سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ

 

صفحو :3

پنرو بڊام

 

]شروعاتي موسيقي. جنگ جو تاثر اُڀري ٿو. باه جو تاثر، گهوڙن جي ڊوڙڻ جو تاثر، مردانه، ٽهڪ، عورتن جون دانهون[

ارغون سردار:   (ٽهڪ ڏيندي) بڊام جو ڪوٽ، هن ملڪ جي وڏي سورهيه ۽ سرڪش سردار جو راڄ، (ڪاوڙ ۾) ڪنهن کي به جيئرو نه ڇڏيو. پوڙهن ۽ جوانن کي قتل ڪريو، جيئن بڊام پنري کي سڌ پئي ته آڻ نه مڃڻ جو ڪهڙو نتيجو آهي. سرڪشيءَ جي ڪهڙي سزا آهي! (ٽهڪ ڏئي) شاباس بهادرو، اڄ لٽيو.. ڦريو. سمن جي سرداري راڄ جي رت سان راند ڪريو.

                ]ٽهڪ ڏئي ٿو. جنگ ۽ باهه، ماڻهن جي دانهن ڪوڪن جو تاثر چند گهڙين لاءِ اُڀري ٿو. گهوڙن جي وڃڻ جو تاثر. ٿوري دير لاءِ بنهه ماٺ ۽ ان کان پوءِ پس منظر ۾ باهه جو هلڪو تاثر ۽ ان جي پس منظر ۾، پڙاڏي ۾، مردانو آواز[

آواز:            (سُر ۾، صدا جو انداز)

                اڄ گهرجين يارَ، بڊاماڻي پُنرا!

                ڪاڇي ٻئي پار، اچي ويرين وڙهيا.

__

اڄ گهرجين تون، بڊاماڻي پُنرا!

مٿان اچي مون، ويرين واٽون لائيون.

]باه جو تاثر نمايان ٿئي ٿو، ۽ موسيقي[

پنرو:   (پريشان ٿي) شير ڀاءُ، تو ڪو آواز سُئو؟

شير:   آواز؟ هتي ته چؤطرف ماٺ لڳي پئي آهي، سردار.

پنرو:   نه ڀاءُ، منهنجي دل چئي ٿي ته ڪنهن مصيبت جي ماريل کي منهنجو ڪاڍو آهي، ڪنهن مون کي ساريو آهي، سو ڪو دل وارو آهي..... ۽ ..... ۽ ..... ڀاءُ هي مونکي ڪهڙا پسڻ پيا پون!

شير:   آءٌ ڪجهه چئي نٿو سگهان سردار، ايترو سو ضرور چوندس ته اڄ تون الائجي ڇو ملول آهين؟

پنرو:   بيشڪ، تون سچ ٿو چئين شير .... پر ڇو؟ انهيءَ جي مون کي ڪا پروڙ ڪانهي. ڪا ڳالهه مڙيئي آهي.

شير:   عجب آهي سردار! پنري جهڙو سورهيه سردار، جنهن جي گهوڙي جي سنبن جو آواز، ماڻهن جا ڏيل ڏڪائي ڇڏيندو آهي، جنهن جي تراڙ کي وڄ جو پاڻي پياريل آهي، سو اڄ ڪنهن اوڦٽو وهم ۾ اڙجي حيران ٿيو آهي!

پنرو:   (پنهنجي دلي حالت کي لڪائيندي) نه نه، مون کي وهم ته ڪونهي شير، پر ڪجهه مڙيئي ٿيو آهي. ڪو مانڌاڻ متو آهي، ڪو وڳوڙ ٿيو آهي، جنهن منهنجي دل ۾ ايڏي آنڌ مانڌ مچائي آهي!

شير:   پر سائين، ڪا خبر به پئي، ڪٿي مانڌاڻ متو آهي، ڪنهن وڳوڙ مچايو آهي؟

پنرو:   (ڪنهن خيال ۾ ٻڏل آواز ۾) شير، دل گهرين جو سيڪ ستت ايندو آهي. اڄ اهي حالتون نه رهيون آهن، اسان جا ويري وڌي ويا آهن. اسان پنهنجن گهرن راڄن کان پري پيا هلون، ڪٿي ائين نه ٿئي ته ڪو اسان جي پرپٺ اسان جي راڄ تي هلان ڪري.

شير:   سردار، سنڌ ۾ ته ڪو اهڙو مڙس ڪونه ٿو سمجهيم جيڪو تنهنجي ڪوٽ تي ڪاهي..... باقي .....

پنرو:   ڇا به هجي شير، مون فيصلو ڪيو آهي ته اسان راتو_واهه واپس موٽي هلنداسين. دل ۾ جيڪا مونجهه آهي، سا اتي ئي لهندي. ٻي ڪا جاءِ ته ڪانه ٿي سُجهيم، سفر جي تياري ڪريو.

شير:   حاضر .... (وڏي واڪي) ڀائرو، سفر جي تياري ڪريو، سفر جي تياري ڪريو.

        ]فيڊ آئوٽ. ماڻهن جو گوڙ ۽ گهوڙن جي وڃڻ جو تاثر. موسيقي. باهه جو تاثر، ماڻهن جون هلڪيون دانهون، گهوڙن جو پريان اچڻ ۽ بيهڻ جو تاثر. باه جو تاثر نمايان ٿئي ٿو[.

پنرو:   (حيران ٿي) هي..... هي سڀ ڇا ٿي ويو؟ منهنجو راڄ، منهنجو گهر ۽ منهنجو ڪوٽ سڀ ختم ٿي ويا! حياتي سان جن جي دلين ۾ نينهن هو، تن لاءِ اها سزا، زندگي جي خوشين جو رسامو مون سان ئي آهي، (ڏک وچان) هي سڀڪجهه ڇا ٿي ويو! (وقفو) منهنجو وهم سچو ٿيو! شير، هي ڏس، اسان جي گهرن گهاٽن کي باهيون ڏنيون ويون آهن. جتي حياتيءَ ڀريا ٽهڪڙا، محبت ۽ امن جا سنيها هئا، اتي اڄ موت جهڙي گنڀير ماٺ آهي. (جذباتي ٿي) ڪنهن کي موت جو سڏ ٿيو، ڪنهن جا ڏينهن کٽا آهن، جنهن هيءَ همت ڪئي آهي! ٻڌايو (وقفو) ڪوبه ڪو اهڙو ڪونهي جيڪو منهنجي سوال جو جواب ڏئي؟ ڇا هن ماڳ تي حياتيءَ جي تِر جيتري به رونق نه رهي آهي؟

شير:   سردار.....

پنرو:   شير ڀاءُ، ڏس، متان ڪٿان اسان جي سوال جو جواب ملي. ڳولا ڪر، متان ڪٿان دشمن جا پار ملن، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ اسان جو جيئڻ اجايو ٿيندو. جن سان اسان جون خوشيون هيون، رهاڻيون هيون، سي نه رهيا ته پوءِ اسان جي ڇا ڪنداسين.

شير:   سردار، اهڙيون ڳالهيون نه ويچارجن جو جن سان تنهنجا حواس ئي خطا ٿي وڃن؛ اڃان اسان کي جيئرو رهڻو آهي، هڪ خاص خيال ۽ مقصد سان، اسان کي بيگناهن جي خون جو وير وٺڻو آهي.

پنرو:   وير ... ها شير، تون ٺيڪ ٿو چئين، اسان کي اڃان جيئڻو آهي، هن ڌرتي تي جيڪي رت جا واهڙ وهيا آهن، انهن جي حساب وٺڻ لاءِ ... پر شير منهنجا ڀاءُ، اسان کي اهو وير ڪنهن کان وٺڻو آهي. اسان کي پنهنجي دشمن جو ڏس ڪير ڏيندو؟

شير:   آءٌ ڏسان ٿو، متان هنن لاشن مان ڪنهن هڪ ۾ ڪي پساهه هجن.....

پنرو:   لاشن نهارڻ مان ڇا ملندو شير. متان ڪنهن دل گهرئي قريب جو رت ۾ ٻڏل مڙهه ڏسي تنهنجا لڙڪ نه ڇلي پون ۽ هنن بيگناهه ڪٺل بهادرن جي روح کي ڪو لوڏو نه اچي!

شير:   پنري بڊام جي ڀاءُ شير جا لڙڪ ايترا سهانگا ڪونهن جو ايئن ئي ڇلي پوندا، پر سردار هنن جا رت ۾ رڱيل جسم اسان جي لاءِ ويڻ آهن. اهي ڌڪيل روح اسان ڏي واجهائين پيا ته اڃان اسان جون ترارون کپن مان ڇو نه نڪتيون آهن، سردار آءٌ ڏسان .....

        (هڪ گهوڙي جي وڃڻ جي تاثر)

آواز:    (ڪمزور):  ڪير آهين......؟ ..... آ ......

شير:   آءٌ شير آهيان.

آواز:    (بيتابيءَ وچان): شير، سردار ڪٿي آهي؟ آءٌ انهي جي واٽ نهاريندي اڃان جيئرو رهيو آهيان. ڪٿي آهي سردار؟

شير:   دل نه لاهه دوست، سردار اچي پيو.

        (هڪ گهوڙي جي اچڻ جو تاثر)

سردار: هن همراه ۾ اڃا ڪي پساهه آهن. توسان ڳالهائيندو.

پنرو:   ٻڌاءِ يار! هي سڀ ڇا ٿي ويو؟ آءٌ هتي ڀريا ڀڪليا گهر ڇڏي ويو هوس، هي بربادي ڪهڙي غينم آندي؟

آواز:    (مئل آواز ۾) تنهنجي وئي کان پوءِ اسان تي ڪهڙا ڪهڙا ڪيس ٿيا! ڪهڙا ڪهڙا جنگ جوان ڪسجي ويا، ڪهڙا جونجهار سر ڏئي سرها ٿيا، آءٌ ٿو ڄاڻان يا هي ڌرتي ٿي ڄاڻي، جنهن جي اگهاڙي سيني تي سندس ڪونڌرن جا ڪنڌ پڪل ميون وانگر ڪريا، ۽ ڌڙ ڌوڙ ۾ لٽيا.

پنرو:   مون کي ٻڌاءِ دوست، تنهنجي ڳالهين منهنجو رت ٽهڪائي ڇڏيو آهي!

آواز:    سردار، آءٌ تنهنجي رت کي اڃا باهه لڳائڻ ٿو گهران. آءٌ اهڙو ڀنڀٽ ڀڙڪائڻ ٿو گهران، جيڪو ايستائين جهڪو نه ٿئي، جيستائين تون هڪ هڪ ويريءَ کان ڳولي پنهنجي راڄ جو وير وٺي دنگ نه ڪرين.

پنرو:   مون کي ٻڌاءِ، توکي سُنهن آهي انهي سڳوري سرزمين جو، جنهن ۾ تون پيدا ٿئين، ٻڌاءِ اسان جو دشمن ڪير آهي؟

آواز:    سردار، منهنجي زندگيءَ جون فقط ڪي گهڙيون وڃي بچيون آهن. هڪ هڪ ساعت امُلهه آهي، ۽ مون کي پڪ هئي ته تون اوس ايندين، جيڪڏهن تون نه اچين ها ته شايد منهنجو روح سدائين رلندو وتي ها. تنهنجي نيلوفري جي سنبن جي آواز مون کي ڪي گهڙيون ڏنيون آهن، انهي لاءِ ته آءٌ پنهنجي هينئين جو بار لاهيان.

پنرو:   مون کي ٻڌاءِ يار، هي ڪيس ڪيئن ٿيو ۽ ڪنهن ڪيو؟

آواز:    اڳين رات هتي ساڳيون خوشيون هيون، حياتيءَ سان ڀريل ٽهڪڙا هئا..... پر..... پر.... هڪ گهڙيءَ جي وقت ۾ اهي سموريون خوشيون اسان کان سدائين لاءِ رُسي ويون..... هر طرف رت جا واهڙ وهيا..... ۽ باه جون ڄڀيون آسمان سان سينو ساهڻ لڳيون....

(باهه ۽ جنگ جو تاثر اڀري پس منظر ۾)

ميو:    دوستو، هٿيار کڻو، هوشيار ٿيو، مڙس ٿي ويريءَ سان وڙهو، ايئن ڪونه سمجهي ته پنري جي وڃڻ کان پوءِ هت ڪو مڙس ڪونه رهيو آهي. اسان هر ويريءَ سان مڙس وانگر مقابلو ڪري سگهون ٿا. اسان جي نسن ۾ بهادر ۽ شهزور مائٽن جو رت آهي: اسان جي روايت آهي ته جيئري پنهنجي دشمن کي فاتح نه ڏسندا آهيون. هنن ارغونن اڳي ئي اسان جي مالڪ تي غاصبانو قبضو ڪيو آهي. اسان جي يارن دوستن سان ويل وهايا اٿن، اڄ هنن اسان تي جُلهه ڪئي، انهن کي اهڙي سزا ڏيو جو هي ساري عمر ياد رکن. آءٌ ڪوٽ جي ٻانهين جهليان ٿو، توهان مان ڪي ڪوٽ جي دروازي تي وڃن.... همت ڪريو، ڇا ٿيو جي اسين ٿورا آهيون، اسان جو حوصلو هنن کان بلند آهي: هنن رات جي اونداهي ۾ اوهان جي امن تي ڌاڙو هنيو آهي، اهو سورهيه ويريءَ جو وڙ ڪونهي، هي گيدي آهن. شينهن ۽ گدڙ جو ڪڏهن مقابلو نه ٿيو آهي. شاباس دوستو، اڄ مهل آهي، توهان کي پنهنجو پاڻ ملهائڻو آهي.... ايئن نه ٿئي جو پوءِ پنري آڏو حرفي ٿيون.

(جنگ جو تاثر اُڀري ٿو)

ارغون سردار: توهان اسان جي گهيري ۾ قابو ٿي چُڪا آهيو، مقابلي ڪرڻ جي ڪوشش اجائي آهي، پيش پوندو ته زندگي ملندو، مقابلو ڪندو ته موت پلئه پوندو.

ميو:            غاصب ارغون، ياد رک، اسان توهان جي طرفان مليل آزاديءَ جي نالي ۾ غلاميءَ کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين، اسين آزاد آهيون ۽ حياتيءَ جي پوئين پساهه تائين آزاد رهنداسين. ڪنهن کي به حق نه آهي جو هو اسان جي ڌرتي تي اسان کان اسان جي آزادي کسي، جنهن اهڙي ڪوشش ڪئي، تنهن کي ترارن جي زبان سان جواب ملندو!

ارغون سردار:   اوه .... سرڪش .. توهان ... توهان جي انهي سرڪشي جي توهان کي سزا ضرور ملندي. (وڏي واڪي)

                ساٿيو، ڪنهن کي به جيئرو نه ڇڏيو..... سڀني کي قتل ڪريو.... هنن جي اهائي سزا آهي.

]جنگ جو تاثر اُڀري ٿو[

هڪ آواز:              اڄ جيڪڏهن پنرو پاڻ هڪيو هجي ها ته ڪَرَ، هنن ارغونن کي اها سزا ڏيون ها، جنهن جا هي لائق آهن، پر ارمان رڳو اهو اٿئون جو سردار پاڻ هتي ڪونهي!

ميو:            همت نه هار منهنجا دوست، جيڪڏهن هن ڪوٽ جي حفاظت ڪندي اسين مئاسين ته به اسان جي وير وٺڻ وارو موجود آهي. پنرو اسان جو رت ڪڏهن به هنن ارغونن کي نه بخشيندو.

ٻيو آواز:               ڪوٽ کي باهه وڪوڙي وئي آهي، اسان جي ٻارن ۽ زالن جو ڇا ٿيندو؟

سونل:          (پريان) ادا، تون اسان جي اونَ نه ڪر، اسان به توهان سان گڏ آهيون.

ميو:            (حيران ٿي) ڀاڄائي تون......! تون به ترار کڻي هن ميدان ۾ آئي آهين؟

سونل:          ادا، هن وقت اسان تي غنيم زبرو حملو ڪيو آهي، هو گهڻا آهن ۽ اسان ٿورا، اسان به انهن ئي مائرن جي ٿڃ پيتي آهي، جن جي توهان پيتي آهي....

ميو:            پر ڀاڄائي.....

سونل:          پڪ ڄاڻ منهنجا ڀاءُ، هي ارغون توهان کان پوءِ اسان کي جيئرو هٿ نه ڪري سگهندا.

ميو:            ڀاڄائي، ادا مون کي فقط انهيءَ لاءِ ڇڏيو هو ته آءٌ سڄي راڄ جي مائرن، ڀينرن، ونين ۽ ٻارن جي حفاظت ڪريان. جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن به هڪ کي ڪجهه ٿيو ته آءٌ پنري کي منهن ڪونه ڏيکاري سگهندس!

سونل:          اجايون ڳالهيون نه ڪر مَيا! هي وقت ڳالهين جو ڪونهي، وڙهڻ جو آهي، اسان سڀني کي گڏجي. پنهنجي آزادي جي حفاظت ڪرڻي آهي، وڃو، وڃي ارغونن سان وڙهو. هنن کي ڀڄائي ڪڍو ياسر ڏيئي سرها ٿيو. عورتن ۽ ٻارن جي ڳڻتي نه ڪريو، انهن کي آءٌ پاڻهي سنڀالينديس.

]باهه ۽ ماڻهن جي دانهن جو تاثر[

ٽيون آواز:              ڪوٽ جي ٻانهين ڀڄي پئي آهي.... ميو اتي آهي.... ڏسو، دشمن وڌندو پيو اچي (دانهن ڪري) مَيا.... ميو ڪري پيو (چرين وانگر) آءٌ نه ڇڏيندس.... آءٌ هڪ هڪ ارغون کي ختم ڪندس. مَيا، مڙس ٿجئين، آءٌ اچان پيو...

                ]جنگ جو تاثر نمايان ٿئي ٿو. ارغون سردار جو ٽهڪ اُڀري ٿو[

ارغون سردار:           سرڪش جي اها سزا آهي. هاڻي مال ملڪيت سڀڪجهه توهان جو آهي. ڦريو، لٽيو. اڄ هتي پنهنجي سورهيائي جا اهي نشان ڇڏيو، جو جڏهن هتي جا ٻيا سردار ڏسن ته تڏهن اسان جي شهزوريءَ ۽ طاقت کان عبرت حاصل ڪن ۽ ڪڏهن به سرڪشيءَ جي جرات نه ڪن.

                ]عورتن ۽ ٻارن جون دانهون. مردن جا ٽهڪ[

سونل:          خبردار، هن پاسي هڪ وک کئي اٿئي!

ارغون سردار:           (ٽهڪ ڏيئي) آها..... سبحان الله. خدا جو قسم، انهن نازڪ هٿن ۾ اها تيز ۽ چمڪندڙ تلوار نٿي سونهي!

سونل:          جيڪڏهن زندگي پياري اٿئي ته هيڏانهن نه اچ، هيڏانهن تنهنجو موت آهي.

ارغون سردار:           موت! ۽ هنن نازڪ هٿن سان! قبول، دل و جان سان قبول آهي. پر پنهنجي نازڪ ۽ امنگن ڀريي دل تي ايڏو بار نه وجهه، ڪاوڙ کي ترڪ ڪر. اچ آءٌ توکي آرام ۽ عيش جي زندگيءَ جو پيغام ڏيان ٿو.... اچ، تون منهنجي دل جي راڻي.... اچ....

سونل:          بڪ بند ڪر اي ارغون، آءٌ توکي انهن لفظن جي سزا ڏيئي سگهان ٿي.

                ]ارغون سردار کي تلوار جو ڌڪ هڻي ٿي. سردار دانهن ڪري ٿو ۽ تڪليف جي ڪيفيت کان پوءِ وري ٽهڪ ڏئي ٿو[

ارغون سردار:           بخدا، تنهنجي انهي ڪاوڙ ۾ عجيب حسن ۽ نزاڪت آهي. اڃا به وقت آهي، ائين نه ٿئي جو منهنجي محبت، نفرت ۾ بدلجي وڃي..... ۽

سونل:          مون کي موت قبول آهي، پر تنهنجي محبت تي آءٌ لعنت وجهان ٿي.

ارغون سردار:           اوه نادان ڇوڪري، تون ايئين نه سمجهندينءَ.... هن کي گرفتار ڪريو.

سونل:          ڇڏيو.... مون کي ڇڏيو، ظالمو! (نراسائيءَ سان) اوه پنرا، تون ڪٿي آهين، ڏس اڄ ويرين اسان جو ڪهڙو حال ڪيو آهي. پنري بڊام جي لڄ اڄ غيرن جي هٿن ۾ آهي!

ارغون سردار:           (ٽهڪ ڏيئي) پنرو بڊام، ڪاڇي جو سرڪش سمون سردار.... سڀڪجهه ختم ٿي ويو.... هاڻي هن لاءِ فقط موت آهي... فقط موت .....

                ]ٽهڪ ڏئي ٿو. آهستي آهستي فيڊ آئوٽ. باهه جو هلڪو تاثر[

آواز:            ۽ ..... ۽ ... سردار، هنن اکين اهو سڀ ڏٺو ۽ اڃان به جيئان پئو. مون ميو مرندي ڏٺو. مون تنهنجي وني سونل کي ارغونن جي رسن ۾ ٻڌل ڏٺو، ٻارن کي ڪسندوڏٺو ... مون ....

پنرو:           بس بس .... آءٌ ڪجهه به نٿو ٻڌي سگهان. ٺٽي تي ظلم ۽ ڏاڍ سان قبضو ڪندڙ شاهه بيگ ... ايڏو ظلم ۽ انڌير. هنن بيگناهن جي پاڪ رت جو سُنهن، تيستائين سک نه سمهندس، جيستائين پنهنجي راڄ جي هڪ هڪ بيگناهه جو وير نه وٺندس.... اڄ کان پوءِ مون تي آرام حرام آهي.

                ] گهوڙن جي وڃڻ جو تاثر، موسيقي. پس منظر ۾ گهوڙن جي هلڻ جو تاثر[

شير:           ڪهڙي ويچار ۾ آهين سردار؟

پنرو:           ائين ئي وقت جي انڌ تي پئي ويچاريم، ڪيئن نه انهيءَ بي ترس وقت جي وهڪري اسان کي پنهنجي گهر ۾ بي گهر ڪري ڇڏيو آهي، ڪيئن اسان جي زندگي وهه ڪئي وئي آهي.

شير:           سردار، جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿي ويو، هاڻي انهي ٿيل ڪيس جو اسان کي وير وٺڻو آهي، ۽ انهي لاءِ اسان کي پاڻ ۾ اهو حوصلو پيدا ڪرڻو آهي، جنهن سان شاهه بيگ ارغون جي ڏاڍ کي ڏاري سگهون.

پنرو:           حوصلو ۽ همت! (ڏکارو ۽ آهستي کلندي) شير ڀاءُ، اسان شاهه بيگ ارغون کي ٻڌائينداسين ته اسان جو وير ڪهڙو نه سخت آهي، اهو ڏينهن پري نه آهي شير، اڄ نه ته سڀان انهيءَ مامري جو نبيرو ٿي ويندو.

شير:           اسان جا پنهنجا سما سردار ۽ بادشاهه ڪمزور ٿي ويا ڄام فيروز غلطي ڪندي، دريا خان جهڙن دليرن جي وفاداري ۽ وطن دوستيءَ تي شڪ ڪيو جنهن جو نتيجو اسان پيا لوڙيون، نه ته انهيءَ ساڳئي شاهه بيگ کي دريا خان سوي وٽ شڪست ڏئي اسان جو سر مٿي ڪيو هو... اڄ شاهه بيگ هن ملڪ جو مالڪ آهي. اسان بيوس آهيون ۽ هو فاتح آهي.... ۽ هن اڄ ٺٽي جي سرزمين تي رت جا دريا وهايا آهن!.....

پنرو:           مون کي خبر آهي شير، آءٌ سڀ ڄاڻان ٿو، فتح کان پوءِ ارغونن جيڪي ٺٽي تي ظلم ڪيا، ۽ ٻين سمن سردارن سان ويل وهايا.... پر هن وقت آءٌ سونل بابت پيو سوچان. جيڪڏهن آءٌ هن جو چيو مڃان ها ته ڪر اڄ اسان تي اها ڪُمَهري نه اچي ها، شير......

]موسيقي[

سونل:          سائين.....

پنرو:           چنو سونل راڻي، اڄ تنهنجي سون جهڙي ٻهڪندڙ چهري تي ڪنهن مونجهه گهنج وجهي ڇڏيا آهن، ڪنهن تنهنجي دل تي ڪونه ڏکوئي آهي؟

سونل:          تنهنجي هوندي منهنجي دل ڪير ڏکوئيندو... سائين ....

پنرو:           تڏهن به آءٌ سمجهان ٿو ته اڄ تنهنجي من تي مڙئي ڪا مونجهه آهي (وقفو)، سونل، تنهنجي اها ماٺ مون کان سٺي نٿي ٿئي.

سونل:          منهنجا سائين، آءٌ ڪيترن ڏينهن کان انهي مونجهه جي مچ ۾ پئي سڙان ۽ پڄران. اهي خيال جا نانگ گهڙيءَ گهڙيءَ مونکي ڏنگي حيران ڪندا رهن ٿا.... ۽ ... ۽ انهي حال ۾ آءٌ ڦٿڪندي ڦٿڪندي ويچاريان ٿي ته جيڪڏهن آءٌ توسان اها ڳالهه سليان ته تون الائجي ڇا سمجهندين.

پنرو:           سونل، تون منهنجو جياپو آهين. تنهنجي ماٺ مون لاءِ اهڙو عذاب آهي، جنهن جي سهپ جي مون ۾ طاقت نه آهي. چئي ڏي. مون اڄ تائين تنهنجي ڪنهن به ڳالهه کان نهڪر ڪانه ڪئي آهي. ٻڌاءِ، آءٌ هر ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار آهيان.

سونل:          سائين، آءٌ اها ڳالهه ٿي ويچاريان ته تنهنجي هن زور روز جي ڪمهلي سفر مان اسان کي سواءِ تنهنجي اوسيئڙي ۽ جدائي جي ٻيو ڇا ٿو پلئه پئي. اسان ته ائين ئي تنهنجي واٽ نهاريندي پيون پنهنجا ڏينهن پورا ڪريون ۽ تون پنهنجي سير ۽ سفر ۾ خوشين سان رهاڻيون ڪندو وتين.

پنرو:           سونل، تون پنهنجي دل جي ڳالهه پئي ڪرين... اسان پنهنجا گهر گهاٽ راڄ ڪاڄ ڇڏي سفر تي چڙهون ٿا، ان ۾ ڪا دلي خوشي اسان کي به نٿي ٿئي، پر حالتن آڏو لاچار آهيون. اسان کي جيئڻ ڪارڻ اهي سڀ جنگيون جوٽڻيون پون ٿيون. اسان جا دشمن گهڻا ۽ واهرو گهٽ آهن. جيڪڏهن اسان پنهنجي اڳرائي نه ڪريون ته ڪر اهي ويري اسان کي ويهڻ ئي نه ڏين، سونل راڻي، اسان ڪو خوشيءَ سان انهي سفر تي ته ڪونه ٿا وڃون.

سونل:          سائين، جيڪڏهن انهي سفر ۾ خوشي به نٿي ملي ته پوءِ اهو ماهه _ٽماهه سفر جو سعيو ٺهي ته نٿو.

پنرو:           سونل راڻي، تون اها ڳالهه نٿي سمجهي سگهين، آءٌ هن راڄ جو سردار آهيان، راڄ جي هر ڀاتيءَ جي بچاءُ جو ذميوار آهيان. جيڪڏهن آءٌ ماٺ ڪري ويهي رهان ته پوءِ مون تي هر طرف کان جُلَهُون ٿينديون. اها ته توکي سڌ آهي ته ڪڇ جي راجا سان اسان جا جهيڙا ڳنڍيا پيا آهن. هر گهڙي ان جي حملي جو الڪو آهي. انهي ڪري آءٌ اڳواٽ انهن گسن پنڌن تان ڦيرا ڪري ايندو آهيان، سارسنڀال لهندو آهيان ۽ ماڻهن کي ياد ڏياريندو آهيان ته اڃان اسان جيئرا آهيون،  باقي هونئن منهنجي دل توکانسواءِ ته گهڙي به نٿي گهاري سگهي. جي گهڙيون تنهنجي پريت ۾ گذرن ٿيون سي اُملهه آهن ۽ سونل، ڪير ظالم هوندو جيڪو پرينءَ جي سچي پريت جي پيچ کان پلؤ ڇڏائي.

سونل:          نه سائين، آءُ ائين ته نٿي چوان، مون کي تنهنجي پريت تي ڪو شڪ ڪونهي... پر هاڻي اهي اڳيون حالتون نه رهيون آهن، جڏهن تون ائين پنهنجو گهر ڇڏي سفر تي اسهندو هئين.

پنرو:           مون تنهنجو مطلب نه سمجهيو سونل؟

سونل:          اسان جي ملڪ جون حالتون بدلجي ويون آهن. ڄام فيروز ختم ٿيو، دريا خان جهڙو شير شهادت جي درجي کي پهتو، ارغون سنڌ جا مالڪ بنجي ويا، جن ٺٽي کي ڦري ڀڙڀانگ ڪيو، ۽ هاڻي هنن جو ٻين سردارن تي ڪست آهي.... ۽ ......۽ .... تون ....

پنرو:           چئو سونل، ماٺ ڇو ٿي وئينءَ؟

سونل:          تون ته سنڌ جي سورهيه سردارن مان آهين، تنهنجي حياتي هنن جي اک ۾ ڪنڊو آهي.

پنرو:           آءٌ انهن ڳالهين کان ڀليءَ ڀت واقف آهيان راڻي، تيستائين هن ڪوٽ ڏي شاهه بيگ ارغون ته ڇا پر دنيا جي ڪابه طاقت اک کڻي نهاري به نٿي سگهي. سڀ ڄاڻن ٿا ته هي پنري جو ڪوٽ آهي، جنهن جي ترار کي وڄ وانگر سوين ڄڀيون ؛آهن.

سونل:          وقت پڇي نه ايندو آهي سائين، منهنجي صلاح مڃ، اها پاري جهڙي طبيعت ڇڏ، هڪ منو ٿي راڄ ۾ رهه.

پنرو:           نه سونل، تنهنجي اها صلاح مون کي نٿي آئڙي. مون کان ائين ماٺ ڪري ويهڻ ڪٿي ٿو پڄي....... پر تون ڇو ٿي پنهنجي ڪبوتر جهڙي دل کي ملول ڪرين؟ تولاءِ ته فقط خوشيون آهن. اهي حياتيءَ جي حساب ڪتاب اسان لاءِ آهن، اسين پاڻ پيا انهن سان منهن ڏينداسين......

]موسيقي. گهوڙن جي هلڻ جو آواز[

شير:           سردار، تون ڪهڙي ويچار ۾ پئجي وئين؟

پنرو:           (ڇرڪ ڀري)؛ جي؟ .....  نه .... ڪجهه به...نه .... خبر نه آهي ارغونن سونل سان ڪهڙا ويل وهايا هوندا.... سونل......

]موسيقي[

ارغون سردار:           منهنجي دل جي راڻي، هاڻي پنهنجي نازڪ دل مان پنري جو خيال سدائين لاءِ ڪڍي ڇڏ. هو هاڻي ڪڏهن به ٺٽي ۾ پير نه پائي سگهندو (کلي) ۽ نه ئي تون هن ڪوٽ مان ٻاهر نڪري سگهندينءَ.

سونل:          مون کي ڪڪ نه ڪر، اي ارغون! مون کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏي. پر اي ارغون، اهو ياد رک، هڪ نه هڪ ڏينهن پنرو ايندو ۽ .... ۽ آءٌ هن بند مان آجي ٿينديس.

ارغون سردار:           (ٽهڪ ڏئي) هن ڪوٽ تائين پهچڻ نهايت مشڪل آهي سونل راڻي. هتي هزارن جو پهرو آهي ۽ اسان جي بادشاهي آهي. هتي هڪ پنرو ته ڇا پر جيڪڏهن سوين پنرا اچن ته به اندر پير نٿا ڌري سگهن...

سونل:          اي امير، ايڏو غرور نه ڪر، هڪ نه هڪ ڏينهن نيٺ اهو واريءَ سندو ڪوٽ ڊهندو، ۽ آءٌ آزاد ٿينديس.

ارغون سردار:           اهي سڀ اجايون ڳالهيون آهن. اٿ، اجايو روئڻ ڦٿڪڻ ڇڏ، حياتيءَ جون جيڪي خوشيون ملن ٿيون اهي حاصل ڪر، کل ڳالهاءِ، کاءُ پيءُ، خوش ٿي. هي سون هيرا، ويس وڳا پهري، منهنجي دل جي دنيا ۾ اچي آباد ٿي. سچ ٿو چوان ته توکي فقط خوشيون ملنديون، فقط خوشيون.....

سونل:          اي امير، اها ريت اسان ۾ ڪانهي جو سون تي سيڻ مٽايون. اسين مارئي جي وطن جون ڄايون آهيون. توهان جهڙا سوين هزارين عمر ايندا ۽ پنهنجي سون مَينَ، مالن ۽ ملڪيتن جي ڌڄ پسائي هرکائيندا پر اسان وٽ اها ڳالهه مهڻو آهي. اهڙي ڪريت توهان ۾ هوندي، اسان وٽ ڪانهي.

ارغون سردار:           تون پنهنجي ڀاڳ کي پئي ٿڏين.

سونل:          آءٌ هن اڀاڳ ۾ خوش آهيان. هليو وڃ، مون کي تنهنجي ڪنهن به شيءِ جي گهرج نه آهي. آءٌ هن بند ۾ مرنديس، پر تنهنجي خوشين کي قبول پاڻ کي ڪارنهن جو ٽِڪو نه لائينديس... وڃ، هتان هليو وڃ.

ارغون سردار:           (ٽهڪ ڏيندي) آءٌ تنهنجي نازڪ دل تي ڪوبه ظلم نٿو ڪرڻ گهران، پر اهو وقت پري نه آهي، جڏهن توکي منهنجي ڳالهه مڃڻي پوندي.....

                ]موسيقي جي لهر. ماڻهن جو هلڪو گوڙ[

پنرو:           ڀائرو، اوهان سڀني کي انهي ڳالهه جي ڄاڻ آهي ته هن وقت اسان جي آڏو ڪهڙو مقصد آهي. اسان جي سينن ۾ ارغونن کان وير وٺڻ جو قسم باهه وانگر پيو ڀڙڪا کائي، اهي باهه جا ڀڀڙ تيسين نه ٺرندا، جيسين اسين پاڻ سان ٿيل ويل جو وير نه وٺنداسون. هي ملڪ توهان جو آهي، ۽ هتي جي حالتن کان اوهان چڱيءَ  طرح سان واقف آهيو. اسان جي سمن کان پوءِ، ارغونن ٿوري ئي وقت ۾ جيڪي هن ڌرتي تي ڪيس ڪيا ۽ ويل وهايا آهن، سي توهان کان لڪل ڪونهن. جيتوڻيڪ اسان تمام ٿورا آهيون، ۽ اسان جو مقابلو ملڪ جي نئين واليءَ سان آهي. پر اسان سچائي ۽ انصاف جي جنگ جوٽي آهي. اسان جي آڏو سڀ کان وڏو مقصد هيءُ آهي ته ٺٽي جي گاديءَ تان ارغونن کي لاهي، ٻيهر سمن جي حڪومت قائم ڪريون. اسان جا سما سردار ڪهڙا به هئا، اسان مان هئا ۽ اسان هنن مان هئاسين. هو اسان جي ڏک سک جا ساٿي شريڪ هئا، پر هي ارغون اسان تي هڪ ٻئي ۽ ڌارئين ملڪ تان هلان ڪري آيا آهن، ان کي اسان جي حالتن جي ڪهڙي پروڙ؟ هنن کي فقط ناڻو گهرجي، ڌن گهرجي، ۽ انهيءَ جي حاصل ڪرڻ لاءِ، پوءِ هنن کي ڇو نه کڻي انساني حياتيءَ سان ترار جي راند ڪرڻي پوندي. اسان انهن ارغونن کي ٻڌائينداسين ته اسان جون ترارون اڃان ڪٽيون ڪونهن، اسان جون ترارون سدائين سچائيءَ لاءِ چمڪيون آهن ۽ جيستائين اسان جي زندگي آهي، تيستائين اهي چمڪنديون ئي رهنديون. ساٿيو! پنهنجي گهوڙن جي سنبن سان انهن ارغونن جا هنئيان ڏاري ڇڏيو، پنهنجي ترارن جي اُڃ ويريءَ جي رت سان اوجهايو.....

                ]گهوڙن جي ڊوڙ جا آواز _ جنگ جو تاثر. ماڻهن جون دانهون _ پنري جا ٽهڪ[

پنرو:           (ٽهڪ ڏيندي) دوستو! ارغونن تي ثابت ڪريو ته ستل شينهن کي جاڳائڻ مان ڇا ٿو حاصل ٿئي. هي ڌرتي توهان جي آهي ۽ توهان جي ئي رهندي..... توهان سان ٿيندڙ ظلم ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو. ]جنگ جو تاثر پوري طرح سان اُڀري ٿو. پنرو ٽهڪ ڏيندو رهي ٿو. ]موسيقي[

شاهه بيگ:            پنرو ..... پنرو .... هر طرف کان اهو نالو پيو ٻڌجي. ائين ٿو لڳي ڄڻ اسان جي حڪومت جا بنياد ئي لُڏي ويا آهن.... آخر اهو پنرو آهي ڪير؟

ارغون سردار:           سلطان عالي جو اقبال ۽ اوج سدائين اعليٰ رهي.... اهو هڪ سمو سردار آهي، جنهن جي سرڪشي هن ملڪ ۾ تمام گهڻي مشهور آهي... ۽ .....

شاهه بيگ:            هڪ معمولي سردار اسان جي سڄي فوج کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو آهي، هن اسان جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. هر ماڻهوءَ جي زبان تي پنري جو نالو آهي... آخر اسين ڪريون ڇا پيا؟ ڇا اسان ۾ هن سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت ناهي؟

ارغون سردار:           سلطان عالي، گستاخي معاف، پر دلير دشمن جي تعريف ڪرڻ به عيب نه آهي. هو هرهنڌ اسان جي ماڻهن کي هوشيار ڪري ٿو ماري، ۽ وڙهي اهڙي بي جگري سان ٿو، جو اسان جا ماڻهو هن سان مقابلو به نٿا ڪري سگهن.

شاهه بيگ:            مقابلو نٿا ڪري سگهن؟ اهو اسان جي بهادري تي حرف آهي.

ارغون سردار:           سرڪار، ٿوري تجربي مون کي ٻڌايو آهي ته هن قوم جون روايتون عجيب آهن، اول ته الله جي رضا تي راضي رهن ٿا، پر جڏهن هنن جي سهپ جي طاقت ختم ٿي وڃي ٿي، تڏهن هو طوفان بنجي اٿن ٿا، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ هنن جي وير جي باهه چؤطرف پکڙجي وڃي ٿي. اهڙي باهه سان مقابلو ڪرڻ نهايت مشمل ٿي پوي ٿو.

شاهه بيگ:            اسان ڪجهه به ٻڌڻ نٿا چاهيون، اسان هن فتني کي ڪنهن به طريقي سان ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. اهو اسان جو حڪم آهي، پوءِ اسان کي ساري سپاه سميت اها جنگ ڇو نه لڙڻي پوي.....

ارغون سردار:           حڪم جي تعميل ٿيندي، سلطان عالي!

شاه بيگ:             اسان هن ملڪ ۾ اڃا پير کپائي نه سگهيا آهيون. هتي جا ماڻهو اسان کي پسند به نه ٿا ڪن. اسان هن سرزمين تي تڏهن ئي ڪاميابي سان حڪومت هلائي سگهنداسين، جڏهن اهڙين سرڪشين کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.

ارغون سردار:           جيڪو حڪم، سلطان عالي.

                ]موسيقي. گهوڙن جون هڻڪارون. ماڻهن جو هلڪو گوڙ[

شير:           سردار، تون ڪهڙن خيالن ۾ ويڳاڻو ويٺو آهين؟

پنرو:           آءٌ اهو پيو سوچيان شير، ته سونل الائجي ڪهڙي حال ۾ هوندي؟ هو ارغونن جي قيد ۾ آهي ۽ اسان ارغونن سان جنگ جوٽيو بيٺا آهيون. ائين نه ٿئي متان هوءَ ارغونن جي ظلم ۾ ختم ٿي وڃي!

شير:           سردار، جيڪڏهن هن سرزمين جي ڄائي آهي، ته هوءَ پنهنجي ماءُ جي ٿڃ ڪانه لڄائيندي، حياتيءَ جي پوين پساهن تائين حالتن جو مقابلو ڪندي، هن جي ارادي آڏو جيڪڏهن جبل ايندا ته اهي به هن جي واٽ تان هوا جي جهوٽي وانگر هٽي هليا ويندا. اسان کي هن تي فخر آهي سردار.

پنرو:           پر ... شير ڀاءُ ......

شير:           توکي شايد سونل جي سڪ ستايو آهي؟

پنرو:           پر ڀاءُ منهنجا! آءٌء هن کي وساري به ته نٿو سگهان. هوءَ منهنجي حياتي آهي، ۽ حياتيءَ کان ڪهڙو ندورو منهن موڙيندو.

شير:           نيٺ تنهنجي مرضي ڇا آهي؟

پنرو:           اسان جي مرضي آهي ته اسان جلد سونل کي ارغونن جي بند مان ڇڏايون.

شير:           پر ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني؟

پنرو:           آءٌ ٺٽي وڃان ٿو، ۽ وڃي ٿو خبر وٺي اچان ته سونل ڪٿي آهي، پوءِ...

شير:           تنهنجو هن وقت ٺٽي وڃڻ مناسب نه آهي. اَلرغون هاڻي هوشيار ٿي ويا آهن. هو هر حال ۾ توکي ختم ڪرڻ لاءِ وڏين تيارين ۾ مشغول آهن. تنهنجي هن وقت ٺٽي وڃڻ مان اهو ڊپ آهي ته ڪٿي اسان جي ٻاريل لاٽ اجهامي نه وڃي. انهي ڪري سونل لاءِ سماءُ وٺڻ آءُ ويندس.

پنرو:           پر شير....

شير:           تون سمجهين ٿو ته سونل جي آزادي اڪيلي تنهنجي خوشي آهي، يا اهو رڳو تنهنجو معاملو آهي، پر ائين ڪونهي، سونل اسان سڀني جي عزت ۽ ننگ آهي. سونل جي آزادي ۾ اسان سڀني جون خوشيون آهن، سردار.

پنرو:           جيڪڏهن تون ائين ٿو سمجهين ته تون ئي وڃ.... پر شير، جيڪڏهن توکي ڪجهه ٿيو ته پوءِ آءٌ چئي نٿو سگهان ته منهنجي ڪهڙي حالت ٿيندي....

شير:           انهي جو تون الڪو نه ڪر سردار. آءٌ سلامتي سان موٽي ايندس.

پنرو:           پوءِ دير نه ڪر، الله توهار_ روانو ٿي.

                ]هڪ گهوڙي جي وڃڻ جو تاثر_ فيڊ آئوٽ هڪ گهوڙي جي اچڻ جو تاثر_ فيڊ اِن[

پنرو:           ڏاڍي راه ڏيکاريئي شير. ڏي خبر، سوڀارو ٿي آيو آهين يا نه؟

شير:           آءُ خبر لهي آيو آهيان، سردار.

پنرو:           مون کي ٻڌاءِ، سونل ڪهڙن حالن ۾ آهي؟

شير:           تون الڪو نه ڪر سردار، سونل خوش آهي!

پنرو:           ارغونن جي قيد ۾ سونل خوش آهي... اڻ ٿيڻيون ڳالهيون ڇو ٿو ڪرين شير!

شير:           معاف ڪج سردار، مون اهو چوڻ ٿي چاهيو ته سونل انهي سردار جي قيد ۾ آهي، جنهن اسان جي سڄي راڄ کي ختم ڪري ڇڏيو. هاڻي هو سونل جي سونهن تي هرکجي پيو آهي ۽ سندس مرضي آهي ته سونل ساڻس شادي ڪري. پر سونل انهي شاديءَ جي بدران موت قبوليو آهي.

پنرو:           مون کي سونل مان اهائي اُميد هئي... هاڻي اهو ويچار ڪرڻو آهي ته سونل کي انهي بند مان ڪيئن آجو ڪجي.

شير:           اسان سڀني جي ڀلائي انهي ۾ آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي سونل کي انهي قيد مان آزاد ڪرايون، ڇاڪاڻ ته سونل ارغونن جي قيد ۾ پاڻ تي اَن پاڻي حرام ڪري ڇڏيو آهي. هن جي خواهش آهي عزت سان آزادي حاصل ڪرڻ ۽ غلاميءَ مان ڇوٽڪارو لهڻ. جيڪڏهن اسان دير ڪئي ته الائجي ڇا ٿي ويندو.

پنرو:           اسان اڄ ئي هن کي آزاد ڪرائينداسين...... تياري ڪريو!

]موسيقي[

ارغون سردار:           ته سونل راڻي، تون پنهنجي ضد تي قائم رهندينءَ؟

سونل:          جيستائين منهنجو سِر سلامت آهي، تيستائين آءٌ پنهنجي ڳالهه تي قائم رهنديس.

ارغون سردار:           ڇو ٿي پاڻ تي ظلم ڪرين. ڏس ته تنهنجي ڪهڙي حالت ٿي وئي آهي، تنهنجي سونهن ختم ٿيندي پئي وڃي... ۽.....

سونل:          آءُ ڪجهه به نٿي ٻڌڻ گهران. مون کي انهي جي پرواهه نه آهي ته ڪو منهنجي سونهن ختم ٿيندي پئي وڃي. منهنجا واهرو جڏهن به وريا، تڏهن مون کي سڀڪجهه ملي ويندو، سونهن به حياتي به....

ارغون سردار:           اجايو انتظار توکي نهوڙي نيندو سونل! ياد رک، جنهن پنري جي اچڻ جو توکي اوسيئڙو آهي، ان جي زندگيءَ تي موت جي مهر لڳي چڪي آهي....

سونل:          اهو تنهنجو اجايو خيال آهي، امير هي ڪنهن هڪ پنري جي عزت ۽ غيرت جو سوال نه آهي. هڪ پنرو نه ته ٻيو، ٻيو نه ته ٽيون. جيستائين منهنجي راڄ جو هڪ به ماڻهو سلامت آهي، تيستائين مون کي پنهنجي آزادي ۽ ڇوٽڪاري جي پڪ آهي، رڳو انهي لاءِ جو منهنجو، تنهنجي قيد ۾ رهڻ هنن لاءِ غيرت ۽ عزت تي حرف آهي، ۽ منهنجي راڄ جو ٻار به انهيءَ مهڻي کي سهڻ لاءِ تيار نه آهي.

ارغون سردار:           اوه ... سونل، اهي سڀ اجايون ڳالهيون آهن. (سخت لهجي ۾)  آءٌ توکي آخري ڀيرو اهو موقعو ڏيان ٿو ته تون پنهنجي انهي رويي تي سوچين. جيڪڏهن تو ٻن ڏينهن جي اندر پنهنجو فيصلو نه بدلايو ته پوءِ جي نتيجن جو تون پاڻ ذميوار رهندينءَ.

سونل:          مون کي انهي جو ڊپ ئي ڪونهي، ته پوءِ ڪهڙا نتيجا نڪرندا، منهنجو فيصلو اڄ به اهو آهي، ۽ سڀان به اهوئي رهندو ۽ هزارين سالن تائين به اهو ساڳيو رهندو. اسان مارئي جي وطن جون ڄايون پنهنجي ڪر کي ڪونه لڄائينديوسين. تنهنجي آزادي کان مون کي موت پيارو آهي.

ارغون سردار:           (ويندي) توکي پنهنجو فيصلو بدلائڻو پوندو.... توکي پنهنجو فيصلو مٽائڻو پوندو.

                ]سرندي تي هلڪي ڏکاري موسيقي پس منظر ۾[

سونل:          سنگهارن کي ساريندي، ڇا منهنجي حياتي ائين ئي نبرندي! منهنجا سائين، تون ڪڏهن ايندين؟ اچي پنهنجي سونل جا حال ڏس ته آءٌ ڪيئن پئي هنن حالتن سان مقابلو ڪريان. هن ڪوٽ ۾ بند، زندگيءَ جي مڙني خوشين کان ڏور. پنهنجن کان پري، پراون جي قيد ۾... اچي ڏس. آءٌ ته انهي آس تي پئي جيان ته هڪ دفعو تون ايندين ۽ آءُ هنن آزارن مان آزاد ٿي پنهنجن سان گڏ ڪا گهڙي گهارينديس، ڇاڪاڻ ته مون کي پڪ آهي ته توکي مون کانسواءِ ڪٿي به ساءُ نه ايندو..... جسم ڪڏهن روح کان جدا ٿيو آهي؛ پنرام پڊا.... اچ، منهنجا ڪن تنهنجي نيلوفري جي سنبن جي آواز ٻڌڻ لاءِ آتا آهن. هن آسائتي روح کي تڏهن ئي سک ملندو، جڏهن هن ڪوٽ مان آءُ آزاد ٿينديس، منهنجو من هن بند ۾ ماندو آهي... تون اچ، يا موت... پر مون کي موت نه گهرجي، آءٌ حياتي چاهيان ٿي، جا فقط تنهنجي اچڻ سان ملندي....

                ]پس منظر واري موسيقي اُڀري ٿي، ۽ ان ۾ هڪ گهوڙي جي اچڻ ۽ بيهڻ جو تاثر[

سپاهي:                اي امير، آءٌ هڪ نهايت ضروري خبر کڻي آيو آهيان.

ارغون سردار:           تنهنجي هن وقت اچڻ مان ظاهر آهي ته تون نهايت اهم خبر کڻي هتي پهتو آهين.

سپاهي:                اي امير، مون کي معلوم ٿيو آهي ته اڄ رات ڪنهن وقت پنرو ٺٽي ۾ داخل ٿيندو.... ۽

ارغون سردار:           (ٽهڪ ڏئي) سرڪش سردار پنري کي آخر پنهنجو موت هتي گهلي آيو. (آهستي پر خوشيءَ مان) پنري جي موت کان پوءِ سونل منهنجي آهي... فقط منهنجي .... (وقفو) تون وڃ، فوج جي تياري ڪر ۽ ٺٽي جي هر گهٽ گهيڙ تي مورچا ٻڌو... جيئن پنرو ٺٽي ۾ داخل ٿئي ته مٿس حملو ڪري کيس ختم ڪيو وڃي، اهوئي اسان جي امير جو حڪم آهي...

سپاهي:                جيڪو حڪم اي امير!

ارغون سردار:           آءٌ اچان ٿو... توهان هلي تياريون ڪريو.

                ]موسيقي. گهڻن گهوڙن جي اچڻ جو تاثر پس منظر ۾[

شير:           سردار، هو سامهون ٺٽي جو اهاءُ پيو پسجي.

پنرو:           (ٿڌو ساه) ٺٽو، اسان جو شهر، جتي سمن سردارن جو راڄ هو، جتي اسان جي اچڻ وڃڻ تي ڪابه بندش نه ئي، جتي اسان جي ننگ ۽ لڄ جي بچاءُ لاءِ دريا خان جهڙا دودا هئا..... اڄ، انهي ٺٽي جا گس اسان لاءِ بند آهن، اتي جتي اسان جا ننگ جو بچاءُ ٿيندو هو، اتي اڄ اسان جي عزت ۽ غيرت، غيرن جي قيد ۾ آهي، اهي سڀ زماني جا لاها چاڙها آهن، وقت جا ڦيرا گهيرا آهن، جيڪڏهن اسان ۾ ست هوندو ته اسين انهن حالتن سان مقابلو ڪري پنهنجو حق حاصل ڪنداسين، ۽ جيڪڏهن اسان ائين نه ڪيو ته پوءِ اسان به وقت جي وهڪري ۾ وهي الائجي ڪٿي وڃي پهچنداسين.... شايد اسان جو نالو به نه رهي!

شير:           سردار، اسان جا حوصلا تمام بلند آهن. انهيءَ همت ۽ حوصلي ۾ تنهنجو ساٿ، اسان لاءِ امنگن ڀريو پيغام آهي. اسان وقت جي وهڪري جو رخ موڙي به پنهنجو نالو قائم رکنداسين.

پنرو:           شير، مون کي توهان سمورن جي همت ۽ طاقت تي ڀروسو آهي. اسان اڄ پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين. اسان اڄ سونل کي ضرور آزاد ڪرائينداسين.

شير:           شاه بيگ جو گيدي لشڪر، اسان جي شيرن سان ڪهڙو مقابلو ڪندو. اسان اڄ دشمن کي سڏي سڏي مارينداسين..... اڄ اسان شاه بيگ کان پنهنجي ڀائرن ۽ مائرن جي بينگاه خون جو وير وٺنداسين، جن جي بيگناه وهيل رت سان شاه بيگ پنهنجي راڄ جون پيڙهيون پختيون ڪرڻ گهري ٿو!

پنرو:           بيشڪ، دوستو، اڄ ٺٽي ۾ ائين داخل ٿيو، جو ارغونن جا هانوَ ڏري وڃن. اسان کي اول انهي ڪوٽ تي هلڻو آهي جتي سونل قيد آهي.

شير:           هلو ساٿيو! اڄ اوهان جو وارو آهي، پنهنجن گهوڙن جا لغام ڍرا ڪريو، ۽ پنهنجون اڃايل ترارون کپن مان ڪڍي، ارغون امير جي ڪوٽ تي ڪاهي پئو، جتي سونل بندياڻي آهي. اسان جي غيرت ۽ اسان جي حياتي.....

                ]ماڻهن جو گوڙ ۽ تيز گهوڙن جي ڊوڙڻ جو تاثر اُڀري ٿو ۽ هيٺين منظر ۾ آهستي آهستي وڌي ٿو. پراسرار موسيقي، هن منظر ۾ هلڪي پر نمايان رهندي[

سپاهي:                يا امير، هو ڏسو، پنرو بڊام هن پاسي پيو اچي.....!

ارغون سردار:           ها، پنرو، جنهن ارغونن جي حڪومت جي پيڙهه کي لوڏي ڇڏيو آهي، پر اڃ کيس هتي سندس موت گهلي آيو آهي!

سپاهي:                پر يا امير مون ٻڌو آهي ته پنرو جتي به ويو آهي فتحياب ٿيو آهي. هن جي ترار کي وڄ جو پاڻي آهي، جيڪو هن جي ترار جي زد ۾ آيو ڪڏهن به به بچيو آهي....!

ارغون سردار:           اهي ڳالهيون مون به ٻڌيون آهن، ۽ سچ پڇين ته جڏهن کان مون هن جي ڪوٽ تي حملو ڪيو آهي ۽ سونل کي پاڻ وٽ قيد ڪيو اٿم، تڏهن کان منهنجي ننڊ حرام ٿي چڪي آهي. (يڪدم لهجو مٽائي) پر ... پر تون منهنجي منهن ۾ ڇاپيو ڏسين_ اهي ڳالهيون تنهنجي ٻڌڻ جون نه آهن _ ڏسو، هو ويجها پيا اچن. اسان هن گهٽ تي ويٺا هونداسين، هنن کي اڳتي وڃڻ ڏيو، جڏهن هي اسان جي گهيري ۾ اچي ويندا، تڏهن چئجي طرفن کان حملو ڪري هن فتني کي سدائين لاءِ ختم ڪري ڇڏينداسين.

سپاهي:                جيڪو حڪم.

                ]گهوڙن جي اچڻ جو آواز اُڀري، فيڊ آئوٽ[

ارغون سردار:           هاڻي حملو ڪريو. هنن مان ڪنهن کي به جيئرو نه ڇڏيو!

                ]ماڻهن جو گوڙ. جنگ جو تاثر اُڀري پس منظر ۾ هليو وڃي ٿو[

سونل:          هي ڇا پيو ٿئي؟ اڄ وري انسانن جون دانهون ۽ ترارن جا کڙڪا پيا ٻڌجن، ڇا اڄ وري منهنجي سرزمين تي رت جا ريلا وهندا، هي ڪير آهن، جيڪي حياتيءَ سان ائين پيا راند ڪن؟

پنرو:           (پريان) دوستو! اهي ارغون اوهان جا ڏوهاري آهن، انهن کان پنهنجن بي گناهن جو ويرو وٺو. اڄ کان پوءِ توهان کي ههڙو وقت وري هٿ نه ايندو.

سونل:          (خوش ٿي) هي ... هي ڪنهن جو آواز آهي، جنهن حياتيءَ جي اونداهين ۾ روشني پکيڙي ڇڏي آهي. هي منهنجو سائين پنرو آهي. منهنجا واهرو وريا، هاڻي هي قيد ۽ بند ٽٽندو، آءٌ آزاد ٿينديس ۽ پنهنجن سنگهارن سان ملنديس....

]جنگ جو تاثر اڀري ٿو[

پنرو:           (پريان سڏيندي) سونل...... سونل..... تون ڪٿي آهين؟

سونل:          (ويجهو ايندي) منهنجا سائين، تنهنجي اوسيئڙي ۾ منهنجو هي حال ٿيو آهي.... ڏاڍا ڏينهن لاتئه.....

پنرو:           منهنجي سونل!

شير:           (ايندي) سردار. هتان نڪري هلو. ٺٽي جي شهر ۾ اسان جي حملي جي خبر باه وانگر پکڙجي وئي آهي. ارغون پنهنجو لشڪر وٺي هن پاسي پيا اچن، ائين نه ٿئي جو اسين بيخبرا ٿي سندن ڪنهن چال ۾ ڦاسي پئون.

پنرو:           اسان هاڻ ڪنهن به چال ۾ ڪونه ڦاسنداسين.... هلو..... اچ سونل.

]جنگ جو تاثر نمايان ٿئي ٿو[

شير:           سردار، اهوئي اهو ارغون آهي، جنهن اسان جي ڪوٽ تي هلان ڪئي، ۽ سونل کي قيد ڪيو.

پنرو:           مون کي انهيءَ جو ئي اوسيئڙو هو. مون کي عجب هو ته گدڙ پنهنجي چُر مان نڪري ڪيڏانهن ويو. پر هاڻي هو خود لشڪر سنڀاهي آيو آهي، انهيءَ سان مقابلو ڪرڻ به ضروري آهي!

شير:           سردار، منهنجو خيال آهي ته تون سونل کي وٺي هتان نڪري وڃ، هن سان مقابلو اسان پاڻ ڪنداسين.

پنرو:           مون کي سونل جي آزادي عزيز آهي ۽ توهان جي زندگي به پياري آهي. توهان جي دم سان ئي ته هيءُ سڀڪجهه حاصل ٿيو آهي. آءٌ هن ميدان کي فتح ڪرڻ کان سواءِ نه ويندس. باقي هن کان پوءِ سونل جي حفاظت تنهنجي بلي آهي.

]گهوڙي جي ڊوڙڻ جو تاثر[

سونل:          (سڏيندي)، سائين ..... منهنجا سائين....

]جنگ جو تاثر وڌي ٿو[

ارغون سردار:           هي .... هي ته شينهن وانگر گجندو اچي. انساني خون سان راند ڪندو پيو اچي. هن کي ڪنهن حرفت سان ماريو نه ته هي اسان سڀني کي ختم ڪري ڇڏيندو. اوه .... هي ته هن پاسي پيو اچي. ڇا ڪريان؟ سپاهيو، جنگ روڪيو.... جنگ روڪيو.... اسان سردار پنري سان صلح ٿا ڪريون.....

گهڻا آواز:              صلح ..... صلح .... صلح....

پنرو:           بزدلو! جڏهن موت اکين آڏو ٿيو اٿوَ، تڏهن صلح جون دانهون ٿا ڪريو! اوهان جي فطرت به عجيب آهي. اسان جي ڪمزوريءَ کان اوهان واقف آهيو. جڏهن شاه بيگ کي شڪست ٿي آئي، تڏهن به توهان صلح جون دانهون ڪيون، دريا خان توهان سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ٿيو. هو بهادر هو، انهي ڪري هن توهان جي ڳالهه تي ڀروسو ڪيو، پر توهان ان کي اٽڪل ۽ حرفت سان شهيد ڪيو ۽ هن ملڪ تي قبضو ڪري ويهي رهيا. اڄ وري به اوهان صلح صلح جون دانهون ٿا ڪريو. جيڪڏهن توهان اهڙائي بهادر آهيو ته پوءِ هيءُ ملڪ ڇڏي ڇو نٿا هليا وڃو؛ ڇو ٿا اسان جي روايتن ۽ جذبن سان راند ڪريو، (وڏي آواز) هليا وڃو... هليا وڃو. ڪٿي اسان پنهنجين امن پسند ۽ صلح ڪيل روايتن کان منهن موڙي، توهان جي خون سان راند نه رهڻ شروع ڪري ڏيون. هليا وڃو.... اسان جي هن سرزمين کي ڇڏي وڃو......

                ]گهوڙي جي وڃڻ جو آواز[

ارغون سردار:           (آهستي) ختم ڪرينس..... تير هڻينس.

سپاهي:                پر امير، صلح؟

ارغون سردار:           بڪ نه ڪر، وري ههڙو وقت نه ايندو. هي فتنو ختم ٿيو ته پوءِ ئي اسين هتي آرام سان راڄ ڪري سگهنداسين.

سپاهي:                جيڪو حڪم يا امير.

                ]تير لڳڻ جو آواز. پنري جي دانهن ۽ ارغون جا ٽهڪ[

ارغون سردار:           (ٽهڪ ڏيندي). پنرو ختم ٿي ويو.... هاڻي هي ملڪ اسان جو آهي.... هي ملڪ اسان جو آهي......

سونل:          (روئندي)، منهنجا سائين....

پنرو:           سونل..... شير، منهنجا ڀاءُ اسان سونل کي ته آزاد ڪرايو، پر اسان هنن جي مڪرن ۽ فريبن ۾ ڦاسبا پيا وڃون..... مون کي جيڪي ڪجهه.... ڪرڻو هو، سو مون ڪيو. اڄ کان پوءِ.... تنهنجو .... ڪم شروع ٿئي ٿو. توکي سڀ کان پهرين ...... سونل جي حفاظت ڪرڻي آهي، ائين نه ٿئي جو .... اسان جي سونل وري دشمن جي بند ۾ هلي وڃي.....

شير:           منهنجا سردار..... منهنجا سورهيه ڀاءُ.... آءٌ جيسين جيئندس، تيسين سونل جي حفاظت ڪندس... سونل اسان جي عزت ۽ غيرت آهي.

سونل:          آءٌ جيئڻ نٿي گهران..... توکان پوءِ ڪهڙو جيئڻ، سائين؟

پنرو:           نه سونل راڻي، تون ائين نه ويچار.... تون ته سدائين جيئندينءَ ۽ خوش رهندينءَ، تنهنجي خوشيءَ سان ئي منهنجي روح کي خوشي ملندي.

]جنگ جو تاثر اڀري ٿو[

                .... هنن وري ترارون ڪڍيون آهن، صلح جي صدا هڻندڙن وري خون وهائڻ شروع ڪيو آهي. جيستائين هو هتي پهچن ۽ سونل، توکان کسڻ جي ڪوشش ڪن. تيستائين تون هتان نڪري هليو وڃ..... اها منهنجي تنهنجي لاءِ آخري وصيت آهي..... وڃ شير، انهي کان اڳ جو هو توکي ۽ سونل کي واجهه وجهڻ جي ڪوشش ڪن، هتان نڪري وڃو.

سونل:          منهنجا سائين.....

پنرو:           رب کي پرتينءَ منهنجي سونل، ڌڻي توکي سدائين خوش رکندو. وڃ شير، وڃ، اڃان توکي هنن ارغونن کان گهڻا ئي حساب وٺڻا آهن. مون کي ڇڏي ڏيو.... منهنجي خوشي انهيءَ ۾ ئي آهي... وڃو، دشمن وڌندو پيو اچي.... وڃو.

شير:           جيڪو حڪم منهنجا سردار!

                ]گهوڙن جي وڃڻ جو تاثر، جنهن ۾ سونل جا سڏ ”منهنجا سائين“، ”منهنجا سردار“ نمايان ٿي فيڊ آئوٽ ۽ جنگ جو تاثر وڌي ٿو[.

پنرو:           هاڻي آئون خوشي ۽ آرام سان مرندس.... مون پنهنجا فرض پورا ڪيا.... مون ... سونل .... کي آزاد ڪرايو. سونل.... منهنجي سونل.... سدا خوش هجين.... سکي ستابي .... رهين.

                ]مري ٿو. ڏکاري موسيقي اڀري ٿي ۽ پڙاڏي ۾ هيءُ بيت اڀري ٿو[

آواز:            (صدا).

                اڄ گهرجين تون، پڊاماڻي پنرا،

                مٿان اچي مون، ويرين واٽون لائيون!

]پڄاڻي جي موسيقي[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com