سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي لوڪ - ساهت

باب: --

صفحو :1

سنڌي لوڪ - ساهت

ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي

 

 

 

پدم شري پروفيسر رام پنجواڻيءَ کي

جنهن سنڌي لوڪ ساهت جي ڄاڻ ڏني

 

 

سنڌي ڪوئل ڀڳونتي ناواڻيءَ کي

جنهن سنڌي لوڪ گيتن کي گهر گهر پهچايو

 

 

 

 

ڪتاب بابت 

 

ورهاڱي بعد، سنڌ توڙي هند ۾ سنڌي لوڪ ساهت ڏانهن ڪافي ڌيان ويو آهي ۽ اڄ ان سلسلي ۾ ڪافي ڪم ٿي رهيو آهي.

سال 1952ع ۾ جئه هند ڪاليج ۾ وديارٿي هيس، لئبرري ۾ هندي ۾ آج ڪل ماهوار رسالو ايندو هو، جنهن ۾ ديويندر ستيارئيءَ جا ڀارت جي جدا جدا ٻولين جي لوڪ گيتن بابت ليکه ايندا هئا،جن جي پڙهڻ سان من ۾ سوچڻ لڳس ته ان قسم جا گيت ته سنڌي ٻوليءَ ۾ به آهن، جهڙوڪ لاڏا، لوليون، اوراڻا، ڪافيون شبد وغيره. اهڙن گيتن کي ئي ته ديويندر ستيارٿي لوڪ_ گيت نالو ڏنو هو. من ۾ ويچار آيو ته ڇوڪين اهڙن لوڪ گيتن کي لوڪن جي آڏو آڻجي. مون سنڌيءَ جا ڪجهه اهڙا گيت سنڌي لوڪ گيت نالي هيٺ هفتيوار ”هندواسي“ ۾ ڏنا، جي چڱا پسند پيا. ان ئي عرصي ۾ اُلهاسنگر ۾ ڪنهن پروگرام لاءِ بلراج ساهني کي مکيه مهمان طور گهرايو ويو هو. ان پروگرام ۾ هندي فلمي گيت ڳاتا ويا هئا. بلراج ساهنيءَ صلاح ڏني ته اهڙن سنڌي پروگرامن ۾ سنڌي لوڪ _ گيت ڳاتا وڃن ته بهتر ٿيندو. ان صلاح ٻين ۾ ڪهڙي ڀاونا پيدا ڪئي سو آءٌ چئي نٿو سگهان پر منهنجي اِرادي کي پڪو ڪيو ته مان سنڌي لوڪ _ گيت گڏ ڪندس ۽ اهي عوام اڳيان آڻيندس. منهنجي خيال موجب ته ان وقت سوڌي سنڌي عوام لوڪ_ گيت، خاص طور سنڌي لوڪ_ گيت کان پوريءَ طرح واقف ڪونه هئا.

ڪيترن هنڌن تي خاص طور ادبي ڪلاسن ۾ سنڌي لوڪ_ گيت بابت سوال پڇندا هئا ۽ بحث ٿيندا هئا. ان وچم هفتيور ”هندواسي“ ۾ منهنجا ليکه سنڌي لوڪ_ گيت نالي هيٺ ايندا رهيا، جن پاٺڪن ۽ سنڌي جنتا ۾ چڱي دلچسپي پيدا ڪئي.

 منهنجا ليکه ته اخبارن ۾ ايندا هئا، پر خود مان پاڻ صاف ڪونه هيس ته آخر لوڪ_ گيت آهن ڇا، ڇو جو ڪن پرانتن ۾ اهڙن گيتن کي گرام گيت (ڳوٺاڻا گيت) ٿي سڏيو ويو ته ڪن هنڌ جن گيت مون ان وشيه جو اڀياس ڪرڻ شروع ڪيو ۽ جدا جدا پرانتن / ٻولين جي لوڪ ساهتيه ۽ لوڪ گيتن بابت نڪتل ڪتاب پڙهڻ سان گڏ، انهن ٻولين جا لوڪ گيت گڏ ڪندڙ / ڄاڻن سان به گڏيس. دهليءَ ۾ ديويندر ستيارٿيءَ سان به روبرو گڏيس ( ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻيءَ جي مدد سان) ان عرصي ۾ سنڌ مان مهراڻ رسالو به نڪرڻ شروع ٿيو هو. ان جي ائڊريس تي به خط لکيم ته سنڌ ۾ لوڪ ساهت ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي. مهراڻ ۾ ئي منهنجي خط هيٺان نوٽ ڏنو ويو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته ان لاءِ هڪ يوجنا تيار پئي ڪئي وڃي (سال 1954ع).

هاڻ ان اڀياس (ڪتابي توڙي عالمن سان روبرو گڏجڻ) جو نتيجو هي ڪتاب آهي. هن وشيه کي وڌيڪ خلاصو ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي، جو تازو آميريڪا مان ڀاشا وگيان ۾ ايم. اي. ۽ پي ايڇ ڊي. ڪري آيو هو، تنهن به منهنجي سونهپ ڪئي.

هن ڪتاب ۾ مون جيڪي رويڪ کنيا آهن. ان کان سواءِ لوڪ گيت جا ٻيا به قسم آهن جهڙوڪ معجزا وغيره ان بابت مون تفصيل ۾ ڪونه لکيو آهي، جو اهي قسم هت ڀارت ۾ ڪونه ٿا ڳاتا وڃن.

تازو ڊاڪٽر سنديلي جي ٿيسز ڇپي آهي. ان ۾ وري شبد، اوراڻي وغيره جو تفصيلوار احوال ڪونه آهي. جو اهي شايد سنڌ ۾ ڪونه ٿا ڳاتا وڃن. ڊاڪٽر سنديلي جي ٿيسز ۾ گهڻو زور ڏور، ڳجهارتن تي ڏنو ويو آهي. هن صاحب پنهنجي ٿيسز ۾ منهنجي ڪن ڪتابن جو به حوالو ڏنو آهي لوڪ گيتن ۽ لوڪ ڪٿائن جي سلسلي ۾ اهو سڀاويڪ به آهي جو ڪنهن به وشيه ۾ اڳ۾ ڪو ڪم ڪيل هوندو آهي ته ان جا حوالا اچڻ لازمي آهن. جئن مون ڪي حوالا جدا جدا ڪتابن ۽ ودوانن جا ڏنا آهن.

ڊاڪٽر سنديلي، پرولي، هنر دراهو، ست سري، سينگار، ڏهس، ڏور، مناظرا، مداحون، معجزا، ٽيهه اکريون، مولود ڏنا آهن ۽ انهن بلي اٽڪل سوا سؤ صفحا ڊيمي سائيز جا ڏنا آهن. لوڪ گيت بلي هڪ سؤ صفحا ڏنا آهن. جنهن ۾ لولي، سهرا (لاڏا)، ڪوڏاڻا (ٻال گيت)، ٻيلڻ، ڇلڙا، مورو، جمالو، ڏنا ويا آهن. لوڪ ڪهاڻين جو باب فقط ڏهن صفحن ۾ ڏنو آهي. الله بخش نظاماڻي جو ايم. اي. لاءِ مونوگراف ”سنڌي لوڪ_ ادب جي ارتقائي تاريخ“ ۾ هڪ سؤ صفحا آهن. ان صاحب به لوڪ اَدب جي انهن صنفن جو ذڪر ڪيو آهي جنهن جو ڊاڪٽر سنديلي ڪيو آهي. داڪٽر سنديلي وستار سان ۽ گهڻن مثالن سان ذڪر ڪيو آهي. نظاماڻي صاحب ٿوري ۾ ذڪر ڪيو آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ته جدا جدا صنفن تي الڳه الڳه ڪتاب عالماڻي مهاڳه سان پيش ڪيو آهي.

هت ڀارت ۾ اصطلاحن ۽ چوڻين جا مجموعا نڪتا ته لوڪ ڪهاڻين جا مجموعا به ظاهر ٿيا آهن. پر لوڪ گيتن جو ڪو مجموعو ٻئي ڪنهن اَديب جو نظر ڪونه آيو آهي. مون جيڪي ڪتاب سال 1990ع کان پوءِ ڏنا آهن اهي ئي آهن.

سچ پچ ته هي ڪم ڪافي اڳتي وڌڻ کپندو هو. اڄ اهي سڀ سهوليتون موجود آهن جيڪي ان وقت ڪونه هيون. جڏهن مون لوڪ گيت گڏ ڪرڻ شروع ڪيا هئا. زالون روٽي به ڪنديون هيون يا ٻيو گهرو ڪم هاج ۾ به هونديون ۽ گيت به ڳائينديون هيون ۽ مان پريان، صندليءَ تي ويهي پنو پين ڪڍي اهي برزبان ڳاتل گيت لکندو ويندو هوس ۽ ور ور ڪري پڇڻو پوندو هو ته ”ڇا چيئه...“ ڇو جو لکڻ ۾ اها تيزي نه هوندي هئي جا ڳائڻ ۾ هوندي هين. هي سال 1952ع کان 1992ع وارو عرصو هو.

مون هن ڪتاب ۾ فقط لوڪ ساهت جي ويا کيا ڏني آهي ۽ اهو ڀارت جي ٻين ٻولين جي لوڪ ساهت کي خيال ۾ رکي.

ڪتاب جو هيءُ ٻيو ڇاپو آهي. پهريون ڇاپو سال 1972ع ۾ ظاهر ٿيو هو ۽ هيءُ ٻيو ڇاپو پندرهن سال پوءِ سال 1988ع ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي.

خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو اڄ جدا جدا سنسٿائن طرفان سنڌي لوڪ ساهتيه جي سلسلي ۾ سيمينار ورڪشاپ (ڪاريه شالائون) ٿي رهيون آهن. اهو سڀ ٺيڪ پر لوڪ ساهت ڪٺي ڪرڻ ڏانهن به جوڳو ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڪي نوجوان نڪرن جي اهو ڪم پنهنجي ڪلهن تي کڻن.

مان شڪرگذار آهيان ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو جنهن پنهنجي مشغولين مان وقت ڪڍي هن ڪتاب لاءِ مهاڳه لکيو آهي.

 

سنڌي وڀاڳه،

نارايڻ ڀارتي

بمبئي يونيورسٽي، بمبئي

2- ڊسمبر 1987ع

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org