سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ

 

صفحو :9

 

فيصلو

 

ڏيک پهريون: وقت شام... روزي جو گهر. سهڻو اميراڻو ڊرائينگ روم. صوفي تي روزي ويٺي آهي، خوبصورت ۽ جوان خاتون آهي، جنهن جي چهري تي سنجيدگي طاري آهي. آڏو ٽيبل تي خطن جو ڍير پيو اٿس. خط کولي ۽ پڙهي پئي. فون جي گهنٽي وڄي ٿي، خط پڙهندي بي خياليءَ ۾ ٽيليفون کڻي ٿي.

 

 

 

 

 

روزي: جي... وعليڪم السلام. ڳالهايان پئي... مهرباني.

مون اوهان لاءِ چئي ڇڏيو آهي... نه نه.... فڪر جي ڳالهه نه آهي، توهان صبح جو وڃي ملجوس...

ها ها، منهنجا سلام وڃي ڏجوس.. انهيءَ ۾ مهرباني جي ڪهڙي ڳالهه آهي، اِهو ته منهنجو فرض آهي. چڱو، خدا حافظ.

فون رکي وري ٽپال ڏسڻ لڳي ٿي نوڪرياڻي ٽرالي ۾ چانهه کڻي اندر داخل ٿئي ٿي.

روزي هن کي ڏسي مُرڪي ٿي. نوڪرياڻي چانهه ٺاهي سندس آڏو رکي ٿي. ايتري ۾ دروازي جي گهنٽي وڄي ٿي. نوڪرياڻي بيزار ٿي آهستي در ڏي ٻاهر وڃي ٿي. انهيءَ غير حاضريءَ دوران روزيءَ تي ڪو اثر نه ٿيو آهي. هوءَ اطمينان سان خط ويٺي پڙهي ۽ چانهه به ويٺي پيئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ نوڪرياڻي اچي ٿي سندس هٿ ۾ ڪارڊ آهي. ڪارڊ ڏئيس ٿي. روزي ڪارڊ ڏسي، ڇرڪ ڀري پريشان ٿي وڃي ٿي.

 

نوڪرياڻي سندس ڪيفيت کي محسوس ڪندي

راڻي: بيبي، مهمان کي ڇا چوان؟

روزي: چئينس..

پنهنجن اندروني جذبن کي لڪائيندي، آهستي

چيئنس ته بيگم صاحبه ڪونهي.

حيران ٿي

راڻي: اڳي ته ڪنهن به مهمان کي اوهان موٽايو ڪونهي!

حجت سان

متان ويچاري جو ڪو ضروري ڪم هجي... سڏي اچانس؟

راڻي جي انهيءَ حجت کي محسوس ڪندي، تيز لهجي ۾

روزي: چيم نه ته آءٌ هن سان نٿي ملڻ چاهيان.

راڻي وڃن لڳي ٿي

راڻي: ناراض ڇو ٿيون ٿيو... اوهان جي مرضي، ڪنهن سان ملو يا نه ملو.

۽ دروازي تي پهچي ٿي، تڏهن روزي پنهنجي رويي تي نادم ٿي، بيوسيءَ جي عالم ۾

 

 

 

 

روزي: ترس راڻي.. کيس وٺي اچ.

راڻي بيهي ٿي، سواليه اندز ۾ کيس ڏسي ٿي. راڻي حيران ٿي، منهن کي موڙو ڏيئي ٿي. ٿوري دير کان پوءِ بهرام راڻي سان گڏ اندر داخل ٿئي ٿو. سنجيده جوان. روزي هن کي ڏسي ٿي. اکين ۾ ازلي اُڪير اٿس.

 

بهرام جي چپن تي پاٻوهه ڀري مرڪ

بهرام ساڳي مرڪ سان

غلطي محسوس ڪندي

روزي: بهرام...

 

بهرام: مون کي ويهڻ لاءِ نه چوندينءَ؟

روزي: ويهه... ويهه.. انهيءَ اجازت جي توکي ضرورت ته ڪونه هئي.

بهرام ويهندي، مرڪندي

بهرام: سال کان پوءِ آيو آهيان... انهيءُ ڪري سمجهيم ته هر ڳالهه لاءِ موڪلائڻ ضروري آهي.

اِهو ٻڌي روزي جي چهري تي هلڪي مُرڪ ڊوڙي وڃي ٿي. راڻيءَ کي اشاري سان وڃڻ لاءِ چوي ٿي. راڻي وڃي ٿي. هوءَ بهرام لاءِ چانهه ٺاهيندي.

 

 

روزي: اميد ته اوهان چانهه پيئڻ ترڪ نه ڪئي هوندي.

بهرام: جي نه، البت کنڊ پيئڻ ڇڏي ڏني اٿم.

پريشان ٿي

روزي: خير ته آهي نه؟

کلندي

بهرام: پريشان ٿيڻ جي ڳالهه نه آهي، ائين ئي ڊاڪٽرن چيو ته گهڻي کنڊ چڱي نه آهي، سو ڇڏي ڏنم. هونئن به اسان لاءِ حياتيءَ ۾ ڪوڙاڻ ئي رهجي ويئي آهي.

روزي سندس آخري جملي جي تلخي محسوس ڪندي، آهستي چانهه جو ڪوپ ڏانهنس وڌائي ٿو.

 

ڪوپ وٺندي

بهرام: تنهنجو سوشل ورڪ ڪيئن پيو هلي؟

خيالن مان موٽندي

روزي: سوشل ورڪ پيو هلي. بلڪل ٺيڪ آهي.

بهرام: ڇا اڃان تائين تون ساڳي ڳالهه تي قائم آهين؟

روزي: بهرام، حياتين جا فيصلا ورائي ورائي نه ڪبا آهن، هڪ ڀيرو فيصلو ٿيو، سو ٿيو.

بهرام: آئون حيران آهيان ته تون ڪئين اڃا تائين پنهنجي فيصلي تي اٽل آهين!

ڳالهه کي ٽاريندي

روزي: منهنجي ڳالهه ڇڏ- تون ٻڌاءِ هيترو سارو وقت ڪٿي گذارئيه ۽ ڪيئن گذاريئه؟

ٿڌو ساهه کڻي

بهرام: هڪڙو سال ئي ته گذريو آهي.

خيال ۾ گم ٿي

روزي: ها هڪڙو سال... صدين برابر...

بهرام: ائين ٿو لڳيم جُڳن کان پوءِ توکي ڏٺو هجيم.

ڇرڪ ڀري، پاڻ تي قابو ڪندي، آهستي ميار واري انداز ۾

روزي: پر.... بهرام، پاڻ ته وري نه ملڻ جو عهد ڪري جدا ٿيا هئاسين... پوءِ .... پوءِ تون وري ڇو آيو آهين؟

بيوسيءَ جي حالت ۾ جهيڻي لهجي ۾

بهرام: وري ڇو آيو آهيان؟ اِنهيءَ ڳالهه جي مون کي به سڌ نه آهي. اڄ ئي هتي آيو آهيان، توسان ملڻ هليو آيس.

روزي: هن شهر ۾ تولاءِ دلچسپي رڳو مان ته نه هيس بهرام.

بهرام: محبتن ۽ دلچسپين ۾ ڪي سنڌا هوندا آهن روزي؟ مون توکي چاهيوآهي، پر تنهنجن اصولن آڏو مون سڀڪجهه ڇڏيو آهي.... نه چاهڻ جي باوجود.... نه چاهڻ جي باوجود آءٌ توکان جدا ٿي ويس.

هن جي آڏو روزي جي صورت آهستي آهستي جهڪي ٿيندي وڃي ٿي، ۽ انهيءَ سان هو ذهني طور پنهنجي ماضي ۾ پهچي وڃي ٿو، جنهن ۾ هنن ٻنهي جون پياريون يادگيريون موجود آهن. وقت شام هڪ ننڍڙو ۽ خوبصورت ڪافي هائوس. پس منظر ۾ هلڪي موسيقي پئي وڄي. ڪافي هائوس ۾ چند ماڻهو ويٺا آهن. هلڪي روشني ۾ ڪيمرا ماحول کي واضح ڪري، هڪ ڪنڊ واري ميز تي اچي ٿي، جنهن تي بهرام ۽ روزي ويٺا آهن.

 

 

بهرام: نيٺ تو ڪهڙو فيصلو ڪيو؟

روزي: بهرام، مون کان اهو فيصلو نٿو ٿئي... آءٌ منجهي پئي آهيان ته ڇا ڪريان.

بهرام: توکي فيصلو ڪرڻو پوندو روزي.

منجهندي، جهڪي لهجي ۾

روزي: ڪي اهڙامعاملا ٿيندا آهن جن تي ترت فيصلا نه ٿيندا آهن بهرام....

بهرام: اسان ڪاليج جي زماني کان وٺي گڏ رهيا آهيون روزي، اسان پاڻ ۾ تمام سٺو وقت گذاريو آهي ۽ شايد..... شايد اسان ٻئي هڪٻئي کي چاهيون به ٿا.

روزي: ها.... شايد تون صحيح ٿو چئين.... پر بهرام مان پنهنجي حياتي ڪنهن مقصد سان گذارڻ جي خواهشمند آهيان، مان پنهنجي مقصدن کي پنهنجين خوشين کان وڌيڪ اهم ۽ ضروري تصور ڪريان ٿي. بهرام.... تون ڄاڻين ٿو ته آئون ڪا عام رواجي عورت نه آهيان.

بهرام: مون کي احساس آهي ته تون ڪا عام رواجي خاتون نه آهين پر روزي تون مون کي ائين ڪيئن ٿي نظراندز ڪري سگهين... مون توکي پنهنجي ذات کان وڌيڪ سمجهيو ۽ پرکيو آهي. تو ۾ فيصلي ڪرڻ جي قوت آهي ٺيڪ آهي، پر انسان سدائين صحيح فيصلا به ڪونه ڪندو آهي، ۽ حياتيون ائين وقتي جذبن تحت ٿيل فيصلن تي نه گذرنديون!

روزي: توکي حق آهي ته تون جيئن چاهين، سمجهين.... مان جيڪو ڪجهه سوچيو آهي سو زندگيءَ جي حقيقتن تي مبني آهي... تون مون کان واقف آهين، مان فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، اُن کي مٽائڻ منهنجي اصول جي خلاف آهي.

بهرام شڪسته دل سان اٿي بيهي ٿو. هن جي چهري تي سخت پيڙا جا آثار اُڀري اچن ٿا. روزي سندس انهيءَ تڪليف کي محسوس انهيءَ تڪليف کي محسوس ڪري ٿي.

 

 

روزي: تون پريشان ٿي ويو آهين بهرام!

درد کي روڪيندي

بهرام: مون ۾ ۽ منهنجي محبت ۾ ايتري قوت آهي روزي جو آئون انهيءَ پيڙا کي پڌرو نه ڪريان جيڪا تو ڏني آهي. آئون زندگيءَ جي اصولن کي ڀانئڻ ۽ چاهڻ وارو آهيان. مون کي تنهنجي جذبن جو به قدر آهي. انهيءَ ڪري... جي... جي تون مون سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهين، ته شايد معمولي طرح سان تو ساڻ ملڻ هاڻي مون لاءِ مشڪل ٿيندو.

ائين چئي هو تيزيءَ سان ٻاهر نڪري وڃي ٿو ۽ روزي کيس ڏسندي رهجي وڃي ٿي. روزي جي اکين ۾ ڌنڌ ڇانئجي وڃي ٿو، ۽ فيڊ آئوٽ سان ماضيءَ جون يادگيريون ختم ٿين ٿيون ۽ ساڳيو پهرين ڏيک اُڀري ٿو. بهرام ٿڌو ساه ڀري

 

 

بهرام: ويل وقت جون يادگيريون به نهايت عجيب ٿينديون آهن روزي، نه چاهڻ جي باوجود ائين اوچتو تري اينديون آهن جو انساني احساس جا سمورا سور سامهون ٿي بيهندا آهن... عجيب ڪيفيت آهي!

روزي: ماضي هر ڪنهن کي مٺو ٿيندو آهي بهرام.

کلندي

بهرام: سواءِ تنهنجي...

روزي هن کي ويچارين نظرن سان ڏسي ٿي، ۽ اُن شديد ڪرب جو تاثر بهرام محسوس ڪري وٺي ٿو ۽ ٿڌو ساهه ڀري

 

 

خير، گذريل وقت کي ياد ڪرڻ اجايو آهي، تون ٻڌاءِ تنهنجو سوشل ورڪ ڪيئن پيو هلي؟

بهرام ٿڌو ساهه ڀري هن کي ائين ڏسڻ لڳي ٿو، جيئن سندس چهري مان پنهنجي وڃايل محبت کي ڳوليندو هجي. روزي بهرام جي اکين جي آڏو ڪنڌ ڪجهائي ڇڏي ٿي، ائين لڳي ٿو روزي جو اندر منجهڻ لڳو آهي، هو نهايت سختيءَ سان پنهنجي اُڌمن کي روڪيندي شڪسته آواز ۾

 

 

روزي: سوشل ورڪ.... شايد آءٌ اڳي کان به گهڻو مشغول ٿي وئي آهيان.

بهرام: ماشاءالله، پر ايترو ڪم ته ڪونه اٿئي جو مون لاءِ ذري فرصت ڪڍي سگهين؟ آءٌ پوري هڪ سال کان پوءِ تو وٽ آيو آهيان.

روزي: بهرام، آءٌ تولاءِ سڀڪي ڪري سگهان ٿي.

بهرام جي چهري تي هلڪو ملال آهي آهستي اُٿي پنهنجن جذبن کي روزي کان لڪائي گهٽيل آواز ۾

 

 

بهرام: روزي گذريل سڄي عرصي ۾ آءٌ هر وقت تنهنجي باري ۾ سوچيندو رهيو آهيان. آئون.... آءٌ هتان انهيءَ ڏينهن هليو ويو هوس. مختلف شهرن ۾ ڦرندي ڦرندي آءٌ پهاڙ تي هليو ويو هوس.

روزي: تو ۾ حالتن سان مقابلي ڪرڻ جي قوت نه آهي بهرام.

تيز لهجي ۾

بهرام: آءٌ پاڻ تي ڪوڙ جو نقاب به ته نٿو چاڙهي سگهان روزي.... مان دل جي ڳالهه چهري تي ڏسڻ جو خواهشمند آهيان. آءٌ تو وانگر حقيقتن کان رخ ڦيرڻ وارو نه آهيان.

بنا ڪنهن اثر وٺڻ جي

 

 

روزي: تو پنهنجي باري ۾ پئي ٻڌايو ته تون پهاڙ تي هليو ويو هئين.

 

بهرام: ها... روزي انهيءَ سفر دوران منهنجي ملاقات خورشيد سان ٿي.

روزي پريشان ٿي

 

 

روزي: خورشيد!... ڪير آهي؟

بهرام: پريسان ڇو ٿي وئي آهين؟

روزي: پريشان... نه.... آءٌ ڇو پريشان ٿينديس!

ڏک گاڏڙ مرڪ سان

 

 

بهرام: خورشيد سان منهنجي مائٽي ٿيڻ واري آهي.

روزي جو رد عمل، ڄڻ سندس سڄو وجود ڀڄي ڀور ڀور ٿي پيو هجي، ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر آواز نٿو نڪريس. بهرام سندس ڪيفيت کي محسوس ڪندي نظر انداز ڪري ٿو ۽ هوريان

 

 

بهرام: مان خورشيد سان شادي ڪرڻ وارو هوس، پر اوچتو سندس ماءُ بيمار ٿي پئي، جنهنڪري شادي نه ٿي سگهي.

اندروني ڪيفيتن کي لڪائيندي

روزي: سواءِ افسوس جي ٻيو آءٌ ڇا ٿي چئي سگهان بهرام

مرڪي معنيٰ خيز انداز ۾

بهرام: منهنجو خيال آهي ته خورشيد جي ماءُ تمام جلدي ٺيڪ ٿي ويندي.

 

روزي انهيءَ ڏس ۾ تون منهنجي مدد نه ڪندينءَ؟

روزي جو آواز ڏک وچان ڏڪڻ لڳي ٿو، پر هو ڪوشش ڪري ان کي لڪائي ٿي.

 

 

روزي: آءٌ تنهنجي مدد ڪيئن ٿي ڪري سگهان بهرام؟

بهرام: توکي سڌ آهي ته هن دنيا ۾ منهنجو ٻيو ڪوبه نه آهي، هن شهر ۾ سواءِ تنهنجي ٻي اهڙي هستي نه آهي جنهن تي منهنجي حجت هلي.

روزي: تون چوڻ ڇا ٿو چاهين-؟

بهرام: آءٌ خورشيد کي انهيءَ گهر ۾ آڻڻ چاهيان ٿو جيڪو تنهنجي هٿن سان سينگاريل هجي. ڇا تون منهنجي ايتري مدد به نه ڪندينءَ؟

روزي ڇرڪ ڀري پريشانيءَ وچان اُٿي بيهي ٿي

 

 

روزي: آءٌ... اِهو... اِهو بلڪل ناممڪن آهي.

بهرام: ڇو ناممڪن آهي؟

روزي: الائجي ڇو. مون وٽ انهيءَ ڳالهه جو شايد ڪو جواب به نه هجي.

بهرام: روزي مونکي تنهنجي انڪار تي ڏک ٿيندو.

روزي: ڏک!

ٿڌو ساهه ڀري

 

 

خير، ٻڌاءِ مونکان ڇا ٿو گهرين؟

بهرام: آءٌ سڀ ڪم تنهنجي حوالي ڪرڻ گهران ٿو. مون جيڪو گهر خورشيد لاءِ ورتو آهي، ان ۾ هن وقت ڪا زندگي نه آهي... آءٌ چاهيان ٿو ته تون پاڻ پنهنجن هٿن سان اُن ۾ زندگي پيدا ڪرين.

روزي جي چهري تي تيزي ۽ تلخي جا تاثرات اڀرن ٿا انهيءَ تي ماضي جي يادگيري روزي جي ذهن تي تري اچي ٿي.

ساڳيو ڊرائينگ روم روزي ويٺي آهي. سندس چهري تي اطمينان آهي، بهرام نهايت پاٻوهه سان

 

 

بهرام: مون حياتيءَ ۾ فقط توکي چاهيو آهي. روزي، منهنجي ذهن ۽ خوابن ۾ تون ئي تون آهين. آءٌ تو کانواءِ ڪنهن ٻي هستيءَ بابت سوچي به نٿو سگهان. تون... تون منهنجي پهرين ۽ آخري محبت آهين.

ڪٽ ساڳيو ڏيک

 

 

بهرام: ڇا پئي سوچين روزي.

ڇرڪ ڀري هن کي ڏسي

 

 

 

 

 

خوش ٿي اٿي وڃڻ جي ڪندي

 

روزي: مون کي تنهنجي خواهشن جو احترام آهي. مون کان جيڪي به پڄندو ڪنديس. پنهنجين مصروفيتن مان وقت ڪڍي تنهنجي ڪنوار لاءِ گهر ضرور سينگارينديس..

بهرام: تون واقعي فراخدل خاتون آهين. آءٌ سڀاڻي شام جو ايندس ۽ توکي وٺي هلي گهر ڏيکارينديس... ٺيڪ آهي؟

روزي: ٺيڪ آهي.

بهرام: خدا حافظ

روزي: خدا حافظ

ويندي... آهستي فيڊآئوٽ... ساڳي ڪمري ۾ روزي نهايت پريشان ۽ وياڪل انداز ۾ پسار پئي ڪري. راڻي اچيس ٿي سندس حال ڏسي آهستي

 

 

راڻي: بيبي، خير ته آهي؟

ڇرڪ ڀري هن کي ڏسي ٿي

 

 

روزي: هون...؟

راڻي: مون پڇيو پئي ته توهان جي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟

روزي: ٺيڪ ئي آهي.

راڻي: تڏهن به.... آءٌ تنهنجي پريشانيءَ کي سمجهان پئي. شايد بهرام.

روزي: ها بهرام آيو هو.

آيا: اهو ته مون به ڏٺو هو... پر هو توکي پريشان ڇو ڪري ويو آهي؟

روزي: مون کي پريشان ڪري ويو آهي! ها شايد ايئن ئي آهي راڻي.

هو جلدي شادي ڪرڻ وارو آهي.

راڻي: شادي... ڪنهن سان؟

روزي: ڪا آهي، خورشيد نالو اٿس.

راڻي: ها... مرد لاءِ عورت جو سهارو ضروري آهي- ۽... آخر هو ڪيستائين پنهنجن اُڌمن ۽ اُمنگن کي روڪي سگهيو ٿي

روزي: ها راڻي... پر آءٌ انهيءَ ڳالهه کي اڏوشدت سان ڇو ٿي محسوس ڪيان.

راڻي: شايد تنهنجي دل ۾ هن لاءِ اڃا به محبت آهي.

ٿڌو ساهه ڀري ڏکاري ٿي

 

 

روزي: محبت... ها، شايد ائين ئي هجي. هن جي لاءِ اڃا به منهنجي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ محبت سمايل آهي، ۽ الائجي ڇو آءٌ پنهنجي اندر ۾ حسد پئي محسوس ڪريان:

راڻي: بيبي، تو جيڪو ڪجهه ڪيو سو سٺو نه ڪيو هو. بهرام هڪ سٺو ۽ روشن خيال نوجوان آهي، تو هروڀرو هنکي نظرانداز ڪيو.

روزي: ٿي سگهي ٿو ائين ئي هجي. بهرحال، آءٌ سوچان ٿي ته... ته.... آءٌ هن جي ڪنوار لاءِ ڪيئن گهر سينگاريندس هن جي پسند الائجي ڪهڙي هجي...

راڻي، خورشيد ڪهڙي هوندي؟

آيا: بيبي مون کي ڪهڙي سُڌ، مون ڏٺي ته ڪانهي.

روزي: ڇا هوءَ مون جهڙي هوندي؟

راڻي: آءٌ ڪيئن ٿي چئي سگهان؟

روزي: بهرام بذاتِ خود نهايت سٺي پسند وارو انسان آهي ۽ هن پنهنجي لاءِ جيڪا خاتون زندگيءَ جو ساٿي چونڊي هوندي، اُها يقيناً اهڙي ئي نفيس ۽ وڻندڙ هوندي جهڙو هو خود پاڻ آهي.

راڻي: بيشڪ، پر تنهن سان تنهنجو ڇا؟

روزي: ائين ئي- راڻي، سوچان ٿي ته مرد جي ذات ڪيڏي نه بيوفا آهي. اڄ کان سال اڳ هن منهنجي محبت جا گيت پئي ڳايا، ۽ اڄ هو ڪنهن ٻي خاتون کي پنهنجي زندگيءَ جو ساٿي چونڊيو آهي.

راڻي: انهيءَ ۾ هن جو ڪهڙو ڏوهه بيبي تو ته هن جي ڪاڻ ئي ڪانه ڪڍي.

روزي: ڪاڻ ته مونکي هينئر به ڪونهي پر ايترو ضرور چونديس ته منهنجو فيصلو صحيح هو. مون چڱو ٿيو جو بهرام کي پنهنجي زندگيءَ جو ساٿي نه بنايو.

راڻي: بيبي، زندگي ٻاراڻي راند نه آهي. اُن جو قدر ڪر، حالتن کي محسوس ڪري وقت جي رفتار سان هلو... زندگي ائين نه گذرندءِ جيئن تون گذارڻ چاهين ٿي.

تلخيءَ سان

روزي: مون کي ڪنهن صلاح جي ضرورت نه آهي.

]ڊزالو[

بهرام جو ٻن ڪمرن وارو گهر، جن جي حالت خراب ۽ ڦٽل آهي. سڄو سامان بي ترتيب پيو آهي. بهرام ۽ روزي ٻئي موجود آهن.

 

 

بهرام: هيءُ منهنجو اباڻو گهر آهي روزي، جڏهن به آءٌ هتي ايندو آهيان، تڏهن مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته هيءُ گهر منهنجو ڪو پراڻو دوست آهي. جڏهن ننڍڙو هوس ته سڄو ڏينهن هنن ڪوٺين ۾ رانديون ڪندو هوس. رات جو ڇت تان آسمان جا تارا ڏسندو هوس. هي گهر گهڻن ڏينهن کان ويران پيو هو، پر... پر هاڻي هيءُ گهر وري آباد ٿيڻ وارو آهي.

روزي: ڏاڍو خوش آهين؟

بهرام: ها، مون کي تمام گهڻي خوشي محسوس پئي ٿئي، هي ڪمرو مون خورشيد لاءِ چونڊيو آهي.

ڪيئن، سٺو آهي نه....؟

روزي: ها، تمام سٺو آهي.

بهرام: هاڻي اهو تنهنجو ڪم آهي ته هن گهر کي پنهنجو سمورو هنر هلائي سهڻائي سان سينگارين.

لا تعلقيءَ سان، آواز ۾ شديد ڪرب وچان

 

 

روزي: خورشيد کي ڪهڙا ڪهڙا رنگ پسند آهن؟

هو سوچڻ لڳي ٿو

 

 

بهرام: اِها ته مونکي به خبر نه آهي، پر چيو هئائين ته آءٌ پنهنجي پسنديءَ موجب گهر کي سينگاريان... مونکي ته شايد رنگن جي ڄاڻ نه هجي، مون لاءِ سڀ رنگ هڪجهڙا آهن. تون ئي مهربانيءَ سان رنگن جي رٿ ڪر.

روزي سوچي ٿي، چند لمحن کان پوءِ اداس انداز ۾

 

 

روزي: ڪيترن ڏينهن اندر جاءِ تيار ٿيڻ کپي؟

هڪ ٻارڙي وانگر اتاوليءَ سان

 

 

بهرام: شايد آءٌ وڌيڪ انتظار نه ڪڍي سگهان. ڏهن پندرهن ڏينهن ۾ جيڪڏهن هيءَ جاءِ تون سينگاري ڏئين ته تنهنجو وڏو احسان ٿيندو.

روزي: ڏاڍو انتظار اٿئي!

بهرام: تون هي گهر تيار ڪندينءَ ڪيترو نه سهڻو ۽ عجيب گهر لڳندو.

اڻ ٻڌو ڪري هو بي خياليءَ مان روزيءَ جي هٿن کان اچي ٿو وٺي. اوچتو هن کي احساس ٿئي ٿو ۽ روزيءَ جا هٿ ڇڏي هٽي پري بيهي ٿو.

 

 

بهرام: مونکي معاف ڪجئين. ڀلا تنهنجو سوشل ورڪ ڪيئن ٿيندو؟

روزي: بهرام، دنيا ۾ شايد تون ئي واحد شخص آهين جنهن لاءِ آءٌ پنهنجو سڀ ڪجهه وسارڻ لاءِ تيار آهيان.

محسوس ڪندي

 

 

بهرام: روزي تون هميشه کان مهربان رفيق هئينءَ.

کلندي

روزي: ۽ تون هڪڙو دلچسپ ساٿي! خير، آءٌ توکي سامان جي فهرست تيار ڪر ي ٿي ڏيان، اُهو چُڪائي اچ. ڪوشش ڪنديس ته تون جلد از جلد پنهنجي خوشين جي گهر ۾ اچي رهين.

بهرام نهايت پاٻوهه مان روزيءَ کي ڏسي ٿو، ۽ روزي هن جي نظرن جي پاٻوهه کي محسوس ڪندي ساڙهيءَ جو پَلوُ مٿي تي ڪري، ٻاهر نڪري وڃي ٿي.

]فيڊ آئوٽ[

انهن ٻن ڪمن کي ٺاهڻ جو نظارو اڪيلي روزي ڪمرن کي ٺاهي پئي سامان پئي رکي، تصويرون پئي ٽنگي، پردا پئي هڻي. انهيءَ دوران پس منظر ۾ ڏکاري موسيقي. رکي رکي روزيءَ جي چهري جا ڏک جا تاثر اڀرن ٿا. روئڻ لڳي ٿي ۽ ڄڻ ساڻي ٿي ويهي رهي ٿي. چند لمحن کان پوءِ هو گهر کي ڏسي ٿي. چوڦير نظر ڦيرائي آهستي ڪنڌ هيٺ ڪري ٻاهر نڪري اچي ٿي. سندس اکين ۾ بيحد درد آهي. هن منظر ۾ اهو واضح ڪرڻو آهي ته ڳچ ڏينهن روزي کي ڪم ڪندي ٿيوآهي. آهستي آهستي هن جي ذهن ۾ انهيءَ گهر سان محبت جو جذبو پيدا ٿيندو پيو وڃي، ۽ بهرام جي شخصيت هن لاءِ غير معمولي ٿيندي پئي وڃي، آخري ڏينهن تي هوءَ خورشيد جو ڪمرو پئي سينگاري. هن جي دل تي درد ديرا ڪري وڃي ٿو ۽ بيوسي سان ويهي روئڻ لڳي ٿي.

]ڊزالو[

روزيءَ جو ڊرائينگ روم

روزي چانهه پئي ٺاهي. بهرام کيس نهايت پاٻوهه سان ڏسي رهيو آهي

 

 

بهرام: آءٌ تنهنجا ٿورا ڪهڙي زبان سان مڃان، روزي.

کيس ڏسندي

 

 

روزي: ٿورن مڃڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي تو مونکي هڪ ڪم چيو سو مون پورو ڪيو.

بهرام: آءٌ اهو ئي ته چوان ٿو، ڪير ٿو پاڻ کي ڪنهن ٻئي لاءِ ايترو پتوڙي.

چانهه ڏيندي

روزي: چانهه پي، اجايون ڳالهيون نه ڪر.

بهرام: تو رات ڏينهن ڪري منهنجي گهر کي سينگاريو آهي، اُهو گهر جنهن ۾رڳو ويراني هئي، اڄ زندگيءَ سان ڀريل آهي.

روزي: تو ڏٺو آهي؟ تنهنجي خورشيد جي پسند موجب آهي يا نه؟

بهرام: نه اڃا مان نه ويو آهيان، رهيو سوال خورشيد جي پسند جو، سو مون کي پڪ آهي ته هن جي پسند تو کان بهتر نه هوندي

حيران نظرن سان ڏسي

روزي: مهرباني.

بهرام: خير، منهنجي شاديءَ جي تاريخ پڪي ٿي وئي آهي، هاڻي آئون جلدئي خورشيد کي وٺي ايندس. تون ايندينءَ نه؟

بهرام جي ڳالهه جو هن تي ذهني طور اثر ٿئي ٿو، پر هو ڪنڌ هيٺ ڪري، پنهنجي رد عمل کي لڪائي ٿي ۽ آهستي

 

 

روزي: ڪوشش ڪنديس، توکي ته خبر آهي ته منهنجي زندگي ڪيڏي نه مصروف ٿي گذري، جي واندڪائي ملي ته ضرور اينديس.

بهرام: پوءِ مون کي اجازت؟

روزي: تنهنجي مرضي.

بهرام اُٿي آهستگيءَ سان هن کي ڏسندو ٻاهر نڪري وڃي ٿو. ڪئميرا روزيءَ جي چهري تي اچي ٿي ۽ ٿڌو ساهه ڀري ٿي.

]ڊزالو[

روزي جو گهر. بيڊروم. سندس اکين ۾ لڙڪ آهن.

راڻي کيس آٿت ڏيڻ لاءِ ويٺي آهي.

 

 

راڻي: ائين لڙڪن ڳاڙڻ مان ڇا حاصل!

روزي: مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته مون کي ٿي ڇا ويو آهي. ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي، ڪري نٿي سگهان. هر وقت خورشيد جو ڪمرو اکين آڏو اٿم.

راڻي: ڇا آءٌ هن سان حسد ته نٿي ڪريان؟

راڻي: پنهنجي وڍئي جو ڪو ويڄ يا طبيب، جي تون پنهنجي هٺ تي نه هجين ها ته شايد اڄ انهيءَ گهر جي مالڪ تون هجين ها، جنهن کي تو پنهنجن ٿن سان، ڪنهن ٻئي لاءِ تيار ڪيو آهي روزي.

ڏک وچان

روزي پر ... هاڻي منهنجو ان گهر سان ڪهڙو واسطو؟ آخر انهيءَ ۾ ڪهڙي ڇڪ آهي جيڪا مون کي سُک سمهڻ نٿي ڏئي. اتي جي هرڪا شيءَ خورشيد جي آهي. گهر، بهرام۽ سندس محبت، سڪ... آخر آءٌ پاڻ کي انهن ويچارن کان آزاد ڇو نٿي ڪري سگهان.

راڻي: آءٌ تنهنجي اندر جي اُڌمن کي سمجهان ٿي. اها محبت، جا تو پنهنجي دل ۾ لڪائي هئي، اُها خورشيد جي اچڻ ڪري ڀڙڪو کائي اُٿي آهي.

روزي: مونکي هن سان ڪا دلچسپي ناهي.

راڻي: دلين تي ڪڏهن ڪنهن جو اختيار رهيو آهي بيبي؟ تون نه چئين ته به تنهنجن اکين جي اُداسائي ظاهر ڪري ٿي ته تنهنجي دل ۾ ڪهڙو مانڌاڻ متل آهي.

نهايت ويچارائيءَ سان

روزي: ڇا.... هاڻي مون ۾ حالتن سان مقابلي ڪرڻ جي قوت نه رهي آهي راڻي؟ آيا: بنهه نه .... پر هاڻي هن جي باري ۾ توکي ڪجهه به سوچڻ نه گهرجي. هن پنهنجي دنيا آباد ڪئي آهي، متان تنهنجي وجود سان هن جي گهر ۾ ڪو طوفان اچي وڃي ۽ هن جون خوشيون برباد ٿين.

لاچاريءَ سان

روزي: آءٌ هڪ دفعو هن کي ڏسڻ گهران ٿي، انهيءَ کي جنهن بهرام جي دل ۾ منهنجي جاءِ ڀري آهي فقط هڪ دفعو...

راڻي: جيڪڏهن تون پنهنجي هوڏ تي قائم نه رهين ها ته شايد اڄ توکي اهڙو وقت نه ڏسڻو پوي ها.

روزي ڪنڌ جهڪائي ڇڏي ٿي ۽راڻي اُٿي هن جي مٿي تي هٿ ڦيرائي ٿي

 

 

تون همت واري خاتون آهين روزي- تنهنجي زندگيءَ جو ڪو ٻيو مقصد آهي جنهن ۾ محبت هڪ ثانوي چيز آهي، ائين ملول ٿيڻ توکي نه جڳائي.

هوءَ ڪنڌ کڻي راڻي کي ڏسي ٿي زوريءَ کلڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، سندس اکين مان بي اختيار لڙڪ لڙي اچن ٿا.

]فيڊآئوٽ[

بهرام جي گهر جو ورانڊو. ڏيک شروع ٿيڻ سان ڏکاري موسيقي پس منظر ۾... روزي نهايت آهستي آهستي مختلف چيزن کي ڏسندي ڪنهن شيءَ کي ترتيب سان رکندي حسرت سان سڄي ماحول کي پئي تڪي هو پهرين بهرام جي ڪمري ۾ وڃي ٿي جيڪو خالي پيو آهي. وڃڻ وقت هوءَ ائين ٿي وڃي، جيئن ڊپ هجيس ته متان ڪو هجي، ۽ کيس ڏسي نه وٺي. هو پردن کي ٺيڪ ڪري ٿي. ڪتابن کي کڻي سليقي سان ميز تي رکي ٿي. آهستي آهستي پوئين پيرين موٽي ٿي. کنگهڻ جو آواز ڪن تي پويس ٿو هو ڇرڪ ٿي ڀري.

 

سندس آواز چهري تي سپر. انهيءَ خيال سان هن جي چهري تي پريشاني ۽ پشيمانيءَ جا گڏيل تاثر اڀري اچن ٿا. هو واپس وڃڻ چاهي ٿي، پر تجسس وچان ڪمري مان ٻاهر نڪري خورشيد جي ڪمري جي ٻاهران اچي ٿي بيهي. اندران بهرام جو آواز اچي پيوان دوران سڄو وقت ڪيمرا روزي کي مختلف زاوين کان ڏيکاري ٿي

شايد بهرام، خورشيد کي وٺي آيو آهي.

 

بهرام: خورشيد، توسان گڏ هتي پنهنجي گهر ۾ ويهڻ سان ڪيڏي خوشي ملي اٿم. زمانن کان سوچيندو هوس ته تون ۽ مان پنهنجي گهر ۾ ويهون، کنڊ ته مونکي وسري ويئي- کڻي ٿو اچان... ته نه، تون تڪليف نه ڪر.

روزي جو شديد تاثر- چپ ڀڪوڙي ٿي ڇڏي ڄڻ پنهنجي جذبن تي قابو ڪندي هجي سندس آواز سپر آهستي هلڻ لڳي ٿي.

 

 

روزي: مون کي هتي ترسڻ نه گهرجي

بهرام جو آواز ڪنن تي پويس ٿو هو پٿر بنجي بيهي رهي ٿي

 

 

بهرام: چانهه ۾ هڪ چمچو کنڊ ٺيڪ آهي نه....؟

تنهنجي خدمت ڪندي مونکي ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي، خبر نه آهي توکي احساس به آهي يا نه ته منهنجي دل ۾ تولاءِ ڪيڏي محبت آهي.

روزي جي اکين ۾ لڙڪ تري اچن ٿا، ڄڻ ته سندس ساهه پيو گهٽجي. وک کڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي کڻي نٿي سگهي، آهستي آهستي هوءَ خورشيد جي ڪمري ڏي وڌي ٿي، پر هو پردو کڻي اندر ڏسي ٿي. ڪرسيون خالي آهي، چانهه جا ٿانَوَ پيا آهن، ننڍڙي ميز تي اڪيلو بهرام ڪنڌ ٽيڪيو، اونڌي منهن پيو آهي.

 

گهٽيل آواز ۾

روزي: بهرام

بهرام ڪنڌ نٿو کڻي

روزي اکين ۾ پاڻي آڻي، واپس وڃڻ لڳي ٿي.

دروزي تي بيهي هڪ دفعو هن کي ڏسي ٿي ۽ بي اختيار

 

 

 

 

 

روزي: بهرام....

بهرام ڇرڪ ڀري هن کي ڏسي ٿو سندس چهرو غمگين آهي

 

 

روزي: مون کي افسوس آهي، مون کي نه اچڻ کپندو هو.

ڏکاري مُرڪ سان- ياد ڪندي

بهرام: ڪا ڳالهه ڪانهي.. ويهه چانهه پي اوهه پليس، چانهه آهي ڪٿي؟

روزي صوفي تي ويهي رهي ٿي بهرام ڏکاري انداز ۾

 

 

بهرام: چند گهڙيون اڳ هڪ مزي جهڙو لقاءُ پئي ڏٺم. آءٌ به ڪهڙو نه بيوقوف آهيان، پر ڇا ڪريان، تون خيالن ۾ به مون کان پري نه آهين... هتي... هن پنهنجي گهر ۾... ۽ اڪثر....

روزي: بهرام تو شايد مون کي نه سڃاتو مان.... خورشيد نه آهيان، آئون روزي آهيان.

بهرام: آءٌ توکي سڃاڻان ٿو.

روزي: تو شايد سمجهيو ته آئون خورشيد آهيان.

ڏکاري انداز ۾.

بهرام: نه روزي- خورشيد ڪهڙي. خورشيد نه ڪا هئي نه ٿيندي، هميشہ تون ئي تون هئينءَ... روزي به تون، خورشيد به تون... مون سوچيو هو ته گهر جي ڇڪ توکي سدائين لاءِ منهنجو ڪري ڇڏيندي، پر جڏهن توکان شادي لاءِ موڪليايم ٿي تڏهن به تو اهڙي لاغرضائي ۽ بيپرواهيءَ سان موڪلايو جو منهنجي آخري اميد به ٽٽي پئي.

روزي: بهرام تون ڀليو هئين، مون ان وقت پنهنجي دل کي ڏاڍو ڪري بيپرواهي ڏيکاري هئي، انهيءَ لاءِ ته متان مون کي مايوس ۽ ڏکايل ڏسي تنهنجي خوشيءَ ۾ ڪو رخنو پوي.

بهرام حيرت ۾ هن کي ڏسي ٿو. ٻئي هڪٻئي کي محبت ڀرين نگاهن سان ڏسن ٿا، ڪجهه ڳالهائڻ گهرن ٿا پر آواز نٿو آُٻهين

 

 

روزي: بهرام... ڇا اڃان به تنهنجي دل ۾ منهنجي لاءِ....

هو اٿي ٿو، ۽ هڪ قدم اڳتي وڌي روزيءَ جي هٿ کي وٺي، گوڏن ڀر ويهي، هن جي گوڏن ۾ پنهنجو ڪنڌ لڪائي ڇڏي ٿو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com