير خان جو پهريون ڌڪ سمندر ۽ پيروز خان ٻنهي کي کڻي ويو:

شابس واليڏانا لوهار، جو تو گهڙيو شڪيلو شير خان جو
هڻي جي هڪڙي کي ته ٻنهي مان ٻهار.

 

        سـُـرها ويري سي جي لوءِ نه لڄين ۽ گهر ٻار نه ڦـُـرين. چانگن جا چڱا مارجي پيا ۽ پوين کي پوءِ اها ساڃا ِّ نه رهي ته جتن جي لوڙهي جي لــڄ رکن.

چانگن ۽ جمالين کي ڇا چوان آئون
چانگن ۽ جمالين جون مـُـٺيون نه مائون!!
هوند پکا پشگيزن جا ڍَنگر نه ڊاٺائون
ڪپر ڪيائون، نيائون پڙڇ پـِـنڊا پاڻ سان.


(1)  هن جنگ جو ايترو بيان، سگهڙ الله بخش پلاري ۽ لال بخش حملاڻي کان مليو.

(1)  کمڻ فقير چارڻ کان سن 1957ع ۾ دادو ۾ ميان دين محمد چارڻ سان ڪيل ڪچهريءَ ۾ قلمبند ڪيا ويا.

(1)  سگهڙ صابر قاسماڻي شر جي روايت جيڪا اُٻاوڙي ۾ ڪيل ڪچهري (8 جون- 1962ع) ۾ قلمبند ڪئي وئي.

(1) راوي (مرحوم) خليفو صابر پٽ خليفو علي راڄسينءَ پوٽو  لنجو دل، ويٺل اَبن جو تڙ، تعلقو مٺي. خليفي مرحوم سان 1959ع ۾ ڪچهري ٿي ۽ هي احوال قلمبند ڪيو ويو.

(2)  سومراڻي يعني اولياءَ راڄسين سومراڻي، جنهن جي هن طرف کي دعا هئي ۽ دشمن کي پـِـٽ جي ڪانـِـي.

(1)  ڀتين ڇڏي ڪڇي سنڌي جو محاورو آهي - معنيٰ ڀتيون ڇڏي.

(2)  رونسي وڌائون = ماري وڌائون. نڙي ناڏ ڪيا = نبض مان رت ريلا ڪيا.

(1)  حاجي سرماڻ خان جي ڳوٺ مڪان پونبري ۾ 2- جنوري 1950ع تي ڪيل ڪچهري ۾ قلمبند ڪئي وئي. آمريڪا مان پڙهائي ڪري 1949ع ۾ وطن ورڻ بعد، سنڌ جي سگهڙن سان ڪچهرين ڪرڻ واري رٿيل ارادي موجب هي پهرين ڪچهري هئي.

(1)  مرحوم خير محمد خان چانڊئي سان سندس فرزند مرحوم محمد يوسف چانڊيي جي دعوت تي سندس پنهنجي ڳوٺ (لڳ لاڏيون) ملاقات ٿي. مرحوم ان وقت پيرمرد هو پر اڃا ڀڙ هو. اڳئين وقت جون چڱيون خبرون ٻڌايائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org